ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

حصو چوٿون

رات جو آرام ڪرڻ بعد جڏھن صبح جو سڀ جاسوس عورتون نويڪليون ٿي ويٺيون، تڏھن زينب چيو ته ”اديون، آءٌ نئين آھيان- ھينئر پاڻ کي ڪو خاص ڪم به ڪونھي- ڇونه اوھين مون کي پنھنجا احوال ٻڌايو ته انھن مان مون کي اوھان جي واقفيت به ملي ۽ اوھان جي تجربن مان اڳتي سبق به پرايان!“ ھن جي اھا صلاح سڀني کي ڏاڍي پسند آئي. سڀ کان اول مائي ”بيگو زال اسماعيل رند“ پنھنجو داستان ٻڌائڻ شروع ڪيو:
آءٌ ٽنڊي الھيار جي ڀرسان رندن جي ڳوٺ ۾ ڄايس. منھنجي شادي تيرھن ورھين جي عمر ۾ مکي ٻيلي ۾ رھندڙ اسماعيل رند سان ٿي. پاڻ سکيو ستابو ھو. وٽس ويھارو کن ايڪڙ زمين ۽ ڪافي مال ھو.
اسماعيل رند نھايت بھادر ۽ بي ڊپو انسان ھو. رند قوم ۾ وڏي عزت رکندو ھو. سندس دوستي به دلير انسانن سان ھئي. بعضي ڌاڙيل، پاٿيريدار ۽ ڀَڳل ماڻھ به وٽس پناھ وٺندا ھئا. ٻه دفعا ھو پاڻ به جيل ڪاٽي آيو ھو.
غازين جي تنظيم شروع ٿيڻ تي منھنجي خاوند به ان ۾ سرگرم حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ترقي ڪري ھڪ ڪمانڊر جي درجي تي پھچي ويو. غازي تحريڪ سندس طبيعت ۾ وڏو ڦيرو آندو. پھريائين ته ھو ڌاڙيلن کي پناھ ڏيڻ پنھنجو شان سمجھندو ھو- پر ھاڻ ھو نيڪ نمازي بڻجي ويو ۽ پنھنجي ڪم ڪار کان سواءِ اوڦٽو ماڻھن سان رستو رکڻ ڇڏي ڏنائين.
اسان وٽ ملڪيت ته جام ھئي- پر اولاد کان محروم ھئاسين. سو اسان ملڪيت ته ڪئي غازين جي حوالي ۽ پاڻ وري گوريلا دستن ۾ شامل ٿي وياسين. مرڪز ۾ مون کي دستوري ملم پٽيءَ ۽ رڌ پچاءَ سان گڏ گھوڙي سواري ۽ بندوق وغيرہ ھلائڻ جي تربيت پڻ ڏني ويئي ۽ آءٌ انھن معاملن ۾ ڀڙ ٿي ويئس.
ھڪ ڏينھن اسان جي جٿي کي به ڇاپي مارڻ جي ھدايت ملي. اسان گھاٽو ٻيلو پيرين پنڌ اُڪري، نارو ٽپي صحرائي علائقي ۾ داخل ٿياسون جتي ھٿياربند غازي اسان لاءِ اُٺ جھليو بيٺا ھئا. اُٺن تي سوار ٿي اسان اڳتي وڌياسين. سانجھيءَ کان ڪلاڪ کن اڳ اوچتو ڀر وارين ڀِٽن مان ھڪ غازي ظاھر ٿيو ۽ چيائين ته، ”ھن طرف اچو- ’صحرائي عقاب‘ اوھان جي انتظار ۾ آھي!“
’صحرائي عقاب‘ جو نالو ٻڌي اسان محسوس ڪيو اڳيان ضرور ڪا وڏي مھم آھي جو ھن اسان جي مدد طلب ڪئي آھي، ڇاڪاڻ ته عام حالتن ۾ ھو پنھنجي دستي کان ئي ڪم وٺندو آھي. اوھان کي خبر آھي ته ’صحرائي عقاب‘ اسان جي نامور جانباز مجاھد ’ملوڪ خاصخيليءَ‘ جو لقب آھي. ھو اسان جي صحرائي علائقي جو ڄڻ ته روح آھي جنھن کان سواءِ بدن بيڪار آھي.
