ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

حصو ڇهون

ھاڻي نوجوان خوبصورت ’مريم‘ پنھنجو داستان شروع ڪيو.
آءٌ ’رٺل ڀِٽ‘ جي ڀرسان ’نورل چانگ‘ نالي ننڍي ڳوٺ ۾ ڄايس. بابو سُکيو زميندار ھو. چوڏھن سالن جي عمر ۾ مون گھوڙي سواريءَ ۾ مھارت حاصل ڪئي. بندوق بازيءَ ۾ به مون کي ’صاحب نشان‘ جو لقب مليل ھو. آءٌ گھوڙي سواريءَ جي شرطن وارن مقابلن ۾ به شريڪ ٿيندي ھيس ۽ منھنجو ڪُميت گھوڙو ھميشه اول ايندو ھو.
جڏھن آءٌ سورھن ورھين جي ٿيس، تڏھن غازي تحريڪ شروع ٿي. اھا تحريڪ منھنجي دل ۾ گھر ڪري ويئي ۽ مون عزم ڪيو ته ڪنھن وڏي غازي سان شادي ڪنديس.
ھڪ ڏينھن ڳوٺ کان ويھارو ميل کن پري وڏو ميلو لڳو. اسان اُن ڳوٺ جي وڏيري جا مھمان ٿياسون. اسان جي ان سان اڳيئي واقفيت ھئي. سندس پٽ ’محب‘ تمام سھڻو ۽ سٺن اخلاقن وارو ھو. ھو به سٺو گھوڙي سوار ھو. پر مقابلي ۾ آءٌ ڪامياب رھيس. بھرڪيف اسان ٻنھي ھڪ ٻئي کي پسند ڪيو ۽ ڪجھ ڏينھن بعد اسان جو مڱڻو ٿي ويو ۽ ڪجھ ڏينھن بعد شاديءَ جون تياريون شروع ٿيون. ھڪ ڏينھن پير صاحب جي گرفتاريءَ جي خبر پئي. ماڻھو منجھي پيا ته ھاڻ خبر ناھي ڪھڙي صورتحال ٿيندي.
اسان جو ڳوٺ ته سرگرم غازين جو مرڪز ھو، پر محب علي جن ڪنھن ٻئي پير جا مريد ھئا ۽ مکيءَ کان ٻاھر پنھنجي ڳوٺ ۾ رھندا ھئا.
جلد ئي سخت بدامنيءَ جو دور اچي ويو. اسان کي پنھنجي مستقبل جي ڪابه خبر نه ھئي. بابا مون کي اھو اختيار ڏنو ته شادي ڪريان يا اُتي رھي تحريڪ ۾ ساڻس شامل رھان. مون تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
ٻئي ڏينھن امان ته منھنجي ڏاج وغيرہ لاءِ پنھنجو ننڍڙو ٻار کڻي محب عليءَ جي ڳوٺ رواني ٿي ۽ آءٌ مرداني فل ڊريس پائي غازين ۾ شامل ٿي ويس. ڪجھ ڏينھن جي ٽريننگ کان پوءِ سردار مون کي ھر لحاظ کان موزون سمجھيو ۽ منھنجو نالو ’منٺار‘ رکيائين. ٿورن ڏينھن کان پوءِ اسان کي ھڪ مھم لاءِ سڏ ٿيو. آءٌ به مرداني ڊريس پائي شامل ٿيس. اسان خبرداريءَ سان مناسب ھنڌ تي مورچه بندي ڪئي سين ۽ سردار جي اشاري تي فوجين تي اوچتي فائرنگ ڪئي سين. منجھن بدحواسي پيدا ٿي ۽ ٿوري ئي مقابلي کان پوءِ وٺي ڀڳا. ھن معرڪي ۾ فوجين جو وڏو نقصان ٿيو. اسان کي 25 رائفلون، ھزارين گوليون ۽ ٻيو سامان ھٿ آيو. اسان جو ھڪ مجاھد شھيد ٿيو.
اسان جي معرڪن جي خبر جڏھن محب کي پيئي، تڏھن ھو به اچي اسان سان شامل ٿيو ۽ اسان گڏجي معرڪن ۾ حصو وٺڻ لڳاسين.
منھنجي بھادري سبب مون کي جاسوسي کاتي ۾ شامل ڪيو ويو.

ھاڻي ساٺيڪو ورھين جي ’مائي منان خاصخيلي‘ چلم مان ڦوڪ ڀريندي پنھنجو داستان بيان ڪيو.
اسان سانگھڙ کان اوڀر طرف پندرھن ميل پري ’صاحب خان جي ڳوٺ‘ ۾ رھندا ھئاسون. بابو ھڪ غريب ھاري ھو. ڳوٺ جا سڀ رھاڪو پير صاحب جا مريد ھئا. منھنجو مڙس مارشل لا کان اڳ گذاري ويو ھو. مون کي اولاد ڪونه ھو. تنھن ڪري آءٌ سڄي ڳوٺ جي ناني ٿي پيس- ڪڏھن ھن گھر ۾ ته ڪڏھن ھُن گھر- مڙيئي پيو وقت گذرندو ھو. ننڍن ٻارن سان ڏاڍو اُنس ھئم. ھو به مون کي ’ناني‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا.
مارشل لا لڳڻ کان پوءِ اسان مکي اندر ھڪ ڳوٺ وسايو. ھتي ٻين ھنڌن جا ڏتڙيل ماڻھو به اچي گڏ ٿيا ھئا. منھنجو ٻارن ڏانھن رجحان ڏسندي، مون کي اول ته ٻارن جي نگرانيءَ جو ڪم سپرد ڪيو ويو. پر اڳتي ھلي ھڪ ٻيو اھم ڪم نڪتو. اُھو ھيءُ ته کپري شھر ۾ رھندڙ ھڪ چالاڪ، عيار زميندار، وڏو پاٿاريدار به ھو. آس پاس جي ماڻھن ۽ زميندارن تي سندس وڏو ڌاڪو ھو. سندس ٽولي ۾ ھر قسم جا سوين ماڻھو ھئا، ڪوڙا ڦڏا ۽ ڪيس ڪرائي، ڪوڙين شاھدين ذريعي ٻين جي زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ سندس وڻندڙ ڪم ھئا.
ظاھر ۾ ھو پاڻ کي پير صاحب جو مريد سڏائيندو ھو. جڏھن غازين جي تحريڪ شروع ٿي، تڏھن وڏو غازي بڻجي ويو. پر جڏھن انگريزن پنھنجي برتري ظاھر ڪئي، تڏھن سانڊي وانگر رنگ بدلائي درپردہ سندن حمايتي ٿي پيو ۽ ھر حيلي سان غازين جي پاڙ پٽڻ ۾ جنبي ويو. سندس ماڻھو غازين جي روپ ۾ حر ايراضيءَ ۾ پکڙجي ويا ۽ مٿن جاسوسي ڪرڻ لڳا.
پر سندس منافقيءَ واري پاليسي جلد ئي وائکي ٿي پيئي. انگريزن محسوس ڪيو ته ساڻس تعاون جي آڙ ۾ ھو شريف ۽ غريب ماڻھن کي ڌاڙن ۽ ٻين طريقن سان تنگ ڪري رھيو آھي. ٻئي طرف غازين کي به سندن حرڪتن جو پتو پئجي ويو.
غازين ھن بلا کي دفع ڪرڻ جو ڪم مون تي رکيو. مون کي ڪنھن نموني سان سندس گھر ۾ داخل ٿي سندس چُر پُر تي نظر رکڻي ھئي. منھنجي مدد واسطي 17-18 ورھين جو ھڪ چالاڪ ڇوڪرو به مون سان شامل ٿيو. اسان ڏتڙيل ماءُ پُٽ جي حيثيت ۾ ھٿونگي پھچي ۽ نوڪريءَ جي ڳولھا ۾ لڳي وياسون. ھٿونگي ۾ ھڪ پوڙھي عورت کي اسان تي قياس آيو. ھن پنھنجي مڙس سان ڳالھ ڪئي. وٽن ته اسان جي واسطي گنجائش ڪونه ھئي، پر سندس واقف کپري جي ھڪ وڏيري کي نوڪرياڻيءَ جي ضرورت ھئي. قدرت جا ڪم ته ڏسو، اھو وڏيرو ساڳيو ھو جنھن جي اسان کي تلاش ھئي.
خير- اسان وڃي وڏيري وٽ پھتاسون. ٿورن سوالن جوابن کان پوءِ اسان کي پاڻ وٽ رکڻ تي راضي ٿي ويو. آءٌ حويليءَ اندر ۽ ڇوڪرو ٻاھر جي ڪم ڪار تي لڳو. محنت ۽ محبت ڪري گھر جا ڀاتي اسان کي پسند ڪرڻ لڳا.
ھاڻ وڏيري ھڪ خطرناڪ ٻه طرفي چال ھلي. ھڪ طرف انگريزن کي چيائين ته کيس حُرن کان خطري جي ڪري 20-25 فوجي پنھنجي خرچ تي مھيا ڪيا وڃن. ٻئي طرف وري حُرن کي نياپو ڏنائين ته مون چالاڪي ڪري فوجي پاڻ وٽ رھايا آھن، ھاڻ وجھ وٺي مٿن حملو ڪريو ته آءٌ به اوھان جي مدد ڪندس!
غازين ڇوڪري معرفت مون کان حقيقت پڇي. مون کين ٻڌايو ته فوجين تي حملو ته بيشڪ ڪامياب ٿيندو، پر وڏيرو اوھان جي مدد ڪانه ڪندو بلڪ جيڪڏھن اوھان جي ھار ڏسندو ته ماڳھين وڃي اُنھن سان شامل ٿيندو. مون کين مشورو ڏنو ته وڏيري کان سردار جي نالي ڪنھن نموني چٺي مون تائين پھچائيندا پوءِ ڀلي فوجين تي اوچتو حملو ڪري، جيڪي ھٿ اچيوَ کڻي تڪڙا روانا ٿيندا- پوءِ ڏسجو منھنجا ڪارناما- وڏيري کي پاڻھي خبر پئجي ويندي.
وڏيري گھربل چٺي سردار کي ڏني، جا ڦري گھري اچي مون تائين پھتي. مقرر ڏينھن تي حُرن فوجين تي حملو ڪيو. وڏيرو فوجين جي مدد ڪرڻ بدران وڃي گھر ۾ لڪيو. فوجي ڪي مئا، ڪي ڀڳا، ته ڪي زخمي ٿي اُتي ئي رھجي ويا. انھن ۾ سندن اڳواڻ به ھو.
منھنجي چوڻ تي وڏيرو زخمي فوجين جي خدمت ۾ جنبي ويو. آءٌ به ساڻس شامل ھيس. مون خاص طور تي فوجين جي اڳواڻ جي ڏاڍي خدمت ڪئي. ھڪ ڏينھن موقعو وٺي وڏيري جي سردار ڏانھن لکيل چٺي سندس حوالي ڪيم. کيس شڪ ته اڳيئي ھو. ھاڻ پڪ ٿيس. ھن به وڏيري سان ساڳئي ڪار ڪئي. ھڪ پروگرام مطابق ھو مون کي ۽ ڇوڪري کي گرفتار ڪري، باکوڙي جي مرڪز ۾ وٺي ويو. اُتان خاص اختياري وٺي، وڏي اٽالي سان کپري آيو ۽ اوچتو وڏيري کي گرفتار ڪيائين. پوءِ ڪورٽ مارشل ڪري، کيس گوليءَ سان اُڏرائي ڇڏيائين. مون کي انعامن اڪرامن سان گڏ ھڪ خاص پاس به ڏنائين، جنھن ڪري آءٌ آزاديءَ سان ڪنھن به فوجي ڪئمپ ۾ اچي وڃي سگھان ٿي. اھڙيءَ طرح، ھڪ تير سان ٻه نه، پر گھڻائي شڪار ڪري وڌا ۽ سردار کان به مون کي آفرين ملي. اھا پاس مون وٽ آھي ۽ خدا گھريو ته انھيءَ جي وسيلي وڏا ڪم ڪنديس!

ھاڻي وچوليءَ عمر جي مائي ’سون ٻائي‘ پنھنجو داستان شروع ڪيو.
اسان ’بڪار‘ جي ويجھو ھڪ ڳوٺ ۾ رھندا ھئاسون. اسان وٽ ڪافي زمين ۽ ڍور ڍڳا ھئا ۽ اسان ھر طرح کان آسودا ھئاسون.
تحريڪ شروع ٿيڻ تي اسان ڳوٺ ڇڏي، ٻيلي ۾ ھڪ محفوظ ھنڌ تي پناھ ورتي. منھنجو مڙس ھڪ سچو غازي ھو. تحريڪ جي شروعاتي دور ۾ ئي ھڪ معرڪي ۾ بھادريءَ سان وڙھندي شھيد ٿي ويو. مون به باقي زندگي غازين جي قدمن ۽ تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
اسان جي مرڪز ۾ پنجاھ کن مرد ۽ 30- 35 کن عورتون ۽ ٻار ھئا. مرڪز جو منھدار محمد علي ھو. جنھن کي ’محمدو‘ به ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھو جنگي فن ۽ کوجنا جو ماھر ھو. ھن اَٺ غازي واري وٽيءَ سان جاسوسيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا ھئا، جيڪي پري پري تائين جون خبرون حاصل ڪري ايندا ھئا.
ڪن غدارن جي مھربانيءَ سان ھڪ ڏينھن فوجين اسان جي مرڪز ڏانھن رخ ڪيو. پر اسان جي خابروئن بروقت اسان کي فوجين جي پيش قدميءَ جو اطلاع ڏنو. اسان جي سردار ھڪدم غازين جا چار دستا ترتيب ڏنا. جن مرڪز کان اڳتي وڌي وڃي دشمن تي حملو ڪيو. ڪلاڪ ڏيڍ جي شديد فائرنگ کان پوءِ، فوجي وڏو نقصان کائي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيا. اسان کي مال غنيمت ۾ ڪافي ھٿيار ۽ بارود مليو.
ھڪ ڏينھن خبر ملي ته فوجين اسان تي ھوائي جھازن وسيلي بمباريءَ جو پروگرام ٺاھيو آھي. اسان جي سردار احتياط طور پناھ گاھون تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اھو ڪم چئن ڏينھن ۾ مڪمل ٿي ويو ۽ پناھ گاھن ۾ ڪافي ذخيرہ به رکيا ويا.
ھڪ ڏينھن سردار مون تي ھڪ خاص ڪم رکيو. مون کي سانگھڙ ۾ تحريڪ جي ھڪ ھمدرد زميندار کان وڏي رقم آڻڻي ھئي. منھنجي ھاڪار ڪرڻ تي مون کي حفاظت سان ٻيلي ۾ ھڪ محفوظ ھنڌ تي پھچايو ويو، جتان مون اڪيلي سر اڳتي جو سفر شروع ڪيو. رستي تي ھڪ رھزن جي ھٿان ھڪ نوجوان سنڌي ڇوڪريءَ کي آزاد ڪرايم. انھيءَ رھزن کي جھنم رسيد ڪيم ۽ ڇوڪريءَ کي سندس مرضيءَ مطابق ٽنڊي ڄام ۾ سندس مائٽن وٽ پھچايم. پوءِ سانگھر پھچي نھايت احتياط سان مطلوب وڏيري سان رابطي ۾ آيس. ھن ٻن ڏينھن کان پوءِ رقم منھنجي حوالي ڪئي ۽ مون واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو. ٻيلي ۾ ڏٺم ته ٻه فوجي ھڪ سنڌي ڳوٺاڻي کي قابو ڪيو بيٺا آھن ۽ کانئس 1500 رپيا ڦرڻ کان پوءِ مٿس حُر ھجڻ جو الزام ھڻي، سچيون ڪرائڻ خاطر ڏاڍي مار ڪُٽ ڪري رھيا ھئا. ھن غريب گھڻيون ئي رڙيون ڪيون ته ھو حُر نه پر چوٽيارين جو ھڪ ننڍڙو ۽ شريف واپاري آھي. پر فوجين سندس ڪابه ڳالھ نه پئي ٻڌي ۽ کيس مسلسل ماري رھيا ھئا. مون انھن ظالمن تي فائر ڪري، کين بيوس ڪري ڇڏيو. کانئن مظلوم واپاريءَ کي آزاد ڪرائي، کيس پنھنجي رقم ڏياريم. فوجين جا ھٿيار ۽ گوليون کڻي، خير سان مرڪز تي واپس پھتيس. منھنجي ھن ڪارنامي تي سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مون کي مبارڪون ڏنائون.
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ اسان جي مرڪز تي دشمنن ھوائي جھازن ذريعي مسلسل بمباري ڪئي. پناھ گاھن ڪري اسان کي ڪو جاني نقصان ته ڪونه ٿيو، البته جھنگل ۾ چؤطرف باھ لڳڻ ڪري اسان کي رسد ۽ ٻين معاملن ۾ ڪافي نقصان ٿيو. آخر اُتي وڌيڪ رھڻ مناسب نه سمجھي، اسان ھڪ وڏي مرڪز ڏانھن منتقل ٿياسون، جتي مون کي جاسوسي کاتي ۾ رکيو ويو.

