ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

سوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاھدو!

سوريءَ مٿي سيڻ، ڪھڙي ليکي سنرا؟
جيلھ لڳا نيڻ، سوريائي سيڄ ٿي!
*
سوري آھ سينگار، اصل عاشقن جو،
مُڙڻ، موٽڻ، ميھڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو!
*
سوري سينگاري، اَصل عاشقن کي،
لُڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نيزي نظاري،
ڪوٺيو ڪناري، آئيو چاڙھي اُن کي!
*
سُوريءَ چڙھڻ، سيڄ پَسڻ، ايُ ڪم عاشقن،
پاھون ڪين پَسن، سائو ھلن سامھان!
*
پُري پتنگ آئيا، سري وٽ ساھي،
اچي پيا آڳ ۾، ڪُڏي سڀ ڪاھي،
لاڳاپا لاھي، کائا کوري وچ ۾!
*
پتنگن پھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مچَ،
پسي لھس نه لڇيا، سَڙيا اُتي سچ،
سندا ڳچين ڳَچ، ويچارن وڃائيا!
*
چاڙھيو چڪاسين چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
وھسن واڙيءَ ڦل جئن، محنتي مچ لاءِ،
آئي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾!
*


پڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون،
آڻيو وجھن آڳ ۾، جيءُ پنھنجو جي،
جيري جنين جي، لڳا نيزا نينھن جا!
*
محبت جي ميدان ۾، اچي پير پيان،
سر وڍڻ، ڌڙ ڌار ڌرڻ، اي سنگار سندانِ،
ڏيندا مون ڏٺانِ، مٿا محبوبن لئه!
*
”ڀڳو“ آءٌ نه وسھان، ”ماريو“ تان مڃيان،
ڪانڌ ”منھن“ ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
ته پڻ لڄ مران، جي ھونس پٺ ۾!
*
تن نيڻن ڪي نيران، جن ساجھر سيڻ سانڀيٽيا،
جيءَ جسي ۽ جان، ڪر حضوري حج ڪيو!
*
ڪاري ڪڪر ھيٺ، مون جھيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُند ھٿن ۾، اڙل وڇيرا ھيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جن ميھڻو!
*
گھرن ۽ گھٽڪن، وٽيون پين وھ گاڏيون،
بدہ ساقي برخيز، پيار کي پرين،
پڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون منجھيان!
*
لڊوڻيا لوڌي ٿئا، وتن منجھ وصال،
اڄ آرتو اکين، ڪاڪ پيتائون ڪال،
جانب جي جمال، رڱي پس! ريٽو ڪيا!
*
( شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ )