ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

پيش لفظ

”دنيا جي بھترين ادب جو وڏو حصو جيل ۾- ۽ خاص ڪري سختيءَ واريءَ سزا جي ماحول ۾، تيار ٿئي ٿو“- انھيءَ مشھور مقولي موجب ھيءُ ناول بھترين آھي يا نه، سو فيصلو ته پڙھندڙ ڪندا؛ مگر ھيءُ منھنجو پھريون اوريجنل ناول آھي، جو سنڌ جي عوامي حالات تي مشتمل آھي ۽ انھن چاليھن ڏينھن ۾ لکيل آھي، جي مون حيدرآباد سينٽر جيل جي سي ڪلاس ۾ گذاريا؛ ڇاڪاڻ ته ٻه سال اڳ ڪن تعصبين جي ڪوشش سان مون کي ھڪ اھڙي مضمون ۾ مارشل لا ۾ اڙايو ويو، جو مارشل لا لڳڻ کان ڏيڍ سال اڳ ڇپيو ويو ھو.
چورن، ڌاڙيلن، رھزنن، بلئڪين، سمگلرن ۽ رشوتين کي ته ضامن تي ڇڏيو پئي ويو؛ پر انھن تعصبي حاڪمن کي ھڪ غريب عيالدار اديب لاءِ ضامن به منظور ڪونه ھو. ساڳئي وقت خونين کي ته اي ڪلاس ڏنل ھو، پر ھڪ سوا سؤ ڪتابن جي مصنف، متعدد پرچن جي 55 ساله ايڊيٽر کي ھنن بي ڪلاس ڏيڻ کان به انڪار ڪيو؛ ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ موجب ڏيپلائي کي ”مزو چکائڻو“ ھئن؛ مگر ڏيپلائيءَ لاءِ انھيءَ ”آگ“ ۾ به اُھي ”گُل“ کڙيا، جن جي زينت ۽ ھٻڪار سندس دل کي ھميشہ تازگي بخشيندا رھندا.
جيل ۾ اچڻ کان ٻه مھينا اڳ، منھنجي طرفان اعلان ٿيل ھو، ته آزاديءَ جي ڏينھن تي ’انسان‘ جو ”حُريت نمبر“ ڪڍيو ويندو، جنھن ۾ سنڌ جي ’ٻيءَ حُر ھلچل‘ جي اھڙن حالتن تان پردو کنيو ويندو، جي انگريزي پروپيگنڊا سبب اسان جي موجودہ نسل جي اڪثريت کان به مستور آھن ۽ آئيندہ نسل ته اھي ڪتاب پڙھي پڙھي، کين رڳو خونخوار رھزن ئي پيو سمجھندو ھوندو. جيئن مشھور آھي، ته انھيءَ ھلچل ۾ قيد ٿيل ”ھُڙن“ (حرن) کي ڏسڻ لاءِ حيدرآباد جون ڪي نازڪ دل ۽ نازڪ طبع ڪِڪِيون ويون سينٽرل جيل تي؛ ھنن ته سمجھيو ھو ته اتي ڪي آفريڪي گوريلا سيخن پٺيان بند ھوندا، پر کين ڏسڻ ۽ ڳالھائڻ بعد حيرانيءَ مان چوڻ لڳيون ”ھي ته جيڙا (جھڙا) ماڻون (ماڻھو)!“ تيئن اھا به تعجب جھڙي ڳالھ ھئي، جو اسان جي امن ۽ ترقيءَ جي علمبردارن مون کي اھو (حريت نمبر) ڪڍڻ کان روڪڻ خاطر جتي کڻي موڪليو، اتي گھڻي ڀاڱي اُھي ”حُر“ ئي بند ھئا، ۽ ھنن وٽ ”حُريت“ جا ڪئين مذڪور مستور ھئا.
انساني فطرت موجب مون کي بلڪل ظلم سان ”سي ڪلاس“ ۾ اچڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو؛ پر اتي مون لاءِ جيڪو ”ڪم“ نڪري پيو، تنھن جي مدنظر آءٌ ته ائين ئي چوندس ته:
سَکر سي ئي ڏينھن، جي ڪاٽيم سي ڪلاس ۾!