ھاڻي ٻارھن سالن جي ڇوڪري ’عمر ڪاسائيءَ‘ پنھنجو داستان شروع ڪيو.
آءٌ جکڙاؤءَ ڀرسان ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄايس. بابو ڪاروبار ڪندو ھو. اسان نھايت سُکيا ستابا ھئاسون. قسمت جي ڳالھ جو ستن ورھين جي عمر ۾ امڙ گذاري ويئي. ۽ سال کن کان پوءِ بابو به! آءٌ ۽ منھنجي ڀيڻ وڃي ماسيءَ جي ور چڙھياسين، جنھن ڀيڻ جي ته ڪرائي شادي، باقي اسان جي سموري ملڪيت ھضم ڪري، مون کي پنھنجي پُٽ جي اوبر کائڻ، گاريون کائڻ، مار کائڻ ۽ ڦٽ لعنت لاءِ ڇڏي ڏنو. جڏھن اُھي ظلم سھي ٿَڪس، تڏھن يارنھن ورھين جي عمر ۾، گھر ڇڏي، جھنگ مُنھن ڪري وٺي ڀڳس. سانگھڙ ۾ بُک ۽ اُڃ کان بيحال ٿي ھڪ مسجد وٽ اچي ڪريس، جتي مسجد جي مُلي مون تي رحم کائي، پاڻ وٽ اَجھو ڏنو.
ھڪ ڏينھن مسجد ۾ ھڪ وڏو زميندار رئيس ’جان محمد جمالي‘ نماز پڙھڻ آيو ۽ ويندي وقت پنھنجي ھڪ ڳٺڙي وساري ويو. ڳٺڙيءَ ۾ ڪپڙا، زيور ۽ نقدي- مڙيئي 3-4 ھزار جو مال ھو. مون اھا ڳٺڙي کڻي بلائتي ڪري رکي. ڪجھ دير کان پوءِ رئيس ڏاڍي پريشانيءَ ۾ واپس آيو ۽ ڳٺڙيءَ بابت پڇا ڪرڻ لڳو. مون کيس اڪيلو سڏي، نشانيون پڇي، پَڪ ڪري ڳٺڙي سندس حوالي ڪئي.
رئيس مون تي ڏاڍو خوش ٿيو. منھنجو احوال معلوم ڪري، مُلان کان منھنجي ٻانھن گھري، مون کي پنھنجي گھر وٺي آيو، جتي مون کي پُٽن وانگر رکيائين.
ڪجھ عرصي کان پوءِ مارشل لا لڳي. رئيس پير صاحب جو سچو مريد ھو. ھڪ دفعي کيس ڪليڪٽر جو سڏ ٿيو. کيس گُمان پيو ته ھاڻ ھو شايد واپس نه اچي! مون کي سڏي، ٻه ھزار روپيه ڏيئي چيائين ته: ’ابا! اسان توکي پُٽن وانگر پاليو آھي. پر تون آخر پرايو ڄايو آھين. اسان تي ته ممڪن آھي ته تُرت ڪي مصيبتن جا انبار اچن. تنھن ڪري تون پنھنجي قسمت وٺي وڃي ڪَک پن ٿي، متان ناحق اسان جي ڄيري ۾ پئجي وڃين! مون سندس ھٿ چُمندي چيو: ڀَلا پُٽ به ڪڏھن مھل ۾ پيءُ کان جدا ٿيندا آھن؟ منھنجو جيئڻ مرڻ سڀ اوھان مائٽن سان ٿيندو!‘
رئيس منھنجي منھن ڏانھن شوڪارو ڀري نھاري کڻي ماٺ ڪئي ۽ گھر اھي ھدايتون ڏيئي روانو ٿيو ته جي تُرت واپس نه اچان ته يڪدم لڏي وڃي عمرڪوٽ پنھنجي مائٽن وٽ رھجو.
ٿيو به ائين- رئيس وري نه موٽيو ۽ اسان کي تڙ تڪڙ ۾ جيڪو سامان ھٿ آيو، کڻي ڪنھن به طرح خيريت سان وڃي عمرڪوٽ نڪتاسين. اُتي ڪجھ ڏينھن کان پوءِ رئيساڻيءَ مون کي ٻه ھزار روپيا ڏنا ۽ سانگھڙ وڃي رئيس جي خبر چار وٺي، اھا رقم کيس ڏيڻ لاءِ چيائين.
سانگھڙ پھچي آءٌ نھايت اطمينان سان مُلان وٽ اچي رھيس. ملان مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. مون کيس رئيس جي گرفتاريءَ کان سواءِ ٻيو سمورو احوال ڏنو. مون کي جڏھن موقعو ملندو ھو ته گھمڻ جي بھاني، سرڪاري آفيسرن ۽ فوجين جي اڏن جي آسپاس پيو چڪر ھڻندو ھوس.
ھڪ ڏينھن صبح جو ڏھين وڳي ڌاري ٿاڻي جي ڀرسان چڪر ھڻندي قيدين جي ھڪ لاري ڏٺم جنھن مان پوليس وارا لھي ٿاڻي ڏانھن وڃي رھيا ھئا. سندن ڳالھين مان معلوم ٿيو ته ڪجھ نظربند اُتان وٺي، جھول واري لوڙھي ۾ ڇڏي، اڳتي شھدادپور وڃڻو ھئن.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جڏھن اندران ھٿڪڙين لڳل قيدي ٻاھر نڪتا ته اُنھن ۾ مون وارو رئيس به نظر آيو. آءٌ به ٿورو چڪر ڪاٽي اُنھن جي اڳيان ائين لنگھيس، جيئن رئيس جي نظر مون تي پوي. رئيس مون کي ڏٺو ته سندس چھري تي مُرڪ اچي ويئي.
ھڪ ٽرڪ ذريعي آءٌ لاريءَ کان به اڳ جھول پھچي ويس. ھتي عجيب صورتحال ھئي. ھر طرف فوجي ٽرڪن ۽ جيپن تي ھلي رھيا ھئا. ھوٽل تي ماني کائي آءٌ بازار ۾ گھمي رھيو ھوس ته پريان قيدين واري لاري نظر آئي جن ۾ رئيس به شامل ھو.
لاري اچي فوجي ڪئمپ وٽ بيٺي. ڪئمپ مان گارڊ نڪتا ۽ لاريءَ ۾ سوار ٿي چيائون ته انھن قيدين کي جھول واري لوڙھي ۾ رکڻ جو حُڪم ٿيو آھي. لاري لوڙھي ڏانھن رواني ٿي.
لوڙھو يا نظربندن جي ڪئمپ جھول جي ٻاھران ھڪ ميدان ۾ عارضي طور تي کڙي ڪئي ويئي ھئي. ھتي صرف اھڙن ماڻھن کي رکيو ويندو ھو جن کان يا ته پڇا ڳاڇا ڪرڻي ھوندي ھئي، يا ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪنھن پڪي جيل ۾ رکڻو ھوندو ھو. ڪئمپ جي چؤگرد وڏي اوچائيءَ سان گھاٽو لوڙھو ھو. اچ وڃ واسطي صرف ھڪ ڦاٽڪ ھو جنھن تي سخت پھرو ھو. ڀنگين ۽ اھڙن ٻين ضروري ڪمن وارن کان سواءِ ڪنھن کي به اندر وڃڻ جي اجازت نه ھئي، ۽ نه ئي اھا خبر پئجي سگھي ٿي ته اندر ڪير ڪير نظربند آھي.
ڪئمپ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مون وٽ ھڪ ئي رستو ھو. مون ھڪ پوڙھي پخاليءَ تي نظر رکڻ شروع ڪئي. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ بازار واري رستي کان سندس سامھون آيس ۽ پاڻي گھريومانس. پوڙھي پخاليءَ چيو ته: ’پاڻي ته ھينئر مون وٽ ڪونھي- پر آءٌ توکي ڪجھ ڏينھن کان ڏسان پيو ته تون مون ڏانھن غور ڪري پيو نھاريندو آھين!‘ مون ته ساڻس ويجھو ٿيڻ جو بھانو پئي ڳوليو. سو غمگين لھجي ۾ ٿڌو ساھ کڻندي ٻڌايومانس ته سندس مُھانڊو بابي جھڙو آھي، انھيءَ ڪري کيس ڏسندو رھندو آھيان! اھي ڳالھيون ڪندي، اسان اچي پوڙھي جي جھوپڙيءَ وٽ پھتاسون. پوڙھو مون کي ٻاھر بيھاري اندران سندس زال کي وٺي آيو. ھن اچي مون کي جاچي ڏٺو ۽ پوءِ ڳراٽڙي وجھي پڇيائين ته پُٽ اسان وٽ رھندين؟ ھو ويچارا بي اولاد ۽ اڪيلا ھئا- مون کي ھنن خدا جي نعمت پئي سمجھيو!
ٻن ڏينھن کان پوءِ مون پوڙھي کي چيو ته: ’بابا سائين ھاڻ آءٌ اوھان کي پاڻي ڀرڻ ۾ مدد ڪندس!‘ اول ته ھن انڪار ڪيو، پر پوءِ منھنجي زور ڀرڻ تي، پوڙھي فوجين کان اجازت وٺي مون کي پاڻ سان شامل ڪيو. ٻئي ڏينھن پاڻيءَ جا ساندارا ڀري اسان گھران نڪتاسين، ۽ مختلف حفاظتي مرحلن مان گذرندي، وڃي ڪئمپ ۾ داخل ٿياسون. اندر ھڪ ڇني ۾ ناديون ۽ لوھي ڊرم رکيل ھئا جن ۾پاڻي ڀرڻو ھو. جھوپڙين ۽ ڇنن ۾ نظربند رکيل ھئا. پنجين چڪر ۾ نيٺ مون پنھنجو سائين ڏٺو، جيڪو جھوپڙين جي آخري سلسلي ۾ ھڪ ننڍي لانڍيءَ ۾ ويٺو ھو. پر اڃا ساڻس رابطو ڪري نه سگھيو ھوس.
ڪئمپ جا نظربند پاڻيءَ جي ڊرمن مان پنھنجا پنھنجا دلا ۽ مَٽ ڀرڻ ايندا ھئا. آخر ستين ڏينھن رئيس سان ٿورو ڳالھائڻ جو موقعو مليو. ٻن ڏينھن کان پوءِ واپسيءَ ۾ ھڪ چٺي کانئس ملي، جيڪا سنجھوري ۾ ھڪ ماڻھوءَ تائين پھچائي جواب آڻڻو ھو.
مون پوڙھي ۽ پوڙھيءَ سان ھڪ مائٽ سان ملڻ جو بھانو ڪري شھداد پور وڃڻ جي اجازت ورتي، ۽ لاريون مٽائيندو وڃي سنجھوري پھتس. اُتي پڇائون ڪندو وڃي وڏيري جي حويليءَ تائين پھتس. وڏيرو سالم جماعت جو ھو ۽ مھان نوازي ۽ ياري باشي جي ڪري مشھور ھو. چٺي سندس حوالي ڪيم ۽ ٻئي ڏينھن چٺيءَ جو جواب کڻي واپس جھول پھتس ۽ ڪئمپ ۾ سائينءَ کي جواب پھچايم. رئيس ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته ھاڻ تنھنجو ڪم ختم؟ ھتي کان آزاد آھين.
ان واقعي کان ڪجھ ڏينھن پوءِ رئيس کي ڪنھن نامعلوم ھنڌ ڏانھن نيو ويو. مون ھفتو کن رئيس جي موٽڻ جو انتظار ڪيو، پر نيٺ مايوس ٿي عمرڪوٽ وڃي رئيساڻيءَ سان سڄو احوال ڪيم. رئيس جي سلامتي جو ٻڌي ھوءَ مطمئن ٿي ۽ منھنجي وفاداريءَ تي بيحد خوش ٿي.
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ رئيساڻيءَ وري ھڪ ٻيو ڪم مون تي رکيو. ڳوٺان رواني ٿيڻ مھل ھُن ڪافي رقم گھر جي ھڪ ڪُنڊ ۾ دفن ڪري ڇڏي ھئي، جيڪا ھاڻ مون کي آڻڻي ھئي. آءٌ عمرڪوٽ کان الله توھار ڪري نڪتس ۽ سانگھڙ پھچي مکيءَ اندر وڏيري جي ڳوٺ تائين رستي جي ڳولا ۾ جنبي ويس. آخر ٻيلي ۾ رُلندي، ڌڪا کائيندي، ڪجھ رھبرن جي مدد سان اچي غازين جي ھڪ ڪئمپ ۾ پھتس ۽ اُتي سردار کي سمورو احوال ڏنم. سردار ڳوٺ وڃي خزاني ھٿ ڪرڻ واري ڳالھ کي في الحال مناسب نه ڄاتو ۽ سمجھيائين ته انشاءَالله امن قائم ٿيڻ تي اھو ڪم سر انجام ڏبو، ڇاڪاڻ ھيءُ وقت خدا ڪارڻ جھاد ڪرڻ آھي. ڪنھن وڏيري جي خزاني کي ھٿ ڪرڻ جو نه. مون کي به سندس اھا ڳالھ صحيح لڳي، ۽ خزاني جو خيال دل مان لاھي غازين سان شامل ٿي ويس. منھنجي ڪئمپ واري ڪارنامي ۽ صلاحيتن کي ڏسندي ھنن مون کي جاسوسي کاتي ۾ شامل ڪيو آھي.

