5. پنجون حصو
عبوري بورزوا حڪومت لينن ۽ بالشويڪن جي باري ۾ عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ من گهڙت افواهن پکيڙڻ جي هڪ مهم هلائي ايتري قدر جولاءِ ۾ هن جي گرفتاريءَ جا احڪام به جاري ڪري ڇڏيا ۽ هن جي جان وٺڻ جون به سازشون ڪرڻ لڳي. پر روس جي بهادر انقلابي عوام پنهنجي عظيم اڳواڻ جي زندگيءَ جو تحفظ ڪيو، مرڪزي ڪميٽيءَ جي فيصلي تحت لينن زير زمين هليو ويو ۽ رازلف ڍنڍجي ڪناري هڪ جهوپڙيءَ ۾ روپ بدلائي رهڻ لڳو. ان هنڌ رهي لينن پنهنجو ڪتاب ‘رياست ۽ انقلاب’ لکي پورو ڪيو، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان هنڌ رهڻ به خطري کان خالي نه رهيو ۽ لينن باهه وسائيندڙ جو ويس بدلائي فن لينڊ هليو ويو. فن لينڊ ۾ هڪ ڳجهي هنڌ تان هُن پارٽيءَ جي ڇهين ڪانگريس جي قيادت ڪئي. جيڪا جولائي ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ پيٽروگراڊ ۾ منعقد ٿي. ڪانگريس لينن جي خلاف حڪومتي ڪارروائين جي مذمت ڪئي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي احڪامن کي نظرانداز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪانگريس عوام کي هدايت ڪئي ته هو انقلاب دشمن بورزوا ۽ جاگيردارن جي اقتدار جو هٿياربند جدوجهد جي ذريعي خاتمو ڪن. ڇو ته هاڻي پورهيتن جي لاءِ پر امن طريقي سان اقتدار تي قبضو ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. 1917ع جي خزان ۾ انقلابي بحران مڪمل ٿي چڪو هو ۽ وقت اچي ويو هو ته پرولتاري طبقو انقلاب برپا ڪري، ان وقت انقلاب جي قيادت ڪرڻ لاءِ لينن غير قانوني طور تي پيٽرو گراڊ موٽي آيو، آڪٽومبر جي ڏهين ۽ سورهين تاريخن تي پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ هٿياربند جدوجهد جي امڪانن تي غور ڪيو ۽ لينن جي تجويز مطابق هٿياربند جدوجهد جي تاريخ ساز قرارداد منظور ڪئي. ان قرارداد جي فقط ڪمينف ۽ زنووي اف مخالفت ڪئي ۽ ٽراٽسڪيءَ جدوجهد جي حق ۾ ڪا به ڳالهه نه ڪئي، پر هن زور ڏنو ته هٿياربند جدوجهد کي سوويتن جي ٻي ڪانگريس تائين ملتوي ڪيو وڃي. پر پارٽيءَ لينن جي تجويز کي پسند ڪيو، ڏهين آڪٽومبر تي پولٽ بيوروجي چونڊ ڪيائين ۽ 16آڪٽومبر تي جدوجهد جي رهنمائيءَ لاءِ انقلابي فوجي مرڪز جي به چونڊ ڪيائين. لينن زور ڀريو ته سوويتن جي ٻي ڪانگريس کان پهرين هٿياربند جدوجهد جي شروعات ڪئي وڃي. تنهنڪري 24 آڪٽومبر تي ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ان جدوجهد جي شروعات ٿي ۽ 25 آڪٽومبر تي يا جديد ڪئلينڊر مطابق 7نومبر تي روس جو عظيم اشتراڪي انقلاب برپا ٿي چڪو هو. جنهن سڄي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي، ان ڏينهن انسانيت جو قافلو هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو، انسان جو انسان تي غلبي جي خاتمي جي دور جي شروعات ٿي ۽ پورهيت طبقي جي هٿن ۾ اقتدار جي منتقليءَ جو ڪم پورو ٿيو. ان عمل جي رهنمائيءَ ولادي مير اوليانوف ڪئي، جيڪو روس جو عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ پورهيتن جو استاد عظيم لينن بنجي چڪو هو.
*