۽ ڀانيان پيو، ته انھي مصنف جو مطالعو مڪمل ئي ناھي، جنھن ڪو وقت سي ڪلاس ۾ نه گذاريو ھجي؛ ڇوته پنھنجا خواه پراوا احوال، قيدي ھڪ ٻئي کي کليءَ دل سان جيترو جيل ۾ ٿا ٻڌائين، اوترو شايد ٻئي ھنڌ مشڪل سان ٻڌائيندا ھوندا. منھنجا انھيءَ جيل جي قيدين کان ٻڌي لکيل ڪي افسانا رسالي مھراڻ وغيرہ ۾ ڇَپيل آھن، جي پڙھڻ بعد پڙھندڙن کي به محسوس ٿيو آھي، ته جيل جو ادب ڇا آھي. سرڪاري وقايع نگار حُرن کي ”رھزن ۽ ڌاڙيل“ ٿا سمجھن، ۽ ھر مصنف کين صرف ”مرشد لاءِ سِر ڏيندڙ“ تصور ٿا ڪن، پر مون کي جيڪي مخفي مامون انھيءَ چاليھن ڏينھن جي چِلي ۾ ڪن خاص الخاص حُرن کان معلوم ٿيون، تن مان اھوئي اندازو لڳايم ته:
يه دردِ دل ھي وه داستانِ مضطرب، جسڪو،
ڪھين موتي، ڪھين شبنم، ڪھين آنسو ڀي ڪھتي ھين!
انسان آزاد پيدا ٿيو آھي ۽ ھو خدائي دسترخوان تان آزاد گرھ کڻي، قدرتي گلستان مان آزاديءَ سان گُل ۽ ميوا پيو ڇنندو رھندو آھي، ته اوچتو ڪي قابيلي قوتون سندس ”بنيادي پيدائشي حَقن“ تي ڌاڙو ھڻنديون آھن، ۽ کيس پنھنجي ھوس ڪارين جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏينديون آھن. پوءِ ھو انھن زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ ھر طرح جي جدوجھد ڪندو رھي ٿو؛ ڪڙڪڙندڙ لُڪَ ۾ جنھن به ديوار جو سايو ھٿ اچيس ٿو، اتي گھڙي گذاري ٿو، پر اڻ ڄاڻ ڀانئين پيا ته اھا ديوار ٺھي ئي کين سايه بخشڻ لاءِ ھئي!
رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَرَ سارنگيءَ ساز،
اِي عشق جا آواز، ماڻھو ڀانئين مُنڌ کان!
دنيا جا سڀ اڳواڻ، جيڪي انسان کي سندس ”بنيادي انساني حَقن“ ڏيارڻ جو آواز بلند ڪندا آھن، انھن جي اردگرد سڀ کان اول وڏي ۾ وڏو حصو انھن غريبن ۽ مظلومن جو گڏ ٿيندو آھي، جي يا ته ”بنيادي انساني حَقن“ کان محروم ھوندا آھن، يا ٻين انسانن جي محروميءَ تي ڪُڙھندا رھندا آھن. صرف انھيءَ ھڪڙي ”بنيادي حقيقت“ تي به جيڪو شخص غور ڪندو، ان کي ائين محسوس ٿيندو، ته ظاھر ۾ کڻي ڪيئن به سمجھيو وڃي؛ پر درحقيقت اھي شخص، انھيءَ اڳواڻ جي چؤگرد، رڳو انھي لاءِ ٿا اچي مِڙن، ته ھن جي ھٿان کين سندن عزيزن، دوستن ۽ آئيندہ نسل کي اُھي ”بنيادي انساني حق“ پلئه پون، جن تي غاصب ۽ جابر قبضو ڪري ويٺا آھن.
سنڌ جا اُھي باشندا، جن کي ”حُر“ سڏيو وڃي ٿو، ۽ جن کي ”حُر“ ٺھرايو ويو، سي ڪي رڳو پير صاحبن جي پيدائش ناھن؛ اھي پير صاحبن جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ به ھئا، ۽ پير صاحبن جي مريديءَ کان ٻاھر به موجود آھن؛ پير صاحبن مان ڪن جيڪڏھن کين منظم ڪيو، ته ڪن وري پنھنجي جان بچائڻ خاطر کين ٻوھي ۾ به ڏنو ھو؛ سخت ضرورت آھي، ته ھن تحريڪ جو غير جانبدارانه ۽ پر غور نظرن سان جائزو ورتو وڃي؛ ۽ نه فقط آئندہ نسل لاءِ؛ بلڪ موجودہ نسل جي پوري ڄاڻ نه رکندڙن لاءِ ھڪ صحيح نقشو مھيا ڪيو وڃي.