ھاڻي ھڪ خوبصورت نوجوان عورت ’لال ڌيءَ ڪيھر خاصخيليءَ‘ پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي.
اسان کنڊ جي ڪارخاني واري ڳوٺ پريتم آباد جا رھواسي آھيون. منھنجو مڱيندو ’سوڍو‘ کپري جي پيرڳوٺ جو ويٺل ھو. اسان ٻئي شروعات کان غازي تحريڪ ۾ شامل ھئاسون ۽ قسم کاڌو ھوسين ته وطن جي آزاديءَ تائين شادي نه ڪنداسين!
ھڪ دفعي، منھنجو مڱيندو مون سان ڪافي ڏينھن کان پوءِ مليو. منھنجي ميار ڏيڻ تي ھن پنھنجي ھڪ وڏي ڪارنامي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته پنجاب مان انگريزن جو ھڪ جاسوس پنھنجي منڊي ٻالڪي سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪنھن نموني گمبٽ جي مسجد جو پيش امام بڻجي ويو. سندس ٻالڪو جيڪو بارود ٺاھڻ ۾ ھوشيار ھو، سو مکي ٻيلي ۾ غازين جي ھڪ مرڪز ۾ نوڪري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. غازين جا راز ھو مولويءَ وسيلي انگريزن تائين پھچائڻ لڳو.
غازين کي انھيءَ ڳالھ جي کڙڪ پئجي ويئي، سو سوڍي ۽ سندس دوست نول کي انھيءَ مولويءَ جي ڪڍ لڳايائون جن آخر گمبٽ اسٽيشن تي اونداھيءَ ۾ مولويءَ کي ھڪ انگريز کي راز ڏيندي ٻڌي ورتو، ۽ مولويءَ ۽ انگريز کي شوٽ ڪري، ٻالڪي کي قيد ڪرائي ڇڏيو.
ڪجھ عرصي کان پوءِ مولويءَ جو اھو منڊو ٻالڪو سندس غدار پھريدارن ’عيدل‘ ۽ ’ڪوڙي‘ سان گڏ ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. غازين انھن ٽنھي غدارن کي جھنم رسيد ڪرڻ جو ڪم ’سوڍي‘، ’نول‘ ’پيروءَ‘ ۽ ’ولڻ‘ تي رکيو. ھنن عيدل کي ڳولي وڃي ڦلجيءَ ۾ ھٿ ڪيو ۽ کيس ڏينھن ڏٺي جو ڪھاڙيءَ جي ھڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪيائون. پوءِ وري انھيءَ منڊي ’ھدايت الله‘ کي اچي شھدادپور ۾ ھٿ ڪيائون جتي ھو وڏي ڏاڙھي رکيو ’حڪيم خدا بخش‘ بڻيو ويٺو ھو. اُن کي به ڏينھن ڏٺي جو ماري، رت ڀريل ڪھاڙين سان کليو کُلايو شھر مان لنگھندي، ريل جو بند ٽپي ھليا ويا. ماڻھن ۾ غازين جو اھڙو ھراس ڦھليل ھو جو ڪنھن کي اُنھن کي روڪڻ جي جُرئت ڪونه ٿي. باقي بچيو رئيس ڪوڙو خان- سو اُتي ويجھو ئي پنھنجي زمين تي رھندو ھو. پر گورنمينٽ سندس بچاءَ لاءِ ڪافي ملٽري رکي ھئي. ھڪ رات سوڍي مون کي ٻڌايو ته کين پڪي خبر ملي ھئي ته ٻئي ڏينھن ڪوڙو خان ٻه چار سپاھي حفاظت لاءِ وٺي پنھنجي زمين تي ويندو ۽ ھنن کيس مارڻ جو پروگرام ٺاھيو ھو.
مون کي اوچتو سُجھي آيو ته اھو شايد منھنجي مڱيندي جو آخري معرڪو ھجي. انھيءَ ڪري کيس التجا ڪندي آءٌ ساڻس شامل ٿيس.
صبح جو اسان گَس تي ھٿيار ٻڌي ڪمند ۾ لڪي ويٺاسون. ڪوڙو خان چئن سپاھين جي حفاظت ۾ گھوڙي تي چڙھي اچي رھيو ھو. اسان نشان ٻڌي مٿس گولي ھلائي، پر گھوڙي جي اوچتي ٿاٻڙجي پوڻ تي ھو بچي ويو ۽ ھيٺ ڪري پيو. گوليءَ جي آواز تي سپاھي ته ڀڄي ويا، اسان ڪوڙي خان کي ڪمند ۾ وٺي آياسين. کيس مارڻ تي ھئاسين ته اوچتو ھن اوڇنگارون ڏيندي ٻڌايو ته اھي ڀڳل سپاھي جلد ئي اٿاھ فوج وٺي ايندا. ھن التجا ڪئي ته کيس موقعو ڏنو وڃي ته ھو انھن ملٽريءَ وارن سان مقابلو ڪري، پنھنجي منھن تان غداريءَ جو ٽڪو لاھي، آخرت سجائي ڪري.
سوڍي ۽ سندس ساٿين، ڪوڙي جي اھا ڳالھ مڃي کيس پاڻ ملھائڻ جو موقعو ڏنو. جيئن ھن چيو ھو، ٿوري ئي دير ۾ ملٽريءَ جي لارين جي گڙگڙاھٽ ٻڌڻ ۾ آئي. اسان کي اھو احساس ھو ته اسان جو بچڻ مشڪل آھي. مرڻ کان اڳ وڌ ۾ وڌ دشمنن کي مارڻ جو ارداو ڪري ڪمند ۾ مختلف ھنڌن تي پوزيشنون ورتيوسين.
ڀَڳل سپاھين سمجھيو ھو ته ٻنين ۾ ڪي ھزارين حُر لِڪل آھن. ھنن جون ڳالھيون ٻڌي ھزار ڏيڍ کن فوجي ’ميجر ٿامس‘ ۽ ’ڪرنل ڊائلاگ‘ جي اڳواڻيءَ ۾ اچي پھتا.
سڀ کان اول گولي ڪوڙي خان ھلائي. جيئن ئي فوجي نوس نوس ڪندا ڪمند ۾ گھڙيا ته ڪوڙي خان ھڪ مشين گن واري کي پنھنجو شڪار بڻائي کانئس مشين گن ڦري ورتي ۽ اھڙي نموني ھنڌ مٽائي مٽائي فائرنگ ڪرڻ لڳو جو فوجين کي ائين لڳو ڄڻ ته ڪمند ۾ ڪي بي شمار حُر لِڪيل آھن. ڪافي فوجي مارجي ويا. گھٻراھٽ ۾ ھو انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪرڻ لڳا ۽ پنھنجي ئي ھمراھن کي مارڻ ۽ ڦَٽڻ لڳا. اسان فقط چئن ماڻھن سڄو ڏينھن اھو معرڪو ھلايو. بي شمار فوجي جھنم رسيد ٿيا.
ڀيڻ زينب جو ڪلام:
”ڇو ٿيون پڇايو پنڌ پيرا وو پيرا،
واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا.“
وانگر اسان مان ھر ھڪ کي ساڳي طرح مشين گنون ۽ گوليون پئي ھٿ آيون.
شام ڌاري فوجين جي مدد واسطي دستي بم ھلائيندڙ به اچي ويا جن اچي جنگ جو رخ ڦيرايو. اسان جا سڀ ھمراھ ڪوڙي خان سميت شھيد ٿي ويا. آءٌ بيھوشيءَ ۾ اُتي ئي رھجي ويس ۽ ٻن راتين کان پوءِ ٽئين ڏينھن غازين مون کي ڳولي لڌو.
”بس پوءِ ته“ مائي لال کِلندي چيو، ”ڀائو جيئندو ھر ڪنھن بھادر عورت کي جاسوس بڻائڻ لاءِ ٿو چونڊي!“
جيئندي ٽھڪ ڏيندي چيو: ”ڀيڻ جنگ جي زماني ۾ جاسوسي ڪرڻ ڪو چرچو نه آھي. سچ پچ اھو سڀ کان وڏي بھادريءَ جو ڪم آھي!“

جيئن سيٺ سڳني مل چيو ھو، تيئن واقعي ’سانگھڙ سرڪار‘ جي ’بجيٽ اجلاس‘ ۾ ھن بلڪل اھڙي ئي شان سان بجيٽ پيش ڪئي، جيئن ان وقت ۾ سنڌ جا وزير صاحب ڪندا ھئا، يعني ھن ساڳئي وزيرن واري لھجي ۾ تقرير ڪئي:
دوستو! ساٿيو!
’سانگھڙ سرڪار‘ جي پھرين عوامي بجيٽ پيش ڪندي مون کي نھايت مسرت ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سامراج جي قبضي ۾ اچڻ بعد ھيءُ پھريون مثال آھي، جو عوامي سرڪار اسٿاپن ڪري، ان جي باقاعدي ڪاروائي شروع ڪئي آھي ۽ پنھنجي پياري ديش مان سامراجين ۽ سندن ڇاڙتن کي تڙي ڪڍڻ جي نھايت زوردار مھم شروع ڪئي آھي؛ جنھن دشمنن جا اھڙا ته ڏند کٽا ڪري ڇڏيا آھن، جو ھو ڇتا ٿي پيا آھن ۽ پنھنجي ’بھترين فوج‘ ھتي اچي اڇلائي اٿن. جنھن جا حوصلا اھڙا ته خطا ٿيل آھن، جو اڪثر اسان جي تمام ٿورڙن مجاھدن جي مقابلي ۾ تمام گھڻا فوجي آڻين ٿا، ايتري قدر جو بعضي بعضي ته فقط ٽن- چئن مجاھدن سان وڙھڻ لاءِ ھزار ھزار، ٻه ٻه ھزار ٿا آڻين، جيئن ڪه پريتم آباد واري ڪمند جو مشھور واقعو آھي. ڪيترن ھنڌن تي اسان جي غازياڻين به ھنن جا حواس خطا ڪري ڇڏيا آھن. اھو سڀ ھن ڪري آھي، جو ھو ناحق تي آھن ۽ اسين حق تي آھيون؛ ڇوته اڄوڪي زماني ۾ ڪنھن به سامراجيءَ يا ڇاڙتي کي ڪنھن به ٻيءَ قوم تي حڪومت ڪرڻ جو حق نه ھجڻ جو اصول سڄي دنيا تسليم ڪري چڪي آھي. تازو جنوري 1942ع ۾ دنيا جي 26 قومن جا نمائندا، آمريڪا جي شھر واشنگٽن ۾ گڏ ٿيا، اتي يڪراءِ ھڪ اعلان نالي ”ائٽلانٽڪ چارٽر“ يا ”ميثاق اوقيانوس“ منظور ڪيو اٿن، جنھن جا خاص فقرا ھي آھن ته:
1. سڀني قومن جي انھي ”حق“ جو احترام ڪيو وڃي، ته ھو پنھنجي لاءِ حڪومت جي جيڪا طرز بھتر سمجھن، سا اختيار ڪن ۽ جن قومن کي فرمانروائيءَ ۽ خود اختياري حقن کان زبردستيءَ محروم ڪيو ويو آھي، تن کي اھي ”حق“ واپس ملڻ گھرجن.
2. اھڙو امن ٿيڻ گھرجي، جنھن ڪري سڀني قومن کي بچاءُ حاصل ھجي، ۽ سڄيءَ روءِ زمين تي ”انسان ذات“ خوف ۽ ھراس، تنگدستيءَ ۽ محتاجيءَ کان آزاد ٿي، خوشيءَ جي زندگي گذاري سگھي. انھي ائٽلانٽڪ چارٽر موجب ئي اسين اھو اعلان ڪريون ٿا ته ’سنڌي قوم‘ کي جو 1843ع ۾ فرمانروائيءَ ۽ خود اختياري حقن کان انگريزي سامراجين زبردستيءَ ۽ ناحق سان محروم ڪيو ھو، سي ’حق‘ ھاڻي ’سنڌي قوم‘ ’انگريز سامراجين‘ کان واپس وٺي ٿي، ۽ پنھنجو مرڪز تعلقي سانگھڙ ۾ مقرر ڪري، ’سانگھڙ سرڪار‘ قائم ڪري، انگريز سامراجين کي حُڪم ڏئي ٿي ته:
1) ’ڪئٽ سنڌ!‘

اي سامراجيو! سنڌ خالي ڪريو.
2) ھن بعد سنڌ جي عوام کان ھر طرح جي ڍلن اڳاڙڻ جو حق فقط سندن ’سانگھڙ سرڪار‘ کي آھي، ۽ اوھين ھاڻي ڪابه ڍل سنڌي قوم کان وصول نه ڪريو، نه ته اسان جي اھا رقم، اوھان جي تپيدارن کان زوريءَ کسي ويندي.
3) جنھن صورت ۾ سنڌي قوم پنھنجي فرمانروائيءَ جو حق پنھنجي ھٿ ۾ رکيو آھي، ان ڪري انگريزي پوليس کي ڪو حق ڪونھي، ته اسان جي فردن تي حڪومت ھلائي ۽ جيڪڏھن ھن کان پوءِ ھو ناحق سان حڪومت ھلائيندا، ته اسين اول سندن ننڍڙن ٿاڻن تي حملا ڪري، کانئن ھٿيار کسي کين بي دخل ٿيڻ تي مجبور ڪنداسون، ۽ جيڪي به وڏا انگريزي پوليس جا آفيسر، اسان جي انھيءَ حق کي آڏا ڦرندا، اسين انھن کي جوڳي سزا ڏينداسون.
4) جيڪا به انگريزي ملٽري، اسان جي انھيءَ ائٽلانٽڪ چارٽر موجب مليل حق کي آڏو ڦرندي، اسين ان کي دفع ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسون.
5) اسين اعلان ٿا ڪريون، ته ڪوبه زميندار، ڪنھن ھاريءَ سان ظلم نه ڪري، ڪوبه سيٺ ڪُپت ۽ ڪوڙن حسابن وسيلي زميندارن جون زمينون نه ڦٻائي. سواءِ ڪن لاچاري حالتن جي ڪوبه شخص بلئڪ مارڪيٽ نه ڪري، ٻي صورت ۾ اسين انھن سڀني کي جوڳي سزا ڏينداسون.
6) اسين اعلان ٿا ڪريون ته سنڌ جي زمين تي فقط انھن جو حق آھي، جي سنڌ ۾ رھندڙ آھن، پوءِ چاھي اھي قديم سنڌي ھجن، چاھي جديد سنڌي، سامراجي انگريز اسان جو اھو حق غضب ڪري، جن پنھنجن ڇاڙتن کي زمينون ڏيئي رھيا آھن، تن کان اسين اھي ھر حالت ۾ کسينداسون ۽ کين اوڏانھن واپس ڪنداسون، جتي جا رھاڪو ھوندا.
7) في الحال سانگھڙ سرڪار جي بجيٽ ھڪ ڪروڙ روپيا مقرر ڪجي ٿي، جا ڍل طور وصول ڪئي ويندي، ان کان پوءِ جيئن جيئن ”سانگھڙ سرڪار“ جي عمل جو دائرو وسيع ٿيندو ويندو، بجيٽ جو انگ وڌايو ويندو.
سيٺ سڳني مل فنئنس منسٽر سانگھڙ سرڪار جي اھا تقرير تاڙين جي گونج ۾ ختم ٿي ۽ يڪراءِ بحال ٿي. وصوليءَ لاءِ گامون وساڻ کي ’گورنر‘ ۽ ’عزيز فقير‘ کي ’جرنيل‘ مقرر ڪيو ويو، جن کي ھلڪا نالا ’گامون گورنر‘ ۽ ’جيجو جرنيل‘ ڏنا ويا. ھنن کي اختياري ڏني ويئي ته زميندارن ڏي ڇپيل نوٽيس موڪلين، ته ھن بعد ڍل سانگھڙ سرڪار کي ڏيندا ڪريو.

