حصو ٻيو
اھڙي ئي ڪنھن اونداھي علائقي جي عين وچ ۾ ھڪ شاداب ٽڪرڙي ۾ ٺھيل لانڍيءَ ۾ ھڪ تنومند، قداور، پھلوان جوان، سندس شھپرن کي وٽ ڏيئي رھيو ھو، ته ھڪ ساٿيءَ سلام ڪري چيس: ”سردار، ٻيلي جي ٻاھرئين طرف ھڪ نوجوان فريادي بيٺو آھي ۽ عرض ڪرڻ جو اميدوار آھي!“
”رُئڻو آھي يا بھادر؟“
”سندس مھانڊي ۾ روئڻ جو ته ڪو آثار ڪونھي، الٽو اکين ۾ ڄڻ ته باھ پئي ٻريس.“
”تڏھين بيشڪ اچي، ڀلي ڀلي ڪري اچي؛ ھي آستانو اھڙن شيرن لاءِ سدائين کُليل آھي، جن جي اکين مان چڻنگون نڪرنديون آھن. باقي روئيندڙن لاءِ شھرن جا سيٺيون ۽ ڳوٺن جا وڏيرا ڪافي آھن!“
اڌ ڪلاڪ بعد عرضدار حاضر ٿيو، سردار تيز نظرن سان سندس جائزو ورتو، پنج منٽ نھارڻ بعد پڇيائين، ”ابا، ڪٿي ويٺو آھين؟“
”ڪٿي به ڪونه“ جوان ڳنڀيرتا سان جواب ڏنو.
”ڪو ته مائٽاڻو ٺڪاڻو ھوندءِ؟“
”مائٽ جنھن ڳوٺ ۾ رھندا ھئا، سو ھاڻي ’ڄامن وساڻ‘ بدران ’سيٺ حاجي محمد عارب‘ جي اوطاق سڏبو آھي.“
”ھون، تون حاجي صاحب جو ھاري آھين؟“
”آھيان نه، پر ھئس.“
”ڇو ڀلا، ھارپ ڇو ڇڏيئه؟“
”جيڪا ھارپ ڪنھن نوورنيءَ ۽ سندس ٻچڙي کي به بچائي نه سگھي، اھا ڪرڻ جو آخر ڪھڙو ضرور؟“
”ھا، اسان سمجھيو، پوءِ حاجي صاحب کان ڪڻڪ جي ونڊي وٺي ڏيڻ لاءِ آيو آھين؟“
”ونڊي وٺڻ لاءِ نه، پر ان کي جلائڻ لاءِ مدد گھرڻ آيو آھيان.“
”شھرن ۾ شايد تازو اھو رڪارڊ ٻڌو ھوندءِ، ته:
جس کيت سي دھقان کو ميسر نا ھو روزي،
اُس کيت کي ھر گوشءِ گندم کو جلادو.“
سردار ٽھڪ ڏيئي چيو.
”رڪاٽ ٻڪاٽ ته مون ڪونه ٻڌو آھي، باقي آءٌ انھي کان به اڳتي وڃڻ جو ارادو ڪري آيو آھيان.“
”اھو ڪھڙو؟“ سردار وري ٽھڪ ڏيئي چيو، ”سڄو مُلڪ جلائيندين ڇا؟“
”سڄي ملڪ سان منھنجو واسطو ڪونھي.“ جوان ڪجھ جوش مان چيو، ”آءٌ ته فقط انھيءَ حاجيءَ کي ڏاڙھيءَ مان جھلي منھنجي نڌڻڪي زال ۽ بيڪس ٻچڙيءَ جي قبرن تي وڃي ذبح ڪرڻ گھران ٿو، جو انھن جي خون جو جوابدار آھي!“
”ٺيڪ آھي.“ سردار ٽھڪ ڏيئي چيو، ”ڪانگن جي ڪٽنب مان شايد ڪوبه نه بچيو آھي، جو لولو حج ويندو.“ ڳنڀيرتا سان سردار چيو، ”ٻڌ نوجوان، حاجي صاحب پاڻ زميندار نه بڻيو آھي، پر ھن کي انگريز سرڪار ئي ايڏو زميندار بڻايو آھي. ھن سندس بچاءُ خاطر جيڪي پوليس ۽ ملٽريءَ جا ۽ الائجي ٻيا ڪھڙا ڪوٽ کڙا ڪري ڇڏيا آھن، سي توکي ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿا اچن؟“
”اچن ٿا، تڏھن ته اوھان وٽ آيو آھيان.“
”اسين تنھنجي مرحبا ڪريون ٿا. پر نوجوان! ننگر شھر نڪي ھڪ ڏينھن ۾ ٺھيو ھو، نڪي ھڪ ڏينھن ۾ ڦِٽو ھو. ھيڏي اڌ دنيا تي راڄ ڪندڙ فيل مست انگريز جا پير ھتان ڪڍڻ ڪو چپٽي وڄائڻ جو ڪم ته ڪونھي.“
”آءٌ به چپٽي وڄائڻ ڪونه آيو آھيان، پر سڄي حياتي ڏيڻ آيو آھيان.“
”سردار صاحب! جڏھن منھنجي ڦَٿڪندڙ نوورنيءَ ۽ اڻ ڏٺل ابھم جو تصور ٿو اکين اڳيان اچي، ته ڪليجو منھن ۾ ٿو اچي. پر مون کان رَنن وانگر لڙڪ لوڙھيا نه ٿيندا، بلڪ آءٌ مڙسن وانگر بدلو وٺندس، ۽ ڳائي وڄائي وٺندس؛ چاھي مون کي ڪيترا ورھيه ڇونه لڳي وڃن.“
”ڏاڍو سٺو، بلڪل صحيح رستو رٿيو آھي تو؛ مگر تو ڪڏھين اھا ڳالھ به ٻڌي آھي، ته ڪنھن زماني ۾ ڪوھ قاف جبلن منجھ ڪنھن شخص ھڪڙو اھڙو ھٿرادو بھشت به ٺھرايو ھو، جنھن ۾ حورون رھنديون ھيون؟“
”شداد ڪافر جو ايرم وارو بھشت ته مون به ٻڌو آھي، پر ڪوھ قاف جو اوھان کان ٿو ٻُڌان.“
”ته دل لائي ٻُڌ؛ تنھنجي ڪم جھڙو داستان آھي. انھيءَ شخص جا ڇاڙتا ڪنھن دل ڦينڪ جوان کي ڪنھن طرح اتي وٺي اچي ڪنھن حور جو ديدار ڪرائيندا ھئا ۽ پوءِ ڀَنگ کي جام ڪوثر بڻائي کيس پياري، انھيءَ حور کان وڇوڙيندا ھئا، ۽ چوندا ھئا ته ھاڻي اُھا تڏھين ملندءِ، جڏھن ھيترا امتحان ڏيئي ايندين. سو توکي به تنھنجي مقصد جي محبوبه سان ملڻ لاءِ ڪافي امتحان ڏيڻا پوندا، جن مان پھريون ھلڪڙو امتحان آھي جيل ۽ آخري امتحان آھي ڦاسي؛ تون ڳڀرو جوان آھين. اُھي امتحان ڏيئي سگھندين؟“
امتحان ڏيڻ لاءِ ته آيو آھيان، ٻيو ھتي ڪا وسرام ڪرڻ لاءِ ٿڌي ڇانو اچي لڌي اٿم ڇا؟ جڏھين انصاف جي مالڪ، ضلع جي حاڪم، ڪليڪٽر صاحب جي روبرو ئي حاجي صاحب مون کي بي گناھ گاريون ڏنيون ۽ چماٽ وڄائي ڪڍي؛ تڏھين انھن ٿڌين ڇانون وارن وٽان مون کي ڪو انصاف پلئه پوندو ڪيئن؟ بس، آءٌ ته اھوئي سمجھي ھتي آيو آھيان ته:
’ڪاتي جن ڳري، مان لنئون لڳي تن سين!‘
”ته بيڌڙڪ ھتي آباد ٿي، ’ھيءُ تنين جو ڏيھ، ور ور ڏيو وڍين جي‘ ھتي توکي سھڻي شاھ لطيف جا بيت جھونگارڻا نه آھن، بلڪ مٿن عمل ڪري ڏيکارڻو آھي. نوجوان! تون ياد رکج، ته جڏھين به ڪنھن ڦسيءَ طبيعت واري انسان تي ڪو ظلم جو حملو ٿيندو آھي، تڏھين ھن جو سمورو رتُ به ڦِري پاڻي ٿي پوندو آھي، ۽ پوءِ اھو لڙڪ، پگھر ۽ پيشاب رستي پيو نڪرندو آھي. پر جڏھين ڪنھن دلير انسان تي اھڙو وار ٿيندو آھي، تڏھين ھن جو پاڻي به ڦِري رت ٿي پوندو آھي، ۽ تيستائين سُک نه سمھندو آھي، جيستائين يا ته پنھنجو رت ڪڍائي يا ظالم جو ھاري. مرد سڄي زندگيءَ ۾ ھڪ دفعو مرندو آھي، ۽ بزدل کي ڏينھن ۾ ڏھ دفعا مرڻو پوندو آھي. حضرت سلطان ٽيپو رحمت الله عليه جو قول آھي ته:
”ھڪڙي ڏينھن جي شينھن جي زندگي سؤ سالن
جي گدڙ جي زندگيءَ کان ھزار دفعا بھتر آھي.“
”ھيءُ اسان جا ٻيلا اھڙن ئي شينھن جي آماجگاھ آھن، ھتي جيڪو اچي، سو ٻيلائي شينھن بڻجي اچي؛ جيڪو جيئي ته به شينھن بڻجي جيئي، ۽ مري ته به شينھن وانگر مري. ھتي کيس نڪو پگھار ملندو، نڪا ونڊي، کيس بلڪل شينھن وانگر پنھنجو قُوتُ پاڻ ئي ھٿ ڪرڻو آھي، ۽ پنھنجو ٺڪاڻو پاڻ ٺاھڻو آھي. ٻچٽن کي گڙنگن جي رھبريءَ جي بيشڪ ضرورت آھي، پر اسين پنڃولن (پڃولو ھڪ اھڙو سنھي ٿڙ وارو وڻ آھي، جو ڪنھن ٻئي وڻ جي آڌار کانسواءِ بيھي نه سگھندو آھي) کي ڪڏھين به برداشت نه ڪندا آھيون.“
”۽ ھان، اھو به ياد رکج، اسين جيئن ٻين جو ظلم برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آھيون، تيئن پاڻ به ظلم جا حامي نه آھيون. اسين ڪڏھن به ناحق نه ڪندا آھيون. اسين ڪڏھن لڄن ۽ ھيڻن تي ھٿ نه کڻندا آھيون. ۽ ٻيو ته ٺھيو، پر جڏھن اسان کي ڪٿي به قانوني رستي سان انصاف ملڻ جي ڪا صورت ڏسڻ ۾ ايندي آھي، تڏھن قانون کي به ھرگز پنھنجي ھٿ ۾ نه کڻندا آھيون. اسين ڪڏھين به اھا ڪوشش نه ڪندا آھيون ته آبادين کي اجاڙيو وڃي، ۽ ٺرين ٿڌن ھارين کي باغي بڻائي زمينون ڇڏائجن. قرآن پاڪ اسان جو بھترين رھبر آھي؛ اسين اھو ھميشہ مطالع ڪندا رھندا آھيون، ته اسان جا ساٿي ان کي طوطي وانگر نه پڙھن، پر معنيٰ ۽ مطلب سمجھن. اسين انھيءَ جي حقيقي اصولن جي انحراف ڪرڻ واري تي قھر ڪڙڪڻ جي پڪ سمجھندا آھيون، ۽ انھن جي صحيح پوئواري ڪندڙ لاءِ ڪاميابيءَ جي پڪ رکندا آھيون، ۽ اسين سمجھندا آھيون ته دنيا جي چڱن ماڻھن کي اُھي اصول منظور آھن، باقي ننڍڙن ننڍڙن مسئلن کي مُلن لاءِ ڇڏيندا آھيون.
ڀٽائي گھوٽ فرمائي ٿوته:
سُتا سي سونھن، ننڊ عبادت جن جي،
يا
روزا ۽ نمازون. ايءُ پڻ چڱو ڪم،
پر سو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.
تولاءِ اڄ ايتري ھدايت ڪافي آھي. ھاڻي وڃي ٻيلو گھم ۽ ڦِر- جڏھن مناسب سمجھبو تڏھين توکي پھرئين امتحان تي موڪليو ويندو.“
اڃان ڪليڪٽر صاحب چانھ جو ڍُڪ مس ڀريو، ته پٽيوالي ھڪ لفافو اچي اڳيان رکيس، لفافو سادو ھٿ جو ٺھيل ھو، مگر سندس چئني ڪُنڊن تي ڳاڙھا نشان ٿيل ھئا، ان ڪري ھن جو ڌيان انھيءَ ڏي ڇڪجي ويو ۽ ھن ڪوپُ ساسر ۾ رکي لفافو کوليو. لفافي ۾ پينسل جي جڏن ڦِڏن اکرن ۾ ڪو ڪاغذ پيل ھو، جو پڙھندي ئي ھن آواز ڏنو، ”سنتري!“
دڙو ھڻي، بوٽ کي ٺڪ ڪرائي سنتريءَ اچي سلام ڪيو.
”وہ باھر جو ڊاڪو کڙا ھي، اس ڪو ھٿڪڙي لگا ڪر صوبيدار ڪو پنھنچادو، اور ڪھنا، ڪه ڪل صبح ڪو ھم سي مل جائي.“ ڪليڪٽر صاحب اھو حڪم ڏيئي، بيپرواھيءَ مان ويھي چانھ پيئڻ لڳو، ۽ سنتري ساڳي طرح سلام ڪري ھلڻ لڳو. ٿوري دير بعد ھو واپس آيو ۽ ساڳيءَ طرح سلام ڪرڻ بعد چوڻ لڳو. ”حضور باھر ڪوئي ڊاڪو نھين!“
”اڇا، تو مردود ڀاگ گيا!“ ائين چئي گھنٽي وڄايائين ته ساڳيو پٽيوالو اچي ويو. کيس چيائين، ”ھي خط آڻڻ وارو ڪھڙي طرف ڀڄي ويو!“
”ڪيڏانھن به نه حضور، ھو ته جواب جي انتظار ۾ ٻاھر ئي بيٺو آھي.“ پٽيوالي ادب سان جواب ڏنو.
”چڱو، ته وٺي اچينس“- ۽ ”سنتري! تون به اتي بيھ.“
سنتري بيٺو رھيو، ٿوريءَ دير ۾ پٽيوالو ھڪ ويھارو ورھين جي نوجوان کي اندر وٺي آيو، جنھن کي مٿي تي اجرڪ ٻڌل ھئي، خاڪي کاڌيءَ جي شلوار قميص پھريل ھئس. ھو نھايت بي ڊپائيءَ سان سلام ڪري اچي بيٺو. ڪليڪٽر صاحب ھن تي نظر وجھڻ کانسواءِ سنتريءَ کي چيو، ”يه ڪون کڙا ٿا.“
”يه؟“ يه تو صاب ايڪ لڙڪا ھي، آپ ني ڊاڪو ڪو پڪڙني ڪي لئي حڪم فرمايا ٿا نه؟“
ڪليڪٽر صاحب کِلي پيو ۽ چيائين، ”واہ ڙي دغا دي روڙا، تم اس ڪو صرف ايڪ ڇوٽا لڙڪا سمجھ رھا ھي؟ پته ھي اس ني ڪيا لايا ھي؟“
”ھمڪون ڪيا خبر صاب! اگر آپ حڪم دين، تو اڀي ھٿڪڙي لگادين!“
ڪليڪٽر وري مُرڪي ڇوڪري ڏي ڏٺو، جو ھاڻي به مُرڪي رھيو ھو؛ اوچتو ڪليڪٽر صاحب ڪجھ حيرانيءَ مان چيو، ”تون- تون انھيءَ ڏينھن وارو حاجي صاحب جو ھاري آھين؟“
”جي حضور!“ گامونءَ مُرڪندي جواب ڏنو.
”اڇا، تڏھن تون ھن منزل تي وڃين پھتين! پر..... سنتري! تم ٻاھر جاؤ- چڱو پٽيوالا، تون به ٻاھر وڃ.“
ھو ٻاھر ويا ته ڪليڪٽر مُرڪندي چيو، ”ڇا نالو اٿيئي ڇورا؟“
”گامون، صاحب!“
”چڱو ميان گامڻ خان! توکي خبر آھي ته خط ۾ ڇا لکيل آھي؟“
”جي ھا صاحب.“ جيئن نه ڪي اکر رٽيل ھجن، تيئن ھو چوڻ لڳو. ”صاحب! ھن ۾ لکيل آھي ته: ’عوامي عدالت کي ھيءُ معلوم ڪري سخت رنج پھتو آھي، ته مسٽر عبدالڪريم ڪليڪٽر جي روبرو سيٺ حاجي محمد عارب سندس ھڪ بيڪس ھاريءَ کي گاريون ڏنيون ۽ چماٽ ھنئي، ته به ھن داد ته ڪونه ڪيو، الٽو سندس پوليس وارن به ھن کي مار ڏني.‘
مسٽر عبدالڪريم جو ھيءُ ڏوھ ته وڏو آھي، پر في الحال کيس ھڪ ھزار ڏنڊ وجھجي ٿو؛ جو عدالت جي بيلف کي بروقت ادا ڪري، ته پوءِ نه فقط کيس معافي ڏني ويندي، مگر سندس قدر به ڪيو ويندو؛ پر جي ڏيڻ ۾ ڪا آنا ڪاني ڪيائين يا عدالت جي بيلف کي ڪا تڪليف ڏنائين يا ڪا ٻي غلطي ڪيائين، ته کيس حالتن مطابق سزا ڏني ويندي.“
ڪليڪٽر مُرڪي چوڻ لڳو، ”اڇا، تڏھن توکي اھي اکر رٽائي موڪليو اٿن؟“
”نه صاحب“ ھن ڳنڀيرتا سان جواب ڏنو. ”اھي مون کان ئي لکايا ويا آھن.“
ڪليڪٽرجو ٽھڪ نڪري ويو. ”يعني بيلف به تون، ته ڪلارڪ به تون!“
”۽ پٽيوالو به آءٌ، ته شڪاري به آءٌ.“ ھن ساڳي ڳنڀيرتا سان جوان ڏنو. ”صاحب! گريبن جا قصا ائين ئي پيا ھلندا آھن.“
”تو ڪڏھين جيل ڏٺو آھي؟“
”نه صاحب، اڃا ته ڪونه ڏٺو اٿم، پر تيار ٿي آيل آھيان.“
”شايد تون جيل کي سولو پيو سمجھين؛ ھا ڀلا ڇونه سولا سمجھو، اوھان لاءِ ته ٻاھر به اھڙي ئي ماني آھي، پر..... پر ڪڏھين پوليس جي مار ڏٺي اٿيئي؟“ صاحب پڇيو.
”ھا صاحب! انھيءَ ڏينھن پوليس اھڙي مار ڪڍي ھئي، جو اڄ ڀريو مھينو گذريو آھي، ته به سَنڌن مان سُور ڪونه ويو آھي.“ گامونءَ بلڪل سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو.
”پر بيوقوف ڇوڪرا! اھا ته ڪجھ به ڪونه ھوندي، پوليس جي مار کان ته جِن به ڀڄي ويندا آھن!“
صاهب! جِنن لاءِ ته ڪي ٺڪاڻا ھوندا، مگر اسين ڪاڏي وڃون؟ اتيئي پيا مار کائينداسون ۽ مرنداسون، ٻيو ڇا ڪريون! (شوڪارو ڀري) حق حلال جي پورھئي مان ته اھو عيوض مليو، جو گاريون به مليون، مارون به مليون ۽ منھنجي ويچاري نوورني، سندس تازي ڄاول ٻار سميت ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويئي. اسان غريبن لاءِ ته ڀٽائي گھوٽ جي چوڻ موجب:
سامائِي ته سورَ، سِرجي تان سُکه ويا،
اھي ٻئي پُور، نماڻيءَ نصيب ٿيا!“
ھاڻي ڪليڪٽر صاحب کي ڪجھ قياس آيو ۽ چيائين، ”سرڪاري نوڪري ڪندين؟“
”اھا ته ڪريان پيو.“ ھن مُرڪي چيو، ”ڪا سرڪار بنگلن ۾ رھي، ڪا ٻيلن ۾!“
”مگر اسين توکان اھا ٻيلن واري سرڪار جي نوڪري به ڪانه کسينداسون.“
”پوءِ ھڪڙو نوڪر ٻن مالڪن جو حڪم ڪيئن مڃيندو؟“
”بيوقوف ڇوڪرا! ڪليڪٽر صاحب ٿاڌار سان چيو. ”اسين توکي سي آءِ ڊي پوليس ۾ ڀرتي ڪنداسون، پوءِ تون اسان کي انھن ٻيلن وارن جي خبر چار پيو رسائج!“
”اُھي ڀاڙيا ڪي ٻيا ھوندءِ صاحب!“ گامونءَ وڏي وقار سان چيو، ”حلالي ماڻھو ڪڏھن به غداري نه ڪندو آھي.“
ڪليڪٽر سوچ ۾ پئجي ويو، ٿوري دير ويچار بعد ھن باڪس کولي ان مان ھڪ نوٽ ڪڍيو ۽ پڇيائينس:
”ھيءُ ڇا آھي؟“
”نوٽ آھي صاحب!“
”گھڻي جو آھي؟“
”الائجي، مون ھھڙو ڪڏھين ڪونه ڏٺو آھي!“
”ڀلا ھيءُ اکر پڙھ، تون ته پڙھيل آھين نه؟“
”ھا صاحب، اھي ٻه ٽي اکر کتاب ۾.“ ھن ويجھو ٿي پڙھيو، ”ايک ھزار روپيه.“
”ھا، ٺيڪ آھي؛ اھو کڻي وڃي تنھنجي عوامي عدالت واري صاحب کي ڏي ۽ اسان جا سلام چئجانس. نالو ڇا اٿس؟“
”نالي جي خبر پاڻ کي ناھي صاحب، ھن کي ’سردار‘ ’سردار‘ چوندا آھن.“
”ڀلا ڪٿي ٿو رھي؟“
”درياءُ جي ٻيلي ۾ صاحب.“
”درياءُ جا ٻيلا ته وڏا آھن، ھو ڪھڙي ٻيلي ۾ رھي ٿو؟“
”پاڻ کي اھا به خبر ڪانھي صاحب!“
”پوءِ تون وٽس ڪيئن پھتين؟“
”صاحب! انھيءَ ڏينھن جو ڀرپور مار کاڌم ۽ وري زال ۽ ڇوڪريءَ جي مرڻ جي خبر به مليم، ته ھوش کان خطا ٿي بدلي وٺڻ لاءِ نڪتس. خيال ڪيم ته ٻيو ته ڪو اھڙو مڙس ملڪ ۾ آھي ڪونه، جو منھنجو داد ڪري؛ باقي ’حُر‘ اھڙا ٻُڌون پيا. سندن ھنڌ جو به پتو ڪونه ھئم، سو رُلندو رُلندو وڃي ھڪ ٻيلي وٽان نڪتس، ٻيلي جي ٻاھران ھڪ ماڻھو ڏٺم، جنھن کي حال سڻايم؛ ان مون کي چيو، ”بيھ، ته سردار کي احوال ڏيان؛ پوءِ جي گھرايائين ته توکي وٺڻ ايندس.“ پوءِ صاحب ھو ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ موٽيو ۽ اندر ٻيلي ۾ وٺي منھنجون اکيون ٻڌائين. برابر ميل ڏيڍ ۾ الائي ڪٿي پئي گھمايائين، ۽ وچ وچ ۾ ائين به پئي چيائين ته خبردار ٿج، ذرو به پير ٿڙڪيئه، ته اھڙيءَ ھائيءَ ۾ گپي ويندين، جتان قيام ڪونه نڪري سگھندين. ان ڪري آءٌ ته صاحب ڊڄندو ڊڄندو پئي ھليس. نيٺ اکيون کولي ھڪ اڌڙوٽ جوان وٽ وڃي پيش ڪيائين، جنھن کي ’سردار‘ ’سردار‘ ٿي ڪوٺيائون.“
”ڀلا، انھيءَ پيش ڪندڙ جو نالو ڇا ھو؟“
”مون کي انھيءَ جي نالي جي ته خبر ڪانھي، پر مون ته اھو وري ڪڏھين به ڪونه ڏٺو.“
”ھا پوءِ؟“
پوءِ سردار مون کي بدلي جو دلاسو ڏنو ۽ چيائين، ”ڪجھ وقت رھي امتحان ڏج، پوءِ توکي بدلو وٺي ڏينداسون.“ پوءِ ته صاحب مون کي اکيون ٻڌي وري الائجي ٻيلي ۾ ڪٿي وڃي ڇڏيائون. آءٌ اتي شڪار ڪريو، پيو کائيندو ھوس، مھينو کن رھي رھي بيزار ٿي پيس. نه ماڻھو نه ڇيڙون، نه ٻيلي مان نڪرڻ جو پتو؛ آخر ھڪ ڏينھن وري ٻيو ھڪ ماڻھو گڏيم، ان کي احوال ڏنم، جنھن وري سردار وٽ پيش ڪيو؛ جنھن اول ته چيو ته، ”ڪڪ ٿيو ھجين ۽ ٿڌو ٿيو ھجين ته ڪجھ خرچي ڏيئي واپس اماڻيونءِ“ مون جواب ڏنو ته، ”بدلي وٺڻ بنا واپس ته ڪونه ويندس، باقي اوھين نا اميد ڪندا ته وري ڪو ٻيو در چَڪاسيندس.“ تڏھن اھو خط مون کان ئي لکارائي، سڀني خطرن کان واقف ڪيائون. سردار اھا به سخت ھدايت ڪئي، ته ڪليڪٽر صاحب جيڪي پڇي، سو سچ سچ ٻڌائج، ڪوڙ اصل نه ڪج. پوءِ وري به اکيون ٻڌي کڻي ڇڏيائون. پوءِ سَٽي اچي اوھان وٽ پھتس، ٻيو سارو کئير!“
”پوءِ ھاڻي سردار وٽ ڪيئن پھچندين؟“
”بس، ٻيلي جي ٻاھران پيو رُلندس، پوءِ ڀٽائي گھوٽ جي چوڻيءَ وانگر؛ ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر ڏيندءِ ڏس!“
صاحب وري به مُرڪي پيو ۽ گھنٽي وڄايائين. پٽيوالو آيو، تنھن کي چيائين، ”ابا، ھن ڇوڪري کي ماني کارائي عزت آبروءَ سان ٻاھر اماڻي ڇڏيو ۽ جڏھن به گاھ بيگاھ اچي ته بيڌڙڪ مون وٽ موڪلي ڏجو،“ چڱو وڃ ٻچا، ٻيلي اسان کي معاف ڪج يار، ملڪ جو چرخو ئي اھڙو آھي!“
گامون سلام ڪري ٻاھر نڪتو، پٽيوالو حيران ٿي ساڻس گڏ ھليو؛ صاحب وري سنتريءَ کي گھرايو.
پورن پندرھن ڏينھن بعد صبح جي مھل ھڪ ڪاري گڏھ تي چڙھيل، ڪارا ڪپڙا ڍڪيل، ڪارو منھن ٿيل، ڏاڙھي، مڇون، ڀرون ۽ مٿو ڪوڙيل شخص، اھڙي حالت ۾ ئي ڪليڪٽر جي بنگلي ۾ آيو ۽ ساڳئي قسم جو ھڪ لفافو ھڪ پٽيوالي کي ڏنائين. پٽيوالا کِلن جي ڪُوڪرن ۾، ھي شخص بم ٿيو گڏھ تي ويٺو آھي. اول ھن کي گڏھ تان لھڻ لاءِ چيائون، پوءِ زوريءَ لاھڻ جي ڪوشش ڪيائون. ھن ھٿ ٻڌي چيو، ”خدا جي واسطي مون کي نه لاھيو. آءٌ اھڙي ئي حالت ۾ صاحب وٽ پيش نه ٿيس، ته منھنجي سِر جو خير ڪونھي.“
صاحب کي خط مليو ته يڪدم ٻاھر نڪري آيو ۽ کيس ڏسي بجاءِ کِلڻ جي ٿورو ڀؤنڪلجي چوڻ لڳو، ”تون ڪير آھين؟“
ھٿ ٻڌي ھن جواب ڏنو، ”سي- آءِ- ڊي ڪانسٽيبل نمبر 328“
صاحب گرم ٿي چيو، ”نالائق، ھيءُ ڪھڙو سانگ رچايو اٿيئي؟“
”سانگ ناھي صاحب!“ ھن ڳنڀيرتا سان جواب ڏنو. ”حڪم ھجي ته اندر احوال ڏيان، نه ته ٻاھر ئي کڻي ٻڌائيندس، پوءِ مون تي رنج نه ٿجو.“
ڳنڀير ٿي صاحب کيس اندر اچڻ جو اشارو ڪري بنگلي جي آفيس روم ۾ وڃي ويٺو.
اندر پھچي ڪانسٽيبل اوڇنگارون ڏيئي چوڻ لڳو، ”حضور! مون کي حڪم مليو ھو، ته گامونءَ نالي ھڪ ڇوڪري جي پوئتان پوان، ۽ ڪنھن به طرح ھن جي رھائش ۽ ساٿين جو پَتو ڪڍان، سو حضور آءٌ ته ڏاڍي خبرداريءَ سان ڊيوٽي ڏيندو پئي ويس، تان جو گامون ڪجھ ڏينھن بعد ھڪ ٻيلي وٽ وڃي بيٺو. ۽ ٻيلي مان ھڪ ماڻھو نڪتو، سو ھن سان ڳالھائڻ بدران چڪر ڪاٽيندو ڪاٽيندو اوچتو پوئتان ڦري مون کي انھيءَ ٿم ۾ اھڙيءَ ته بيخبريءَ مان پڪڙي وڌائين، جو مون کي وھم گمان ۾ به ڪونه ھو. مون ته سمجھيو ته اھو ڪو ڀاڳيو ھوندو، جو پنھنجي ڪم سان ھليو ويو. پوءِ منھنجون اکيون ٻڌي، ڪلاڪ کن چڪر ڏياري ڏياري ٻيلي جي ھڪ لانڍيءَ ۾ ھڪڙي رعبدار شخص وٽ وٺي ويا، جنھن يڪدم تلاشي وٺائي، ته منھنجي ڳجھن عضون وٽ ٻڌل سي- آءِ- ڊي جو نشان کين ملي ويو. صاحب، مون ته انھيءَ جي ھٽائڻ جو ڪو حڪم ڪونه ھو، نه ته اھو به نه ٻڌان ھا؛ بس، پوءِ ته گھڻو ئي ڪوڙ ڳالھايم ته ھڪڙي بنگالي مفرور پٺيان آھيان وغيرہ، پر سردار چيو، ”ٻچا، اسان ڪي اُس ۾ اڇا وار نه ڪيا آھن، سي- آءِ- ڊي جي سزا ھر عدالت ۾ تمام ڳري آھي، پر اسين في الحال توکي اھا سزا ڏيون ٿا، جو جھڙي حالت ۾ ھتان ڇڏيون، بلڪل اھڙيءَ ئي حالت ۾ ڪليڪٽر صاحب کي وڃي ھي لفافو پھچائج ۽ جيڪا ورندي مليئي، سا وٺي ساڳيءَ ٿم ۾ واپس اچي ويھج. انحرافيءَ جي حالت ۾ جيڪا سزا ملندي، سا بيحد سنگين ھوندي.“
ڪليڪٽر صاحب سوچ ۾ پئجي ويو، پينسل مٿي وٽ رکي ڪافي دير ويٺي ويچار ڪيائين. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي چيائين، ”چڱو، تون اڄ رات اسان وٽ ئي رھ، توکي ڪپڙا وغيرہ پيا ملندا. پوءِ سڀاڻي حڪم ڪنداسون.“
”گامون! ھي ڇا آھن؟“
”سردار، ھي ته پنج ئي نوٽ اھڙا آھن، جھڙو ھڪڙو مون کي ڪليڪٽر صاحب ڏنو ھو.“
”تو وارو ڪليڪٽر ڏاڍو سخي آھي.“ سردار ٽھڪ ڏنو، ”اڄ وري ھي پنج ٻيا به موڪليا اٿس.“
گامونءَ حيران ٿي چيو، ”مگر صاحب، اھي اوھان وٽ ڪيئن پھتا، مون کي ته نڪو پتو معلوم ھو، نڪو مون ٻڌايو.“
”اسان کي سڀ خبر آھي ٻچا، ته تو ڇا ڳالھايو.“ سردار ڳنڀير ٿي چيو، ”خود اھو پٽيوالو، جنھن توکي صاحب وٽ پھچايو ھو، سو به اسان جو پنھنجو ماڻھو آھي. اسين اھڙا غافل نه آھيون، جو توکي شينھن جي ڏَر ۾ موڪلي بي فڪر رھون. صاحب بھادر توکي نوٽ ڏيئي، تو پٺيان وري سي- آءِ- ڊي اماڻيو ھو. پر اسان ان کي پڪڙي، بُريءَ حالت ۾ وٽس موڪليو ھو ۽ وڌيڪ پنج ھزار روپيه ڏنڊ وڌو ھئوسون. اڄ اھو سي- آءِ- ڊي وارو اھي پئسا کڻي آيو، ۽ جيڪڏھن ڪليڪٽر صاحب ھاڻي ساڃھ ۾ آيل ھوندو، ته اسين کيس گھڻو ورسائينداسون؛ نه ته جھڙو ھلندو تھڙي سزا ڀوڳيندو. ائين غافل اسين به ناھيون، نڪي نڌڻڪا آھيون. پر ھاڻي ھڪ مھم فتح ٿيو، ڏٺوسون ته تنھنجو به ڊپ لٿو آھي، ھاڻي وڃ حاجي صاحب ڏي.“
”ڪو پستول ٻستول ڏيو ته وڃي ھڻانس نه.“
ٽھڪ ڏيئي سردار چيو، ”اڃا حاجي صاحب ايڏي سنگين سزا جي لائق نه ٿيو آھي؛ اھڙن شخصن کي شاھ ڀٽائيءَ جي قول وانگر:
الله کَـرَ جين، مدي جن جي مَن ۾،
اسان پرين پاڻ ۾، ميڙائو ڏسن،
تھان پوءِ مرن، سڙي انھيءَ سور ۾.
في الحال جيئڻ ڏبو آھي، پوءِ چيچلجي چيجلجي پاڻھي ھارٽ فيل ٿيندو اٿن. (ڳنڀير ٿي) ھان، پر ٻُڌ، حاجي صاحب جيڪڏھن توکي جيل ۾ وجھايو ته پوءِ ته ٺھيو، نه ته کانئس موٽي سِڌو ڳوٺ وڃج، ۽ مرحومن جي فاتح خواني وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائج. کين ٻُڌائج، ته سندن موت ڪو اڪارت نه ويو آھي، بلڪ اھو وڏو رنگ لائيندو. ۽ انھن پئسن مان مٿن مقبرو به ٺھرائج. جي حاجي صاحب ڏي، جيڪو ماڻھو پڇي، ته پئسا ڪٿان آندا اٿئي، ته چئجانءِ، ته حاجي صاحب کي خواب ۾ ڪو اھڙو اشارو ٿيو، جو ھن ڏنا آھن. ھان، انھيءَ امڪان کان غافل نه رھج، ته حاجي صاحب توسان وڏيون ڪي تعديون ڪرائيندو. پوءِ تنھنجي اھا پھرين پرک آھي، ڪوھ قاف جي بھشتين وانگر جيڪڏھن انھيءَ آزمائش ۾ ثابت قدم رھين، ته پوءِ ضرور مقصد جي حُور ملندءِ، نه ته کٽيئي قسمت؛ اسان کي ڪوبه ضرر نه رسندو.“
سردار ھاڻي ڳنڀير ٿي ڏھن ڏھن وارا ويھ نوٽ ڪڍي ھن کي ڏنا ۽ چيائين، ”ھي اٿيئي خرچ لاءِ.“
ڳنڀير ٿي گامونءَ جواب ڏنس، ”سردار، تو ته ٻڌايو ھو، ته شينھن پنھنجو قوت پاڻ ڪمائيندو آھي!“
”ھيءُ به ته دراصل تنھنجا ئي ڪمايل آھن.“
”خير ٿو کپي سردار!“ ھن ھٿ ٻڌي چيو. ”ھن مھم ۾ ڪجھ منھنجو حصو به آھي. ھينئر ڪجھ به خرچ نه وٺندس، اڃا آزمائشي آھيان، ڪامياب ٿي موٽڻ بعد جڏھين ڪنھن ٻيءَ مھم ڏي وڙڪيس، ته پوءِ ڏٺو ويندو.“
سردار ھڪ نوٽ ڏھن جو ۽ ھڪ سؤ جو ڏيئي چيس، ”چڱو ھي ڏھن جو نوٽ خرچ لاءِ اٿيئي، ۽ سؤ جو جيل جي خرچ لاءِ لڪائي ڇڏ. اسان جي جيلن جو انتظام اھڙو آھي، جو پئسي واري لاءِ اتي ھر ڪا بھاري ھوندي آھي.“
”سردار! اڄ ھڪ پائي به نه وٺندس. ٻاھر به الله مالڪ آھي، جيل ۾ به اھوئي نگھبان آھي. شل ڪنھن چوريءَ واري بُري ڪم سببان مليل جيل کان پناھ ۾ رکي؛ باقي حق جو جيل ته گھڻائي نبي، ولي ۽ ٻيا چڱا مڙس به ڀوڳي چڪا آھن؛ ته ھينئر ته واڻيا وڪال سيٺيون شاھوڪار ڪي گانڌي مھراج به پيا اتي وڃن. آءٌ جيل ۾ ڪنھن بھادريءَ وٺڻ لاءِ ڪونه ٿو وڃا، بلڪ مون لاءِ اتي به ڪو ڪم نڪري پوندو. بس ھاڻي سلام ٿئي. ھاڻي رڳو ٻاھر اُماڻيو.“
سردار ٽپ ڏيئي اچي ڀاڪر وڌس ۽ چيائين، ”صد رحمتون ھجنئي، اھا به قادر جي قدرت آھي، جو اسان کي گھر ويٺي اھڙا ماڻھو پيو موڪلي. اڄ تو تان اکيون ٻڌڻ به معاف آھن، واپس ايندين ته، ته رستو پاڻيھي ڳولي ايندين!“
”اڙي گامون!“ ’ھو ته ڏس‘ ’گامون پيو اچي ڙي‘ ’لوڏ ته ڏسوس‘ ”او ڇوڪرا، بيھ اتي. حاجي صاحب کي ڄاڻ ڪريون، ائين اندر نه وڃ.“ ھڪ ڀرپور ٿيلھو ڏيئي گامون اندر وڃڻ لڳو ۽ نوڪر ڏانھن نھارڻ بنا چوڻ لڳو، ”ڄاڻ ڪرڻ وارا ڏينھن لڏي ويا!“
حاجي صاحب ھينئر دوستن ۽ وڏن ماڻھن سان ڪچھري ڪري رھيو ھو. گامونءَ جو اوچتو وڃي لفافو اڳيان رکيس، ته ھيڪر ته چڙيو، پر جو سندس اکين ڏي ڏٺائين، ته اندر ۾ الائجي ڇا ٿي ويس، ۽ ھڪدم چوڻ لڳو، ”ابا، اسان کي افسوس آھي، جو تنھنجا ٻچڙا گذاري ويا. اسان ته پئسا به موڪليا ھئا، پر تون شايد ڏکه کان رُسي ھليو وئين؛ ھان، ھيءُ ڀلا ڇا آندو اٿيئي؟“
گامون مُرڪي رھيو ھو، حاجي صاحب پاڻ ئي لفافو کڻي کوليو ۽ جيئن ئي پڙھندو ويو، تئين جوش چڙھندو ويس، تان جو خط پوري ڪرڻ تائين ته بلڪل باھ ٿي ويو ۽ ڪَڙڪو ڪري چوڻ لڳو، ”سو تون..... تون..... تون ھاڻي ايڏو معتبر بڻجي ويو آھين؟ ..... ڳوھ کي کُٽي کڻي ته..... شڪارين جا گھر ڳولي..... اڙي پاڻي! ڇورا پاڻي.....(دل کي جھلي) بيھ، ته تنھنجو علاج ڪرايان..... اڙي پاڻي ڏيو ته ڪمبختو!.....“ ۽ پاڻ اُتيئي آسڻ تي ڪري پيو.