”ولايت جي ڪَٻر...... سنڌ ۾ مئنا“ انھيءَ پھاڪي مطابق، اسان سنڌي عوام کي دنيا جي ٻين ملڪن جي بانڪن ۽ بھادرن، مجاھدن ۽ سرويچن جا احوال ته معلوم آھن؛ پر کين اھو پتو ئي ناھي، ته سندن پنھنجو وطن به اھڙين جدوجھدن ۾ ڪنھن به ٻئي ملڪ يا قوم کان پوئتي ته پيل ناھي؛ بلڪ ھن ۾ به اھڙا سرويچ مجاھد موجود آھن، جن بار بار اھڙا ئي ڪارناما ڪري ڏيکاريا آھن. صرف انھن کي صحيح نظر سان ملاحظي ڪرڻ جي ضرورت آھي.
ھزارن سالن جي ھٿ پير ھڻڻ بعد آخرڪار مدبر انسانن طرفان ”بنيادي انساني حَقن“ جو اھو ”منشور“ منظم طرح پاس ٿيو آھي، جو سندن تمنائن جو ڄڻ ته نِچوڙ آھي؛ پر افسوس اھو آھي، ته انھيءَ تي صحيح عمل ته ڪنھن به ملڪ ۾ ڪونه ٿو ڏسجي؛ مگر اڪثر انسانيت جي دشمنن ھٿان انھن ”بنيادي انساني حَقن“ جي مٽي ٺاھي ٺاھي پليت ڪئي پيئي ويندي آھي ۽ وري انسان زات کي انھن حَقن مھيا ڪرڻ لاءِ ڪابه ”پرامن تحريڪ انسانيت“ نظر ڪانه ٿي اچي؛ جنھن ڪري ويچارا انساني حقن جا فداڪار ڀٽڪندا رھن ٿا ۽ تاريڪ راھن ۾ اھڙيءَ طرح تباھ پيا ٿيندا رھندا آھن، جو شاعرن جي قولن وانگر:
سوختيم، و سوزشِ ما برڪسي ظاھر نه شد،
چون چراغانِ شبِ مھتاب بي جا سوختيم!
(سڙياسون، مگر اسان جو سڙڻ ڪنھن تي به ظاھر ڪونه ٿيو، چانڊوڪيءَ رات جي ڏيئن وانگر اجايا پئي سڙياسون.)
لڪڙي جل ڪوئله ڀئي، ڪوئله جل ڀئي راکه،
ھم اڀاگي ايسي جلي، نه ڪوئله ڀئي نه راکه!
مگر بمصداق:
خاڪِ ما خيزد، ڪ سازد آسماني ديگري!
نيٺ ضرور ڪي صحيح لائنن تي سوچڻ وارا به پيدا ٿيندا؛ جي اقوام متحده جي پاس ڪيل ”بنيادي انساني حَقن“ کي سندس ئي بنايل پرامن طريقن سان حاصل ڪري، انھن ڪونڌرن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ کان بچائيندا. افسوس آھي، جو مسلسل انگريزي غليظ پروپيگنڊہ جي سبب اسان جو نئون نسل ته ائين ئي پيو سمجھندو آھي، ته ”حُر“ نالي ڪي بدڪار ڌاڙيل ھئا، جن سنڌ جي ھڪ حصي ۾ رڻ ٻاري ڏنو ھو؛ پر انگريزي فوج منجھانئن چند ماريا، چند ڦٽيا، ۽ چند جون ملڪيتون کسيون، ته ھو سڌا ٿي ويا، ۽ بس!
تن صرافن جي سمجھ تي سؤ دفعا افسوس ڪر،
موتين کي ڪوڏين جو مٽ بڻائن بيقدر!