ھن عظيم اجتماع جي خاتمي بعد سڀ دستا پنھنجي پنھنجي مرڪزن ڏانھن روانا ٿيا. زينب کي حُڪم ٿيو ته سانگھڙ طرف وڃي ڳائڻ وڄائڻ جو ڪم ڪري ۽ ڪوبه اھڙو موقعو ڪڍي، جو ھوءَ ملٽري مرڪزن ۾ پنھنجي فن ظاھر ڪندي ھنن بابت قيمتي معلومات ھٿ ڪندي، مرڪز ۾ پھچائيندي وڃي، ھن مقصد لاءِ عمر ڇوڪري کي ساڻس دُھل واري جي روپ ۾ شامل ڪيو ويو.
ھاڻي ھي ٻئي ڪجھ غازين جي ھمراھيءَ ۾ سانگھڙ ڏي روانا ٿي رھيا ھئا، ته ڪجھ مفاصلي تي ٺڪا ٺوڪيءَ جا آواز ٻڌائون، کين پڪ ٿي ته واپس ٿيندڙ دستن مان ڪنھن جو ٽڪراءُ انگريزي ملٽريءَ سان ٿي ويو آھي، پر اھا خبر پئجي نه سگھي ته پنھنجا ھمراھ ڪھڙي پاسي آھن. ھڪ مجاھد رٿ ڏني ته ”پاڻ بھرحال انھن مقابلي ڪندڙن جي پٺ کان وڃي پھچون، پوءِ جي پنھنجا ھوندا ته سندن پٺيان حملو ڪنداسون.“ اھا صلاح مناسب سمجھي، ھو پاڻ لڪائيندا وڃي وڙھندڙن مان ھڪ ڌُر جي پٺيان پھتا، ته اوچتو سامھين ڌر مان ”ڀيڄ پاڳارا“ جو نعرو بلند ٿيو؛ ھيءُ ٻڌي ھنن جي سردار به يڪدم ”شاباس شڪاري“ جو نعرو لڳائي کڻي انگريزي ملٽريءَ تي فائر ڪيا. انگريزي فوجي ھن ٻه طرفي حملي جو تاب جھلي نه سگھيا ۽ وٺي ٻوڙن تي پير ڏنائون. ٻنھي طرفن جا مجاھد سندن پٺيان ڪاھي پيا. ھو بي تحاشا ڀڄي رھيا ھئا، ته ڪنھن مھل اوچتو وري واپس موٽيا. غازين سمجھيو ته اھا ڪا جنگي چال ھوندي جو پھريائين ڀڄي وري ٿا حملو ڪن، پر سندن حيرت جي حد ئي ڪانه رھي، جڏھن ڀڄندڙن جي پٺيان به ٺڪا ٺوڪي ٿيڻ لڳي ۽ ”ڀيڄ پاڳارا“ جا نعرا لڳا. جيئن پوءِ معلوم ٿيو ته اھو ويرجي ٺڪر جو دستو ھو، جو ٺڪائن جا آواز ٻڌي واپس ٿيو ھو ۽ چڪر کائي اچي انگريزي ملٽريءَ کي ٽئين طرف کان وڪڙ ڏنو ھئائين. بس پوءِ ته جيڪا حالت ھن ملٽريءَ سان ٿي، تنھن تي خود غازين کي به قياس پئي آيو، ھو ڀڳڙن وانگر ڀنڃجي رھيا ھئا ۽ جيڏانھن ٿي ڀڳا، اوڏانھن ٿي واڄٽ ٿين!
انگريزي فوج کي اُھا ٻھڻي ڏيئي، زينب ۽ سندس ھمراھ اڳتي وڌيا. ٻيلي جي آخري ڪناري تي ھمراھ ”في امان الله“ چئي واپس ٿيا. زينب ۽ ڇوڪري لباس بدلائي ڳائڻن وارو ڪيو ۽ نھايت بي پرواھيءَ سان ھلندا اچي سانگھڙ پھتا، ڄڻ ته ھو اھڙا بي ضرر منڱتا ھئا، جن کي ڪنھن ڏانھن ڇرڪ ڀري نھارڻ جي ضرورت ئي ڪانه ھئي. اھو سندن سردار يا محبوب جو پھريون سبق ھو، جو ڪاميابيءَ سان پاس ڪري زينب وڃي سندس پاليندڙن جي ھڪ عزيزياڻي لنگھيءَ جي گھر پھتي. ڪافي عرصي کان پوءِ جو ملڻ ٿيو، سو ھنن ڏاڍي مرحبا ڪيس، ۽ ٻه ٽي ڏينھن ته ھليون سڪ ڀريل ملاقاتون، پر ھاڻي زينب کي پنھنجي اصل ڪم جو فڪر ٿيو ۽ ڪرڻ لڳي مالڪ کي سوال، ته ڪو موقعو ڏيارينم.
ھڪ ڏينھن انھيءَ فڪر ۾ سخت موڙھيل ھئي، ته اوچتو اھا ڪافي ياد اچي ويس، جا مرڪز ۾ جھونگاري ھئائين ته:
ڇو ٿيون پڇايو پنڌ پيرا وو پيرا،
واٽون وندر جون وڻ پيا ڏسيندا!
ھيءَ به دل کي ڏڍ ڏيڻ لاءِ آھستي مگر پوري جوش سان ويھي اھا جھونگارڻ ويٺي.
مگر ھن جي تان ٽٽي پيئي، جڏھن اوچتو آواز آيو، ”صدقي صدقي، مائي سوني، ھيءَ نئين ڪويل ڪٿان ھٿ ڪيوَ؟“
زينب ته شرمائجي ويئي، پر مائي سونيءَ جواب ڏنو، ”ادي ايمڻا! ڀلي ڪري آئين، ھيءَ منھنجي ڀاڻيجي آھي، جا ويچاري پريشان حال ٿي ٽيون ڏينھن اچي پھتي آھي.“
”بس، ھن جي پريشاني اڄ ئي دور ٿيندي.“ ايمڻا ٽھڪ ڏيئي چيو، ”اڄ وڏيري فتح محمد جي گھران شاديءَ جي محفل جي ڪوٺ ڏيڻ آئي آھيان. وڏا وڏا ماڻھو ايندا، جيڪڏھن ھن بلبل کي به گڏ آندوَ ته ھن جا ته ڇا، پر اوھان جا به ٻيڙا پار ٿي ويندا!“
”ڇونه آڻينداسون ادي، اسان غريبن کي ته اھڙو روزگار کپي!“ سونيءَ جواب ڏنو، ۽ پوءِ جڏھن رات جو ھنن محفل ۾ بيھي ڳايو، تڏھن سچ پچ پئسن جا ڍير وسي ويا. وڏيري ڪن ملٽري آفيسرن کي به دعوت ڏني ھئي، اھي ته خاص طرح زينب جو گانو ٻڌي مست ٿي پيا.
اڃا صبح مس ٿيو، ته مائي سونيءَ کي انھن صاحبن کان پيغام آيو ته اڄ رات جيڪڏھن اسان وٽ محفل ڪندا، ته اوھان کي ڏاڍي ڪمائي ٿيندي. ھنن کي ڀلا ٻيو ڇا کپندو ھو، يڪدم ھائوڪار ڪيائون ۽ ٻئي ڏينھن ھو ملٽريءَ واري صاحب جي بنگلي ۾ پھتا، جتي باغ ۾ سوين فوجي جوان موجود ھئا. زينب اتي ٽن ڪلاڪن تائين اھڙو ته ڳايو ۽ ناچ ڪيو، جو روپين جو مينھن وسي ويو ۽ ٻئي ڏينھن جڏھن ھوءَ وعدي موجب صاحب جي آفيس ۾ سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ ويئي، ته ھن خوشيءَ سان کيس ھڪ بھترين سرٽيفڪيٽ ڏنو. اتي ھن ھڪ قدم اڳتي وڌايو ۽ عرض ڪيائين ته، ”صاحب! اسين غريب ماڻھو آھيون، چوڌاري ملٽريءَ وارن جون ڪئمپون آھن، جيڪڏھن اتي وڃي آءٌ راڳ ناچ ڪنديس، ته ھڪ طرف مون مسڪين کي چار پئسا ملندا، ته ٻئي طرف انھن جي دلين جي به وندر ٿيندي.“ صاحب ھائوڪار ڪئي ۽ ٻيو ليٽر ان مضمون وارو ڏنائين ته ھيءَ سانگھڙ جي مشھور راڳڻي آھي، پنھنجي فن ۾ زبردست مھارت حاصل اٿس ۽ اسان کي پسند آھي وغيرہ.
ان بعد چپ چاپ ۾ سانگھڙ وارن کان ھڪ ڏينھن موڪلايو ۽ عمر کي ساڻ ڪري اڳتي اڳتي وڌي. ھيءُ قربائتو ۽ يتيم ڇوڪرو ساڻس اھڙو ته پريت جي پيچ ۾ جڪڙجي ويو ھو، جو ھن کان سواءِ ماني به ڪونه کائيندو ھو.
ھاڻي ھو ٻيءَ ڪئمپ ڏي ويا، اتي به سرٽيفڪيٽ ڏسي کين موقعو ڏنو ويو، رات جو گولا ٻاريا ويا ۽ ھنن پنھنجو پروگرام رچائڻ شروع ڪيو. زينب ھاڻي سرائيڪي ڪلام بُلي شاھ ۽ فريد جا ڳايا ۽ وارث شاھ جي ھِير رانجھي مان به ڪلام ڳايا، جنھن تي سپاھين کي وجد اچي ويو ۽ ھو مست ھاٿين وانگر جھومڻ لڳا. ان بعد ھن ناچ شروع ڪيو، ته ھر طرف کان واھ واھ ۽ مرحبا جا آواز اچڻ لڳا ۽ جڏھن ناچ ختم ٿيو ته سندس قدمن ۾ نوٽن ۽ روپين جا ڍير لڳي ويا. انگريز ڪپتان ترجمان کي چيو ته، ”منھنجي پاران ھن کي مبارڪباد پيش ڪندي چؤ، ته جيڪڏھن ڪنھن شيءِ جي ضرورت ھجيس ته چوي،“ ھن نماڻي صورت صورت بڻائي چيو ته، ”صاحب اسان کي اڳيئي روپين سان ڍئي ڇڏيو آھي. حاڪم آھي، جيڪي ٻيو ڏيندو، سو اسان غريبن کي ڪم ايندو. باقي اسان کي سندس راضپي جو آفرين نامو ۽ پسنديءَ جو ليٽر ضرور کپي.“ ان تي صاحب ڪلارڪ کي چيو ته آفرين نامو ٽائيپ ڪري ته ھو دستخط ڪري. ھاڻي ھتان ٻيو به آفرين نامو حاصل ٿيو. ان کان پوءِ صبح جو سويل روانا ٿي، ٻه ميل پنڌ ڪري ڪنڌيءَ تي وڻن جي ڇانولن ھيٺ ويھي، ھن ضروري معلومات کي قلمبند ڪيو ۽ انھن کي رَئي ۾ ٻڌي، چيلھ سان ٻڌي اڳتي وڌيا.
اھڙيءَ طرح ان علائقي ۾ گشت ڪندا پئي ويا ۽ معلومات ۽ پئسن جو ذخيرو جمع ٿيندو پئي ويو. ان طرح ڪجھ ڏينھن بعد ھو نھايت مفيد معلومات کڻي واپس سانگھڙ آيا.
ھاڻي زينب ڇوڪري کي ھدايت موجب سانگھر ۾ ڇڏي، پاڻ نھايت خبرداريءَ سان ٻيلي ۾ رواني ٿي.
ٽن ڏينھن کان پوءِ جيئندو ٻن اجنبي ماڻھن سان ڪئمپ ۾ آيو ۽ سڌو سردار جي لانڍيءَ ڏانھن ويو. زينب جا ڪارناما ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻئي ڏينھن کيس ملي چيائين: ”زينب، تو جيڪي ڪارناما ڪيا آھن، انھن جو داد ڏيڻ، اسان جي وس کان در حقيقت ٻاھر آھي، ھاڻي توکي ٻيءَ مھم ڏي وڃڻو آھي، جنھن لاءِ مون ھڪ قابل ھارمونيم وڄائڻ واري کي پاڻ سان گڏ ھڪ مرڪز مان چونڊي آندو آھي. ھي ھارمونيم، پر يڪتارو، دِلو ۽ ٻيا ساز به وڄائي سگھندو آھي. ان کانسواءِ ھن جو آواز رَسيلو آھي. ھن مھم ۾ احتياط کان ڪم وٺڻو آھي ۽ سنڀالي قدم کڻڻو آھي، ڇوته ذري به ڪوتاھي ڪرڻ ڪري سارو کيل بگڙجڻ جو وڏو انديشو آھي.“
ھن ’اوڀائي شيدي‘ ڪلونت کي سڏائيندي سارو پروگرام ٻڌائي چيو ته، ”ھن مھم ۾ ڇوڪري کي به ڀلي کڻجو. ھن وقت صحرائي علائقي اندر جيڪي ڪئمپون قائم ٿيل آھن ۽ وڌيڪ قائم ٿي رھيون آھن، انھن جي صحيح معلومات اوھان کي حاصل ڪرڻي آھي. اوھان وٽ ملٽري آفيسرن جا بھترين سرٽيفڪيٽ موجود آھن، جنھن ڪري مون کي ڪو خاص انديشو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي؛ البت ايترو خيال ھر وقت اوھان کي رکڻو آھي ته دشمن، انگريز آھي، جنھن جي سلطنت دنيا ڀر ۾ آھي ۽ ان جا جاسوس مختلف روپن ۾ چپي چپي تي موجود آھن. اھي به اوھان وانگر ڪلونتن، فقيرن، مزدورن ۽ ٻھروپين جي لباس ۾ ھوندا آھن. مون کي معتبر ذريعن مان معلوم ٿي چڪو آھي ته اھي اسان جي ڪيترن معاونن وٽ نوڪرن جي صورت ۾ پڻ ڪم ڪري رھيا آھن.“ ائين چوندي جيئندي ھڪ لکيل، ماڻھن جي لسٽ سندن حوالي ڪندي چيو، ته ”ان لسٽ اندر اسان جي انھن ماڻھن جا نالا ۽ پتا درج ڪيل آھن، جتي جتي ھو ڪم ڪندا آھن ۽ انھن جي وچ ۾ رابطه رکڻ لاءِ خاص لفظ ’انگريز‘ مقرر ڪيل آھي، جيڪڏھن اوھان کي ڪنھن به ھنڌ تي ڪھڙي به قسم جي مدد جي ضرورت پيدا ٿئي، ته بيڌڙڪ ذڪر ڪيل اکر ٻڌائي، انھن ماڻھن کان امداد طلب ڪجو.“
پوءِ جيئندو زينب کي وڻن جي ھڪ جھڳٽي اندر وٺي ويو، ۽ اکين ۾ پاڻي آڻي چيو ته، ”آءٌ ان انتظار ۾ ھوندس، ته تون ڪاميابيءَ سان واپس اچين ته...... مون سردار کي ان بابت اڳيئي آگاھ ڪري ڇڏيو آھي، ۽ سردار رضامنديءَ جو اظھار ڪيو آھي.“ پوءِ ٻاھر اچي ھوءَ اوڀائي شيديءَ سان رواني ٿي.
سانگھڙ پھچي زينب عمر کي وٺي اوڀائي وٽ آئي. ٽي ڏينھن سانگھڙ ۾ رھي، تياري ڪري چوٿين ڏينھن صبح جو ھو ٽيئي ڄڻا اُتان روانا ٿيا.
پھريائين ڪجھ ميل شاھي رستي کان پاسيري پيچري تان ھلي، پوءِ شاھي رستي تي آيا ۽ اتان لاريءَ ۾ سوار ٿي، منزل مقصود جي ويجھو پھچي لھي پيا. ڳپل پنڌ ڪرڻ ڪرڻ کان پوءِ اوڀائي چيو ته ھاڻي اسين پھرئين نشان جي ويجھو پھچي ويا آھيون. اتان کين ملٽريءَ وارن جي ڪئمپ ڏسڻ ۾ آئي، ھو آھستي ھلندا اچي ڪئمپ جي ويجھو پھتا، ته ھڪ سپاھيءَ ھڪل ڪندي چيو ته، ”ڪير آھيو ۽ ھيڏانھن ڇو پيا اچو؟ ھيءُ عام رستو ناھي.“ ان تي اوڀائي نماڻو منھن ڪري پھريدار سپاھيءَ کي چيو ته، ”خانصاحب! اسين راڳ ۽ ناچ جو تماشو ڪندا آھيو، ۽ ھن وقت تائين اسان اَٺن ڪئمپن ۾ تماشو ڏيکاري ھاڻي اوھان صاحبن کي وندرائڻ لاءِ آيا آھيون. اميد ته اوھين اسان کي موقعو ڏيندا.“ اوڀائي اھي اکر اھڙي ته لھجي ۾ چيا جو ملٽريءَ وارپ ڀِڄي پيو ۽ کين وٺي آفيسر جي خيمي ۾ آيو. آفيسر احوال ٻڌي، سرٽيفيڪٽن جو معائنو ڪري ھڪدم ھائوڪار ڪري، محفل جي انتظام جو حڪم ڏنو.
شام جو آراسته ميدان ۾ ھنن ناچ گانو شروع ڪيو ۽ سومھاڻيءَ مھل ھنن وٽ نوٽن ۽ آڌين جا ڍڳ لڳي ويا.
صبح جو کين گُڊ سرٽيفڪيٽ مليو ۽ اتان روانا ٿيا. ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ اوڀائي ويجھي ۾ ويجھي ٻي ڪئمپ بابت سپاھي پھريدار کان پڇيو ته ھن چيو ته، ”ويجھي ۾ ويجھي ڪئمپ ان ريگستاني علائقي ۾ ٻيو نه ته به ڏھن ميلن جي مفاصلي تي آھي؛ ان ڪري اوھين اتي آسانيءَ سان پھچي نه سگھندا.“ ان تي اوڀائي کانئس مشورو ورتو، ته ڪيئن ڪريون؟ سپاھيءَ چيو ته جيڪڏھن اوھان جو ان طرف وڃڻ جو ارادو آھي ته وري اندر ڪئمپ ۾ وڃو ۽ صاحب کي عرض ڪريو ته، ”راشن جا اُٺ جيڪي سڀاڻي راشن کڻي ويندا، انھن سان اوھان کي موڪلي. ھونئن ته اھو علائقو ڏاڍو خطرناڪ آھي، اوھان جا لاھ نڪري ويندا. خاص ڪري......“ ھن زينب ڏانھن ۽ ڇوڪري ڏانھن اشارو ڪندي مشڪندي چيو. ھو ھن جو شڪريو ادا ڪندي صاحب وٽ ويا ۽ اُن کي چيائون. جنھن تي صاحب اول ته خيال ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ جڏھن زينب وري به عرض ڪيو ته مشڪي چوڻ لڳو ته ھڪ ڪلاڪار ليڊيءَ کي انڪار ڪرڻ تھذيب جي خلاف آھي. ائين چئي ھن کي الائجي ڪھڙو خيال آيو، جو چيائين ته بيھو ته فوٽو ڪڍانوَ، اھو آءٌ ولايت ۾ دوستن ۽ ميم صاحب کي ڏيکاريندس.
ھو تنبوءَ کان ٻاھر ٿي بيٺا ۽ صاحب سندن ھڪ فوٽو گَڏيل ورتو ۽ زينب جو ھڪ فوٽو جدا ورتائين.
مجبوراً رات اتي ترسڻو پيو.
ٻئي ڏينھن ڏھين وڳي ڌاري راشن جا اُٺ تيار ٿيا. وڃڻ مھل صاحب اُٺن جي مُھندار کي پارت ڪئي ۽ کين چيائين ته جيڪڏھن واپسي مھل ھتان اچو ته پوءِ ضرور اسان وٽ اچجو.
ھاڻي ھو ريگستان ۾ اٽڪل پنجن ڪلاڪن جي جانڪاھ مسافريءَ بعد ھڪ ڀِٽ تي چڙھيا ۽ جنھن وقت اُن تان لٿا ته پريان ڪئمپ ڏسڻ ۾ آئي. شام جو اُتي محفل رچائي ويئي. شام تائين کين ڪئمپ جي صورت مان ڪافي معلومات حاصل ٿي ويئي. ھن ڪئمپ جي خاص ڳالھ اھا ھئي جو ان ڪئمپ اندر گرفتار ٿيلن غازين ۽ ٻين ڊاڪن جي پڻ ڪئمپ ھئي، جيڪي ان ساري علائقي مان گرفتار ٿي ھتي پھچندا ھئا ۽ اھي سانگھڙ يا جھول ڏانھن روانگيءَ لاءِ انتظام ٿيڻ تائين اتي ئي رکندا ھئا.
انھن قيدين کي اوڀايو اٽڪل سان ڏسي آيو، ۽ چيائين ته ’غضب ٿي ويو، ملوڪ خاصخيلي جنھن کي ”ٿر جو عقاب“ ڪوٺبو آھي، اھو به گرفتار ٿي آيو آھي. اسان ھڪ ٻئي کي سڃاتو ۽ اکين ئي اکين ۾ ڳالھايوسين.‘
رات جو ھڪ صوبيدار، حوالدار کي تنبيھ ڪندي چيو، ”پھريدارن کي خاص تاڪيد ڪيو وڃي ته ھو تندھيءَ سان پھريداريءَ جا فرائض سرانجام ڏين، جو اھو ’ملوڪ‘ عقاب آھي، عقاب! اصل ذرو به موقعو پائيندو ته ٽپا ڏيئي ھليو ويندو.“ چالاڪ اوڀائي کي ڄڻ ته موقعو ملي ويو ۽ صوبيدار جي وڃڻ بعد عجب مان وات ڦاڙيندي ھڪ بيٺل سپاھيءَ کان پڇيو ته، ”خانصاحب! اوھان ڪو عقاب به جھليو آھي ڇا؟“ ان تي اھو سپاھي سادگيءَ سان چوڻ لڳو ته، ”اڙي ميان! اھو عقاب، ڪو پکي ناھي، پر ڪمبخت ھڪ حُر آھي، جيڪو لانگھائو ۽ گشتي فوجن تي ڇاپا ھڻندو ھو. ڪافي وقت تائين ھن جي تلاش جاري ھئي، پر ھٿ نه ٿي آيو، چار ڏينھن ٿيندا جو ھو پنھنجن چئن ماڻھن سان ھڪ ڀِٽ تي سُتل ھو، ته ھڪ جاسوس اچي خبر ڏني. اسان وڃي کيس اوچتو گھيرو وڌو ۽ چئني کي سُتل حالت ۾ گرفتار ڪري وڌوسين. جيڪڏھن ھن کي ڪا اڳ ۾ کُڙڪ پئجي وڃي ھا، ته پوءِ ھن کي جھلڻ ھڪ محال امر ھو. ھن جا ساٿي ھن کي ڇڏائڻ لاءِ ڪوشان آھن، ان ڪري صاحب، خاص انتظام ڪيا آھن، ته ھن کي سانگھڙ ڏانھن وٺي وڃڻ لاءِ خاص فوجي دستا ۽ اُٺ ايندا ته پوءِ ھن کي اوڏانھن اماڻيو ويندو.“
شام جو سڀ سپاھي، ھڪ گول دائرو بڻائي ويٺا ۽ آفيسرن لاءِ ڪرسيون رکيون ويون. گولن جي روشنيءَ ۾ رات مان ڏينھن ٿي ويو. اوڀائي پھريون واڄو وڄايو، ڇوڪري ان جي آواز سان پڪواز جو تال- ميل جوڙيو ۽ جڏھن اھو ڪمال جي حد تائين پھتو، ته زينب اول اول ناچ شروع ڪيو ۽ ان بعد راڳ شروع ڪيو. موقعي جي نزاڪت کي ڏسي، اوڀائي اول شاھ جي ھيءَ ڪافي ڇيڙي:
متان ٿئين تون ماندي، الا،
ويجھا توکي وڻ آھن وندر جا!
ان بعد ٻي ڪافي:
ٿيو ملڻ جو ساعيو، دوست پيھي در آيو.
ھي ٻئي ڪافيون ’صحرائي عقاب‘ لاءِ اشارو ھيون ۽ جيئن ته پوري سوز جگر سان ٿي چيون ويون، ان ڪري جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو، تيئن تيئن زينب جو ناچ ڪمال جي منزل تي پھچندو ويو. صاحبلوڪ ۽ سپاھي ڏاڍو خوش ٿيا.
رات جو دير تائين جڏھن تماشو ختم ٿيو، ته ھو سڀ سمھڻ لاءِ پنھنجن ٺڪاڻن تي پھتا.
ٻئي ڏينھن اڳتي وڃڻ کان اڳ، اوڀائي سارو احوال قلمبند ڪيو ۽ موقعو وٺي، اھو زينب کي ڏنائين، جو ھن رَئي ۾ سنڀالي چيلھ سان ٻَڌو.
ٻئي ڏينھن صاحب کين سرٽيفڪيٽ لکي ڏنو ۽ پڇا مان معلوم ٿيو ته ٻي ڪئمپ صرف پنجن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ ڀِٽ مٿان آھي ۽ ان جي ڀرسان پاڻيءَ جو چشمو پڻ آھي.
ٿر يا صحرا ۾ پاڻيءَ جي چشمن جا اکر پڙھي ڪي ناظرين حيران ٿيندا ھوندا، ڇوته بدقسمتيءَ سان اسان جي سنڌ جي تعلقن جون جيڪي به جاگرافيون ھن وقت اسڪولن ۾ ھلن ٿيون، تن مان گھڻيون انھن تعلقن جي رھاڪن جون لکيل نه آھن، جنھن ڪري ھو تعلقن جي حقيقي ۽ ضروري معلومات کان گھڻي قدر خالي آھن ۽ اڄ تائين ڪنھن به جاگرافيءَ مان اھو پتو ڪونه ٿو پوي ته کپري، سانگھڙ ۽ خيرپور ضلعي جي اوڀر واري ٿر، جنھن کي ”اڇڙو ٿر“ ۽ ”رُوھي“ سڏبو آھي، تنھن جي ڪيترن ئي حصن ۾ پاڻيءَ جي سطح ايتري بلند آھي، جو ٿوري کوٽڻ بعد نھايت عمدو مٺو پاڻي نڪري سگھي ٿو، ۽ جيڪڏھن اتي ٽيوب ويلن (مشين جو ڄار وڇايو وڃي ته جيڪر ٿورن ئي ورھين ۾ اھو علائقو گلزار بڻجي وڃي.)