’صحرائي عقاب‘ ڏاڍي محبت سان اسان جو استقبال ڪيو ۽ رات آرام سان گذارڻ لاءِ چيائين. فجر مھل اسان سندس جٿي سان گڏ اُٺن تي سوار ٿي ڀِٽن جي اڻ کٽ سلسلي ۾ سفر شروع ڪيو. اسان جملي 75 مجاھد ھئاسون. اسان کي ڀِٽن جي پويان 300 فوجين جي ھڪ ڪئمپ تي حملو ڪرڻو ھو. ڪاميابيءَ جي حالت ۾ اسان کي وڏي انداز ۾ بندوقون، بارود ۽ ٻيو سامان ھٿ اچڻ جي توقع ھئي.
دشمن تي حملي ڪرڻ لاءِ 25-25 مجاھدن جا دستا ٺاھيا ويا. ’صحرائي عقاب‘ ڪافي اڳتي اڪيلي سر ھلندو رھيو ۽ ٽيئي دستا خبرادريءَ سان سندس پوئتان ھلندا رھيا. ھڪ ڀِٽ جي اوٽ ۾ اڌ ڪلاڪ کن دوبينيءَ سان صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ھن ٻن دستن کي کاٻي ۽ ساڄي طرفان اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ۽ ھڪ دستي سان پاڻ اڳتي وڌڻ لڳو. مناسب مقام تي پھچي، صحرائي عقاب حملي جو حڪم ڏنو: ’شاباس شڪاري- ھاڻ ٽنھي طرفن کان نشانا ٻڌي گوليون ھلايو. خبردار! ھڪ گولي به خطا نه وڃي!‘
ان وقت فوجي چانھ وغيرہ پي رھيا ھئا. ڪن ٿورن کي ورديون پاتل ھيون. وٽن ھٿيار به ڪونه ھئا. گولين جي اوچتي وسڪاري کين بدحواس ڪري ڇڏيو. ھو پناھ وٺڻ ۽ ھٿيار کڻڻ واسطي بدحواس ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙڻ لڳا. حواس بجا اچڻ تي ھٿيار کڻي مورچن ۾ ويٺا، پر ھيٺاھينءَ تي ھجڻ ڪري بچاءُ ڪرڻ مشڪل ٿي پين. اسان کين ڀڳڙن وانگر ڀڃڻ شروع ڪيو. جلد ئي دھشت وچان ھنن فرار جي راھ ورتي.
ھن معرڪي ۾ اسان کي ساٺيڪو کن رائفلون، ھزارين گوليون، سنگينون ۽ بي انداز راشن ھٿ آيو. انھيءَ مان ڪافي حصو ’صحرائي عقاب‘ اسان جي حوالي ڪندي چيو ته، ”مکيءَ جي سردار کي سلام ڏيئي چوندا ته ھي ادنيٰ تحفو منھنجي طرفان آھي- آئيندہ به، ٻيو مال جلد ئي پيش ڪبو!“
اسان ھاڻي تيزيءَ سان پنھنجي مرڪز ڏانھن رُخ ڪيو. مکيءَ جي ٻيلي کان 5 - 6 ميل اوريان ھئاسون ته اوچتو ڏاکڻيءَ ڪُنڊ کان وڏو غبار اُٿيو ۽ اُٺن تي سوار فوجين جو دستو نظر اچڻ لڳو، جن جو رُخ اسان ڏانھن ھو. اسان به ٻيلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اُٺن کي تيز ڪيو. پر ٻيلي کان باقي اڌ ميل کن اوريان فوجين جي گولين اسان تي وسڻ شروع ڪيو. اسان جي سردار ڏھن مجاھدن کي اُٺن تان لھي، مورچا ٺاھي، فوجين جي اُٺن کي نشانو بڻائڻ جي ھدايت ڪئي ۽ رھيل مجاھدن کي تيزيءَ سان ٻيلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ حڪم ڏنو. سندس اھا سوچ ڪامياب ٿي. غازين جي فائرن فوجين جي پھرين قطار بيڪار ڪري ڇڏي. سندن اُٺن فوجين سميت اچي گوڏا کوڙيا، حمله آور فوجين جو تعاد ڏيڍ سؤ کن ھو، جنھن ڪئمپ تي صحرائي عقاب حملو ڪيو ھو، تنھن جي ويجھو اھي خيمه زن ھئا ۽ کين وائرليس ذريعي مدد لاءِ گھرايو ويو ھو.
