هي ڪتاب “لينن : جنهن تقديرون مٽايون” نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌيءَ پاران ترجمو ڪيو ويو آهي.
لينن جنهن لفظي طرح نه پر عملي طرح انسان ذات جي تاريخ ۾ هڪ نئين دؤر جي شروعات ڪئي ۽ انساني تاريخ جي قافلي کي سندس گَسن کان واقف ڪيو، جنهن جي ڳولا ۾ وقت جي پيچري تي صدين کان ڌوڙ اُڏي رهي هئي. انسانن جو اهو هڏ ڏوکي روس جي اشتراڪي انقلاب جو قائد ۽ سڄي دنيا جي پورهيتن ۽ مزدورن جو استاد ۽ اڳواڻ ولادي ميرايليچ اوليانوف (لينن) هو.
پر ملڪ جي صورتحال اڃا گهڻي سڌاري جوڳي هئي ۽ سڀ کان وڌيڪ سرحدن تي باهه ۽ رت جا بادل جنگ جي صورت ۾ وسي رهيا هئا. جنگ ۾ ٿڪل سپاهي واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽڻ لاءِ آتا هئا. سويت حڪومت جي بار بار اپيلن جي باوجود به برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا، جرمنيءَ سان پُرامن طور تي جنگ بنديءَ لاءِ تيار نه هئا. ۽ لينن جي لاءِ آخري واٽ اها هئي ته جرمنيءَ سان جنگ بنديءَ جو معاهدو ڪري سويت حڪومت کي سامراجي جنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. جرمن سامراجي امن جي ڳالهه ٻولهه لاءِ ته تيار هئا، پر ان جي معاوضي ۾ هنن سويت رياست جي هڪ وڏي حصي تي قابض رهڻ ٿي چاهيو، هاڻي سوال هي هو ته ڇا صلح جا ذلت وارا شرط قبول ڪجن يا جنگ جاري رکجي. لينن امن جو حامي هو، سندس چوڻ هو ته ملڪ جنگ جي ڪري تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ساهه کڻڻ جي ڳولا ۾ آهي. وڌيڪ اهو ته سويت رياست جيڪا دنيا ۾ پورهيتن جي پهرين رياست هئي، تنهن کي بچائڻ لاءِ قربانيءَ جي ضرورت هئي. ان لاءِ جنگ جو خاتمو ضروري هو ته جيئن امن جي دوران پوءِ ڀلي اِهو عرصو ڪيترو به مختصر ڇو نه هجي، سويت رياست جي طاقت کي وڌايو وڃي ۽ پرولتاري انقلاب جي فائدن کي ضايع ٿيڻ نه ڏجي. ان لاءِ سامراجي جنگ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري هارين ۽ مزدورن کي پنهنجي رياست جي اڏاوت جو موقعو ڏيڻ وقت جي بنيادي ضرورت هئي. وڌيڪ اهو ته حقيقي معنيٰ ۾ عوامي فوج جو قيام عمل ۾ آڻڻ لاءِ، جيڪا مادر وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪري سگهي ۽ انقلاب جو به بچاءُ ڪري سگهي. ان لاءِ جنگ بنديءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو. ان وقت ‘سوشلسٽ انقلابي’، منشويڪ، ٽراٽسڪي ۽ کاٻي ڌر جا نالي ماتر ڪميونسٽ ۽ ڪجهه بالشويڪ به جنگ جي حمايت ڪري رهيا هئا. هنن چاهيو ٿي ته جرمنيءَ جي خلاف انقلابي جنگ ڇيڙي وڃي جيتوڻيڪ عوام ۾ اهڙي جنگ جي طاقت نه هئي. اِهو ڏاڍو پريشان ڪندڙ وقت هو، لينن جي لاءِ ڏاڍيون مشڪلاتون هيون، کاٻي ڌر جي لفاظيءَ کي وائکو ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو، تنهنڪري لينن، ٽراٽسڪي ۽ کاٻي ڌر جي ٻين ماڻهن کي مدلل جواب ڏنا، هُن ٻڌايو ته اهي ماڻهو احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا ۽ انقلاب جي نالي تي جوا کيڏي رهيا آهن، بين الاقوامي انقلاب جي نالي تي سويت انقلاب کي قربان ڪرڻ ٿا چاهين. لينن زور ڀريو ته سويت رياست کي برقرار ۽ محفوظ رکڻ هن وقت بين الاقوامي انقلاب جي سڀ کان وڏي خدمت آهي ۽ اهڙي طرح سڄي دنيا جي قومي آزاديءَ جي جنگين جي مدد ٿي سگهي ٿي. پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ امن جي مسئلي تي ڊگها بحث مباحثا ڪيا، شروع ۾ ته جنگ جاري رکندڙن جو پاسو ڳرو هو. مرڪزي ڪميٽيءَ لينن جون پيش ڪيل امن جون تجويزون منظور نه ڪيون. ٽراٽسڪيءَ، جيڪو جرمنيءَ سان ڳالهيون ڪندڙ وفد جو سربراهه هو، تنهن پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ، سوويت حڪومت ۽ لينن جي هدايتن تي عمل نه ڪيو. هُن جرمنيءَ جي پيش ڪيل شرطن تي صلح نامي تي صحيحون ڪرڻ کان نابري واري، جنهن جي نتيجي ۾ امن جون ڳالهيون ٻولهيون ختم ٿي ويون. فيبروري 1918ع ۾ جرمن فوج نئين سويت رياستن جي خلاف جارحيت جي شروعات ڪئي ته جيئن روس کي هڪ سامراجي بيٺڪ بنائي سگهجي. اِها صورتحال ملڪ جي لاءِ ڏاڍي ڪا خطرناڪ هئي، لينن ۽ سندس پارٽيءَ کي ملڪ جي دفاع کي منظم ڪرڻ لاءِ بي پناهه ڪم ڪرڻو پيو. 21 فيبروري تي، لينن حڪومت پاران عوام کي هڪ وڏي ۽ سنجيده اپيل ڪئي. “اڄ اشتراڪي مادر وطن کي خطرو آهي.” هُنَ چيو، اها روس جي هارين ۽ مزدورن جي ذميداري آهي ته هو سويت جمهوريه کي بورزوا سامراجي جرمنيءَ کان محفوظ ڪن. لينن زور ڀريو ته عوام جون سموريون صلاحيتون ۽ وسيلا ملڪ جي بچاءُ جي لاءِ ڪتب آندا وڃن. هُنَ جي سڏ تي سڄي ملڪ سڏ ڏنو، هارين، مزدورن ۽ سپاهين جي جلسن ۾ ان جي تائيد ڪئي وئي، وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ عوام پنهنجي مادر وطن جي بچاءُ لاءِ جنگ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ لکن جي تعداد ۾ پورهيتن جا پُٽَ حڪومت ۽ پارٽيءَ کي پنهنجون خدمتون رضاڪارانه طور تي پيش ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. اُنهن ڏينهن جي ياد اڄ به هر سال 23 فيبروريءَ تي روس ۾ ‘هٿياربند فوجن جو ڏينهن’ جي شڪل ۾ ملهائي ويندي آهي. ان کانپوءِ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ امن جي مسئلي تي پارٽيءَ جي ڪانگريس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، ان دور ۾ لينن ‘پراو دا’ ۾ مضمونن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ امن جي اهميت ۽ ضرورت تي زور ڏنل هوندو هو. 6 مارچ 1918ع تي پيٽروگراڊ ۾ پارٽيءَ جي ستين ڪانگريس شروع ٿي جيڪا آڪٽومبر جي عظيم سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ پهرين پارٽي ڪانگريس هئي. جنهن ۾ لينن پنهنجي خطاب ۾ امن جي ضرورت جي حق ۾ ڪيترائي دليل پيش ڪيا. ڪانگريس اڪثريت سان لينن جي پاليسين جي توثيق ڪئي ۽ ائين “برسٽ امن جي معاهدي” لاءِ راهه هموار ٿي. ڪانگريس، پارٽي ۽ عوام کي ملڪ جي بچاءُ کي مضبوط بنائڻ ۽ چوڪس رهڻ جي اپيل ڪئي، ڇو ته سامراجين جي ٻيهر حملي جو خطرو اڃا ختم نه ٿيو هو ۽ اِهو ضروري هو ته حملي جي صورت ۾ هڪدم لکن جي تعداد ۾ ماڻهو منظم نموني ملڪ جي بچاءُ لاءِ نڪري اچن، ڪانگريس سڄي دنيا ۾ پرولتاري انقلاب تي پنهنجي ڀروسي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه جو پڪو پهه ڪيو ته جمهوريه سويت جو عوام پورهيتن جي هر انقلابي جدوجهد جي حمايت ڪندو. ڪانگريس هڪ قرارداد ذريعي پارٽيءَ جو نالو بالشويڪ بدران “ڪميونسٽ پارٽي” رکيو ته اِهو نالو پارٽي پروگرام جو مڪمل نموني اظهار ڪري ٿو.
*