ھيءُ سانگھڙ جو شھر آھي، منجھس وڏي انگريز ملٽري لٿل آھي؛ جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر ته شھر کان ٿورو ٻاھر انجنيري بنگلن ۾ آھي، پر شھر ۾ ڏينھن- رات سندن چڪر آھن، انھيءَ کان سواءِ پوليس به ڪافي وڌايل آھي. انھن سڀني ڳالھين سبب جيڏو امن ۽ بي ڊپائي ھن شھر ۾ تصور ڪري سگھجي ٿي، اوترو ڪنھن به ٻئي شھر ۾ نه.
ايڏو امن ڏسي حُر ايراضيءَ جا اڪثر وڏيرا ۽ سيٺيون لڏي اچي ھن شھر ۾ ويٺا آھن ۽ پوءِ امن ۽ بي فڪري ڏسي حُرن تي جيترا به ٿي سگھن، اوترا ظلم ڪرائين ٿا؛ ڇاڪاڻ ته مارشل لا آفيسرن کي حُرن بابت جيڪو به فرياد ڏجي ٿو، ان ۾ ھو حُرن کي ڏوھي سمجھن ٿا، ۽ حر ڪيترو به بچاءُ ڏين ٿا، ته به اھو ٻُڌڻ بنا کين ڪورٽ مارشل طرفان ٻه- ٻه، چار- چار سال جيل پيو ڏنو وڃي؛ نڪو ڌڻي نڪو ڌوڙي، نڪو قياس، نڪو رحم، نڪو انصاف نڪو غور!

اھڙي شھر ۾ ھڪ مسلمان وٽ ھڪ واڻئي جا ٻه- ٽي سؤ روپيا رھيل ھئا، جي وياجن تي وياج چاڙھي وڃي ڏيڍ ھزار ڪيو ھئائين؛ ۽ ھينئر سخت مھل ڏسي اچي کين گھُٽيائين ته ”ڪنھن به حالت ۾ ليکو چُڪتو ڪريو!“
حُر منٿون ڪن، چي ”سيٺ! ھيءَ مھل ڪا ليکي چُڪتو ڪرڻ جي آھي! ٿورو گھڻو جيئن اڳي پيا وَھون، تيئن ھينئر به حاضر آھيون، رُت کري آھي، ڪا ڄمار ڪانه کري آھي.“
پر سيٺين جي لُغت ۾ وري ھيءَ ئي مھل موج جي ھئي؛ سو ٻي نڪا ٽين، ڦاڙيندي ڪپڙا، سڌو مارشل لا وارن وٽ؛ چي ”حجور جُلم ٿيو آھي، گجب ٿيو آھي؛ ٽن حرن ۽ سندن زالن مان گريب تي حملو ڪري مان کي مار ڏني آھي، ۽ دڪان لُٽيو اٿن، منھنجو داد ٿئي حجور!“
”مارشل جي ھيڊ ڪوارٽر ۾ ۽ حُر ڪن ايڏا ظلم؟ ٻڌي اچو بدمعاشن کي!“
بس، ھڪدم پنج- اَٺ فوجي وٺي وڃي غريب قرضين تي ڪڙڪيو ۽ زالين- مڙسين کين ٻَڌائي آيو. ھنن جون رڙيون ”چي اسان سان ظلم آھي“ ۽ ڪورٽ مارشل جي رحم دل ۽ انصاف پسند ججن، پنج- اٺ قلم لڳائي، يڪدم کين ٻه- ٽي، چار- پنج سال جيل ڏيئي ڇڏيو!
ڄٽ اھي ٿا وڃن .....!
”ھاڻي جيڪو مان سان ٽڻ مِڻ ڪندو، مان انھيءَ سان ائين ئي ڪندس.“سيٺ مُڇن کي وٽ ڏيندو اعلان ڪندو ويو. پوءِ ڪي مھينا ته پئي ائين ڪيائين ۽ انھن دڙڪن وسيلي اڳيون پويون سموريون اوڌريون ٻيڻيون، چوڻيون وصول ڪري ورتائين؛ پر اوڻٽيھ ڏينھن چور جا، ته ٽيھون ڏينھن ساڌ جو. ھڪ ڏينھن حساب ڪتاب جو دلاسو ڏيئي، وٺي ويس جو ٻھراڙيءَ ۾، ته وري نه موٽيو! سندس پٽن کي جو اٿاھ دولت ھٿ اچي ويئي، سي به حال ته ٽاڏ ڪرڻ لڳا؛ پر جڏھن گلو گورنر جي صحيح سان، جيجو جرنيل جي قاصد اچي نوٽيس پھچايو، ته ھيترا ڪه ھيترا پئسا فلاڻي ھنڌ پھچايو، نه ته اُماڻيانوَ ٿو پڻھيان وٽ؛ ته نوخيز نوجوان ڊڄي ويا ۽ ھٿ پير جوڙي ھر ڪا طلب قبول پئي ڪيائون.
وري ھڪ وڏيري جيئندي وساڻ کي جو ڪڏڪاري کنيو، سو ڪن حُرن جي گھرن تي چڙھائي ڪرائي سندن ڪنواري ٻانھن کڻائي ورتائين ۽ مقابلي ۾ سندس ڪي ماڻھو به مارجي ۽ ڦٽجي پيا ۽ انھيءَ کان سواءِ پنھنجي اثر رسوخ ۽ جاسوسين وسيلي ڪيترا حُر جھلايا ھئائين.
ھاڻي وڏيرو صاحب ته پنھنجي فئمليءَ سميت ويٺو آھي سانگھڙ جھڙي شھر امن گاھ ۾، جتي ’چاري چؤگانن ۾ واھيت ڪن وزير؛‘ ۽ مقھور ۽ مجبور حُر به ڪي اھنسا جون ٻڪريون نه ھئا، جي صبر ڪري ويھن؛ مگر ھرڪو مشڪل ڪم وقت ۽ وجھ سان ٿيندو آھي. ھو به وجھ ڳوليندا رھيا، ته ھن انگريزي ملٽريءَ جي پاڇي ۾ ويٺل وڏيري کي ڪيئن سبق سيکارجي!
اڄ سانگھر جي ملٽري ھيڊ ڪوارٽر ۾ خوشيون ئي خوشيون آھن، ڇوته سپاھين جي تفريح طبع لاءِ ”موونگ (ھلندڙ) سئنيما“ آيل آھي. کلئي ميدان تي پردو لڳائي سڀ آفيسر ۽ سپاھي اچي اھا ڏسڻ ويٺا؛ پر اھڙيءَ موج ۾ اچي ويا، جو چؤگرد عوام به ڦري اچي بيٺو ۽ ھنن به انھن کي ڪا منع ڪانه ڪئي، چي شينھن جي اوبر مان گدڙن جي کائڻ ۾ ئي ته شينھن جي سچي خوشي آھي.
کيل جڏھن پوري عروج تي آيو ۽ ملٽريءَ وارا بي اختيار تاڙيون وڄائي رھيا ھئا ته اوچتو دستي بم مشين تي اچي ڦھڪو ڪيو؛ ھاڻي ڪيڏانھن ويا کيل ۽ ڪيڏانھن ويون موجون؛ سپاھين مان ڪيترن کي ته حُرن جو ايڏو ڇِرڪ ھوندو ھو، جو ھڪ دفعي جھنگ جي ڪئمپ ۾ گڏھ جو کَڙڪو ٻڌي وٺي جو کڻي فائر ڪيائون ته سوا سؤ ڪارتوس چٽ، اصل ويچاري کي گَپ بڻائي ڇڏيائون؛ سو انھن گڏھ مار بھادرن مان ڪي ھتي به ھئا، تن ”گھوڙا ڙي حُر“ ۽ ”گھوڙا ڙي حُر“ جا نعرا کڻي بلند ڪيا، ته ٻيا به سڀ ڀڄندا وڃي ميگزين ھٿيارن ۽ آفيسرن جي چؤگرد بيٺا؛ ۽ نه فقط ايترو، پر شھر جي پوليس به خزاني، جيل وغيرہ جي سنڀال ۾ بيھي ويئي. ھيءُ سڀ انھي ويسلائيءَ ۾ رھجي ويا، ته ڪلاڪ ڏيڍ بعد ھڪ پوڙھو شخص نالي ”ٺڪر وساڻ“ روئيندو ڦٿندو اوڇنگارون ڏيندو آيو، چي: ”پنج- ست حُر موقعو وٺي اسان جي گھر ۾ ٽپي پيا ۽ اھو وڏيرو جيئندو وساڻ، سندس ٻه پٽ غني ۽ عثمان، سندس زال سامان، سندس ننھن ۽ ٻه ٻيا، اھي ھڙئي ماري، ھڪ ٻانھن کڻي ڀڄي ويا؛ آءٌ اَن جي ڳوڻين جي وچ ۾ لڪي، جان بچائي ويٺو ھوس، ۽ ھاڻي رت جا درياءَ ڏيکارڻ لاءِ اوھان وٽ آيو آھيان!“


