سفرنامه

دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل

هندوستان ۾ 2004ع ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو هيءُ سفر عبدالحئي پليجي پنھنجي گهرواري مومل ۽ نياڻي ڊاڪٽر پارس سان گڏ ڪيو جنھن ۾ ساڻن گڏ ٻيا اديب پڻ هئا. انٽر نيشنل سينٽر دهليءَ ۾ هي ڪانفرنس منعقد ٿي جا ٽي ڏينھن هلي، چيٽي چند جي ميلي ۾ پڻ شرڪت ڪيائون، خواجه نظام الدين اولياء جي درگاھ، غالب جي مزار، لال قلعو، آگري ۾ تاج محل، مٿرا جو مندر، آرڪيالاجيڪل ميوزم، رنگ جي مندر، فتح پور سڪريءَ ۾ ٺهيل اڪبر بادشاھ جون تاريخي جڳھيون، درويش شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ، راڻي جوڌاٻاڻيءَ جي محلات ۽ دهليءَ ۾ جامع مسجد، اندرا گانڌي ميموريل، قطب مينار، وائسراءِ هائوس ۽ ٻيا هنڌ گهميا جن ۾ وائسراءِ هائوس ۽ تاج محل جو تفصيلي احوال ته خاص وڻندڙ آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يورپ جي سفر تي آڌاريل آهي جنهن ۾ جرمنيءَ جي موٽروي وسيلي سوئزرلينڊ وڃڻ جو احوال آهي.
Title Cover of book دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل

سُکُ نه ستا ڪڏهين

کَرَڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(سر کاهوڙي، 1-25)

سفر ڪرڻ ۽ مستقل ۽ مسلسل سير ۽ سفر ڪري پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ بياني قوت سان علمي ۽ ادبي انداز ۾ پڙهندڙن سان پنهنجي تحريرن کي ڪتابي صورت ۾ ونڊ ڪرڻ سان ”سفرنامو“ تيار ٿيئي ٿو. سفرنامن مان پڙهندڙن کي سفرنامانگار جي مطالعي ۽ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي شهرن، هنڌن، ماڳن ۽ ملڪن جي معلومات مهيا ٿئي ٿي.
هيءَ دنيا رنگ برنگ نظّارن، عجائبن، ايجادن ۽ مختلف معلوماتن جي احوال سان ڀريل آهي. جنهن کي ڏسڻ سان وڏي عبرت ڀري ڄاڻ ملي ٿي ۽ اها ڄاڻ تحقيق سفرنامي جي وسيلي ئي عام پڙهندڙن تائين پهچي ٿي. هڪ لحاظ کان سفرنامي جي موضوع تي لکيل مضمون/مقالو/ڪتاب دنيا جي مختلف ماڳن ۽ ملڪن جي جاگرافيائي، تاريخي، موسمياتي، معاشي، صنعتي، تجارتي، زراعتي، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جي خبر ڏئي ٿو.
علمي ۽ ادبي طور سفرنامي جي اهميت کان انڪار بلڪل نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ڪيترائي سفرناما لکيل آهن ۽ ڪهڙن ملڪن بابت آهن اهو ذڪر مون پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ اڳ ۾ ڪيو آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته ڪامياب سفرناما ڪهڙا آهن؟ ۽ اسان جي پڙهندڙن جي دلچسپي ڇا ۾ آهي ۽ انهن سفرنامن جو ادبي معيار ڪهڙو آهي؟.