گامونءَ کان ٽھڪ نڪري ويو. ويٺل سيٺين مان ھڪڙي خط ۾ ھٿ وڌو، ته حاجي صاحب ٽَپ ڏيئي اُھو کسي ورتو، ۽ ايتري ۾ پاڻي به آيو. اھو پي وري ليٽي پيو. سنگتين کي چيائين، ”ادا معاف ڪجو، منھنجي طبيعت خراب ٿي پيئي آھي. ھي ڪمبخت بلڊ پريشر اٿم نه، اسان جا نالائق ڊاڪٽر انھيءَ جو ڪو سٺو علاج به ڳولي نٿا سگھن..... ھاڻي خدا حافظ!، آءٌ آرام ٿو ڪريان.“ نوڪر واءُ ھڻڻ لڳا، سيٺيون صورت حال کي ڏسي کِسڪڻ لڳا. گامون مُشڪندو بَم ٿيو ويٺو ھو.
”ھاڻي ٽَـر منھنجي منھن تان..... نالائق ڏسو ته سھي، ڏند ڪڍيو بيٺو آھي.“
”آءٌ ته وڃان ٿو حاجي صاحب، پر خط جو جواب؟“ گامونءَ مُرڪندي چيو. چڙ مان ڀرجي حاجي صاحب مسُ جي ڪُپڙي کڻي چوڻ لڳو، ”اڃا وري جواب کپيئي ....“ جوش سبب ھو وري ڪري پيو، مسُ سڄي گاديلي تي ھارجي ويئي، گامون مُشڪي رھيو ھو.
نوڪرن مان ھڪڙي چيو، ”ڪمبخت! ڇو توکي موتَ کنيو آھي، وڃين نٿو؟“
”موت وارا ڏينھن گذري ويا ڀوتار!.... اڄ ته روڪڙ جواب کپي، جواب .... اڄ جيڪو گامونءَ تي ھٿ کڻندو، ان جو ھٿ ۽ حاجي صاحب جي ڏاڙھي ٻئي چَٽ ھوندا!“
گامونءَ جي اکين ۾ ھاڻي رتُ ڀرڻ لڳو.
حاجي صاحب وري ڪڇڻ لڳو، ”اڙي ھاڻي ته نڪر نڀاڳا، جواب کپيئي؟..... جواب اھو آھي ته ’خط لکڻ وارو پاڻ اچي‘....“ ۽ حاجي صاحب وري ساڻو ٿي ويو، گامون مُرڪندو اھو چوندو ٻاھر نڪتو ته، ”جواب با صواب وڃي پھچائيندس.“
۽ پورن پندرھن ڏينھن بعد حاجي صاحب کي اطلاع پھتو ته حاجي صاحب واري سموري ڪڻڪ تي رات جو ڪي ھٿيار بند ماڻھو آيا، اھا سڄي بيھي ساڙي ڇڏيائون، پوءِ منجھانئن ھڪڙو وڏي واڪي اھو چوندو ويو ته، ”حاجي صاحب کي وڃي ڄاڻ ڪجو.“
انھيءَ واقعي کي اڃا ست ڏينھن مس گذريا ته گامون وري به آيو، اڄ ھن وٽ بند لفافو ڪونه ھو، بلڪل کُليل خط ھو، جو ڪنھن به تميز بنا بلند آواز سان بيھي، ماڻھن جي وچ ۾ ئي حاجي صاحب کي پڙھي ٻڌائڻ لڳو:
”عوامي عدالت طرفان سيٺ حاجي عارب کي آگاھ ٿو ڪجي، ته تو اسان جي بيلف کي ڏنڊ جا ڏھ ھزار نه ڏنا، ۽ اسان کي روبرو اچڻ لاءِ چيو، سي اسين روبرو آياسين ۽ پنھنجو ڪارنامو ڏيکاري وياسون. ھاڻي ڏنڊ جي سزا وڌائي ويھ ھزار ڪئي وڃي ٿي؛ اسان جي بيلف کي ڪوبه جاني نقصان پھتو، ته اُن جي سزا نھايت سخت ھوندي.“
نوڪرن مان ھڪڙي گامونءَ ڏي نھاريو، گامونءَ به ھن ڏي ڏٺو، اکين ئي اکين ۾ ڄڻ ته ڪجھ چئي ويا. پر حاجي صاحب جا ھم نشين سيٺيون ۽ ٻيا نوڪر باھ ٿي ويا.
”ٻڌائينس نٿو حاجي صاحب؟“ ھڪڙي سيٺ چيو.
”ڏاڍي مار نٿو ڏيارينس؟“ ٻئي رايو ڏنو.
”ٻوٽيون ٻوٽيون نٿو ڪرينس.“ ٽيون ڪڇيو.
”ھونھ، وڏو تيس مار بڻجي آيو آھي.“ چوٿين ڀُڻ ڀُڻ ڪئي.
پنجين وڏيءَ آڪڙ مان چيو، ”ٽڪي جو ڇورو، ٻن لَتن جو خرچ؛ حاجي صاحب! خاموش ڇو ويٺو آھين؟ مارائينس نٿو ڀيڻ..... کي!“
سيٺ جي منھن مان گار نڪرڻ ۽ گامون جو ٽَپ ڏيئي سندس ڪنڌ کان وٺي بي اختيار ڦَھو ڦَھ لڳائڻ، نوڪر ۽ حاجي صاحب وچان نه پون ھا، ته اڄ شايد ھن جو خون ٿي پوي ھا. ھن جي اھا حالت ڏسي ٻين سيٺين جو ته خون خشڪ ٿي ويو، ۽ حاجي صاحب کي وري سھڪو شروع ٿي پيو! گامون بي پرواھيءَ سان واپس ٿيو، کيس ڪنھن به ڪونه روڪيو.
ھن ٻاھر نڪري سِڌو جھنگل جو رخ رکيو، ٿورو اڳتي وڌيو، ته ويٺل سيٺين مان ھڪڙو تڪڙو تڪڙو اڳ ڦِري آيس، ۽ چوڻ لڳو، ”او ميان! منھنجي پارت اٿيئي؛ مان ھڪڙو حڙف به ڪونه ڪڇيو ھو.“
”سيٺ صاحب! اسين ڪڏھين به ناحق نه ڪندا آھيون، بي فڪر ٿي وڃي ويھ.“
”پڙ ميان، ڪو ڪم ڪار ھجيئي، ڪا شئي شگل کپيئي، ڪنھن پئسي ڏوڪڙ جي جڙوڙت ھجيئي، ته به حاجڙ آھيون.“
”اسين ڀاڙيا ناھيون سيٺ صاحب، اسان کي خدا گنج ڏيئي ڇڏيا آھن. ڪنھنجو حق ڦٻايو ھجيئي، ته اُن کي ڏيئي ڇڏج.“ ھو بي پرواھيءَ سان ٻانھون لوڏيندو ھليو ويو.
اڃا سج ئي ڪونه اُڀريو ھو، ته ڪليڪٽر صاحب جي بنگلي وٽ ھڪ موٽر اچي بيٺي، موٽر مان ضلع جو مشھور سيٺ حاجي محمد عارب خان لٿو. ھو ڪليڪٽر سان ايترو ته گھايل مايل ھو، جو لَھي سڌو بنگلي جي گھرو حصي ۾ ھليو ويو. نوڪر چاڪر سلام ڪرڻ لڳا، پر حاجي صاحب ڪنھن ڏي ڪونه نھاريو، ۽ سندس ڊائننگ روم ۾ وڃي پھتو. ڪليڪٽر صاحب اڃا چانھ جو ھڪ ڍُڪ مس ڀريو ھو ته حاجي صاحب ھڪ وڏي اوڇنگار ڏيئي، پٽڪو اڳيانس اڇلائي، خط کڻي ميز تي رکيو. خط جون چارئي ڪُنڊون ڳاڙھيون ھيون. حاجي صاحب سمجھيو ھو ته ھي نرالو خط ڏسي ڪليڪٽر صاحب کي ڇِرڪ پوندو، مگر ڪليڪٽر صاحب به اھڙن خطن کان غير واقف نه ھو، ان ڪري اول ته حاجي صاحب جي دستار مبارڪ سندس سِر تي رکي ڳراٽري پاتائين. ٺاپر ڏيئي چوڻ لڳو: ”حاجي صاحب تو جھڙو مومن بندو، ۽ ھيترو بي قرار ٿئي؟ پنھنجي رب کي نٿو ياد ڪرين، ته تنھنجي قلب کي قرار اچي!“
”قرار ته ڪمبختن وڃائي ڇڏيو آھي. ھي لفافو ته ڏسو حضور!“
”اھي لفافا ڪي نوان ناھن حاجي صاحب، اھي دنيا جي ھر حصي ۾ پيا ھلندا آھن. ڪجھ وقت اڳ لکنوءَ طرف به سلطانه ڊاڪوءَ جي ٽولي اھڙن لفافن جي ڌُم لڳائي ڏني ھئي؛ پر ينگ صاحب جھڙي برجستي عملدار انھن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.....“
”انھيءَ ڪري ته عرض ڪرڻ آيو آھيان، ته حضور جن به ھتي ڪو اھڙو برجستو عملدار گھرائي، انھن وسيلي ھنن کي خاموش ڪرڻ فرمائين“
”ڪنداسون، ڪنداسون..... حاجي صاحب، اڳتي انشاءَالله تعاليٰ اوھان ڏي ڪوبه لفافو ڪونه ايندو، اھو ’آخري لفافو‘ سمجھندا..... ھيءُ عبدالڪريم خان جا ’ورڊ‘ آھن، اوھين سامت ۾ اچي چانھ ته پيو.“
ھاڻي حاجي صاحب جي پيٽ ۾ ساھ پيو؛ ھن سڏڪا ورايا، مديني واري رومال سان اکيون اگھيون، سامت ۾ اچي چانھ جو ڍُڪ ڀريائين. ڪليڪٽر صاحب بسڪوٽ ويجھو ڪيس.
جڏھين حاجي صاحب ٺاپر ۾ آيو، تڏھين ڪليڪٽر صاحب نھايت ٿڌائيءَ سان چيو، ”حاجي صاحب، اڳ اھڙا گھڻا لفافا آيا اٿوَ؟“
”جناب ھيءُ ٽيون آھي.“
”ھون..... ڀلا پھرئين ۾ ڇا ھو؟“
”جناب، پھرئين ۾ لکيل ھو ته ’ھن ڇوري گامونءَ کي.....‘ او صاحب اھوئي گامون..... او جيڪو عيد جي ڏينھن گستاخ ٿيو.....“
”ھا ھا، مان کي ياد آھي، توھان ڳالھ ڪريو.“
”ھا، ته ’گامونءَ کي ڏھ ھزار ڏيو.‘ مان ته بيخياليءَ مان گامونءَ کي چيو، ’چوين، ته روبرو اچي وٺي وڃو،‘ پوءِ ڪجھ ڏينھن بعد پنجن ستن ھزارن جي ڪڻڪ ساڙي ويا، ۽ وري گامونءَ ھٿ ئي لفافو موڪليائون ته ’ھاڻي ويھ ھزار ڏيو‘ خير، مون ڇوري کي گھٽ وڌ ڳالھائي واپس ڪري ڇڏيو. ته اڄ وري عين منھنجي وھاڻي جي ڀرسان تسبيح ھيٺ ھيءُ لفافو پيل ھو....“
ڪليڪٽر صاحب ڌيان سان ڳالھ سُڻي رھيو ھو. حاجي صاحب چانھ پيئندي وچان کڻي پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀريو، وري بسڪوٽ ذرو وات ۾ وڌائين؛ ساھي کڻي چوڻ لڳو، ”صاحب! اوھان کي خبر آھي ته آءٌ پرھ ڦٽيءَ کان اڳ اٿندو آھيان اھا مديني جي پنڌ جي برڪت آھي، جو اُن مھل اصلي ڪو شخص ڄڻ ته چونگ ڏيندو آھي. آءٌ ڪلمو ڀري اُٿندو آھيان، بروقت غسل ڪري تھجد پڙھندو آھيان، تھجد پڙھي ڪجھ وظيفي بعد پرھ ڦٽندي آھي، تڏھين فجر جي نماز پڙھندو آھيان.....“
حاجي صاحب ڳالھ ڪندي بسڪوٽ کائي پورو ڪيو ۽ وري مٿانئس پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀري چوڻ لڳو، ”اڄ جھڙوئي تسبيح ھٿ ۾ کنيم، ته ھيٺان لفافو ڏٺم. ڪُنڊن جي رنگ جو واقف ھوس، لفافو پڙھندي ئي اھڙو ته بيتاب ٿيس، جو نڪو ڪيم غسل، نڪا نماز، سڌو موٽر ۾ چڙھي اوھان ڏي آيس، فجر جي نماز به قضا ٿي ويئي؛ شل ڪمبختن جو قيامت ۾ ڪارو مُنھن ٿئي؛ اسان جون عبادتون ئي چَٽ ڪرائي ڇڏيائون.....“
ڪليڪٽر صاحب اطمينان سان لفافو ھٿ ۾ کنيو، خط ڪڍي پڙھڻ لڳو:
”حاجي محمد عارب کي عوامي عدالت طرفان اطلاع ٿو ڏجي ته اوھان جي ڏوھن جي لِسٽ وڌندي پيئي وڃي ۽ بار بار آگاھ ڪرڻ بعد به اوھين ھوش ۾ نٿا اچو؛ ان ڪري ھاڻي آخري طرح اوھان تي چاليھ ھزار روپيه ڏنڊ وجھجي ٿو. اھي پئسا اوھين ساڳئي لفافي ۾ وجھي ساڳئي ھنڌ تسبيح ھيٺ رکندا ته اسان کي ملي ويندا. ياد رکجو، ھن کان پوءِ جي غلط حرڪت جي سزا جسماني ٿيندي، نه ڪه مالي.“
اطمينان سان خط بند ڪري، لفافي ۾ وجھي ڪليڪٽر صاحب کڻي ميز تي رکيو ۽ چوڻ لڳو، ”ھون، ڀلا حاجي صاحب، توھان جي خيال ۾ ھيءُ ڪنھن جو ڪم ھوندو؟“
”جناب! ھيءُ ڪم ھوندو انھن ڪافرن ڪميونسٽن جو، جي ھارين کي پيا کارائين.“
”ڪميونسٽن جو؟“
”ٻيو وري ڪنھن جو جناب!“
”يعني اوھان جي ڪڻڪ ڪميونسٽن ساڙي آھي؟“
”ھا حضور، سندن اڳواڻ اڳواڻ جو ئي اھو فرمان آھي ته:
”جس کيت سي دھقان کو ميسر نه ھو روزي،
اس کيت ڪي ھر گوشهءِ گندم ڪو جلادو.“
ڪليڪٽر صاهب کِلي پيو ۽ چيائين، ”اھو قول ته علامه اقبال جو آھي، ڪميونسٽ ته ’جلادو‘ بدران ’ڇين لو‘ چوندا آھن.“
’يعني ڪه‘؟
”يعني ھو ته چوندا آھن ته پنھنجا حق کسي وٺو، يعني ڪه ’ھاري حقدار‘ کان وڌي ’زميندار دست بردار‘ ڪريو. مان ته سندن ڪيترائي ڪتاب پڙھيا آھن، انھن ۾ ڪٿي به عوامي ملڪيت جي ساڙ ٻار جي ھدايت نه پڙھي اٿم، سواءِ جنگي حالتن جي.“
”ته تڏھين حضور، اھو ڪم ڪميونسٽن جو نه ھوندو ته حُرن جو ھوندو؛ انھن بدمعاشن به مُلڪ ۾ باھ ٻاري ڇڏي آھي.“
”ائين کڻي ھوندو،“ ڪليڪٽر مُرڪي چيو. ”پوءِ ڪريو نه انھن تي مان وٽ باقاعدہ ڪيس داخل؟“
”پر اول ته منھنجي جان جو بچاءُ ڪريو نه؟“
”يعني ڪه“ ڪليڪٽر مرڪي چيو. ”اوھان جي کٽ جي چوڌاري چار پوليس وارا بيھاريون؟“
”کٽ جي چوڌاري ڇو؟“
”جيڪي شخص وھاڻي وٽ تسبيح ھيٺان لفافو رکي سگھن ٿا، سي ته.....“
اوچتو حاجي صاحب سندس منھن کي کڻي ھٿ ڏنو ۽ چيائين: ”خان صاحب! ھڻي بس ڪريو، ڪوبه بُرو اکر صبح جي مھل واتان نه ڪڍو؛ منھنجا به ننڍڙا ٻچا آھن، ۽ (مرڪي) ھڪ ٻه ننڍيون بيگمون به؛ بيشڪ اوھان منھنجون اکيون کولي ڇڏيون. درحقيقت مون جيڪي به پئي ڪيو آھي، سو سمورو غلط ڪيو اٿم. سڀ کان اول ته آءٌ سمجھان ٿو، ته سرڙين ھارين لاءِ سرزمين تي ئي اھڙو انتظام ھجڻ کَپي، جو ڪمدار ھنن کي گھربل ضروري پئسا ضرور ڏيندو رھي. ڀلا ’سرڙيو‘ جي ته معنيٰ ئي اھا آھي ته ڇورو ڇنو- نانگو نپنو، ھن ۾ ڪا پڄت ھجي ته جيڪر پنھنجو جوڙو نه وٺي؟ ان کي ھر خرچ اسان کي ڏيڻو آھي ۽ ضرور ڏيڻو آھي، ٻيو ڀلا ھنن کي ڏيندو ئي ڪير!.....“
ھاڻي حاجي صاحب ساھ کنيو، پاڻيءَ ڍُڪ ڀريو؛ ڪليڪٽر مُشڪي رھيو ھو..... ۽ حاضري ڏيڻ لاءِ اچ وڃ ڪندڙ بيري جو مُنھن ٻَھڪڻ لڳو. حاجي صاحب وري ڪُڇيو:
”ٻيو ته لڄن جي نالي ڪوبه اکر ھر غيرتمند انسان لاءِ تمام ڏکيو ھوندو آھي؛ مون اوھان جي روبرو ھن ڇوڪر کي گھٽ وڌ ڳالھايو، چماٽ ھنئي، اھو سڀ غلط ڪم ڪيم؛ ھي ملڪيتن ۽ ھلندين جا نشا اسان ديندارن کي به آپي کان ٻاھر ٿا ڪڍيو ڇڏين.......