آفيسر ته ان وقت پنھنجيءَ ۾ پورا ھئا، تن وٺي کانئس ڪڙڪا ڪري اندروني حالات پڇيا، ۽ جڏھن معلوم ٿين، ته حُرن پنھنجو وير ئي ورتو آھي، ڪو ناحق ڪونه ڪيو اٿن، ته حقيقي داد اھو ڪيائون چي: ”چلو اڇا ھئا، دوسرون پر ظلم ڪرني والون ڪي ايسي ھي سزا ھوتي ھي!“
سانگھڙ جي ڀر جو ويٺل غازي ’سومار واڍو‘ ھڪ دستي جو سالار ھو. ھڪ دفعي کيس خبر ملي، ته آسپاس ۾ ھڪڙي ملٽريءَ جي ننڍي ڪئمپ قائم ٿي آھي، جنھن ۾ پنجاھي ماڻھو مس آھن؛ ھو صرف پنج جانباز پاڻ سان وٺي نڪتو ھنن تي حملي واسطي. اڃا ھن جاچ پئي ڪئي ته ڪٿان ۽ ڪھڙيءَ طرح حملو ڪريون، ته اوچتو ھڪ پھريدار سندس ٽَنگون ڏسي ورتيون ۽ کڻي رڙيون ڪيائين ته ”گھوڙاڙي حُر اچي ويا!“
بس، ھن جي اھا دانھن ڪرڻ شرط ملٽريءَ وارا بي اختياراُٿيا ۽ انڌا ڌنڌ بندوقون ڇوڙڻ لڳا. پر سومار کي الائي ڪھڙي سُجھي، جو پنجن ئي ھمراھن کي ھڪ پيچري ڏانھن اشارو ڪري چيائين ته، ”اوھين ھڪدم ھتان ھلي وڃي اڏي تي پھچو.“ ۽ ۽ ھيءُ يڪدم ھڪ وڻ جي پوئتان بيھي، ٿري ناٽ ٿري رائفل سان اھڙيءَ ته چالاڪي سان فائر ڪرڻ لڳو، جو سندس ڪابه گولي خالي ڪانه ويئي. پنج ست ملٽريءَ وارا ڪيرائي ھي وري ڊوڙي ٻئي وڻ آڏو بيھي اُتان فائر ڪرڻ لڳو، وري ڪجھ مفاصلي تان بيھي اتان فائر ڪرڻ لڳو، تان جو ملٽريءَ وارن ته ائين ئي سمجھيو ته ڪو وڻ وڻ ۾ حُر آھي. ان ڪري لاچار ھنن به ٽولا ٽولا ٺاھي جدا طرفن ڏي وڌڻ شروع ڪيو. سومار ڏسي ورتو، ته ھڪڙي ٽولي جي پُٺ ۾ ھڪڙو نوجوان آھي، جنھن جي ھٿ ۾ ننڍي مشين گن آھي. ھن نھايت آھستگيءَ سان وڌي اُن جوان کي ڪشِي جا سنڌي ڪُھاڙي، ته پوري رڙ به ڪانه نڪتيس ۽ ڪري پيو. ھيءُ ڦڙتيءَ سان سندس مشين گن ۽ پٽو ۽ گولين جي ڳوٿري کسي، وري به وڻن پٺيان ڀڄي ويو ۽ جيئن ئي ھن جوان جا واھرو پوئتي موٽيا، ته ھن انھن تي به رائفل جي ٺڪا ٺوڪي لڳائي ڏني ۽ پوءِ مخفي پيچري مان ڀڄندو وڃي پنھنجي دستي وٽ پھتو. ۽ اڳتي ھلي سندس سردار کي اھا مشين گن گولين سميت تحفو ڪري ڏنائين.
سومار ته پنھنجي ٺڪاڻي ڏانھن ھليو ويو، پر ملٽريءَ وارن ڪيترو ئي وقت پئي چؤطرف فائر ڪيا ۽ ۽ ھي انھن جا ٺڪاءَ ٻڌي کلندا پئي رھيا!
مگر انھن سپاھين ۾ ھڪڙو فرنٽيئر جو پٺاڻ ھو، تنھن محسوس ڪري ورتو ته ھيءُ سمورو ڪارنامو ھڪ ئي شخص جو آھي؛ سو مٿس ڪو اھڙو اثر پيو، جو پنھنجن ھمراھن کان لڪي نڪتو ۽ ٽوھ وٺندو وٺندو وڃي انھيءَ پيچري تي پھتو. پوءِ انھن کي جاچيندو وڌندو وڃي حُرن کي ويجھو ٿيو. جڏھن سندن چڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ آيس، تڏھن آواز ڏنائين ته، ”آءٌ انگريزي ملٽريءَ جو فرد آھيان ۽ اوھان جي پناھ ۾ اچڻ گھران ٿو؛ مھرباني ڪري مون تي ڪو حملو نه ڪجو.“ ائين چئي ھٿ اُڀا ڪري آواز ڏيندو، ھنن ڏي وڌيو. ھمراھ به خبردار ٿي بيٺا، ته متان ڪو ڌوڪو ھجي؛ پر جڏھن ھو وٽن پھتو، تڏھن چوڻ لڳو ته، ”اوھان جي اڄوڪي ھمت کي ڏسي آءٌ ته سنڌين جي بھادريءَ تان فدا ٿي ويو آھيان. درحقيقت آءٌ ته ھونئن به انگريزي ملٽريءَ جي ظلمن ۽ قھرن سبب بيزار ھوس، پر اڄ پڪو پھ ڪيو اٿم، ته باقي عمر اوھان جي ئي رفاقت ۾ گذاريندس، اوھان ۽ اسان وچ ۾ خدا پاڪ ضامن آھي!“
ھمراھن کي اگرچ جاسوسن جو ڇرڪ ھو، ان ڪري سندس مخفي جاچ رکندا ٿي رھيا، پر ھن شخص ڪيترن ئي معرڪن ۾ اھڙو ته رفاقت جو حق ادا ڪيو، جو سڀئي واھ واھ ڪندا رھيا. ھو آخرڪار ھڪ معرڪي ۾ شھيد ٿي ويو.، ۽ سندس وصيت مطابق حُرن سندس سامان سندس پَتي تي موڪلي ڏنو.

ھڪ دفعي صرف پنجن حُرن ٽنڊي آدم جي ھڪ ڪاٽن فيڪٽريءَ تي حملي ڪرڻ جو پروگرام بڻايو. اتفاق سان ڪنھن غدار وڃي ملٽريءَ کي خبر ڏني، پر ملٽريءَ وارن کي ويساھ نه آيو، ته ڪو ھيڏي ساري شھر ۾ ھيڏيءَ ساريءَ فيڪٽريءَ تي ڪي پنج ڄڻا حملو ڪندا. ضرور ھنن جي پُٺ تي ٻيا به گھڻا ھوندا؛ سي ٻه اڍائي سؤ سپاھي مٿن ڪاھي ويا. ھاڻي ھڪ طرف پنج ڄٽ ۽ ٻئي طرف ھي ٻه اڍائي سؤ تربيت يافته ۽ تجربيڪار! پر نتيجو.......؟ نتيجو اھو، جو چاليھارو ماڻھو مارائڻ بعد ھو ڪنھن ڌوڪي سان ھنن پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري آيا، يعني منجھانئن ھڪڙو به ڪونه ماريائون!
جڏھن ھيءَ خبر حيدرآباد ۾ پھتي، تڏھن ڪي پڄت وارا ماڻھو صرف ھنن مٿيرن جي ديدار ڪرڻ لاءِ وڏيءَ ڪوشش ۽ خرچ سان سينٽرل جيل ويا. جڏھن ھنن کي ڏٺائون، ته وات ڦاٽي وين.... ڇوته ھنن ۾ ٻه ڄڻا يعني مير دوست نظاماڻي ۽ علي شير خاصخيلي ته صرف 16_ 17 ورھين جا نوجوان ھئا.... ۽ گھڻي ۾ گھڻا ملٽريءَ وارا انھن ٻن نوجوانن ئي ماريا ھئا، پر کين لھس به ڪانه آئي ھئي. انگريزي ملٽريءَ وارن شرم کي پرچائڻ لاءِ ظاھر ته ائين ڪيو، ته حر تمام گھڻا ھئا، جن مان ڪافي مارياسون ۽ ڪافي ڦٽياسون؛ پوءِ ٻيا ته پنھنجن لاشن ۽ ڦٽيلن کي کڻي ڀڄي ويا، پر پنج جانباز اسان به جيئرا پڪڙي وڌا ۽ اسان جا صرف چاليھارو جوان ضايع ٿيا!.....
۽ اُھي ھيون فيل مست انگريز جون بھادر فوجون، جن بابت سندن ءر جي ڀيدي سابق ليفٽيننٽ وليداد خان گوله انداز رسالي مھراڻ 58-02-01 ۾ لکي ٿو ته ’ھڪ ليفٽيننٽ ائبرٽني سان ته اھڙو حال ھو، جو حُرن جو تصور ايندو ھئس ته اوچتو چرين وانگر کڻي ڇرڪ ڀريندو ھو، ۽ ڪمپنيءَ لاءَ چرچي جو باعث بڻجي ويندو ھو!
ھنن واقعن انگريزي ملٽريءَ خواھ پوليس جو رعب شھرن مان به گھٽائي ڇڏيو ۽ شھرن ۾ پناھ وٺندڙ وڏيرا به حُرن سان از خود صلح ڪرڻ لڳا؛ ڪنھن به وڏيري کي ڳاڙھين ڪُنڊن وارو لفافو پھتو ناھي، ته رقم نڪتي ناھي!
۽ ٻئي طرف وري ملٽريءَ جو انگ به ايترو وڌايو ويو، جو اندازو آھي ته ان وقت اٽڪل ھڪ لک ملٽري ۽ ايس- پي- آر وڏي ساز سامان ۽ ھوائي جھازن سميت سنڌ ۾ رھندي ھئي، جا جيسلمير، جوڌپور، بھاولپور ۽ قلات تائين به چڪر لڳائيندي ھئي. سندن آفيسر بم ٻڌڻ طور کڻي ڪھڙيون به رپورٽون ڏيندا ھئا، پر خانگي طرح سندن اھائي گفتگو ھوندي ھئي ته شڪر آھي جو ھنن جو نڪي اڳواڻ آھي، نه ڪو کين باقاعدي ٽريننگ ڏيندڙ ۽ نڪي ڌارين حڪومتن سان واسطو اٿن؛ نه ته جيڪر ھي اسان جو سنڌ ۾ وھڻ وِھ ڪري ڇڏين ھا ۽ ”ڪئٽ سنڌ“ تي پورو پورو عمل ڪرائي ڇڏين ھا!