کين انھي جو ذرو به پتو ناھي، ته اسان جي ملڪ سنڌ کي ناحق ۽ ظلم سان غلام بڻائيندڙ ظالم انگريزن کي پنھنجي پياري وطن، پنھنجيءَ سرسبز سنڌ، مان لوڌڻ لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ صرف ھڪڙي ئي جانباز جماعت وڃي بچي ھئي، جنھن کي مجاھدِ ھند سيد احمد شھيدؒ منظم ڪيو ھو. ھنن مان ڪن بالاڪوٽ وڃي انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن ظالم سِکن سان خوب چڪريون کاڌيون ھيون، ڪي 1843ع واري وحشيانه معرڪي ۾ به پوريءَ جانبازيءَ سان لڙيا ھئا ۽ پوءِ به لڙندا رھيا- ۽ جڏھن اوڻھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ”سوڊان“ جي ڪن ھٿن خالي دلير حريت پسندن، مجاھد محمد احمد سوڊانيءَ جي سرڪردگيءَ ۾، صرف ڏنڊن، ڪُھاڙين ۽ ڪَٽ کاڌل تلوارن جي وسيلي انھي انگريزي فوج ظفر موج سان چڪريون کاڌيون ۽ اڌ دنيا تي حڪمراني ڪندڙ انگريزن کي پنھنجي مُلڪ مان ماري ڀڄائي ڪڍيو ھو؛ تڏھن اسان جي جانباز سنڌين به، سندن دلير رھنما ”بچو بادشاھ“ جي سرڪردگيءَ ھيٺ ظالم انگريزن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ھئا.
۽ پوءِ وري اھائي جماعت ھئي، جا انگريزن جي آزادي ڏيڻ وارن ڏٽن تي لڳي، جرمنن واري جنگ ۾ شامل ٿيڻ ويئي ھئي؛ مگر ھنن ڪنھن به قيمت، ڪنھن به لالچ تي، ڪنھن به انگريزن سان وڙھندڙ مسلمان تي ھٿ نه کنيو ھو ۽ نڪي فجر جون نمازون پڙھي وڃي ڪعبة الله تي گوليون وسايون ھيون. مگر پوءِ جڏھن اھا جنگ بند ٿي، ۽ انگريزن ھن ملڪ کي آزادي ڏيڻ بدران رولٽ ايڪٽ جھڙا وحشيانه بل پاس ڪري جليانواله ۽ ٻين ھنڌن تي حيواني قتل عام ڪيا، ۽ ان جي جواب ۾ قطع تعلقات جي ھلچل شروع ٿي، تڏھن به سنڌ ۾ انھي جماعت جي ئي تمام گھڻن فردن بھرو ورتو ھو.
وري جڏھن مھاتما گاڌيءَ جي رھنمائيءَ ۾ لوڻ جي نالي ۾ سول نافرماني شروع ٿي، تڏھن به اگرچه انگريزن ھن جماعت جي اڳواڻ کي سچا ڪوڙا بھانا ڏيئي سنڌ کان دور دراز علائقن ۾ وڃي قيد ڪيو، مگر انفرادي طرح اھي جانباز مجاھد آزاديءَ جي ھلچل ۾ بھرو وٺڻ ۾ به ٻين کان پوئتي نه پوندا ھئا.
۽ جڏھن 1942ع ۾ ساري ملڪ مان انگريزن کي ”ڪئيٽ انڊيا“ (ھندوستان خالي ڪريو) جا پرزور چئلينج پئي مليا. تڏھن به سنڌ جا اھي سونھارا شير ئي ھئا، جن انگريزن خلاف ھڪ منظم با ھٿيار گوريلا جھاد شروع ڪيو ھو، ۽ ھڪ نه، ٻه نه، سؤ نه، نڪي ھزار؛ بلڪ سڄا سارا ويھ ھزار مجاھد شھيد ڪرايا؛ ھزارن کي جيلن ۾ وجھايو، ڪروڙن جون ملڪيتون تباھ ڪرايون، پنھنجي جانبازين سبب سڄي ھندوستان ۾ سڀ کان اول سنڌ ۾ مارشل لا لڳرائي. سندن محبوب اڳواڻ حضرت پير صبغة الله شاھ شھيد، جنھن کي سنڌ جي صحيح ليڊر جناب جي- ايم- سيد طرفان سندس ڪتاب ۾ ”مجاھد اعظم“ ۽ ”رئيس الاحرار“ سڏيل آھي، سو عين 35 ورھين جي ڦوھ جوانيءَ ۾ کِلندو مُرڪندو وڃي ڦاسيءَ چڙھيو-
سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاھدو!
۽ ايڏيءَ تباھيءَ بعد به انھي جماعت جا فرد خاموش نه رھيا، بلڪ انگريزن سان تيسين چڪريون کائيندا رھيا، جيستائين اھي ظالم ۽ غاصب اسان جو وطن خالي نه ڪري ويا.