”ان بعد ڇورو ٻچن جي موت جي صدمي ۽ غيرت جي جوش کان لاچار وڃي حُرن جي پناھ ۾ پيو، ته ان جو ڏوھ ڪونھي؛ ۽ مون تي لازم ھو، ته پھرئين ئي خط تي عوامي عدالت کي ڏند ادا ڪريان ھا؛ پر مون غلط رستو ورتو ۽ ڪڻڪ به ساڙايم، ڏنڊ جي رقم به وڌايم، پوءِ اھا وڌيل رقم به کڻي ڏيان ھا، ته مون کي ڪھڙي پرواھ ھئي.....“
”۽ اڄ به“ ڪليڪٽر مُرڪي چيو. ”چاليھ ھزار اوھان لاءِ ته ٿُڪ برابر آھن!“
”سورنھن آنا سچ ٿا چئو“ حاجي صاحب ھاڻي نھايت اطمينان سان مرڪي ڳالھائي رھيو ھو، نه سھڪو ھئس، نه دھڪو، نه پياس ھئس، نه بيقراري؛ ۽ قرآن پاڪ به فرمائي ٿو ته ’الله جي ياد سان قلبَ قرار وٺن ٿا.‘ الله جي سچي پچي ياد آھي غصو پيئڻ، خلق سان سٺو ھلڻ، ۽ دولت جي نشي ۾ انڌو نه ٿيڻ. اھو انڌو ٿيڻ ئي ته اسان پارن کي دل جا ڌڙڪا ۽ ساھ جا سھڪا پيدا ڪرائي ٿو. ڏسو ھينئر آءٌ سوچڻ لڳو آھيان، ته سھڪو ئي بند ٿي ويو اٿم.
ھاڻي حاجي صاحب جو ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيائين، ”مسٽر عبدالڪريم! ’مال صدقو سِر جو سچ پچ‘ چاليھ ھزار مون لاءِ ته ٿُڪ برابر آھن؛ اھي ته آءٌ ھڪ وڏي ڪاموري جي شڪار تي ئي دُف ڪري ڇڏيندو آھيان، پوءِ ڇونه غريبن ۾ ھلايان!“
حاجي صاحب ٽھڪ ڏيندو اٿيو، ۽ چيائين، ”خدا حافظ خان صاحب!“ ڪليڪٽر صاحب به ٽھڪ ڏيئي ھٿ ملائي چيو، ”خدا حافظ حاجي صاحب! آءٌ سمجھان ٿو ته اڄ توھان جي عُمر ويھ سال وڌي ويئي!“
”يعني ست ھزار ڏينھن!“ حاجي صاحب وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين، ”چاليھ ھزار روپيه ۽ ست ھزار ڏينھن..... ڪو مھانگو سودو ته ناھي!“
”اچ اچ، ابا گامون اچ، تون ته يار وڏو سڀاڳو نڪتين، ھيءَ ٿھي ڏسين ٿو؟“
”سردار! ھيءُ ته سڀ ھزار ھزار جا آھن- ڪنھن موڪليا آھن اُھي؟“
”موڪليا ته خدا آھن.“ سردار ٽھڪ ڏيئي چيو. ”پر چوندا آھن ته ’ڏئي مٿان- ڪنھنجي ھٿان‘ سو اھي لٿا آھن ته سيٺ حاجي محمد عارب خان تي!“
”حاجي صاحب موڪليا آھن؟“ گامونءَ جو به ٽھڪ نڪري ويو، ”وڏو سمجھدار ٿي پيو آھي حاجي صاحب؛ پورا چاليھ آھن نه؟“
”بلڪل پورا“ سردار وڏ ٽھڪ ڏنو. ”حاجي صاحب کي خبر آھي، ته اسان جي عدالت جي بقايا تي ڪو اٺ ڏھ سيڪرو پينلٽي نه لڳندي آھي!“
”ڀلا سردار، لٿا ته حاجي صاحب وٽ، پر پاڻ وٽ ڪنھن جي ھٿان پھتا؟“
”ھن کي ڏسين ئي ڪونه ٿو؟“ سردار پاسي کان بيٺل ڏي اشارو ڪيو.
”اوھ تون؟“ گامونءَ حيراني مان بيٺل ڏي نھاري چيو. ”ڀائو، حاجي صاحب جو حاضري جو نوڪر تون آھين نه؟ انھي ڏينھن منھنجي اکين ۾ اکيون وجھي تو ڳالھايو ھو نه؟“
”ٻيو تڏھين تسبيح ھيٺان لفافا رکڻ ۽ کڻڻ، ڪنھن ٻاھرين جو ڪم ھوندو ڇا؟“ بيٺل ٽھڪ ڏيئي چيو.
سردار کلندي چيو، ”چڱو پُٽ ھيءُ ٻه نوٽ تنھنجو حصو. حاجي صاحب کي کليو کلايو وڃي سلام ڏي ۽ چئجانس، ته تو اسان جو شان سڃاتو، ھاڻي اسان کي وري تنھنجو شان سڃاڻڻو آھي.... ھاڻي وري انھن سان حساب ٿيندا، جن پوءِ ڍاون کي ڪنڌ ۾ ڪِلي آھي، ۽ پرايو ڳَٽ رؤ ڪري کڻي پنھنجي ڪنڌ ۾ وجھندا آھن، ۽.... ھان، ھيءُ پنج سو روپيه پٽڪي جا سيٺ سڳني مل کي ڏج، چئجانس ته ’ھيءُ انھي ڏينھن جو انعام اٿيئي‘ جو گامونءَ سان ماڻھن وانگر ڳالھايو اٿيئي، ۽ کيس اھو به چئجانءِ ته ڪوبه ڪم ڪار ھجيئي، ڪابه حقيقي مدد کپيئي، ته ھر وقت حاضر آھيون، چڱو ڀائو بخشڻ، خدا حافظ.“
بخشڻ سلام ڪري کِلندو کِلندو پوئتي موٽيو، گامون حيرانيءَ سان ڏسي رھيو ھو.
سردار ھاڻي ڏانھنس مخاطب ٿي چيو، ”ھيءُ ڏھ نوٽ وڃي ڪليڪٽر صاحب کي ڏي، ۽ چوينس ته اھو عوامي عدالت طرفان شڪريو آھي، جو اوھان حاجي صاحب کي نيڪ صلاح ڏني. ۽ ھان..... ھيءُ ھڪ نوٽ سندس انھيءَ بيري کي ڏج، جنھن وٽن چانھ پياريندي پئي اچ وڃ ڪئي، ۽ عدالت کي اکر به اکر رپورٽ موڪلي ڏني!“
گامون ’بيري‘ جو اکر ٻڌي حيران ٿي ويو. سردار چيس، ”نوجوان! حيران ڇو ٿو ٿين؟ ’انصاف‘ جا ھٿ تمام ڊگھا ٿين ٿا، ۽ ’ظلم‘ جي اکين تي انڌ جا کوپا ھوندا آھن، ھن کي ڀر ۾ بيٺل چيز به ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي آھي. ھو پيو موجون ڪندو آھي، ۽ نشي ۾ مست رھندو آھي، پر پتو تڏھين پوندو اٿس، جڏھين اوچتو ڪنھن چماٽ جو واڄٽ ٿيندو اٿس؛ پوءِ سمورا نشا ٽٽي ويندا اٿس. دنيا ۾ ھميشہ ۽ ھر ھنڌ ائين پيو ٿيندو آھي!“
”ڄامن وساڻ“ جي ڳوٺ ۾ اڄ ھلچل لڳي پيئي ھئي. جيڪا نڌڻڪي ’جنت‘، ڦڪيءَ ٻڪيءَ نه ملڻ سبب ڦٿڪي مري ويئي ھئي، ۽ سندس جنھن معصومڙيءَ ٻانگ ڏيئي نالي رکڻ کان اڳ ئي ڇڙيون ھڻي پساھ ڏنا. اڄ اُنھن جي قبر تي خُود حاجي محمد عارب خان ماڻھن جي ھجوم سان فاتحه پڙھڻ آيو ۽ ٻنھي جي قبرن تي ٻه بنارسي چادرون وجھي انھن کي گلاب جي گُلن سان سٿي ڇڏيائين؛ وري پوءِ جو فاتحه خوانيءَ جي ديڳين جو اچي افتتاح ڪيائين، ته ھزارن جي منھن مخلوق- سارو ڏينھن پئي فاتحه جي ماني کاڌي، ته به کوٽ ڪان آئي. اڄ گامون- ’غريب گامون‘ ڪونه ھو، بلڪ ھر ڪنھن شخص فاتحه خوانيءَ جا پئسا (جيئن ٻھراڙيءَ ۾ رسم آھي) ’رئيس گامڻ خان‘ اڳيان پئي رکيا... پر گامون ويچارن ۾ ھو؛ ھن کي پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين جا سڀ ڏينھن پئي ياد آيا؛ سندس ڄائي کان اڳ پيءُ مري ويس ۽ سُرت ۾ اچڻ کان اڳ ماڻس ٻيو مڙس ڪيو؛ جنھن اٿي موچڙو ۽ ويٺي گار- جي حساب ھلائي ھلائي نيٺ موچڙا ھڻي گھر مان ڪڍي ڇڏيس. ھو ڇڙياري پورھيو ڪندو ڪندو نيٺ انھيءَ نڌڻڪي جنت سان شادي ڪرڻ خاطر وڃي سيٺ جو سرڙيو ھاري ٿيو.... سندس جھڙا ڪيترائي اڃا ساڳيءَ طرح پيا پادر کائين.... ڇا اھي به انھي ذلت جي ڪُن مان ڪڍي نٿا سگھجن.
”ڪيئن ٿو ڀانئين ڪمدار! ڏٺئي پاڻ واري حاجي صاحب جا ڪم؟ سڄا سارا چاليھ ھزار روپيه وڃي حُرن کي ڏنڊ ڀري آيو! توبہ، شل ماڻھوءَ جي پِيري نه اچي! اڙي اھو ڇورو ڦسيئرو مان تي به اُلر ڪري آيو، حاجي صاحب ۽ ھمراھ وچان نه پون ھا ته مان جناخون ڪڍي ڇڏيانس ھا، حاجي انھي جي وڃي پيش پيو آھي.....“
”سيٺ وڏا“... ڪمدار ڀيملي کنگھڪار ڪري چيو، ”تون شينھن جي جگر وارو آھين، شينھن جي؛ اھو تنھنجو ئي جگر آھي، جو مان به زمين مان حُرن کان ٻنيون کسي ورتيون آھن. اچي نه ڀلا ڪا اوھان ڏي چٺي، اصل جناخون ڪڍي ڇڏيون....“
ٺڙڪ .....
منگھ منجھان ھڪ ڳاڙھين ڪُنڊن واري لفافي اچي ڦھڪو ڪيو؛ سيٺ کي ڇرڪ پيو ۽ تڪڙو تڪڙو کولي وڏي آواز سان پڙھڻ لڳو:
”راءِ بھادر سيٺ شيوڪ مل کي عوامي عدالت طرفان چتاءُ ٿو ڏجي، ته پنھنجو ھوش ٺڪاڻي ڪري. ھن سڀ کان اول اسان جي بيلف کي راھ گناھ گار ڏني؛ اسين انھي جي جيڪر سزا ڏيون ھا، پر اسان جي بيلف سر زمين تي ئي حساب صاف ڪري ڇڏيو، انھي ڪري ھرو ڀرو الجھڻ اسان جو به ڪم ڪونه ھو.
ھينئر اسان کي پُڪار ملي آھي، ته سيٺ صاحب سندس ڪمدار ڀيملي ڀيل جي چوڻ تي لڳو آھي ۽ اسان جي بي گناھ فقيرن کان سندن اُھي آئٺا کسيا اٿس، جن تي ھنن جِي وڏن کان محنت ٿيل آھي.
جيڪڏھن پندرھن ڏينھن اندر اھي آئٺا ھنن کي واپس نه مليا، ته عوامي عدالت..... پ پ پنھنجيون.... ڪ ڪ ڪاروايون ڪرڻ ۾.....“
سيٺ صاحب جي ھٿ مان ھاڻي لفافو ڪري پيو ۽ ھو چڙ مان گاريون بَڪڻ لڳو.
۽ ڪمدار صاحب حُرن کي پٽي ھڪ وڏي گار ڪڍي چيو، ”سيٺ صاحب، ڪوبه فڪر نه ڪريو؛ اوھان جي دعا سان ڀيملو به شير آھي، ھيءُ گدڙ اسان جو وار به وِنگو نه ڪري سگھندا. ڪِني آڱر وڍي چڱي؛ حرن کان ٻنيون کسڻ ۾ اسان ڪوبه گناھ نه ڪيو آھي، زمين اسان جي آھي، جنھن کي وڻي تنھن کي پوکڻ لاءِ ڏيون. آئٺن تي ڪنھن به ھاريءَ جو حق سرڪار به بحال نه ڪيو آھي، بلڪ سرڪار جون ته ھدايتون آھن، ته فسادين کي پنھنجي زمين ۾ رھڻ نه ڏيو.“
(خط کي ھٿ ۾ کڻي ڦاڙي مٿي نھاري) ”او منگھ وارا ڇورا! اسين توکان نڪي ڊڄون ٿا، نڪي اسان کي تنھنجي ڪا اھڙي پرواھ آھي، جو توکي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪريون. تون وڃي پنھنجي وڏن کي ٻُڌاءِ، ته ڀيملي ڪمدار وٽ اوھان جي خط جي ھيءَ حيثيت آھي، ھُجيوَ مڙسي ته اچو.....“
منگھ وارو ڇورو ته الائي ڪٿي ھو، پر بدقسمتيءَ سان ھينئر ڪا سِرڻ اچي ويٺي ھئي، تنھن لاٿي جو ڀرپور وِٺِ، ته سڌي ڪمدار جي وات ۾! ھن اھا ٿُڪي، حرن کي ڏاڍيون گاريون ڏنيون ۽ چوڻ لڳو، ”ڪمبخت سمجھن ٿا ته مون ڪڏھين حُر ڏٺائي ڪونه آھن، اڙي انھن حرڙن کي گاريون ڏيئي، موچڙا ھڻي ته ھيڏو ٿيو آھيان....“
اوچتو منگھ مان آواز آيو:
”سدا نه رنگه سھيليان، سدا نه راجا ديس،
سدا نه جُڳه جيوڻا، سدا نه ڪالا ڪيس.“
”کلا اٿيئي بدمعاش، اتي چٻرا ڪڍڻ بدران وڃي پنھنجي وڏن کي وٺي اچ، ته ڀيملي بھادر سان ملاقات ڪن!“ ڪمدار وڏي آڪڙ سان چيو. ھاڻي راءِ بھادر سيٺ شيوڪ مل به شير ٿي چوڻ لڳو، ”اڙي ڪھڙي ڦسيئري کي طاقت آھي، جو راءِ بھادر سيٺ شيوڪ مل ڏي اک به کڻي نھاري؟ مان اڄ ئي ٿو وڃي اسان جي شير مرد وزير صاحب نھچلداس سان ملان؛ پوءِ پاڻيھي انھن ڄٽن کي خبر پوندي، جن جو من حاجي صاحب جھڙن بيوقوفن وڌائي ڇڏيو آھي!“
”ٺيڪ آھي سائين ٺيڪ آھي؛ رکو ڀڳوان تي؛ سڀ ڀلي ٿيندي. ديوان نھچلداس وڏو طاقت وارو آھي، ۽ سائين ھن وڏي وزير کان بھادر کي به ملي ڇڏجو، چون ٿا ته اھو به حُرن واري پير جي برکلاف آھي.“
”چڱي يادگيري ڏنئه ڪمدار، خانبھادر الھ بخش بيشڪ مڙس ماڻھو آھي ۽ اسان کي سدائين پيو چوندو آھي، ته حرن جو زور گھٽايو. اسان جا سانگھڙ ۽ ميرپور جا سيٺيون به انھن ئي خيالن آھن. ھاڻي.... ھاڻي وقت آيو آھي جو انھن حرن جي آڪڙ کي اصل پاڙون پٽي ڇڏجي. ھيستائين انھن جو ڪم به ڄٽن سان پيو ھو، اسان پارن پڙھيلن سان ھاڻي ھٿ اٽڪايو اٿن، ته ستياناس به ڄاڻ ٿين!“
ڪيترائي مھينا راءِ بھادر جون اھي آڪڙون پئي ھليون، ھڪ ڏينھن اوچتو ھڪ ھاري سھڪندو آيو ۽ چيائين، ”سيٺ صاحب، سيٺ صاحب، ماڙيءَ جي ڇت تي ته چڙھو.“
”پر آھي ڇا!“
”سائين ڇت تي ھلو، ته ٻڌايانوَ.“
سيٺ صاحب ماڙيءَ جي ڇت تي به وري ھڪ اتاھون مورچو بڻايو ھو، ان مان جڏھين اوچيءَ طاقت واري دوربيني کڻي بيھندو ھو، ته سندس چار ڪوھ پراھين پوک پيئي ڏسبي ھئي. سيٺ صاحب اڄ به ڀانيو ھو، ته ڪنھن جا تمام گھڻا ڍور اچي پوک ۾ پيا ھوندا، سي ڏسڻ لاءِ ٿو ھاري ماڙيءَ تي چڙھائي؛ سو نھايت اطمينان سان دوربيني کڻي اچي ماڙيءَ تي پھتو، اُتي پھچڻ سان دوربينيءَ کان سواءِ ئي باھ جون لاٽون آڪاس پھچنديون ڏٺائين. ھن وائڙو ٿي ھڪدم پڇيو:
”ھي ڇاھي ڙي!“
”سيٺ وڏا، اُھي اوھان جي ڦُٽين سڙڻ جون لاٽون آھن.“
”چوين ڇا ٿو نڀاڳا؟“
”سائين، سچ ٿو چوان، اھي اوھان جو ڦُٽيون آھن، جي حر ساڙي رھيا آھن.“
”پر ڦُٽيون ته ڦيڙھن ۾ ھونديون نه؟“
”ھا، ھونديون ته ڦيڙھن ۾ آھن، پر اڄ ڀيملي ڪمدار جو اوسڙ ھو نه؟“
”ھا ھا، سندس ڌيءُ جي شاديءَ تي وڏي طومان سان ڀيلن جي ڄڃ آئي ھوندي.“
”ھائو سائين، ته اھا ڄڃ اچي کري ۾ ٽِڪي، ھاري به اندر ھئا؛ ڏاڍا راماڻا متا پيا ھئا، ته اوچتو اھي نڀاڳا آيا، ھڪدم بندوقون سامھون ڪري چيائون، ’خبردار، سڀ ھٿ اُڀا ڪريو، جيڪو ھٿ اُڀا نه ڪندو سو ڊز رکيو ھوندو.‘ لاچار سڀني ھمراھن ھٿ اُڀا ڪيا.
تنھن تي وري چيائون، ’ڪوبه ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪري، چؤطرف اسان جا ماڻھو بندوقن سان بيٺل آھن.‘ سڀ ويچارا چپ ڪري بيھي رھيا.
پوءِ سائين حُڪم ڪيائون ته،’ڦيڙن مان سڀ ڦٽيون ڪڍي لوڙھي تي وجھو....‘ پنج ڇھ سؤ ماڻھو..... زالين، مردين سڀ انھي ڪم ۾ لڳي ويا. جنھن به سُستي ٿي ڪئي، تنھن ڏي ھڪل ڪري بندوقون سڌيون ٿي ڪيائون. پوءِ جڏھين سڀ ڦٽيون لوڙھي مٿي وِکرجي ويون، تڏھين چيائون ھاڻي ڏيو لوڙھي کي باھ ....“
”پوءِ..... پوءِ..... اوھان واري ڪمدار ڪارو منھن پئي ڪيو؟“
”ڪمدار ئي ته سڀ حڪم پئي ڪيا سيٺ صاحب!“
”ڪمدار ٿي حڪم ڪيا؟ ڇا ڪمدار ھنن سان مليل ھو؟“
”ڪمدار ھنن سان مليل ته ڪونه ھو، پر ھنن سڀ کان اول ان کي سوگھو ڪيو، پوءِ پاڻ ان کي ٿي حڪم ڏنائون ۽ ان ٻين کي ٿي ڏنا.“
”سائين، اسين ٻه ھاري ڪنھن ڪم سان کري کان ٻاھر رھجي ويا ھئاسون، تن مان ھڪڙو ويو اسپيشل پوليس ڏي ۽ ٻيو آءٌ اوھان ڏي. پوليس ضرور اوڏانھن چڙھي ويئي ھوندي، اوھين به ھلو ته چڱو.“
”جھڳو ئي جھڻ ٿي ويو..... نيمي ئي ناش ٿي ويئي.... ھاءِ گھوڙا، ھي ڇا ٿيو.... ھاءِ نھچلداس.... ھاءِ کان بھادڙ.... گھورا! ڇا ڪڙيان.... اري تون به وڃ پوليس ڏي.... اري کين وڏيون رقمون آڇج.... ھاءِ ھاءِ!“سيٺ ته بل کائي مورچي ۾ ئي ڪري پيو. ھاريءَ ھيٺ لھي نوڪرن کي سيٺ جي سنڀال لاءِ چيو ۽ پاڻ وري اسپيشل پوليس جي مرڪز ڏي ھليو ويو، جو انگريزن خاص طرح حرن جي ھلچل جي تدارڪ لاءِ قائم ڪيو ھو ۽ کين جيپون، فادر جيپون ۽ وڏو سامان مليل ھو. ھن ته سمجھيو ھو ته ھو ھليا ويا ھوندا، پر آءٌ به احوال پڇي پوءِ اوڏانھن ويندس. پر اتي وڃي جيڪي ڏٺائين، تنھن والڙن ئي واتريون ڪري ڇڏيس. جيڪو ھاري خبر ڏيڻ آيو ھو، سو ته وسو ٿيو ويٺو ھو؛ پر پوليس وارن تياريون پئي ڪيون. ان ھاريءَ کيس ڏسي يڪدم آڱر کڻي چپن تي رکي ۽ ھيءُ به سلام ڪري اچي بيٺو. ھن يڪدم وڏي آواز سان چيو، ”بس ڀائو، اجھو پوليس ٿي ھلي ۽ حرن جون جناخون ٿي ڪڍي؛ اڄ ڪمبختن کي موت کڻي آيو آھي، ڏسين ٿو ته ڪيئن نه تياري پئي ٿئي.“ وري به آڱر کڻي چپن تي رکيائين. ھي ماٺ ڪري اچي ڀرسان ويٺس. ھاڻي انگريز پوليس جي سنڀر سنڀران پيئي پوي، ڪنھن ٽائر مان ھوا پيئي نڪري ته ڪنھن جيپ جي انجڻ اسٽارٽ ئي نه ٿئي؛ ڪو پيو حُرن کي گاريون ڏئي، ته ڪو ديوانن تي به ڌوڙيو پيو لڳائي، ۽ ڪو وري ماتحتن کي پيو دٻائي. مطلب ته اڌ ڪلاڪ اھو شور ھليو، ايستائين پري کان دونھان ۽ شعلا جھڪا ٿيندا ڏسڻ ۾ آيا، جيپون ۽ فادر جيپون به تيار ٿي وييون. ھاڻي ھي ٻئي به چڙھيا ھنن سان گڏ؛ اڳتي ھلڻ کان پوءِ وري به ڪنھن جو ٽائر ٿي برسٽ ٿيو، ته ڪنھن جو پيٽرول ٿي ليڪ ٿيو، مطلب ته ٽي ڪوھ مفاصلو طي ڪرڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويو. سرزمين تي پھتا، ته بتيون ته وسامي چڪيون ھيون، باقي ڪمدار ڀيملو مل رڙيون ڪندو رت ڳاڙيندو آيو، چي، ”حضور منھنجو ڪن ڪپي ويا آھن، ھاءِ ھاءِ، ڪيئن ڪريان، حضور اجھو ھيءُ اڳيان پيا ڀڳا وڃن.“
ھڪڙي آفيسر ٻٽي گار ڏيئي چيس ته، ”ھلي ڏيکار، ته ڪھڙي پاسي ويا آھن. ھاڻي ڀيملو چڙھيو اڳئينءَ جيپ ۾ ۽ ھلڻ لڳا، اڳتي ته وري به ساڳيو رينگٽ؛ ڪنھن جي جيپ جو پنچر، ته ڪنھن جي انجڻ ۾ رولو. تان جو صورت حال ڏسي ڀيملي چيو، ”او سائين! اوجھو ٻيلي ۾ پھچي ويا. سائين ھُو ڏسو ٿا!“
حقيقت ۾ نڪي ڀيملي ٿي حر ڏٺا، نڪي ڪنھن ٻئي ٿي ڏٺا؛ پر ھاڻي سڀني مٿن گارين جو ڌوڙيو لڳائي چيو: ”ڀڄي ويا، ھھڙا تھڙا، لڪي ويا گانڊو، نه ته اڄ شينھن سان مقابلو ھئن....“
ھينئر ته اسان جي پوليس وڏي خبردار ۽ مستعد آھي، پر انريزن جي پوين ڏينھن ڏينھن واري اسپيشل پوليس اجھو اھڙي ھئي!
پورن پنجن ڏينھن بعد راءِ بھادر سيٺ شيوڪ مل ٽوپي لاھي اچي حاجي صاحب جي پيرن تي اڇلائي، ته حاجي صاحب وڏن جو ننگ سڃاڻ؛ واسطو اٿئي ڌڻيءَ جو، منھنجو ڪو بچاءُ ڪرايو. ڦٽيون ته وييون، پر ھاڻي مورڳو سِر ٿو وڃي؛ جيڪي ڏنڊ چوين، سو ڀري ڏيان، پر منھنجي جِند ڇڏاءِ.“
۽ حاجي صاحب جو نوڪر رومال منھن ۾ ڏيئي ٻاھر نڪري وڃي ٽھڪ ڏيڻ لڳو....
ٺيڪ چئن ڏينھن بعد اسپيشل پوليس جو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي صاحب اڃا سندس آفيس واري ڪمري جي ڪرسيءَ مٿي مس ٿي ويٺو، ته ميز تي پيل ’ڳاڙھين ڪُنڊن واري لفافي تي نظر پيس، ”ڳاڙھن ڪُنڊن وارن لفافن“ جي خبرن کان ھو به اڻ واقف ڪونه ھو، ان ڪري تڪڙو تڪڙو لفافو کوليائين، اندر ھزار ھزار وارا ڏھ نوٽ پيل ھئا ۽ ھڪ خط:
”اسپيشل آفيسر صاحب، اسپيشل پوليس مرڪز- ٽنڊو آدم، عوامي عدالت جي اسپيشل پوليس اوھان جي سمجھ ۽ دماغ تي آفرين چوي ٿي؛ جو اوھان ھڪ ڀوڪ ڀيل جي بي سمجھيءَ جي فرياد کي وزن نه ڏيئي، پنھنجا قيمتي سِر، اھڙن مَٿيرن جي مقابلي ۾ رائيگان وڃائڻ کان نٽائي ڇڏيو، جي موت سان اھڙوئي پيار رکن ٿا، جھڙو اوھين زندگيءَ سان پيار رکو ٿا.
عدالت، جي ھن آفرين نامي سان گڏ ’راءِ بھادر شيوڪ مل انعام‘ مان اوھان کي به ڏھ ھزار روپيه انعام طور موڪلجن ٿا؛ ۽ پڻ عوامي عدالت اوھان کي ھيءُ به يقين ڏياري ٿي، ته ڪنھن به حقيقي ڏوھاريءَ کي پڪڙڻ يا کيس چالان ڪرڻ لاءِ شاھد ڏيارڻ، ماجسٽريٽن کي حقي سزا ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ، يا ڪنھن مجرم پيشه گڙنگ کي ھيسائڻ لاءِ عوامي عدالت ھر وقت اوھان سان تعاون ڪندي رھندي؛ بشرطيڪ اوھين سورھن آنا حق تي ھوندؤ.
ياد رکجو، عوامي عدالت ڪڏھن به ناحق جو پاسو نه وٺندي؛ ۽ ناحق ڪرڻ ۾، يا ناحق جو پاسو وٺڻ ۾ جيڪڏھن خود اوھين جڪڙجي پيا، ته اوھان کي به ڪانه ڇڏيندي؛ باقي عوامي عدالت کي اھو تمام چڱيءَ طرح معلوم آھي، ته اوھان کي ڇا پگھار ملي ٿو، ڇا ضرورتون اٿوَ ۽ ڇا رسائي ڀرڻي پويوَ ٿي؛ ان ڪري جيڪڏھن اوھين عوامي عدالت کي پنھنجو سڄڻ سمجھندؤ، ته عوامي عدالت به پنھنجي سڄڻن جي حقيقي (۽ نه ڪه عيشي) ضروريات ۾ امداد ڏيڻ لاءِ ھر وقت مستعد رھي ٿي.
عوامي عدالت جي ڪارندن سان نيڪ نيتيءَ سان سازباز رکڻ لاءِ اوھان کي ڪنھن گھڻيءَ تڪليف جي ضرورت ڪانھي؛ ھن ليٽر جي خالي لفافي تي + جو نشان ڪڍي اوھين انھي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيندا، ته اوھان سان عوامي عدالت جو نمائندو پاڻيھي اچي ملندو.“
ياد رکجو، ”دغابازن لاءِ عوامي عدالت نھايت سخت آھي.“
آفيسر صاحب جيئن خط، پڙھي حيران ٿيو، تيئن نوٽ ڏسي به وائڙو ٿي ويو. ھن کي البت ڊپ ٿيڻ لڳو، ته متان انھن نوٽن تي ڪا ڪنھن ائنٽي ڪرپشن پوليس جي صحيح يا نشاني ٿيل ھجي، سو نوٽ ته کڻي ميز جي خاني ۾ رکيائين، تيلي دکائي خط کي ساڙيائين، ۽ پوءِ ڏڪندڙ ھٿن سان لفافو مٿي کڻي وڏو منڌيئڙو ڪڍيائين: اڃا ھن منڌيئڙو ڪڍي بس مس ڪئي، ته اردليءَ بوٽ کي ٺڪاءُ ڪري اچي چيو، ”ييس سَر!“
”توکي ڪنھن گھرايو ڙي؟“ صاحب ڇرڪ ڀري چيو.
”توھان سر!“
”مان ڪڏھين آواز ڏنو؟“
اردليءَ لفافي جي نشان ڏي کڻي اشارو ڪيو، آفيسر صاحب تي ڄڻ وِڄ ڪري پيئي، ”تون..... تون..... تون آھين ھن جو ھتي رکندڙ؟“
”ييس سر!“
”تون به عوامي عدالت جو ميمبر آھين؟“
”ميمبر نه، نمائندو سر!“
”ھن اسٽاف ۾ ٻيا به اھڙا آھن؟“
”ييس سر؛ اسٽاف جا اھي سڀيئي فرد، عوامي عدالت جا ڪارڪن ۽ دوست آھن؛ جن راءِ بھادر جي ڦٽين سڙڻ جي رپورٽ ملڻ تي پاڻ به پئي سُستي ڪئي، ۽ ٻين کي به پئي چيو، ”يارو، ڇو ٿا پنھنجا سِر وڃايو؛ حرن وٽ ٿري ناٽ ٿري سان گڏ مشين گنون به ھونديون آھن.“
صاحب ڏاڍيءَ حيرانيءَ سان ھن ڏي ڏسڻ لڳو؛ پگھر جون بوندون پيشانيءَ تي اچي ويس. سر! نوٽ کڻي کيسي ۾ وجھو، عوامي عدالت جو ھڪ فرد به دغاباز نه آھي.“
”اوھين دل جا حال به ڄاڻو ٿا؟“
”سر! اوھان جو نوٽ خاني ۾ رکڻ سڀ ڪجھ ٻڌائي رھيو ھو.“
”ھيڏانھن ويجھو اچ بدمعاش!“ ھاڻي آفيسر مُرڪندي چيو.
”ييس سر!“ چئي نوجوان اردلي وڌي آيو.
”ويھ ڪرسيءَ تي!“
”نظام نه بگاڙيو سر!“
صاحب جو ٽھڪ نڪري ويو، پاڻ اٿي ٻئي ڪمري ڏي ويو ۽ ھن طرح کيس ڪرسيءَ تي وھاري چيائين:
”تون حُر آھين؟“
”ييس سر!“
”ييس سر جا ٻچا، ھينئر پنھنجا پاڻ ۾ آھيون.“
”عادت نه بگاڙبي سر!“
آفيسر جو وري به ٽھڪ نڪري ويو، ھن کلي چيو: ”ڇا ھيءُ نظام موجودہ پير صاحب پاڳارو ھلائيندو آھي؟“
”عوامي ضرورتن پٽاندر نظام پاڻيھي پيا ھلندا آھن، سر! پيران نمي پرند، مريدان مي پرانند، سر! چوندا ڪين آھن، ته جھڙا روح تھڙا ختما سر!“
”ٻيلي، ھاڻي تنھنجي انھي سر سر مان ته اچي ڦاٿا آھيون! اڃا ڪنھن ٽئين ڪمري ۾ ھلون ڇا؟“
”آفيس اَورس ۾ نو سر! نظام از نظام.“
آفيسر ٽھڪ ڏيندي اُٿيو، ۽ اچي ميز تي ويٺو. اردلي بوٽ کي ٺڪاءُ ڪڍائي، وڃي ٻاھر ڊيوٽيءَ تي بيٺو. صاحب کِلندي کِلندي کڻي نوٽ کيسي ۾ وڌا ۽ ڀڻ ڀڻ ڪري چوڻ لڳو، ”مولا، تون ڪيڏو نه ڪارساز آھين! ڳوٺان آيل خط ته مانڌ ڏيئي ڇڏي ھئي.“
”ڀتين کي به ڪَن ھوندا آھن، سر! جيڪي منجھان ماٺ، سو ڪڇڻ مان ڪين ٿئي، سر!“ اردليءَ آواز ڏنو.
ٽھڪ ڏيئي، صاحب پنھنجو دستوري دفتري ڪم ڪرڻ لڳو ۽ وزيٽنگ ڪارڊن وارن کي واري سان گھرائيندو ويو.
”وڏيرو پاڏو خان!“
”ييس سر!“ اردلي وڏيري کي وٺي آيو.
”اچو وڏيرا، ڇا خبر آھي!“ ”سائين ھنن حرن ته باھ ٻاري ڇڏي آھي؛ ڪجھ وقت اڳ حاجي محمد عارب خان جي ڪڻڪ ساڙيائون، ھينئر راءِ بھادر سيٺ شيوڪ مل جون ڦٽيون ساڙيائون، ھاڻي وري مون کي ڌمڪين جو خط آيو آھي.“
”اھو خط پيش ڪريو، وڏيرا صاحب!“
”خط؟.... خط ته مون ساڙي ڇڏيو.“
”ساڙي ڇو ڇڏيو؟“ (مُرڪي) ”انھيءَ ۾ اوھان جي ڪنھن وڏي ڏوھ جو اشارو ھو، ڪيئن؟“
”ڏوھ؟ ... ڏ ڏ ڏ ڏوھ؟ ... سائين پ پ پ پاڻ کي پروردگار ڪنھن ڏ ڏ ڏ ڏوھ کان شل پ پ پناھ ۾ رکي، مائٽن جي ھٿان ڳائي وڄائي شادي ڪرڻ ۾ ڪو ڏوھ ڪونه آھي.“
”چئبو ته“ آفيسر ٽھڪ ڏيئي چيو، ”اوھان جي ڪنھن تازيءَ شاديءَ تي مڙيوئي ڪو اعتراض ھوندو.“
”غريب پرور، باقاعدہ پنج ھزار روپيه مھر محمدي شريعت موجب ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏنا اٿم.....“
”۽ ٻه ھزار صوبيدار کي ڏنا، ته سندس مڱيندي کي جيل ۾ رکائي؛ سي ته نه وساريو وڏيرا صاحب؟“ اردليءَ جي آواز تان وڏيري کي اھڙو ڇرڪ پيو، جو ڪرسيءَ سوڌو ڪري پيو؛ آفيسر ذرا چڙي پيو، ”اردلي!“
”ييس سر!“ ھو بوٽ کي ٺڪاءُ ڪري اچي بيٺو، صاحب ڪجھ گرم ٿي چيو، ”دِس اِز نظام؟“
”اندر ٿو جلي سَر! مظلوم ڇوڪري منھنجي سڳيءَ پڦيءَ جي ڌيءُ آھي.“ اردليءَ جي اکين مان پاڻي وھڻ لڳو.