ھاڻي ’گامون گورنر‘ ۽ ’جيجو جرنيل‘ پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر اچي حيدرآباد بڻايو؛ ’گورنر صاحب‘ ڪڍيا ڇپيل نوٽيس ۽ تعميل ڪندڙ ٿيو ’جيجو جرنيل‘؛ پوءِ صورتحال اھائي بڻي، جو ٿوري ئي وقت ۾ ’گامون گورنر‘ جي ڍل جي ڇپيل نوٽيس ملڪ ۾ باھ ٻاري ڏني. جنھن به زميندار کي اھو نوٽيس ٿي پھتو ان جا وائيسر ئي خطا ٿِي ٿي ويا. انگريزي سي. آءِ. ڊي ويھن ننھن جا زور لڳائي بيھي رھي، ته اھي نوٽيس ڪھڙيءَ پريس ۾ ٿا ڇَپجن. پر ڪوبه پتو پئجي ڪونه سگھيو؛ ڀلا پتو پوي ڪٿان، جو ان وقت خود انگلينڊ مان ئي ھڪڙيون اھڙيون پورٽيبل پريسون تيار ٿي، وڪري لاءِ ڪراچيءَ ۾ اچي ويون، جي ضروري سامان ۽ ٽائيپ سميت، ھڪ معمولي سوٽ ڪيس جيڏي باڪس ۾ بند ٿيل، صرف ھڪ سؤ روپين ۾ ملڻ شروع ٿي ويون ھيون.
خوش قسمتيءَ سان گامونءَ وارو دوست ڪليڪٽر حيدرآباد ۾ ڪنھن وڏي عھدي تي اچي ويو ۽ گامون به اچي وٽس پٽيوالو ٿيو. ھاڻي ڀلا خود ڪليڪٽر جي گريڊ واري آفيسر جي ئي پٽيوالي جي ڪوارٽر ۾ پيئي اھڙي پريس نوٽيس ڇپي، سا سي. آئي ڊي ڪٿان ٿي ڳولي سگھي! ھن ميرپور ۽ نواب شاھ جي پريسن جي تلاشيءَ سان ته حد ڪري ڇڏي ۽ حيدرآباد جي پريسن تي به چڱي چوڪسي رکيائين، پر اتي ھجي ڪو ڪم ته لڀي به سگھي، تنھن ڪري ھڻي ڇڏيائين اھو گشو ته اھي نوٽيس ٻاھران ٿا ڇپجي اچن.
ھن پروگرام ھيٺ ڪيترائي زميندار ته ٻِسريون ڍلون ڀرڻ لڳا، ۽ تپيدارن تي ڦر جو سٽڪو لڳو. سو ڪي چالاڪ تپيدار ته ماڳھين پاڻ ئي ڍلون ھضم ڪري ڦر جون رپورٽون ڪرڻ لڳا. انھي تي انگريز سرڪار حُڪم ڪڍيو ته مارشل لا ايراضيءَ ۾ ڪوبه تپيدار ڍلون اڳاڙڻ نه وڃي، بلڪ زميندار پاڻ ئي اچي تعلقه آفيس ۾ ڍلون پيارين. نتيجي طور ڪيترائي زميندار ته واٽ ۾ ڦرجڻ لڳا ۽ ڪن وري تپيدارن سان سازباز ڪري بقايائون رھائي ڇڏيون، جن مان اڪثر پوءِ ڪڏھن به وصول ڪونه ٿيون ۽ اڃا تائين اھي ڪروڙن جون بقايائون ڪاڳرن ۾ ھلنديون اچن!
ٻئي طرف ننڍا ننڍا ٿاڻا ڦرجڻ لڳا، مقابلو ڪندڙ پوليس مارجڻ لڳي، بلڪ ڪن ٿاڻن کي باھيون به لڳيون ته اڪثر ننڍا ٿاڻا يا آئوٽ پوسٽون بند ڪيون ويون، جنھن ڪري بدامني ھيڪاري وڌي ويئي ۽ اڪثر زميندار لڏيندا شھرن ۾ وھندا ويا. انھي وقت کان ڪجھ اڳڀرو جو سرد بازاريءَ سبب شھر ۾ اڪثر جاين ۽ دڪانن تي ”ٽوليٽ“ جا بورڊ لڳا پيا ھئا، سي بورڊ ته الائجي ڪيڏانھن ويا، پر مسواڙون اھڙيون گران ٿي ويون، جو سرڪار کي لاچار شھرن لاءِ ”رينٽ ڪنٽرول ائڪٽ“ چالو ڪرڻو پيو ۽ انھي ڪري وري پڳڙين جو رواج شروع ٿي ويو.
ھيءَ صورتحال ڏسي ڪن صوبيدارن، انسپيڪٽرن ۽ ڪمانين کي ڪُڏڪاري کنيو، سي شھپرن کي وٽ ڏيئي، بھادري ڏيکارڻ ۽ ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ حُرن کي گاريون ڏيندا مقابلن لاءِ نڪتا. ھنن مان ھڪ نوجوان صوبيدار مسٽر صاحبڏنو خان، ساڪن محله الھداد چنڊ، حيدرآباد سنڌ به ھو، جنھن جي شاديءَ کي اڃا ٽي مھينا مس گذريا ھئا. ھن حُرن کي تڪليف ڏيڻ ۾ اھڙيون پھلوانيون ڏيکاريون جو تُرت سندس نالو انسپيڪٽريءَ لاءِ رٿيو ويو ۽ ھڪ طرف ته اُھي ڪاغذ به حيدرآباد جي افيس ۾ پھتا، ھن مردانه حسن جي مجموعي جي لاش پھچڻ تي الھداد چنڊ جي زمين ڄڻ ته ڪاري ٿي ويئي ھئي.

ھڪ انسپيڪٽر جناب سيد محسن شاھ کيس ”بيوقوف“ سڏيندي، مُڇن کي وٽ ڏيندي چيو، ”انھن حُرڙن رڳو الڙ ڇوڪرا ماري ڏٺا آھن، اٽڪائين نه ڪنھن اسان پاري مرد سان ھٿ، ته خبر پوين!“
”انشاءَالله تعاليٰ“ مريد خان مھڪاڻيءَ به ساڳيءَ طرح شھپرن کي ھٿ ھڻندي چيو.
ان وقت اوچتو تقاوي ڏيڻ لاءِ کپري ڏي پئسن ڏيڻ جي ضرورت درپيش آئي، ٻه ٽي لک روپين پھچائڻ لاءِ انسپيڪٽر محسن شاھ جو نالو پيش ٿيو. شاھ صاحب ھن ڊيوٽي ادا ڪرڻ لاءِ خوشيءَ سان تيار ٿيو. ٺيڪ ڏھين وڳي کپري واري لاري ميرپور خاص کان اسٽارٽ ٿي. دستور موجب انسپيڪٽر صاحب ڊرائيور سان گڏ ويٺو. کيس پستول ٻڌل ھو، چار پوليس وارا رائفلن سان پوئين خاني ۾ پئسن سان گڏ ويٺل ھئا. انسپيڪٽر صاحب اعليٰ درجي جي خوشبودار سگريٽن جا سوٽا لڳائي زنانيءَ ڪئبن کي معطر ڪندي کنگھڪارون ڪري شھپرن کي وَٽ ڏيندو رھيو. لاري جڏھن حضرت لائق پير اوليا رحمت الله عليه جي قُبي کي قريب پھتي ته اوچتو بيھي رھي. انسپيڪٽر صاحب گرم ٿي ڊرائيور کي گار ڏيندي چيو، ”ڀيڻ ....! ھي ھنڌ ڪو لاري بيھارڻ جھڙو آھي!“
ڊرائيور سامھين کَڏي ڏانھن اشارو ڪيو، پر انھي سان گڏوگڏ ”ڀيڻ.... اھي آھن، جي غريبن کي ناحق گاريون ڏيندا آھن.“ ھڪ ڪڙڪيدار آواز آيو ۽ بجليءَ جي تيزيءَ سان چار جوان وڻن مان نڪتا ” ھٿ اُڀا ڪري ھڪدم سڀ ٻاھر نڪري لائين لڳايو.“ ھنن حُڪم ڏنو.
پوليس وارن بندوقون کڻڻ بدران سڀني کان اڳ پاڻ ئي ھٿ اُڀا ڪيا، پر بھادر انسپيڪٽر صاحب جا حوصلا اھڙا ته خطا ٿيا، جو ھو بي اختيار وٺي ڀڳو، ”ٺڙاڪ“ ۽ ”گھوڙا ڙي ي ي ي “ جا ٻئي آواز گڏوگڏ آيا! انسپيڪٽر جو حشر ڏسي، سڀ زالون مرد ھٿ اُڀا ڪندا، ھيٺ لھي لائين بڻائي بيھي رھيا.
ھڪڙي جوان مٿي وڃي لاريءَ جي تلاشي ورتي، رائفلون ھٿ ڪري پئسن جي پيتي ۽ ٻيو سڀ قيمتي سامان ھيٺ لاٿو ويو، چار زميندار ڍل پيارڻ لاءِ کپري وڃي رھيا ھئا، تن کان سڀ ڍل وصول ڪري کين سانگھڙ سرڪار جون ڇَپايل رسيدون ڏيئي ھدايت ڪئي ويئي ته اڳتي ڍلون سانگھڙ سرڪار کي ڏيندا ڪريو، ۽ ٻين کي به اھڙي ھدايت ڪريو.
مريد خان وڌي ھراسيل عورتن کي چيو، ”مايون، نياڻيون! ڪوبه ڊپ نه ڪريو، اوھان جي وار جو به نالو نه ورتو ويندو.“ پوءِ ڊرائيور ڏي منھن ڪري چيائين، ”اڌ ڪلاڪ کان اڳ لاري چالو ڪيئي، يا لاش کنيئي ته پنھنجو خير نه سمجھج.“
پئسينجرن مان ڪي پلنگي جا مري ٻروچ ھئا، ھڪ تڳوسر جو خاصخيلي ھو، سي اتي ئي لٿا، ٻيا ڏڪندا ڪبندا وري چڙھي ويٺا. ھٿن خالي پوليس وارا انسپيڪٽر صاحب جي لاش وٽ وڃي ويٺا. ھڪڙي ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، ”ھنن ۾ ٻه ھمراھ ته پلنگيءَ واري مير صاحب جي ڪوٽ جا ويٺل ھئا. ٻئي ٿڦڙ ھڻي چيس، ”چُپ بيوقوف! سِر وڃائڻو اٿئي ڇا؟ توکي اڃا به سمجھ ڪانه ايندي؟ ياد رک، پاڻ کي رپورٽ ۾ ويھ حُر ڄاڻائڻا آھن ۽ اھڙو ڪوبه لفظ نه ڪڍڻو آھي، جنھن مان ڪنھن کي به اھو شڪ پوي ته انھن مان ڪن کي اسين سڃاڻون ٿا.“
ٺيڪ اڌ ڪلاڪ بعد ڊرائيور لاري چالو ڪري، پوئتي ھٽائي، جھنگل کان نڪري اوجھڙ مان وڪڙ ڏياريندو وڃي رستي ۾ وڌي.
مگر محسن شاھ جي قتل کي وري خيرپور جي ڪمانيءَ عرف ناظم، سيد غلام رسول شاھ ”بيوقوفي“ سڏيو ۽ اعلان ڪيو ته ”حرن ۾ ھجي ڪا مڙسي، ته اچي مان جو نالو وٺن.“ انھيءَ اعلان سان گڏ شاھ صاحب سڄيءَ خيرپور رياست ۾ رھندڙ حُرن سان ظلم مچائي ڏنو. ھو انھيءَ حد تائين به وڃي پھتو، جو ڪٿي ڪن سانتيڪن ۽ ھلچل کان پري رھندڙ حُرن جي ڳوٺن تي اوچتا حملا ڪرائي سڀ رھاڪو قيد ڪرائيندو ھو، ته ھٿ آيل مجبور عورتن کي اگھاڙو ڪرائي سندن جلوس به ڪڍائيندو ھو.
ھن پنھنجي ’عقلمنديءَ‘ جو مظاھرو ھن طرح ڪيو، جو سخت پھري ھيٺ رھندو ھو ۽ ھر رات نئين ھَنڌ سمھندو ھو، انھي حد تائين، جو بعضي بعضي ھڪ رات ۾ ٻه ٻه- ٽي ھنڌ بدلائيندو ھو. اھڙين عقلمندين سبب ھو کڳيون ھڻندو ھو، ته ”انھن حُرڙن رڳو ’بيوقوف‘ ڪامورا ماري ڏٺا آھن، ڀلا پھچي ته ڏيکارين اسان پارن عقلمندن وٽ!“
شاھ صاحب جي ھنن اعلانن ۽ ظلمن جوشيلن حُرن کي باھ ڏياري ڇڏي. غازين مان مصري چانگ ۽ حاجي چانگ ڪجھ ساٿين کي ھمراھ ڪري ھن ظالم انسان کي ختم ڪرڻ جو پروگرام بڻايو. ھنن پنھنجي قابل جاسوس ساٿين وسيلي اُھو پتو ڪڍيو، ته ھينئر شاھ صاحب کنھواري بنگلي تي ترسيل آھي. ھنن سندس اھا عقلمندي به ڀانپي ورتي، ته ھو رات جو ته تمام گھڻو چؤڪنو ھوندو ھو، پر ڏينھن جو تمام گھٽ ۽ صبح جو سويل اٿي رات خيريت سان گذرڻ تي خوشيون ڪندو ھو. ان وقت عام طرح سموري پوليس به بي فڪر رھندي ھئي. ان ڪري علي الصبح جيئن شاھ صاحب ننڊ مان اٿي غسل وغيرہ ڪري ڪپڙا بدلائي ناشتي تي ويٺو، تيئن وٺي کڻي حملو ڪيائون. بنگلي تي مشين گنون فٽ ٿيل ھيون، پھريدار ھٿيارن سان ليس ھئا، خود شاھ صاحب وٽ به بھترين ريوالور ۽ اٿاھ گوليون ھيون، پر اھڙي ھيبت ناڪ ھنڌ تي حملو ڪندي به ھي مجاھد نه مُڙيا ۽:
پتنگن پھ ڪيو، مِڙيا مٿي مچ،
پسي لھس نه لِچيا، سڙيا اتي سچ!
۽
اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنڀايا!
وارو قصو ڪري ڏيکاريائون. شاھ کي پڪ ھئي ته ايڏي سخت ترين بندوبست وچان مون تائين ڪوبه نه پھچندو، پر پتو تڏھن پيس، جڏھن بند دروازي تي اچي ڪھاڙين جا وار ٿيا. بھادر شاھ صاحب دروازي جي ٽُنگن مان فائر ڪري رھيو ھو، پر کن ئي نه گذري ته دروازي وڃي ڦھڪو ڪيو!
جيئن ھر ظالم سخت بزدل ٿيندو آھي، تيئن ھاڻي ڪو ھن بھادر شاھ جون ليلڙاٽيون ٻڌي! ”اڙي خدا جو واسطو اٿوَ“ ”اڙي رسول جو ننگ اٿوَ“ ”اڙي امامن جي صدقي مون کي جيئدان ڏيو“ ”اڙي بحرمت سچيءَ سڳوريءَ جي، مون سادات تي رحم ڪريو.“
”بس بس، ھاڻي توتي ضرور ’رحم‘ ڪيو ويندو، توتي ھڪڙي گولي به نه ھلائي ويندي، شڪاري! خبردار! شاھ صاحب تي ڪوبه فائر نه ڪيو وڃي!“ سردار اعلان ڪيو.
ھاڻي شاھ صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنھنجي عقلمنديءَ تي نازان ٿيڻ لڳو ته ”ڏسو ته ڪيئن نه پاڻ بچائي ويس.“ مگر سردار جو تازو حُڪم ٻڌي بُت ئي سُڪي ويس، ”ھن تي ڪھاڙين جا اھڙا وار ڪريو، جيئن بُت ڳترا ڳترا ٿي وڃيس، ۽ دوزخ جي داروغن کي به اھڙو ھنڌ ھٿ نه اچي، جتي کڻي ڏنڀ ڏينس!“
ڏسندڙن جو بيان آھي، ته ھن حُڪم شاھ جو رتُ ائين کجايو، جو سَوَن وارن وچان ھڪ ٽيپو به نه ڪريو، ھر ڪنھن ھنڌ ڪارو رت ٻڌل ئي ھو!
مجاھد ”ڀيڄ پاڳارا“ چوندا ھليا ويا، البت ھڪڙو سخت زخمي ڪنھن طرح رھجي ويو. آخري نعرا ٻڌي ھن ھڪ سپاھيءَ کان پڇيو، ”ادا ڇا ٿيو؟“ سپاھين ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ھن وري وري پئي پڇيو. آخر ھڪڙي چِڙ مان چيو. ”ھن سادات سڳوري ڳترا ڳترا ڪيوَ، ته به اڃا دل نه ٺري اٿوَ!“
”الحمد الله“ زخميءَ نھايت مُسرت سان چيو ”ڪعبي ڌڻيءَ جو قسم! مراد کي ماڻيوسون!“ ۽ مُرڪندي کِلندي سندس روح پرواز ڪري ويو!
غلام رسول شاھ جي قتل تان جيئن حُرن ۾ خوشيون ٿيون، تيئن سڄيءَ سنڌ جي عوام مسرت جا نعرا بلند ڪيا؛ ڇاڪاڻ ته ھيءُ اھو ظالم ترين انسان ھو، جنھن جي قھرن انسانيت جو به ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو ھو. زالن جي سٿڻن ۾ ٻليون وجھائڻ، مائن کي پُٽن جي روبرو ڪري ساڻن بيعزتيءَ جون ھلتون ڪرائڻ، بلڪ ھنن کي به اگھاڙو ڪرائي مٿن دسڻ، غريب ھارين کي بي انداز مارون ڏيئي سندن ھڏ گُڏ ڀڃڻ، اھي ھن جون ايجادون ھيون. انگريزي انصاف جي ڪتابن ۾ ته ائين ئي لکيل ھو ته:
”ھڪ بي گناھ کي سزا کان بچائڻ خاطر جيڪڏھن ڏھ گناھ گار به ڇُٽي وڃن ته حرج ناھي.“
پر ھن قھار شاھ جي ڪوڊ ۾ ائين ئي لکيل ھو ته، ”ھڪ گناھ گار کي پڪڙڻ خاطر جيڪڏھن ڏھن بي گناھن جا ھڏ گُڏ ڀڃجن ۽ ويھن عزت وارين زالن جي عزت لُٽجي، ته اھا مُڇن مروڙڻ جھڙي ئي ڳالھ آھي،“ انھي ڪري مٿس اھو عوامي نالو ”سيد سپاھي، غضب الاھي“ پئجي ويو، جو اڄ تائين ھر ڪنھن ظالم سيد لاءِ پيو اچاربو آھي.
مگر شاھ صاحب جا اھڙا سمورا ظلم ان مھل ڪڙڪي وڃي خود فريادين جي ڪنڌ تي پوندا ھئا، جنھن مھل جوابدار کيس دل گھريو نذرانو ڏيندو ھو، يا اڳواٽ ئي ”حصو“ پيش ڪري ڇڏيندو ھو، ۽..... اھو ھو انگريزي سامراج جو نظامِ انصاف، جنھن کي ڪيترائي اٻوجھ ڳائيندا وتن ٿا، ۽ جو ھو ورثي ۾ اسان وٽ ڇڏي ويا! اسان قوم جي اٻوجھائي آھي، جا کين اُھا تميز ڪرڻ به نٿي ڏئي، ته پنھنجي حڪومت، کڻي اھا ڪيتري به بُري ھجي- پر سامراجيت (ڌارين جي غلاميءَ) کان بھرحال چڱي آھي- بس- شاھ صاحب جو قتل گويا پوليس جي بھادرين جي خاتمي جو اعلان ھو؛ انھي بعد پوليس حُرن کان ائين ڀڄندي ھئي، جيئن ڪانو ڪَمان کان؛ بلڪ سمجھدارن ته باقاعدہ ساڻن وڃي واسطا ڳنڍيا ۽ حصا پتيون مقرر ڪيون، ھو زميندارن، سيٺين، رشوتي ڪامورن ۽ تپيدارن کي ڦُري ايندا ھئا، تن جو پنجون حصو يا ”خمس“ پوريءَ شرافت سان کين اڳواٽ ئي پھچي ويندو ھو، پوءِ مجال آھي جو ھنن جو ڪو کڻي نالو وٺي، بلڪ ھو ته الٽو سندن معزز مھمان اچي ٿيندا ھئا ۽ ھو ئي کين انگريزي ملٽريءَ وارن کان بچائيندا ھئا ۽ اھا ھر ڪنھن کي خبر آھي ته انھن زمانن ۾ پوليس اھڙي ته سائي ٿي ويئي جو بنگلا، زيور، زمينون ۽ الائجي ڇا ڇا بڻائي ويئي.