”سفر يورپ جي ڊائري“ قاضي عبدالمجيد جي خطن واري 1960ع جي سفرنامي کان 2020ع تائين سوين سفرناما لکيا ويا آهن. هر سفرنامي جو رنگ الڳ الڳ آهي. ڪريم ڏنو راڄپر، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، وينا شرنگي، ڪلا پرڪاش، تنوير عباسي، الطاف شيخ، عبدالحئي پليجو ۽ ٻين ڪيترن جا سفرناما پڙهيا اٿم پر جيڪو پڙهڻ جو لطف تنوير عباسي، الطاف شيخ ۽ ادا عبدالحئي پليجو جي ڪتابن پڙهڻ ۾ آيو آهي، ايترو ٻين سفرنامن مان نه آيو آهي. انهيءَ جو مون جڏهن تجزيو ڪيو تڏهن اها حقيقت آشڪار ٿيم ته هنن ٽنهي سفرناما نگارن جا سفرناما مهذب ۽ ادبي ٻولي ۽ وسيع معلومات سان گڏ دنيا جي وڏي حصي بابت آهن. جن مان آئون سمجهان ٿي ته سڄي دنيا جي نه ته به مُنيءَ دنيا جي ملڪن جي خبرچار ملي ٿي.
هتي جڏهن محترم ڀاءُ عبدالحئي پليجو جي هن ادبي فن جي اپٽار ڪنديس تڏهن لامحالا اهو ضرور چونديس ته، سندس خيالن، علميت ۽ مشاهدي جو ڀرپور بياني احوال پڙهندڙن کي انهن ملڪن ڏي هلڻ لاءِ اُتساهي ٿو.
عبدالحئي پليجو صاحب جا سفرناما ته آئون ڳچ عرصي کان پڙهندي اچان ۽ خاص طور مور ساگر جي ساحل پرنٽرز جي دوڪان تي ٿيل ساڻن پهرين ملاقات کان پوءِ پاڻ چند ڪتاب مون کي پوسٽ ذريعي پڻ موڪليائين تقريباْ سندن سڀ سفرناما مون پڙهيا آهن جن مان ”هو جي وڻ ولات جا“، ”ڏوريم ڏيسارو“، ”ڪجل ڀنل نيڻ“، ”اتر لڳا آءُ پرين“، ”ديس بديس“، ”بندر مون ڏور ٿيا“، ”ٽوئر ٽو آمريڪا“، ”ٻنون ٽو ٽوڪيو“، ”پريان سندي پار ڏي“، ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“، ”ڪنواريون ۽ ڪنول“، ”لنڊن جا ڏينهن اسڪاٽ لينڊ جون راتيون“، ”عالمي عجائبات“ ۽ ٻيا آهن.
سڀ ڪتاب معلومات سان ٽمٽار، سمورا جا سمورا دلچسپ ۽ اڪثر ۾ تاريخ جي اوٽ ۾ ڏنل هنڌن جي ڄاڻ پڙهندڙن جي ذهني ۽ علمي سگھ وڌائڻ ۾ معاون آهن.. سفرنامن کان سواءِ پڻ سندن آتم ڪهاڻيون (3 جلد) ۽ مضمون پڻ دلچسپ پيرايي ۾ لکيل آهن. پڙهيل ڳڙهيل، وڪيل ۽ پوءِ سرڪاري نوڪري ڪري زمينداري سنڀاليندڙ ادا حئي پليجو پنهنجي سفر جو شغل سالن کان جاري رکيو آهي. سندس لاءِ سفر فقط وندر ورنهن ۽ خريداري ڪونهي پر تحقيق اهو سفر مطالعو آهي. فطرت جو، ماڻهن جو، ملڪن جو، ماڳن جو، مڪانن جو، هُو هڪ اهڙو سياح آهي جو اڪيلو نٿو هجي پر ساڻس اڪثر سندن گھرواري ادي مومل يا ٻار پڻ هجن ٿا. انهيءَ ذمه داريءَ واري گھمڻ ڦرڻ ۾ به سندن نظر کان ڪابه شيءِ اوجھل نٿي ٿيئي. آئون سمجهان ٿي ته يقيناْ پاڻ سفر دوران ڪي نڪتا نوٽ پڻ ڪندو هوندو جنهن جي ڪري ايترا سٺا سفري احوال پنهنجي پڙهندڙن سان ونڊ ڪري ٿو. سندس حافظو پڻ مظبوط آهي. شخصي طور پليجو صاحب نرم دل، قربائتو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ هئڻ وارو ۽ سڀني کي ڪم ايندڙ آهي.