”چڱو وڏيرا صاحب“ صاحب سنجيدہ ٿي چيو، ”توھان فڪر نه ڪريو، اسان پنھنجي ڊيوٽي بلڪل قانون موجب سر انجام ڪنداسون؛ (تکو ٿي) اردلي، تون ٻاھر وڃ .... ھان وڏيرا صاحب، شڪايتون لکايو، اسان پورو تدارڪ ڪنداسون. اسان جو اوھان جي خانگي تڪرارن سان واسطو ڪونھي؛ اسان جو فرض فقط اُھو آھي ته ’حرن جو ھراس‘ دفع ڪريون.“
پٽڪو ڇنڊيندي ڪرسيءَ تي ويھي وڏيرو چوڻ لڳو، ”سو ته دفع ٿي ويو صاحب، ھاڻي رڳو اوھان مان جند ڇٽي، ته لک کٽيوسون. (کيسي مان نوٽن سان ڀريل لفافو ڪڍي ميز تي رکي) صاحب آءٌ ڇوريءَ کي به وڃيو ٿو طلاق ڏيان ۽ ڇوري کي به اڄ ئي ٿو ضامن تي ڪڍايان. قسم رب پاڪ جو، اھڙي ته ڪا حرامزادي آھي، جو ويجھو ئي اچڻ نٿي ڏئي. ھڪڙي گار جي رئي، ٻيو موچڙي جو زيپٽ. (ٽھڪ ڏيئي) ڇوريءَ کي جيڪا ٿي شيء ھٿ اچي، ان جو سٽڪو ٿي ڪرائي؛ ٻيونه ته به نَنھَن، چَڪن ۽ لَتن کان ته ڪوبه روڪي نٿو سگھيس. (وڏا ٽھڪ ڏيئي) رن ته وڃائي سون، پر رلھي به وڃائي سون!“
ھاڻي ھڪ طرف پيو اسپيشل ڪماني ٽھڪ ڏئي، ته ٻئي پاسي ٻاھر پيو اردلي ٽھڪ ڏئي. اسپيشل ڪمانيءَ جي آفيس نه ٿي، ڄڻ ته ڪو مڇي مارڪيٽ ھو. وڏيرو، ڪمانيءَ سان شيڪ ھينڊ ڪري ٻاھر نڪري اردليءَ کي چوڻ لڳو، ”ابا، ھوءَ ماڻھيان اچي وٺي وڃو؛ ڀيڻسان ڇتيءَ ڪُتيءَ مان مورڳو اڙياسون.“ ۽ ھوبه ٽھڪ ڏيندو ھليو ويو.
اردلي وري به ٽھڪ ڏيندو صاحب وٽ پھتو، ۽ چوڻ لڳو، ”صاحب! دِس اِز انگريزن جو الودائي انتظام! ڪجھ وقت کان پوءِ ضرور ٻڌندؤ، ته ’ھندوستان‘ جي سڀ کان پھرين ’مارشل لا‘ سنڌ ۾ لڳي ويئي!“
شام جو وقت ھو، ڪليڪٽر نواب شاھ پنھنجي بنگلي جي لان تي پسار ڪري رھيو ھو ته ڪمپائونڊ اندر گامون ءَ کي ايندو ڏٺائين- ”اچ اچ، ميان گامڻ خان، ڏي مُلڪ جي خبر چار!“
گامونءَ وڌي اچي سلام ڪيو، چيائين، ”سائين، ملڪ مزي ۾ پيو ھلي؛ ڌاڙا، بلئڪ، رشوت، سمگلنگ، فريب، ظلم، سڀ زور آھن؛ ٻي سڀ خيريت آھي.“
”پوءِ سرڪار ڇاٿي ڪري؟“
”چون ٿا ته انگريچ سرڪار کي جَرمن اھڙو اچي سوڙھو گھُٽيو آھي، جو ھوءِ ان سان ئي منھن ڏيڻ ۾ پوري سوري آھي؛ ان ڪري ملڪ ملي ويو آھي، ڪامورن ۽ پوليس کي نويڪلو، سي ويٺا جاوا ڪن. جيڪو ڪُڇي، ته ان کي ھڻن ٿا ٽيپ ۾، غريبن جو نڪي اوھي نڪو واھي.“
”خير، اھي ته ٿيون رواجي ڳالھيون، پر تون اڄ ڪيئن آئين؟“
”بس، شھر ۾ ڪو ٿورو گھڻو ڪم ھو، سو لاٿم؛ پوءِ وري سوچيم ته حضور جو سلام ڪريو وڃان.“
”سو ته چڱو، پر اڄ تون ڏاڍو غمگين پيو ڏسجين؟“
”ڪورو انڌير ڏسبو، ته دک ڪيئن نه ٿيندو؟“
”ڀلا، اڄ ڪھڙو نئون انڌير ڏٺيئه؟“
”سائين اڄ ھڪڙن ٻن ڀائرن کي ڇھ ڇھ مھينا ٽيپ ملي.“
”ڪھڙي ڏوھ ۾؟“
”سائين انڌير اھو، ته ھنن اھو ڏوھ بلڪل ڪونه ڪيو آھي.“
”ڪجھ ته ضرور ڪيو ھوندائون؟“
”ھا سائين“ شوڪارو ڀري ھن چيو: بس، سندن ڏوھ اھوئي آھي ته سندن زالون بدقسمتيءَ سان سھڻيون آھن.“
”ڇا مطلب؟“
”مطلب اھو، ته انھن تي ٻه زميندار ڀائر عاشق ٿي پيا. گھڻيون ئي لالچون ڏنائون، پر مڙس خواھ زالون ھئا غيرتمند، سو ڪجھ به نه ورين. انھي تي ٻنھي ڀائرن تي چوريءَ جو ڪوڙو فرياد ۽ ھٿرادو شاھد بڻائي، ھنن کي ھڻايائون ٽيپ ۾ ۽ زالون زوريءَ کڻي بنگلي ۾ بند ڪيون اٿن.“
”ھون!“ ڪليڪٽر ڪجھ ويچار ڪري چيو، ”قيدي اتيئي آھن، يا ويا سينٽرل جيل ڏي؟“
”قيدين کي ته بروقت سينٽرل جيل ڏي وٺي ويا، دير ئي ڪانه ڪيائون.“ ڪليڪٽر وڌيڪ سوچ ڪئي ۽ آواز ڏنائين، ”ڊرائيور!“
”ڊرائيور ڊڪندو آيو ۽ چيائين، ”حڪم حضور!“
”جيپ تيار ڪر.“
موٽر تيار ٿي ته ڪليڪٽر، سندس نائڪ، ٻه سنتري، ۽ گامون کي به وھاريو، 7 حڪم ڪيائين، ”ھل حيدرآباد، (مُرڪي) اڄ ته گامڻ خان کي ڪليڪٽري طاقت جو ڪو ڪرشمو ڏيکاريون.“
موٽر دير سان اچي سينٽرل جيل تي پھتي، سپرنٽينڊنٽ کي ڄاڻ ٿيو، ڪليڪٽر چيس، ”اڄ جيڪي نوان ٻه قيدي نواب شاھ کان آيل آھن، اسان کي انھن سان ملڻو آھي.“
جيل کوليو ويو، سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻيو عملو آفيس ۾ ويٺا. قيدي پيش ٿيا، ڪليڪٽر ھنن جي چھرن جو جائزو ورتو، چيائين، ”اوھان چوري ڇو ڪئي؟“
”چوري اسان جي ڪتن جو وڙ به ناھي حضور؛ اھو انگريچ جو انتظام آھي، جو ڀاڳيا اندر آھن ۽ لڄن تي ڌاڙو ھڻندڙ رھزن مُڇون مروڙيو پيا ظلم ڪن.“
”چڱو“ ڪليڪٽر سنجيدگيءَ سان چيو، ”ويھو منھنجي موٽر ۾!“
”مگر حضور.....“ سپرنٽينڊنٽ پريشان ٿيندي چيو.
ڪاغذ کڻي ان تي ڪجھ لکي کيس ڏيندي ڪليڪٽر چيو، ”ھيءُ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ نواب شاھ جو حُڪم نامو آھي، قيدي اسان کي ’ائز اسپيشل ڪيس‘ گھربل آھن.“
سپرنٽينڊنٽ ڪاغذ کي ڏسڻ لڳو، ھن انھيءَ کان اڳ اھڙو ڪاغذ ڪڏھين ڪونه ڏٺو ھو، پر ڪليڪٽر جو چھڙو ڏسي ھو ڪُڇي بلڪل نه سگھيو.
”چڱو چلو“ چئي ڪليڪٽر ٻاھر نڪتو، 2 وڳي رات جو ھو اچي نواب شاھ پھتا- بروقت 25 پوليس وارا طلب ڪري، ڪليڪٽر صاحب قيدين کي ساڻ ڪري، وڏيرن جي ڳوٺ روانو ٿيو. اڄ ھو ٻئي وڏيرا سندس اوطاق واري بنگلي ۾ موج لڳايو ويٺا ھئا، ۽ ايڏا بي فڪر ھئا، جو دروازو به کليل ھون. جيئن ئي ڪليڪٽر بمع پوليس جي بنگلي جي اندر گھڙيو، ھڪ نھايت دردناڪ نظارو ڏٺائين؛ ھڪ وڏيرو شراب جي نشي ۾ ڌُت، ۽ ھڪ غريب عورت رڙيون ڪندي ڀڄندي ٿي رھي، ھن جا ڪپڙا ڦاٽي ويا ھئا، ھن جي چھري ۽ ڪپڙن تي شراب ھاريل ھو، وڏيري جي گار جي رئي ھئي، چي ”سالي! ھاڻي ڪيترو ڀڄندئين، مڙسھين ته ڇھن مھينن کان اڳ ڪونه موٽندو، ھاڻي ڪير بچائيندءِ؟“
”مون کي منھنجو الله بچائيندو!“ مائيءَ سھڪندي پئي چيو ۽ ٻيو وڏيرو وحشانيءَ طرح نه، بلڪ مُرڪندي سنجيدگيءَ سان ٻيءَ کي چئي رھيو ھو، ”جاني، ھاڻي ماڻا ڇڏ، ويھي ماني کاءُ، ھيءُ اصل پيرس جو پيالو پيءُ. انھيءَ ضد مان ڪجھ نه ورندءِ، ڀلا ڪيترو وقت بُک مرنديئين؟“
”جيستائين ساھ نڪرندو؛ ھن جيئڻ کان مرڻ بھتر آھي.“ ھن وقار سان جواب ڏنو. اوچتو ٻنھي وڏيرن کي ھٿڪڙيون پئجي ويون، ڪليڪٽر جي اشاري تي پوليس وارن ھنن کي اھڙي ته ڦيھ ڪڍي، جو گھوگھرو لڳي وين. ٻئي مايون روئي اچي ڪليڪٽر صاحب جي پيرن تي ڪريون. ڪليڪٽر کين آٿت ڏيندي چيو، ”ٻچڙيون! اوھين بي فڪر رھو (گامونءَ ڏي اشارو ڪري) جنھن مُلڪ ۾ ھھڙي عدالت به ھجي، ان ملڪ ۾ ظلمَ گھڻو وقت رھي نه سگھندا.“
ڪليڪٽر مظلومن کان پڇا ڪئي، ته مٿن ڪھڙا ڪھڙا شاھد ھئا. ھنن ڪن ھارين جا نالا ورتا، پر ٻڌايائون ته اصل بانيڪار وڏيرن جا ڪمدار آھن. ھڪدم انھن ڪمدارن کي به گرفتار ڪيو ويو ۽ انھن شاھدن کي به:
پوءِ زالون مَردن جي حوالي ڪري کين سؤ سؤ جو نوٽ ڏيئي چيائين، ”ھيءُ اوھان جي ڪپڙن لاءِ آھن؛ بي فڪر ٿي امن چمن سان رھو، ھاڻي ڪير به اوھان جو نالو نه وٺندو. ۽ اھڙي طرح قيدين سان موٽر ڀري، ھو رات جي 4 وڳي مھل نواب شاھ پھتا. اتي ٻنھي ڪمدارن کي خوب مار ڪڍي ويئي، ۽ شاھدن کي به چڱي ٿڦا ٿوڦي ڪئي ويئي. پوءِ يڪدم ڪيس ھلائي وڏيرن کي ٻه ٻه سال سخت پورھئي سان، ڪمدارن کي ھڪ ھڪ سال ۽ شاھدن کي ڇھ ڇھ مھينا ٽيپ ڏيئي، ساڳين پوليس وارن سان سينٽرل جيل ڏي موڪليو ويو.
انھيءَ ساري ڪاروبار کان واندا ٿي، پوءِ ھڪ خوشيءَ جو ساھ کڻي ڪليڪٽر چيو، ”ڪيئن ميان گامڻ خان! ڏٺيئي، ته ڪليڪٽر کي ڪيترا اختيارات آھن؟“
”ٺيڪ آھي سائين، مگر اھي سمورا اختيارات ان وقت سلب ٿي وڃن ٿا، جڏھين ڪنھن غريب ھاريءَ کي ڪو سيٺ صاحب سندس روبرو گاريون به ڏئي، ته مار به ڏئي.“
”ڇاڪاڻ ته سيٺين جي رشوت کين انڌو ڪري ڇڏي ٿي؛ نه ته قانون جو ته اھوئي سبق آھي ته ’ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ سندس ضلعي جو مھاراجا آھي!‘ پر (مرڪي) جيڪڏھن ھو اکيون کولي، ته جيڪر چڱا ڪم ڪندي به عوامي عدالت سندس خزانو ڀرپور ڪري سگھي ٿي.“
”غريب عوامي عدالت وٽ ڇا آھي حضور!“ نماڻو ٿي ھن چيو، ”ھو ته ويچارا پاڻ خانه بدوش آھن. (مرڪي) ھان، جيڪڏھن ڪو راءِ بھادر، ڪو خان صاحب ھنن کي به ڪو نذرانو ڏئي ٿو، ته پوءِ ھو به دوستن ۾ ونڊين ورڇين ٿا.“
پئسا سڀن کي عوام ٿو ڏئي دوست!“ ڪليڪٽر ٽھڪ ڏئي چيو، ”چاھي عوامي سرڪار ھجي، چاھي ڌارين جي سرڪار ھجي، چاھي بدڪار ليڊرن جي سرڪار ھجي، سمورن کي ھارين ۽ مزدورن جي ڪمائي ٿي ھٿ اچي ۽ سڀ انھن کي بريءَ حالت ۾ رکي پاڻ پيا جاوا ڪندا آھن. چڱو ھاڻي اسين به آرام ڪنداسون، اڄوڪو ڏينھن اسان کي به آرام لاءِ حلال آھي. (ٿورو ويچار ڪري) ھان گامون، اھي ماڻھو تنھنجا عزيز آھن؟“
”نه سائين، آءٌ ته سندن بلڪل واقف نه آھيان؛ آءٌ ته گھمندو ڦرندو وڃي، ڪورٽ ۾ نڪتس، اتي ماڻھن جا آواز اچي اوھان کي ٻڌايم.“
”پوءِ ايڏو غمگين ڇو ھئين؟ تنھنجا عزيز ته ڪين ھئا؟“
دنيا جا سڀ انسان ھڪٻئي جا عزيز آھن سائين؛ خاص ڪري سڀ مظلوم ته ھڪٻئي سان ڀائُن کان به وڌ ناتا رکن ٿا.“
ڳراٽڙي پائي ڪليڪٽر گامونءَ کي چيو، ”گامون! اڄ آءٌ ڏاڍو خوش آھيان. ايڏي خوشي مون کي سڄي عمر ڪڏھين به ڪانه ٿي. ڀانيان پيو، ته ھن کان اڳ جيڪا به زندگي گذاري اٿم، سا واھيات ۽ وئرٿ ھئي.
تون تنھنجي سڄيءَ سنگت کي چئي ڇڏ، ته مون سان بيڌڙڪ اچي ملندا رھن. منھنجو دروازو انھن لاءِ سدائين کليل رھندو، جي مظلومن جا مددگار آھن.“
ھڪ ٿڌو شوڪارو ڀري گامونءَ چيو، ”سائين! اھي غريب ڪيئن اوھان سان ملي سگھندا، جن تي نه فقط سِرَ جا وارنٽ ھوندا آھن، پر مٿن انعام به رکيل ھوندو آھي.“
”انھي ڪري ئي ته ھنن کي مون سان ملڻ کپي؛ آءٌ پوري ڪوشش ڪندس، جيئن ھنن تان سڀ سختيون لھي سگھن. ھنن کي خطرو ٿئي، ته ڀلي ويس بدلائي اچن ۽ مون سان رات جو ملن. منھنجو وڏو بيرو ته ھونئن ئي اوھان جي پارٽيءَ جو ماڻھو آھي، ھو ان جي معرفت مون سان ملندا رھن.“
”سائين، شل ڌڻي اوھان جي نيڪ ارادن ۾ برڪت وجھي، ۽ اوھان کي انھن جو اجر ڏئي؛ پر اوھين ھاڻي ايترو اڳتي پيا وڌو، جو مون ڊپ آھي ته وڏيرا ڪٿي مورڳو اوھان کي ئي نه ھائيءَ ۾ ھڻائي ڇڏين.“
ھڪ وڏو ٽھڪ ڏيئي ڪليڪٽر چيو، ”آءٌ سڀ ڪجھ ڄاڻان ٿو پٽ؛ مگر مون کي انگريزي نظام جون ڪي اھڙيون ڳالھيون به معلوم آھن، جن جو توکي جُز به معلوم ناھي. آءٌ آءِ سي ايس آھيان ۽ آءِ سي ايس آفيسر انگريزي حڪومت جا اھڙا ٿنڀا آھن، جن تي انگريز ڪَک به سھي نه سگھندو آھي. ھو ڪھڙا به کڻي انڌير مچائيندا آھن، ته به ھنن جي وڌ ۾ وڌ سزا آھي بدلي. ڪجھ ورھيه اڳ ھڪڙي انگريز ڪليڪٽر امرتسر جي جليانوالا باغ ۾ ھزارين بي گناھ انسان مارائي ڇڏيا، سڄو ملڪ اُنھن جي خلاف ڀڙڪي اٿيو، ته به ان کي اھا سزا ملي، جو اول پوري پگھار سان موڪل ۽ پوءِ سندس درجو وڌائي ٻئي ھنڌ موڪليو ويو.
جڏھين ھو پنھنجن بي انداز ظالم ۽ بدڪار آفيسرن تي ئي ايڏا ھٿ رکن، ته پوءِ آءٌ جو نيڪيءَ خاطر ڪوششون وٺندس، تنھن کي ھو ڇا ڪندا؟“
”نيڪي ئي ته سائين اڄ ڪلھ سڀ کان بري چيز آھي نه؟“
”ٺيڪ آھي، مون کي معلوم آھي ته خود اھي اڄوڪا وڏيرا ۽ سندن وارث مون تي ڪھڙي باھ ٻاريندا، ۽ ٻيا سڀ ظالم ڪيئن وڏيرن ۽ ميمبرن وٽ وڃي پھچندا، پر شاعر جي قول وانگر:
جنھن دل پُر ڪر پيتو جام،
سا دل مستو مست مُدام!