اسان جي نئين نسل جي ذھنن سان اھو ڪيڏو نه ظلم چئبو، جو اھڙا مجاھد، جن جا اڪثر فرد روزي، نماز، زڪوٰة، حج ۽ جھاد جا پورا پائبند ھجن، تن کي ته ڏوھاري، رھزن ۽ ڌاڙيل بڻائي ڏيکاريو وڃي ۽ اُھي- جي ڌارين وٽ وطن ۽ قوم جو تين وار ڪرڻ تي مُڇون مروڙيندا ھجن، تن کي وڏي طمطراق سان رھبر سڏيو وڃي!
خرد ڪا نام جنون رکھدو، اور جنون ڪا خرد،
جو چاھے آپ کا حسنِ ڪرشمہ ساز ڪرے!
نئين نسل جي دماغ ۽ ذھن سان انھي ٿيندڙ ظلم خلاف مون 1961ع ۾ ھن ناول جو مسودو رٿيو، ۽ ”انسان“ جي ”حريت نمبر“ جو اعلان ڪيو؛ مگر انھي نمبر کي روڪڻ خاطر تعصبي ظالمن نه فقط منھنجي اخبار بند ڪئي، بلڪ مون کي به پنھنجي زعم موجب تڪليف دہ ماحول واري سي ڪلاس ۾ وڃي بند ڪيو. پر اھا قادر جي عجيب قدرت چئبي، جو اتي ڪافي اھڙا جانباز مجاھد حر مختلف بھانن سان بند ڪيل ڪيل ھئا، جن کي ھن تحريڪ جي رازن جي پوري پوري اندروني واقفيت ھئي؛ وٽن بي شمار اھڙا داستان لڪل ھئا، جي ڪڏھن به اشاعت پذير نه ٿيا آھن. پوءِ جيئن اڳيان درويش نفس سرڪش کي مطيع ڪري روحاني مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ چاليھا ڪڍندا ھئا، تيئن مون کي وري تعصبي آفيسرن اھو سي ڪلاس جو زوريءَ چاليھو ڪڍايو، جنھن کي سجايو ڪرڻ لاءِ مون انھي موزون ماحول ۾ ھيءُ ناول تيار ڪيو.
ناول جي دستور موجب ھن ۾ سنڌي ھارين جا حالات به ڏنل آھن، مگر اھي به وڌاءَ وارا نه آھن؛ بلڪ منھنجي زندگيءَ جا اھي پنجويھ سال، جي مختلف زمينداري ملازمتن ۾ گذريا ھئا، تن ۾ غريب ھارين جي وچ ۾ ويھي، چِٽين اکين سان ڏٺل آھن. البت اھا حقيقت آھي، ته ھن ناول جا ڪافي ڪردار جيئن ته زندھ آھن، ان ڪري نالن ۾ ڦير ڦار ضرور ڪيل آھي، پر واقعن ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونھي؛ ۽ ڪنھن به دوست کي انھن جا صحيح نالا پتا گھرجن ، ته اھي به روبرو معلوم ڪري سگھجن ٿا.
مون کي اميد آھي، ته اسان جي وطن جي بھادرن بابت نئين نسل ۾ جا زھر افشاني ڪيل آھي، تنھن جا اثرات ھيءُ ناول ته دفع ڪندو؛ پر اڃا ھن قسم جا منھنجا ٻيا طبعزاد ناول ”سڀاڳي“، ”نڌڻڪي“، ”دودو“ ۽ ٻيا به وقت به وقت شايع ٿيندا رھندا.
دستور جي خلاف منھنجو ھيءُ پھريون ناول آھي، جو آءٌ پاڻ شايع نٿو ڪريان، پر پاڪستان جي عظيم تاجران ڪتب جي فرم ”ميشرس شيخ غلام علي اينڊ سنز“ جي فراخدلانه تعاون سان شيع ٿئي ٿو. گويا نئون موڙ- ۽ نئون انتظام- ڇوته تعصبي ظالمن جي مسلسل وارن سبب منھنجو اشاعتي ڪاروبار نھايت درھم برھم ٿي چڪو آھي، ان ڪري جيئن ھن فرم جي تعاون سان منھنجو مرتب ڪيل بينظير سائز وارو شاھ جو رسالو شايع ٿي، سنڌ جي عوام کان خراج تحسين حاصل ڪري چڪو آھي؛ تيئن اُميد ته ھيءُ ناول به شاھ صاحب جي ھن قول جو مصداق بڻبو ته:

وجھج واٽھڙن تي، ميخانه جي ماڪ،
پرھ جا پِياڪ، جُه سي اڱڻ آئيا!

خاڪپاءِ شھيدانِ وطن
ڏيپلائي
يومِ حريت
(23- مارچ 1963ع)