منهنجي ادي مومل سان پڻ ملاقاتون ٿيل آهن، هڪ دفعو جڏهن ادا پليجو جي ڪتاب جو مهورت ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيو جتي ادي مومل اسٽيج تي مهورتي تقريب ۾ ويٺل هئي پروگرام جي آخر ۾ ساڻن مليس ۽ هڪ دفعو ساحل پرنٽر تي ادا سان ملاقات ٿي تڏهن مون کي ڄاڻايائين ته، ”مومل گاڏيءَ ۾ ويٺي آهي توهان ادي ملي وٺو“، آئون دوڪان تان نڪري اديءَ سان گاڏيءَ ۾ مليس مون کي احساس ٿيو ته ادا پليجو جي هيترن سارن سفرنامن لکڻ ۾ سندن گھرواريءَ جو مڪمل ساٿ آهي نه فقط سفر ڪرڻ ۾ پر سفرنامي جي وجود ۾ اچڻ تائين هوءَ ساڻن هرپل مڪمل طور نڀائي ٿي. ادي مومل کي جَسُ هجي جو ايتري گرميءَ ۾ ڪافي دير ٻاهر گاڏيءَ ۾ پليجو صاحب جو انتظار ڪيائين ته جيستائين مور ساگر کي پروف سمجھائي اچي. هتي اهو قول بلڪل سچ ثابت ٿيئي پيو ته، ”ڪنهن ڪامياب مرد جي پويان هڪ عورت جو هٿ ضرور هجي ٿو“. هُو پنهنجي هن کاهوڙي وَرَ جي سفر کي سڦلتا عطا ڪندڙ رهي آهي ۽ پليجو صاحب اهو کاهوڙي آهي جنهن کي هردم نئين سفر جو اوسيئڙو آهي، هُو سک واري پرڪيف سفر ۾ پڻ جَستجوءَ سان سرگردان آهي، سندس مقصد ڏٺل شين کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ ناهي پر هو جتي جتي به ويو اُتي اُتي جي تهذيب، تمدن، ثقافت، ملڪن جون رسمون، رواج، نياءُ، انياءُ، غريبي اميريءَ جا تفات ۽ ٻيون حقيقتون هُن وڏي حوصلي سان بيان ڪيون آهن. عجوبا، اسرار، دلڪش نظارا، خوبصورت خوشبودار چشما، صاف ۽ شفاف سهڻن باغيچن جا منظر جن کي ڏسي فطرت جون حُسناڪيون سرور ۽ ڪيف بخشين، عام فهم پر ادبي لفظن ۽ جملن جي اُڻت سان پيش ڪري منظرن ۾ اهڙا رنگ ٿو ڀري جو ڄڻ قاري سندس هم سفر آهي.
هن وقت منهنجي هٿن ۾ سندن ڪتاب ”دهلي ٽو سوئزرلينڊ وايا تاج محل“ جو مسودو موجود آهي. مون سڄو مسودو پڙهيو ۽ پروڙيو اها خبر پيم ته هن کان اڳ پڻ پليجو صاحب جن هندوستان ٽي دفعا وڃي چُڪا آهن ۽ جنهن جي بابت هڪ سفرنامو ”ديس بديس“ مون پڙهيو آهي جو مون کي انهيءَ وقت به ڪافي پسند آيو ۽ اڄ به سندن سفرنامن ۾ پسند ايندڙ سفرنامو اٿم. هاڻي هيءُ دهليءَ جي سفر کان شروع ٿيل سفر جو احوال جنهن جي پڇاڙي سوئزر لينڊ تي ٿيئي ٿي هڪ خالص معلوماتي سفرنامو شمار ٿيئي ٿو.