مون جنھن جام مان پيتو آھي، ان جو خُمار قيامت تائين نه لھندو. آءٌ دل ۾ پڪو ارادو ڪري چڪو آھيان ته ’پوکين تان ڪي پوک، جاسين اٿيئي وٽ واريءَ ۾!‘
جيترو به وقت منھنجي ھٿ ۾ عھدو ھوندو، ھر ڪو زور انھيءَ ئي طرف لڳائيندو رھندس، ۽ (مرڪي) اھي مٿيان آفيسر ۽ ليڊر ۽ وزير ڪيئن راضي ٿيندا آھن، سو آءٌ به ڄاڻان ٿو. خود وڏن انگريزن کي ڪھڙا چڪما ڏبا آھن، سا به مونکي پوري خبر آھي. عجب ناھي، جي منھنجو درجو اڃا به وڌي. پر مون کي ھاڻي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽيءَ سان ايڏو پيار ٿي ويو آھي، جو انھيءَ جي مقابلي ۾ لاٽ صاحب ٿيڻ به پسند نه ڪندس، پر.... اھو به ٿي سگھي ٿو، ته مون کي تڪليفون اچن؛ مگر انھن تڪليفن ۾ به اھڙوئي مزو ھوندو، جھڙو اوھان جي خانه بدوشن کي انھيءَ بظاھر بدترين زندگيءَ مان مزو اچي ٿو، چڱو ھاڻي خدا حافظ!“
اڄ گامون شھر ڇڏي ٻيلي ڏانھن وڌيو، ته ھڪ سفيد پوش وڏي پَڳڙ سان، پيراھن ۽ شلوار ڍڪيل، لٺ ھٿ ۾، گڏجي ويس. ھو گامونءَ ڏي ڏسي مُرڪيو ۽ پوڙھن وانگر ڏڪندڙ آواز ۾ چوڻ لڳو، ”اوھو! ميان گامڻ خان! ھاڻي ته وڏي تيزيءَ سان منزلون طئي ڪندو پيو وڃين!“
گامونءَ ھن ڏي ڏٺو، پوڙھي جي اکين جي چمڪ ھن کي حيران ڪري رھي ھئي، ھن ڏانھنس غور سان ڏٺو، ”تون ڪير آھين پوڙھا؟“
”تون نه سڃاڻندين ته ڇا ٿي پيو، مون کي ته چڱيءَ طرح خبر آھي ته ٻه وڏيرا ٻَڌائي پيو اچين!“
گامونءَ وڌيڪ حيرانيءَ سان ڏانھنس ڏٺو..... پوڙھي مُرڪي چيو، ”۽ مون کي اھا به خبر آھي ته تون مشھور ڌاڙيل ڪرم چانگ ڏي پيو وڃين، جنھن کي اوھين ’سردار‘ ’سردار‘ سڏيندا آھيو، پر سندس گرفتاريءَ لاءِ ڏھ ھزار انعام رکيل آھي.“
”آخر تون آھين ڪير؟“
”آءٌ؟“ ٽھڪ ڏيئي پوڙھي چيو، ”آءٌ توتي سي آءِ ڊي آھيان؛ ڇوته تون ھاڻي فتحن جي نشي ۾ اھڙو مخمور آھين، جو سي آءِ ڊي جي نظرداريءَ کان بي ڊپو پيو رھين.“
ھاڻي گامون به ٽھڪ ڏيئي چيو، ”دل پيئي چوي ته اھا اڇي ڏاڙھي پٽي تري ڪري ڇڏيانءِ!“
”ڇو ميان“ بزرگ ٽھڪ ڏيئي چيو، ”مون تنھنجو ڪھڙو گناھ ڪيو؟“
”تو اھو گناھ ڪيو، جو مون کي حاجي صاحب جي ڏاڙھي پٽڻ کان روڪي ڇڏيئه!“
”ميان! ڏاھا ته چوندا آھن ته ’مارئي‘ کان پڏايو چڱو آھي، پر اسين جيڪڏھن اول ’پڏائي‘ کان وڌي ’جھڪائي‘ تي قصو پھچايون، ۽ پوءِ ’جھڪائي‘ کي ڦيرائي ’يار بڻائي‘ ڇڏيون، ته ڪيڏو نه عظيم ڪم آھي!“
”پر سردار“ گامونءَ حيرانيءَ مان چيو، ”اڄ اوھين ٻاھر ڪيئن پيا گھمو؟“
”ھاڻي سردار ٻردار جا اکر ڇڏي ڏي.“ بزرگ مُرڪي چيو، ”ھاڻي تون ايڏي ترقي ڪري چڪو آھين، جو مورڳو ڪنھن مھل توکي ئي ’حضور‘ چوڻو پوندو. (سنجيدہ ٿي) ڀائو گامون، اڄ آستانو به بدلائڻو ھو، جو چغلن جو خطرو آھي. پر.... (مرڪي) پر.... ٻي خوشيءَ جي ڳالھ اھا آھي، ته تنھنجي يار ڪليڪٽر جي ڪوششن سان مون تان سڀ ڪيس واپس ورتا ويا آھن. ھاڻي وڃان ٿو ايس پي کي مِلي، اھن کي يار بڻائڻ (کِلي) ھاڻي ضلعي ۾ رڳو اھو وڃي بچيو آھي ۽ ملڻ لاءِ به ڏاڍو مشتاق آھي.“
”پوءِ ڪٿي ملندينس؟“
”ڏاڍو سٺو ٿيو ڀائو..... پر مون لاءِ ڪھڙو حڪم آھي؟“
”حڪمن کان ته تون مٿي ٿي وئين، باقي مشورو اھو آھي ته ھاڻي کليو کلايو حاجي صاحب جو وڏو ھاري بڻجي وڃي رھ، ۽ (کلي آھسته) ۽ ايندن ويندن جي پناھ گاھ! (ٽھڪ ڏيئي) آءٌ به ھاڻي ’رئيس ڪرم علي چانگ‘ زميندار سنجھورو آھيان، جنھن جو اوتارو پيو ھلي!“
”انھيءَ اوتار ۾ به رڳو ڀَڳل ٽڪندا رئيس؟“
”نه نه، رڳا ڀَڳل نه“ (مرڪي) ”بلڪ اھو اوتارو ’پبلڪ پڪار مرڪز‘ جو ڪم به ڏيندو ۽ سڀني ٻيلن، جبلن ۽ ڀِٽن وارن سان رابطو به رکندو.“
”ڏاڍو سٺو استاد، ڀلا ھاڻي خدا حافظ!“
”چڱو خدا حافظ، سدائين گڏ!“
اڄ 26 رجب جي آھي، ۽ ديھ ڪنگريءَ جي ”ڳوٺ پير پاڳارہ“ ۾ ماڻھن جي ايڏي ته پِيھ آھي، جنھن جي ڪا حد حساب ناھي. بلا مبالغه ٻه- ٽي لک ماڻھو ھوندا، جي 27 رجب صبح جو پنھنجي مرشد جو ديدار ڪرڻ آيا آھن. ھي سڀ پير صاحب پاڳارہ جا مُريد آھن، ۽ سڄيءَ سنڌ، بھاولپور، بلوچستان، جيسلمير، جوڌپور، ڪڇ، ڪاٺياواڙ مان آيل آھن. جيڪي سڀ کان اول آيا، تن کي مسافرخاني ۾ جاءِ ملي، انھن کان پوءِ ايندڙن کي مسجد ۾، ٽين دَس کي مسجد ۽ مسافرخاني جي صحن ۾ ۽ چوٿين دَس کي وري ٻاھر کڙيل اڻ کڙيل زمين ۾!
انھن سڀني ھنڌن تي ماڻھو ماڻھن ۾ ائين سٿيا پيا آھن، جو بلا مبالغه عورت جيڪڏھن ھڪڙو پاسو ورائي ٿي ته پنھنجي مرد کي سامھين، ۽ ٻيو پاسو ورائي ٿي، ته ڪنھن اھڙي مرد کي ڏسي ٿي، جنھن کي ھوءَ بلڪل ڪانه ٿي سڃاڻي؛ پر انھن مان ڪنھن کي به نه پنھنجو جسم ياد آھي، نه پرائو. ھنن جي دل ۽ دماغ تي سجاڳيءَ خواہ ننڊ ۾ صرف اھي خيال، فڪر ۽ سوچون ڇانيل آھن، ته مرشد جي ديدار وقت ويجھي ۾ ويجھو ڪيئن ھجان!
پير صاحب جو ديدار 27 رجب صبح جو 8 وڳي ٿيڻو ھو، پر رات جي ٽئين وڳي کان ئي مشتاقان ديدار ويجھي ۾ ويجھو بيھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ھن ڪوشش ۾ اڪثر زالون پنھنجا ننڍڙا ٻار مسجد، ۽ مسافرخاني ۾ ڇڏي ائين بيھي رھيون، جو ڄڻ ته اھي ٻار سندن ھئا ئي ڪونه! ۽ وري سندن سمورو ڌيان مرشد جي زيارت واريءَ ڳڙکيءَ ڏي اھڙي طرح کُتل ھو، جو کين خود پنھنجي جسم جو به ذرو خيال ڪونه ھو، جو سندن چئني طرفن کان نا محرم ماڻھو بلڪل جڙيل ھئا، پر خود انھن نا محرمن کي به ان مھل اھو تصور نه ھو، ته اسان جي بُت سان ڪنھن جوان نازنين جو بُت لڳي رھيو آھي! مطلب ته ڪنھن کي به پنھنجو جسم ذري برابر به ياد نه ھو!
جيئن جيئن ڳڙکي کُلڻ جو وقت ويجھو پئي آيو، مشتاقن جون دليون وڌيڪ ڌڙڪي رھيون ھيون. ٺيڪ اٺين وڳي نقيب آواز ڏنو ’ھوشيار!‘ سڀ مشتاق ايڏيءَ ته خاموشيءَ سان کڙڪيءَ ڏي ڏسڻ لڳا، جو سچ پچ ته ھيڏي ساري مجمع ۾ ڪو ڀڻڪو ٿئي ھا ته به سڀ ٻڌن ھا.
ھاڻي دري کُلي ۽ ھڪ با رعب، وجيھ، خوبصورت چھرو، جنھن جي سِر تي سونو تاج ھو، سو ڏسڻ ۾ آيو ۽ ”ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ“ ”ڀيڄ مرشد ڀيڄ“ جو شور پئجي ويو. مَردن خواہ زالن وٽ نقدي، زيور ۽ ٻيو جيڪو به تحفو ھو، سو بي تحاشا دريءَ ڏي اڇلڻ لڳا، انھن پئسن، زيورن، نوٽن ۽ ٻين شين سان اھو سڄو پٽ ڇانئجي ويو. جنھن جي اڳيان ڪامي بيٺا ھئا ۽ ان کان اڳتي وڌڻ جي ڪنھن کي اجازت ڪانه ھئي.
اھو ديدار عام طرح پندرھن منٽ ھلندو آھي، پر اڄ ويھ منٽ ھليو ۽ دريءَ مان آواز آيو:
”مُريدؤ! معتقدؤ! دوستؤ!!“
پير صاحب ان طرح زيارت وقت ڪڏھين به آواز ڪونه ڪندا ھئا، پر اڄ جو خلاف توقع اھو رعب ۽ محبت سان ڀرپور آواز آيو، ته سڀ نھايت خاموشيءَ سان اھو ٻڌڻ لڳا:
”اڄ اسين ڪو تمام ضروري اعلان ڪرڻ وارا آھيون، اھو توجھ سان ٻُڌو!“
ھاڻي خاموشي اڳئين کان به وڌي ويئي، آواز آيو:
”اسين اوھان مان اھي شخص طلب ڪريون ٿا، جي پنھنجو سِر اسان لاءِ وقف ڪن، ۽ جنھن به مھل اسين آواز ڏيون، ھو يڪدم اھو پنھنجي ھٿن سان لاھي کڻي اسان اڳيان رکن. اسين اھو سِر زوريءَ نٿا گھرون، مرشدي رعب سان نٿا گھرون، پر ھڪ يار، ھڪ دوست، بلڪ ھڪ ٻيجل وانگر طلب ڪريون ٿا، جيڪي به اوھان مان راءِ ڏياچ بڻجي، اھو سِر پنھنجي ھٿن سان ڪپي ٿالھ ۾ رکي اسان کي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندا؛ تن کي اسين ’غازي‘ سڏينداسون. انھن ’غازين‘ کي پنھنجو مال، اولاد، لاڳاپا، ڪاروبار، تمنائون سڀ انھي طرح ترڪ ڪرڻا پوندا، جو اشاري تي سر ڪپڻ ۾ ڪابه دير نه ڪن.“
”غازي بڻجڻ لاءِ نڪو مريد جو شرط آھي، نڪو قوم جو؛ نڪو ھندوءَ جو؛ نڪي مسلمان جو، نه عورتن جو، نه مَردن جو- صرف عاقل بالغ ھجڻ جو شرط آھي.“
”غازي بڻجڻ واري کي حضرت طارق عليه الرحمته وانگر ائين ٻيڙا ساڙي اچڻو آھي، جو پوئتي موٽڻ لاءِ ڪابه واھ بچيل نه ھجي.“
”اسان ڪنھن کي به اٻھري ٿيڻ جو حُڪم نٿا ڏيون، بلڪ پورا چاليھ ڏينھن سوچ ويچار لاءِ ڏيون ٿا، اسين انشاءَالله تعاليٰ 7 شوال تي پنھنجي سانگھڙ جي ڀر واري ويھ گڙنگ جي بنگلي تي منزل انداز ٿينداسون. جنھن کي به غازي بنجڻو ھجي سو اتي اچي نالو لکائي!“
”وري به ياد رکجو، ڪنھن تي به زور جبر ناھي، ڪنھن تي ميار ناھي. جيڪو به غازي نه بڻبو، ان جي مان مرتبي، عزت ۽ پيار ۾ ڪا ڪمي ڪانه ٿيندي، نڪو ان جي صداقت تي ڪو حرف ايندو.“
”ھاڻي الوداع، خدا تعاليٰ شل ھميشہ اوھان سان حامي ھجي!“
آواز خاموش ٿيو ۽ ’ڀيڄ پاڳارا‘ جا نعرا بلند ٿيا، مگر انھن سان گڏ اوچتو عورتن جا آواز به آيا ’او اسان جا ڪلھڙا ٿا ڪيھون ڪن‘ ’او اسان جا ٻارڙا ٿا رڙن‘ ’اسان کي واٽ ڏيو‘ ’اسان کي انھن وٽ وڃڻ ڏيو‘. پر ھن ھجوم وٽان واٽ ڪيئن ملي، ماڻھو سڀ اڃا به انھيءَ نُوراني صورت ۾ نظر ڄمائي بيٺا ھئا.
اھي عورتون جي ڪلھڙن ۽ ٻارڙن ڏي واٽ گھري رھيون ھيون، سي ڪي پري ڪين ھئا، صرف 20- 30 فوٽن جي ايتري مفاصلي تي ھئا، جو انھن جي روئڻ جا آواز صاف ٻُڌجي رھيا ھئا؛ ھو اھي رڙيون ته پنجن ڪلاڪن کان ڪري رھيا ھئا، پر سندن مائرون جي پنھنجي بي مثال محبوب جي ديدار لاءِ ديوانيون ھيون، تن کي ھيترو وقت اھي آواز بلڪل ٻڌڻ ۾ نٿي آيا؛ مگر ھاڻي ھو جڏھن انھي نوبت کان نڪتيون، تڏھين ڪلھڙن جون ڪيھون ۽ جگر جي ٽُڪرن جون دانھون به ڪَنن تي پين!
ھيءُ رڙيون سندن ٻاجھاري اڳواڻ جي ڪَنن تي به پھتيون؛ ھينئر اھو ته شمع جي وس کان به ٻاھر ھو ته پتنگن کي پري ڪري سگھن، ان ڪري حڪم ڏنو ويو ته باغ جو دروازو کوليو، مستوراتن کي حڪم ڏيو ته باغ مان چڪر ڪاٽي اچي مسجد ۽ اوطاق ۾ پھچن، يعني 20 فوٽن جي مفاصلي تي پھچڻ لاءِ ٻن ميلن جو چڪر ڏين.... پر ٻيو ڪوبه چارو ڪونه ھو!
شھر سانگھڙ کان ٿورڙي مفاصلي تي ديھ ’گڙنگ‘ شروع ٿئي ٿي. انھيءَ ۾ پير صاحب پاڳاري جي زمينداري آھي، ۽ موجودہ پير صاحب انھي ۾ پنھنجو بنگلو ٺھرايو آھي، جنھن کي ’گڙنگ وارو بنگلو‘ يا ’گڙنگ‘ سڏجي ٿو؛ جيئن ته مُريدن جو تمام وڏو حصو انھيءَ جي آس پاس رھي ٿو، ان ڪري اتي مرڪز ٿيڻ لازمي ھو.
مٿئين اعلان بعد ٺيڪ چاليھن ڏينھن بعد پير صاحب جن اتي اچي منزل افروز ٿيا. ھن مرڪز تي جيئن ته ڳڙکي ڪانه ھوندي ھئي، پاڻ ٿَلھي تي ديدار ڪرائيندا ھئا، ان ڪري مريدن جو ھجوم ھميشہ موجب اتي ڪافي ھو.
دستور موجب صبح جي زيارت بعد اعلان ٿيو، ته ”زيارت ختم، ھاڻي ’غازي‘ پيش ٿين.“
ھاڻي ڪامي ماڻھن کي اٿارڻ لڳا، پر ماڻھو اٿڻ جي نه پيا ڪن؛ اعلان ٿيو، ته ”جيڪي غازين ۽ سرفروشن جو مشاھدو ڪرڻ گھرن، سي ڀَل وھن.“
ڪوبه ڪونه اٿيو، ڀلا اھڙن پتنگن، اھڙن شيرن کي ڏسڻ ڪير نه چاھيندو.
ھن مجمع ۾ رڳو مريد نه ھئا، بلڪ نا مريد، تماشبين ۽ انگريزي سي- آءِ- ڊي جا بھادر به ھئا. ڪنھن کي به روڪ ڪانه ھئي، ڀل ته سڀڪو ڏسي ته پتنگ به ڪي ملڪ ۾ آھن، يا جيتن جو ھجوم آھي:
اوچتو مولودن جي سر ۾ آواز آيو:
سورھيه سر جو سانگو لاھي،
آيا مرد ميدان تي ڪاھي،
سِر ڏنوسين مرشد کي،
پوءِ عيد اسان لاءِ آھي!
ھيءُ مولود جيڪا ٽولي ڳائي رھي ھئي، ان ۾ سڀ مرد ھئا، جن مان ھڪڙو منڊڪائيندو به پئي آيو؛ مرشد سڳوري وٽ پيش ٿي جڏھين سڀ گوڏا جھڪائي ھڪ ھٿ کي ڪنڌ تي ڪاتيءَ وانگر ڪري ويٺا، تڏھين پير صاحب سڳوري انھيءَ منڊڪائيندڙ ڏي نھاري چيو:
”سِر ڏيڻ جو ھوڪو آھي حضور!.... ڀڄڻ جو پروگرام ڪونھي، جنھن ۾ مَنڊا مُنجھي پوندا!“
مرشد فرط مسرت مان اٿيو ۽ انھيءَ کي بي اختيار اچي ڀاڪر پاتائين!
پوءِ نالا پڪاريا ويا، پھريون نالو..... شھزادو وريام ولد بچو بادشاھ!