زينب اوڀائي ۽ عمر کي صبح جو 8 وڳي ڌاري نيرن ڪرائي رخصت ڪيو ويو ھو. ڪئمپ کان ٻاھر آيا ۽ ٻيءَ ڪئمپ ڏانھن وڃڻ لاءِ واريءَ ۾ بڻيل اُٺن جي پيرن جا نشان ڏِسي ھلڻ لڳا.
ڪئمپ کان ڪافي پرڀرو پھچڻ بعد اوڀايو فڪرمند ٿي چوڻ لڳو ته اھو ته غضب ٿيو، جو صحرائي عقاب گرفتار ٿي ويو. جيڪڏھن ھن جي آزاديءَ لاءِ غازين جو اڌ قربان ٿي وڃي، ته به سستو سودو آھي. پر افسوس جو سردار کي شايد اھا خبر پئجي نه سگھي آھي، نه ته ھو يقين سان ھن جي ڇوٽڪاري لاءِ لشڪر ڪشي ڪري ھا. ھاڻي ته تُرت ئي ھن کي سانگھڙ موڪلي ڇڏيو ويندو، پوءِ ته ڄڻ مڙس ڇُٽو؛ مگر في الحال ھو ھڪ اھڙيءَ جاءِ تي آھي، جتي جيڪڏھن صرف 25 کن جانباز غازي شب خون مارين، ته آسانيءَ سان ھن ۽ ھن جي جانباز ساٿين کي آزادي حاصل ٿي سگھي ٿي. ان ڪري في الحال پاڻ واري مھم کي وساري، ملوڪ جي جلد رھائيءَ لاءِ ڪو تُرت قدم کڻڻو آھي. ائين چئي ھو ڪنڌ ھيٺ ڪري، خيالن ۾ غرق ٿي ويو. ٻه ڪلاڪ کن تائين ھو ائين سوچيندو رھيو ۽ پوءِ چيائين ته؛ ”ٺيڪ آھي، مون مڪمل پروگرام بڻائي ورتو آھي. اڄ رات پوئينءَ ڌاري انشاءَالله شب خون ماربو.“
زينب ھي گفتا ٻڌي حيران ٿي ويئي، ھن ڏانھس نھاري چيو: ”پاڻ ٻه- ٽي ڳائڻا ڀلا ڪھڙو ڇاپو ھڻي سگھون ٿا؟“
اوڀائي کِلي چيو، ”ڌيءُ، ھي سارو علائقو اسان جو پنھنجو آھي. ھينئر اسان کي برق رفتاريءَ سان صرف پندرھن کن ميل، ڏاکڻي رخ ڏانھن سفر ڪرڻو آھي، پوءِ ڏس ته قدرت ڇا تماشو ٿي ڏيکاري! ھو نھايت تيز رفتاريءَ سان پيدل ھلي رھيو ھو ۽ زينب ۽ ڇوڪرو ھن جي پٺيان ڪڏھن ڊوڙندا، ٿاٻڙندا پئي ويا. تان جو اچي ٻه پھر ٿيا، ھاڻي لاچار ھن گرم لُڪ سبب ڪن وڻن ھيٺان آرام ڪيو، شام جو اُٿي وري پنڌ پيا. سمھڻيءَ ڌاري ھڪ اھڙيءَ جاءِ تي پھتا، جتي گھگھ اونداھي ڇانئڻ ڪري ڪوبه پتو نٿي پئجي سگھيو، ته ڪھڙي ماحول ۾ بيٺا آھن. پر اوڀائي ھڪ ڀِٽ جي چوٽيءَ تي چڙھي ٽوھ لڳائي ۽ آخر باھ جي ھڪ ٽمڪي کي جاچي اوڏانھن رخ رکيائون، تان جو اچي اُتي پھتا.
اوڀائي پري کان ئي جانورن جي ٻوليءَ ۾ ھڪ وچتر اشارو ڪيو. جواب ۾ سامھون به اھڙو آواز آيو ۽ تُرت ئي ھو وڏيءَ سنگت وٽ اچي پھتا.
ماني کائي ڇوڪرو ۽ زينب ته سمھي رھيا، پر اوڀايو چند ماڻھن سان گڏجي ھڪ باھ جي اُلاءُ تي وڃي ويٺو. ڪلاڪ کن کان پوءِ ڀِٽ جي ٻاھران، ڪيترن اُٺن جي راڙي جا آواز آيا ۽ ڏسندي ڏسندي ھڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ماڻھو اچي ھڪ ٻئي سان گڏجي بيھڻ لڳا، تان جو ڏھين وڳي ڌاري اوڀايو ٽيھن ھٿياربندن ماڻھن جي ساٿ ۾ برق رفتار مھري اُٺن تي سوار ٿي ھليو. انھن جي وڃڻ کان پوءِ چار ھٿيار بند غازي، پھري ڏيڻ لاءِ ڀٽن کان ٻاھر نڪري ھليا ويا ۽ ڪجھ ماڻھو غازين جي ڪاميابيءَ لاءِ نماز، دعا ۾ مشغول ٿي ويا.
اوڀايو ۽ سندس ھمراھ اھڙيءَ ته تيزيءَ سان اٺن کي ڀڄائيندا ھئا جو ٽيھن ميلن جو مفاصلو چند ڪلاڪن ۾ طئي ڪري ڪئمپ کان ھڪ ميل جي مفاصلي تي اچي لٿا. اُٺن کي ڀِٽن اندر لڪائي وھاري پاڻ نھايت خبرداريءَ سان ڪئمپ ڏي وڌيا.
فجر ٿيڻ ۾ ڪلاڪ کن مس ھو، ڪئمپ ۾ مڪمل خاموشي ھئي، شايد سڀني کي پڪ ھئي ته ڀلا ھتي اسان کي حُر ڇا ڪندا، سو ٻيا ته آرامي ھئا، پر سڄي رات جاڳڻ بعد پھريدار به جھوٽا کائي رھيا ھئا. اوڀائي ڏھن چونڊ غازين جو دستو ساڻ ڪيو ۽ پيٽ ڀر سِرڪندا انھيءَ ڪُنڊ ڏانھن وڌندا ويا، جنھن ۾ قيدي ھئا ۽ ٻئي طرف ويھن جانبازن کي وٺي سندن سالار ڪئمپ جي دروازي ڏي ويو.
دروازي تي پھچي انھن غازين اوچتو کڻي ٻن جھوٽا کائيندڙ پھريدارن تي حملو ڪيو ۽ ھو اُف ڪرڻ کان سواءِ ئي ٻڌجي پيا. ڪجھ دير ترسي ھنن سيٽي وڄائي ۽ دروازي طرف ھوائي فائر ڪيائون، ھاڻي ملٽريءَ وارن ۾ ھلچل مچي ويئي ۽ سڀ دروازي ڏانھن ڊوڙڻ لڳا. ھيءُ ڏسي سردار ۽ سندس ھمراھن اھڙي طرز سان فائر ڪندي ڀڄڻ شروع ڪيو، جو ملٽريءَ وارن سمجھيو ته ڪن تمام گھڻن حُرن حملو ڪيو آھي، سو بي اختيار ٿي ھنن پٺيان ڪاھي پيا، جو اوڀائي وارن کي وجھ اچي ويو، جي تارن ڪپڻ وارن اوزارن سان تارون ڪپي وڃي قيدين وٽ پھتا. ھنن کي آزاد ڪرائي سڀ پيٽ ڀر سِرڪندا ڀِٽن ڏي ھليا.
جڏھن سردار ۽ سندس ساٿي ملٽريءَ وارن کي ڳپل پنڌ پري ڪڍي ويا، ۽ اندازو ڪيائون ته ھاڻي اوڀايو قيدين سميت به پري نڪري ويو ھوندو، تڏھن ھو به فائر بند ڪري گوھيون کائي ڀِٽن ۾ گُم ٿي ويا ۽ ملٽريءَ وارا ”حُرن کي ڀڄائڻ جي فتح“ حاصل ڪري واپس وريا، پر ڪئمپ ۾ ياحسين متل ڏٺائون، جو ھھڙا قيمتي قيدي گُم ٿي چڪا ھئا. ڪجھ سپاھي انھن پٺيان به ويل ھئا، مگر ڪجھ وقت بعد اھي به ڦلھا منھن کڻي ڪي ھمراھ مارائي، ڪي ڦَٽائي اچي واپس پھتا، ڇوته صحرائي عُقاب ھن علائقي جي وِک وِک مان اھڙو ته واقف ھو جو گوھيون ڏيئي کانئن نڪري چڪو ھو.
اٺين بجي جي مھل ھئي، جڏھن سڀ جانباز صحرائي عُقاب ۽ ٻين قيدين سميت واپس ڪئمپ ۾ پھتا، ملٽريءَ وارن جي فائرن سبب ڪن کي ھلڪا ڌَڪ به لڳل ھئا، جن پَٽڪن سان پنھنجن زخمن کي ٻَڌو ھو ۽ ھاڻي پڙاءُ واري حڪيم صاحب سندن باقاعده تيمارداري شروع ڪئي.
عين ان وقت پڙاءَ جو سردار اتي آيو ۽ چيائين ته جلدي ڪريو، اچو ۽ اُٺن تي سوار ٿيو، ھتي ترسڻ ٺيڪ ڪونھي. ممڪن آھي ته ملٽريءَ وارا اُٺن جو پيرو کڻي ھتي پھچي وڃن، جو انھن سان گڏ تر جا ھاتڪ پيري به آھن. ان بعد تڙ تڪڙ ۾ سامان ۽ ھٿيار ھٿن ۾ کڻي ھو سڀيئي ڀِٽ جي ٻاھران ويٺل اُٺن تي سوار ٿي سردار جي اُٺ پٺيان ھلڻ لڳا. ھاڻ اُٺ، بيابان جا جھاز، ھلي ڪونه رھيا ھئا، مگر ڄڻ ته واريءَ مٿان تَري اڏامي رھيا ھئا. ھو پنھنجن مالڪن جي ھڪلن ۽ ھمتائڻ ڪري ھوا سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.
ھاڻي سج به اچي ڪاپار مٿان پھتو ھو، سڀ جانباز انھن پھاڙن جي وچ ۾ بلڪل اونھو ھڪ اھڙي ھنڌ تي اچي پھتا، جتي صانع قدرت جو عظيم الشان شاھڪار ڏسڻ ۾ آيو. ھڪ سوڙھي لَڪ مان ٻاھر نڪرندي ئي کين ھڪ اھڙي ڪشادي وادي ڏسڻ ۾ آئي، جنھن جي چؤطرف پھاڙيون ھيون ۽ ھڪ طرف وڻڪار، ساوڪ ۽ پاڻيءَ جو وڏو ۽ ويڪرو چشمو ھو، جنھن مان پاڻي ٻاھر نڪري ھڪ واھيءَ ۾ پئي پيو ۽ وڻن ۾ ساوڪ وغيرہ کي پئي سيراب ڪيائين.
شام ڌاري طعام تيار ٿيو ۽ سڀني کاڌو. رات جو سڀني اتي ئي سمھي ٿَڪ ڀڳو. صبح جو سردار ٻن- ٻن برق رفتار سوارن کي چؤطرف خبرون آڻڻ لاءِ موڪليو، ته ھو جاچ رکي اچن.
صبح جو ناشتي پاڻيءَ کان پوءِ سردار ۽ صحرائي عُقاب گڏجي اوڀائي ۽ زينب جي مھم بابت ڳالھيون ٻولھيون ڪيون، آخر رايو ڏنائون ته في الحال ان طرف يعني صحرا واري علائقي ڏانھن وڃڻ مناسب نه آھي.

اوڀائي ساري حقيقت سردار ۽ جيئندي کي ڪري ٻڌائي، ته ھو سندن ھن ڪارنامي کان بيحد خوش ٿيا ۽ صحرائي عقاب جي عقل کي داد ڏيندي چيو ته چڱو ٿيو، جو اوھين واپس آيا.

يه کس مست ڪي آني ڪي آرزو ھي،
بپا ساقيا! ساغرِ مشڪبو ھي!