هندوستان ۾ 2004ع ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جو هيءُ سفر هڪ پنهنجي گھرواري مومل ۽ نياڻي ڊاڪٽر پارس سان گڏ ڪيو جنهن ۾ ساڻن گڏ ٻيا اديب پڻ هئا. انٽر نيشنل سينٽر دهليءَ ۾ هي ڪانفرنس منعقد ٿي جا ٽي ڏينهن هلي جنهن ۾ کين سٺين هوٽلن ۾ رهايو ويو ته چيٽي چند جي ميلي ۾ پڻ شرڪت ڪيائون، راڳ رنگ جي محفل ۽ بعد ۾ سنڌي اديبن سان فوٽو سيشن ٿيا. اهڙيءَ ريت ٽيئن ڏينهن تي ڪانفرنس ختم ٿي، ان کان پوءِ سندن وقت پنهنجو هو جنهن ۾ خواجه نظام الدين اولياء جي درگاھ، غالب جو مزار، لال قلعو، آگري ۾ تاج محل، مٿرا جو مندر، آرڪيالاجيڪل ميوزم، رنگ جي مندر، فتح پور سڪريءَ ۾ ٺهيل اڪبر بادشاھ جون تاريخي جڳهيون، درويش شيخ سليم چشتيءَ جي درگاھ، راڻي جوڌاٻاڻيءَ جي محلات ۽ دهليءَ ۾ جامع مسجد (شاھ جهان جي جوڙايل) اندرا گانڌي ميموريل، قطب مينار، وائسراءِ هائوس ۽ ٻيا هنڌ گھميا جن ۾ وائسراءِ هائوس ۽ تاج محل جو تفصيلي احوال ته خاص وڻندڙ آهي. تاج محل لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته،
”تاج محل مڪمل طور سفيد سنگِ مر مر جو ٺهيل آهي، تنهن ڪري چوڏهين رات جو سُهائي دوران سندس تجلو ۽ جرڪو عجيب نوراني ڪيفيت برپا ڪريو ڇڏي، ڪوهيڙي واري صبح دوسران جمانديءَ جي مخالف ڪناري وٽان اهو فضا ۾ ترندو محسوس ٿيندو آهي. هن محل کي پنهنجي تعميراتي سونهن سبب اڃان تائين ڪا شھ ڪانه آئي آهي ۽ پنهنجي حسن و ڪمال ۾ اڄ به يڪتا آهي“.
دنيا جي هن اٺين عجوبي کي ڏسڻ ۽ سڄو آگرو، دهلي ۽ ٻيا هنڌ گھمڻ بعد پليجو صاحب جن واپس ريل رستي لاهور پهتا جتي هنن لاهور جي بادشاهي مسجد، شاهي قلعو، شاليمار باغ، نورجهان جو مقبرو ۽ ٻيا هنڌ گھميا اهڙيءَ ريت واگھا بارڊر کان دهلي وڃڻ، واپس لاهور پهچڻ تي دهليءَ جي هن سفر جو اختتام ٿيئي ٿو.
هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو يورپ جي سفر تي آڌاريل آهي جنهن ۾ جرمنيءَ جي موٽروي وسيلي سوئزرلينڊ وڃڻ جو احوال آهي. سوئيزرلينڊ جو دنيا جي مهانگن ملڪن مان آهي. سوئيزرلينڊ جا زيورڪ شهر، لوسرن، انٽرليڪن شهر ۽ ٻيا هنڌ پليجو صاحب پنهنجي گھرواري ۽ فرزند نور محمد سان گڏ گھميا. هن سفرنامي جي آخر ۾ يورپ جي مشهور اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر شانائتو ڏنل آهي.
دهلي ٽو سوئيزر لينڊ وايا تاج محل مختصر پر معلوماتي سفرنامو آهي جو سنڌي سفرنامن جي تاريخ ۾ جوڳي جاءِ والاريندو. محترم ادا عبدالحئي پليجو کي هن نئين ڪتاب آڻڻ تي مبارڪباد ٿي ڏيان. شال پاڻ سٺيءَ صحت سان سفر جا آزموده ڪندا رهن ۽ سنڌي ادب کي نوان نوان سفرناما ڏيئي مالا مال ڪن.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
23-12-2020
A-03، ڏيپلائي ٽائون، حيدرآباد.