والد ماجد شھيد ٿيو، پاڻ ورھين جا ورھيه قيد، بند، مارون ۽ سزائون ڏٺائين، عزيز قريب سڀ انھيءَ آزمائش جو شڪار، ڪيترن پيارن جي جدائيءَ جا ڦٽ، مگر انھي کي ٺاھي سينگاري موڪليندڙ ڪير....؟ نوي ورھين جي راڻي سادان! جنھن ھڪ وار وري به بيبي اسماءِ بنت ابوبڪر رضه جو نظارو نروار ڪيو ۽ حضرت عبدالله بن زبير وانگر پياري پُٽ کي به شھادت لاءِ سنڀرائي موڪليو ۽ اڄ عورتن جي مجمعي ۾ ٻَھڪي رھي ھئي!
انھن سابقين الاولين مان ڪي ھيءُ آھن:
1. وريام خاصخيلي
2. متو خاصخيلي
3. حاجي خاصخيلي
4. الھ بچايو خاصخيلي
5. يوسف سنجراڻي (منڊو)
6. امام بخش سنجراڻي
7. خان محمد سنجراڻي
8. ولي محمد سنجراڻي
9. الھ بچايو سنجراڻي
10. صوبدار سنجراڻي
11. سونو سنجراڻي
12. محمد يوسف مھر
13. محبت بھڻ
14. مبارڪ ڪوري
15. ميرو نظاماڻي
16. ھوت نظاماڻي
17. مريد مري مھڪاڻي
18. راڻو مري مھڪاڻي
19. پنھون مري مھڪاڻي
20. بخش موچي
21. حاجي چانگ
22. ڪرم علي چانگ
23. ملوڪ خاصخيلي
24. جيئندو
25. علي شير خاصخيلي
26. مٺو خاصخيلي
27. شيخو راڄڙ
28. محرم ڏاھري
29. عبدالله راڄڙ
30. سھراب راڄڙ
31. دودو ڪوري
32. عثمان ھنڱورو
33. گلو وساڻ
34. جڙيو خاصخيلي
35. ابل ماڻڪاڻي
36. عمر ورياھ
37. ڦوٽو چانگ
38. ھمير ماڇي
39. چاچڙ ٽانوري
40. ميرو نظاماڻي
41. رحيم ھنڱورو
42. غلام علي چانگ
43. مصري چانگ
44. وير جي ٺڪر
45. عبدالحئي جوڻيجو
۽ پوءِ ٻيا به ڪافي ايندا رھيا.
اڄ عشا ۽ ذڪر بعد صرف غازين کي سڏ ھو، پر ٻين ٻڌندڙن کي به منع ڪانه ھئي.
”غازيو! سرفروشو!“
پير صاحب بلند آواز ۾ چيو، ”اوھان تي صد رحمتون ھجن، جو اوھان بنا ڪنھن پروگرام پڇڻ جي پنھنجا سِر پيش ڪيا، ھاڻي اوھان کي کولي ٻڌائجي ٿو ته اھو سرفروشيءَ جو سڏ ڇالاءِ آھي!“
”عزيزو! منھنجا رفيقو!
انسان آزاد پيدا ٿيو آھي..... ۽ آزاديءَ سان رھڻ ھن جي جنم جو حق آھي..... اھو حق ھن جي فطرت سان ائين ئي گڏيل آھي، جيئن رَڳن ۾ رت، ڦڦڙن ۾ ساھ ۽ دماغ ۾ ھوش!
اھو حق، ھن کان جيڪو به کسي ٿو، سو کيس مارڻ کان به وڏو ظلم ڪري ٿو، ۽ انھيءَ ظالم کي نگھوسار ڪرڻ ھر ھڪ آزاد فطرت انسان جو پھريون فرض آھي.... جيڪو به شخص انھي فرض کي نٿو سڃاڻي، انھي فرض جي ادائگيءَ واسطي جدوجھد نٿو ڪري؛ سو زندھ ناھي، بلڪ ھڪ لاش آھي؛ پر سچ پچ ته لاش کان به بدتر آھي، ڇوته لاشن جي بدبوءِ کي ڦھلڻ کان روڪڻ لاءِ ته ھن کي پوربو، ساڙبو، يا ٻوڙبو آھي؛ پر ھيءُ بدُو ته پنھنجي بدبوءِ ھر ھنڌ ڦھلائيندو رھي ٿو ۽ ٻين کي غلاميءَ جي سِلھ ۾ گرفتار ڪندو رھي ٿو.“
”عزيزو! اسان جو پيارو وطن قطعاً آزاد ھو، ھو پنھنجي ڇيڙي نبيري پاڻ ڪندو ھو، پنھنجي اندرين ٻاھرين وھنوارن ۾ آزاد ھو، ته اوچتو سَتن سمنڊن کان پريان، ھڪڙا اھي شخص، جن کي پنھنجن ملڪن ۾ ’غنڊا‘ سڏيو ويندو ھو، سي سامونڊي سُورمن جو روپ وٺي جيئن سڄيءَ دنيا ۾ ڦھليا، تيئن اسان جي مُلڪ ۾ به آيا، ھنن جو قومون ڌار ڌار ھيون؛ سندن نالا پوچوگيز، فرينچ، ڊچ ۽ ٻيا ھئا، پر ڌنڌو سڀني جو ساڳيو ھو، يعني.... غلام سازي!
پوءِ اھي غلام ساز پاڻ پاڻ ۾ به وڙھندا جھڙندا رھيا، آخرڪار منجھانئن ھڪ قوم وڃي رھي، جن کي ”انگريز“ سڏيو وڃي ٿو.
ھيءُ طرح طرح جي فريبن سان اسان جي ھن ننڍي کنڊ ’ھندوستان‘ جي ڌار ڌار ملڪن جي بادشاھن کي اول دوست بڻائي، پوءِ پاڻ ۾ ڦوٽ وجھائي کين زيردست بڻائيندا ويا.
اسان جو مُلڪ ’سنڌ‘ به ھميشه کان آزاد مُلڪ ھو،. ھن انھي تي اول سِکن کان قبضو ڪرائڻ ٿي گھريو، پر اسان جا شيردل ساٿي مجاھد اعظم سيد احمد شھيد رحه ۽ مولانا اسماعيل رحه جي سرڪردگيءَ ھيٺ انھن کي اڳواٽ ئي روڪي سندن ستياناس ڪري آيا، جنھن ڪري اسان جو ملڪ انھن وحشين ظالمن جي وڪڙ کان بچي ويو.
پر..... چالاڪ انگريزن، ھتي جي حاڪمن.... مير صاحبن کي ڦوٽ ۾ مبتلا ڪري، خيرپور جي ميرن کي وطن فروشيءَ تي تي تيار ڪري ڇڏيو، جن وٽن پنھنجو وطن وڪڻي ڇڏيو، مگر اوھان کي معلوم آھي ته اسان جي وڏن اھو وڪرو ڪڏھين به تسليم نه ڪيو ۽ اھو ھڪ عجب تماشو آھي جو عين انھي رياست خيرپور اندر اسان جو ديھ ڪنگريءَ جو ٽڪرو انھن وطن فروشن جي تسلط کان ھميشه آزاد رھيو آھي، جو ڏسي ڏسندڙ ڏندين آڱريون ڏين ٿا. انھي بعد .... اسان جي بھادر بادشاھن ٽالپرن، سان ھنن بلڪل ڌوڪيبازيءَ ۽ فريب سان اوچتي جنگ ڪئي، جنھن ۾ اگرچه اسان جا سنڌي شير، جن ۾ اسان جا مريد به ڪافي ھئا، خوب وڙھيا، ھنن سِر ڏنو.... پر پنھنجي خوشي سان سنڌ ڪانه ڏني. ان طرح انگريزن جي زبردست طاقت ھن ملڪ تي قبضو ڄمايو، پر وقت به وقت اسان جا سنڌي شير انھي فرنگي غلاميءَ مان نڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻندا رھيا آھن ۽ شاھ صاحب جي ھن قول جا مصداق رھيا آھن ته:
پاڻ ئي ايندو ھوت، پر ڪي تون به ٿج اڳڀري،
متان چوي بلوچ، ته ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو!
اڄ ..... الحمدالله..... اڄ اھو وقت قريب اچي ويو آھي جو اسين ..... اسان کي غلام بڻائيندڙ انگريزن جي حڪمرانيءَ تي ھڪ ڀرپور وار ڪريون، سندن پَير ھن سرزمين تان اکيڙي ڇڏيون، ۽ پنھنجي دل و دماغ کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪريون؛ ڇوته انگريز به ھن وقت ٻيءَ عظيم عالمگير جنگ ۾ غلطان آھي، ان ڪري ھندوستان جي سڀني ملڪن، ۽ دنيا جي ٻين سڀني ملڪن ۾ به آزاديءَ جي لھر ڊوڙي ويئي آھي.
انھي موقعي تي مان به چاھيان ٿو ته سنڌ به پاڻ ملھائي، ۽ سندس غلاميءَ جون زنجيرون ڪَٽڻ لاءِ ڪي سرفروش سورھيه وڌي اڳتي اچن..... انھن ئي سروفروشن جو نالو اسان ’غازي‘ رکيو آھي، ۽ انھن جو اھوئي فرض ٿيندو، ته جڏھين به کين وطن جي آزاديءَ لاءِ وطن جي آزاديءَ لاءِ سڏ ٿئي، تڏھن ھڪدم اھو نعرو لڳائي اچي حاضر ٿين ته:
”وطن“..... يا ..... ”ڪَفن“
مگر انھي جي معنيٰ اھا ڪانھي، ته اسين ڪو کين ھڪدم انگريزن سان ڳل پوڻ جو حڪم ٿا ڏيون، بلڪ اھو وطن جي آزاديءَ جو جھاد اسين مناسب موقعي تي، مناسب طور سان شروع ڪنداسون.
تيستائين ھر ھڪ غازيءَ لاءِ مناسب آھي، ته ھو ھر طرح جو جنگي فَن وڃي سِکي، روزانو پريڊ ڪرڻ لازمي سمجھي ۽ پڻ تلوار، بندوق، پستول، مشين گن، دستي بم ۽ ٻيا سڀ موجودہ ھٿيار ھلائڻ سکي، ۽ جيڪي غازي نه آھن، تن کي به سيکاري؛ ڇو ته اھو به امڪان آھي ته انگريزن کي جرمنيءَ جي لڙائيءَ ۾ اھڙي شڪست اچي، جو ھو ھن ملڪ جو انتظام سنڀالي نه سگھن، غنڊا گردي ۽ افراتفريءَ جو دور اچي وڃي، ته اھڙي وقت ۾ ھر ڪنھن شخص کي پنھنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو، تڏھين اھا تعليم ۽ تربيت کين لاءِ نھايت ڪارآمد ٿيندي.
اسين عورتن کي به اھو حُڪم ٿا ڪريون، ته ھو عاج جون چوڙيون ڀڃي ڇڏين، اھي ڪنھن به صورت موجودہ زماني لاءِ موزون ناھن؛ بلڪ ھو به مَردن وانگر ساڳيءَ طرح جنگي فن جي تربيت حاصل ڪن، ته وقت سر پنھنجو بچاءُ پاڻ ڪري سگھن.“
جيئن ئي پير صاحب جن جي تقرير پوري ٿي، ھڪ نوجوان وڌي اڳتي آيو ۽ چيائين “حضور! منھنجو نالو به غازين جي لسٽ ۾ لکيو وڃي.“
پاڻ پڇيائون، ”فقير! نالو ڇا اٿيئي؟“
نوجوان جواب ڏنو، ”حضور آءٌ مريد ڪونه آھيان، ان ڪري فقير جو لقب مون لاءِ نٿو سونھي.“
پاڻ کِلي چيائون، ”الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ’والله الغني وانتم الفقراءِ‘ يعني غني يا بيپرواھ ته ھڪ الله تعاليٰ آھي، باقي اوھين سڀ فقير يعني ان جا محتاج آھيو، انھي حساب سان اسين سڀ فقير آھيون ۽ توکي فقير سڏائڻ ۾ اھم نه ھئڻ گھرجي. ھان، تون مريد نه ھوندي به ڇو ٿو ’غازي‘ بڻجين؟“
”حضور، ھڪ ته انھي ڪري، جو خود اوھان به انھي لاءِ مريد ھجڻ جو شرط نه رکيو آھي؛ ٻيو ته منھنجو رھبر ميان ڪرم علي چانگ به غازي بڻيو آھي، جيڪو رستو انھيءَ جو آھي، سو منھنجو آھي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ صحيح زندگي گذارڻ جو طريقو مون کي ھن ئي سيکاريو آھي. ٽيون ته آءٌ ھن انگريزي نظام ۽ انگريزي غلاميءَ مان سخت بيزار آھيان، ان ڪري وطن جي آزاديءَ خاطر پنھنجو سِر پيش ڪرڻ گھران ٿو. منھنجو نالو ’گامون‘ آھي ۽ آءٌ ’وساڻ‘ آھيان.“
پير صاحب جن مُرڪي چيو: ”اسين اھو قبول ڪريون ٿا، اسين تنھنجي صاف گوئيءَ مان نھايت خوش آھيون.“
اتي ھڪ واڻيو اڳڀرو وڌي گوڏو جھڪائي چوڻ لڳو، قبلا! ھن يُڌ ۾ ھيءُ واڻڪو سِر به قبول پوي.“
حاضرينن کي ٿوري کِل آئي، پير صاحب به مُرڪي چيو، ”ڀائي، توکي ڪنھن تيار ڪيو؟“
ڀائيءَ گامونءَ ڏي اشارو ڪري چيو، ’منھنجو رھبر ھيءُ نوجوان آھي، مون کي مرڻ ۽ جيئڻ سڀ ھن سيکاريو آھي. منھنجو نالو سڳنو مل آھي، آءٌ ٽنڊي آدم جو ويٺل آھيان، ايشور مون کي سڀ ڪجھ ڏنو آھي، کير پُٽ، مال رزق، عزت آبرو، سڀ اٿم، دنيا ۾ ڪابه تمنا باقي رھيل نه آھي، (کِلي) لٿي پٿي ڪا اوڌر سوڌر رھيل ھئي، ته اھا به ھنن اوھان جي فقيرن پائي پائي وصول ڪرائي ڏني، ان ڪري ڪابه ڳڻتي رھيل ڪانه آھي. چاھيان ٿو ته ديش جي سنتنترتا لاءِ سِر ڏيئي سجايو ٿيان. واڻڪي مِٽي ڏسي سڀ پيا کِلن؛ پر سائين، من ھنن گاجين جي ٽھل ٽڪور چاڪري نوڪري ڪري سجايو ٿيان.“
پير صاحب جن ڏاڍو خوش ٿي سندس ھٿ ھٿ ۾ وٺي چيو، ”صد رحمتون ھجنئي؛ اسان تنھنجو سِر قبول ڪيو؛ اسان جي دعا آھي ته تو ۽ تنھنجي پوين کي ھميشہ ماڻھو ’مٿير‘ سڏيندا. اوھان مان ڪوبه ڪڏھين به ’ڪانئر‘ ٿي نه مرندو!“
ھن کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي فقير غازي بڻجڻ آيا، پاڻ فارغ ٿيڻ بعد وري فرمايائون:
”غازي ڀائرو! ياد رکجو، ته ’غلام‘ بڻجي جيئڻ کان ’لاشو‘ بڻجڻ ھزار بار بھتر آھي! مرد سڄيءَ عمر ۾ ھڪ دفعو مرندو آھي، ۽ گانڊو ڏينھن ۾ ڏھ دفعا پيو مرندو آھي!“
غازي تحريڪ جو اوچتو اجراء ھڪ حيرت انگيز ڳالھ ھئي، سڀ کان اول ته ھڪ وڏو سي آءِ ڊي آفيسر پير صاحب سان ملڻ آيو، پير صاحب جن کيس باريابي ڏني، ھن ادب سان پڇيو ته، ”حضرتا! ڇا اھا رپورٽ سچي آھي ته اوھان وطن جي آزاديءَ لاءِ غازي تحريڪ شروع ڪئي آھي؟“
پاڻ مُرڪي چيائون، ”اھا ڪا لڪل ڇُپيل ڳالھ ته ڪانه آھي.“
ھن پڇيو، ”پروگرام ڪھڙو اٿوَ؟“
پاڻ سنجيدگيءَ سان جواب ڏنائون، ”في الحال ته آزاديءَ جا پروانا تيار ڪرڻ، پوءِ جھڙو وقت آيو اھڙو رخ وٺبو.“
”ڇا اوھان جو ڪامورن کي مارائڻ جو پروگرم به آھي؟“
”اڃا تائين ته ڪونھي، پر اسين اھنسا جون ٻڪريون ٿيڻ ڪڏھين به قبول نه ڪنداسون، جيڪو خواہ مخواہ اسان جي ڇيڙ ڇاڙ ڪندو ان کي اسين به اوتري سزا ضرور ڏينداسون.“
”۽ ڪو ڇيڙ نه ڪندو ته؟“
”ته اسين به امن ۾ خال وجھڻ جا خواھان نه آھيون، ھينئر فقط سرفروش تيار ڪري رھيا آھيون، پوءِ به جيڪو پروگرام ھوندو سو کليل ھوندو، لِڪ لڪوٽي نڪا اسان جي وڏن ڪئي، نڪا اسين ڪنداسون.“
آفيسر ھڪ وڏو ساھ کڻي چيو، ”چئبو ته اوھان جو نمونو ساڳيو ”راشٽريه سيوڪ دل“ وارو آھي؟“
”اسين ڪنھن جا پيروڪار نه آھيون، اوھان جي پوليس سدائين اسان سان گڏ رھي ٿي، خود اسان ۾ به اوھان جا سي آءِ ڊي موجود آھن، اسان جو ڪوبه حرف لڪل ناھي، اسين جيڪي پيا ڪريون، سو ھر وقت اوھان وٽ پھچي پيو.“
آفيسر ڳنڀير ٿي چيو، ”مگر پير صاحب! سرڪار کي اوھان جو ھيءُ طريقو پسند نه ايندو.“
”اسين ڪنھن جي پسنديءَ يا نا پسنديءَ سان ٻڌل نه آھيون، جڏھن ته انگريزن کي ست سمنڊ پار ڪري اچي اسان جي ملڪ ۾ من ماني ڪرڻ جي موڪل آھي، ته پوءِ اسان کي به پنھنجي ملڪ ۾ جيئن مناسب لڳندو، تيئن ڪنداسون.“
آفيسر ھڪ شوڪارو ڀري اٿيو ۽ سلام ڪري ھليو ويو. ھن پنھنجي بالا آفيسرن کي سموري گفتگو ھن نوٽ سان لکي موڪلي ته، ”پير صاحب جي تحريڪ بيشڪ خطرناڪ آھي، پر مون کي پَڪ آھي ته پير صاحب کي جيڪڏھن رَؤ ڪري نه ڇيڙبو، ته ھو ڪابه بيقائدگي، ڪابه لاقانوني ۽ ڪوبه وِڳوڙ پيدا نه ڪندو.
منھنجي سمجھ موجب ته پير صاحب انھي ئي موقعي جي تاڙ ۾ رھندو، ته جيڪڏھن انگريزن جا پير ھتان اکڙيا، ۽ ملڪ ۾ افراتفري ٿي، ته يڪدم سنڌ تي قبضو ڪندو.
پر جيڪڏھن ائين نه ٿيو، ته پير صاحب ووٽن وسيلي قبضو ڪندو، لاقانوني ھرگز نه ڪندو.“