اسان جي گولين جي ڪري پھريائين ته ھو پريشان ٿي پيا- پر پوءِ جلد ئي ھو اُٺن جي پاکڙن ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪين پويان مورچا ٺاھي، جنگي مھارت سان فائرنگ ۾ جُنبي ويا. جيئن ته ٻئي ڌريون مورچن ۾ محفوظ ھيون، تنھن ڪري اھا فائرنگ بي سود رھي. اسان ته اھو معرڪو ساٿين کي ٻيلي ۾ داخل ٿيڻ جي مھلت لاءِ شروع ڪيو ھو. فوجي وري اسان جي تعداد بابت منجھيل ھئا. پر انھيءَ وچ ۾ ھن زبردست فائرنگ جو پڙلاءُ وڃي ’صحرائي عقاب‘ جي ڪئمپ تائي پھتو. اڌ ڪلاڪ اندر اھي به اچي فوجين جي پويان پھتا.
ھاڻ فوجي ٻن باھين ۾ ڦاٿا، مجبور ٿي، جان بچائڻ لاءِ فائر ڪندي، ساٿين جا لاش لتاڙيندي ۽ تمام گھڻا ھٿيار ۽ بارود ڇڏي وٺي ڀڳا. انھن لاشن ۾ ھڪ لاش سندن ميجر جو پڻ ھو. اسان کي ھن معرڪي ۾ به پنجاھ کن رائفلون، ھزارين گوليون ۽ ٻيو سامان ھٿ آيو. اھو سامان گڏ ڪري اسان ٻيلي ۾ داخل ٿياسون ۽ مرڪز ڏانھن رخ ڪيو.
رستي تي اسان کي ھڪ قافلو نھايت بري حالت ۾ مليو. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ھو ’حر‘ نه ھئا بلڪه ناري ۾ رھندڙ ’سانوڻيءَ‘ جا ماڻھو ھئا، جيڪي ٿر ۾ وس جي مند ۾ وانڍون لڳائي رھندا ھئا. ھن سال به بي خبريءَ ۾، دستور موجب پنھنجو رستو وٺيو پئي ويا ته اوچتو ملٽريءَ وارن جو نزلو مٿن نازل ٿيو. پر ملٽريءَ وارا فقط ڏھ ٻارنھن ھئا. سو ھيءُ پنھنجا ڍور ۽ سامان وٽن ڇڏي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ اچي ٻيلي ۾ پناھ ورتائون. انھيءَ افراتفريءَ ۾ ڪن جا ٻار ٻچا وڇڙي ويا. ڪجھ مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ھاڻ ھو ساھ پٽڻ لاءِ ڪنھن پناھ گاھ جي ڳولا ۾ ھئا. انھن مظلومن کي ڀر واري مرڪز ڏانھن اماڻي اسان اڳتي روانا ٿياسون ۽ پيچرا ۽ سرنگھون پار ڪري وڃي پنھنجي ڪئمپ تي پھتاسون.
منھنجي بھادريءَ جي خبرن کان متاثر ٿي سردار منھنجي لاءِ جاسوسيءَ جو ڪم رٿيو جنھن لاءِ نھايت بھادر ۽ سمجھو عورتن جي ضرورت ھئي. اھو ڪم مَردن لاءِ البته مشڪل ھو. مون کي سنجھوري شھر جي چئن ھنڌن تان وڏيون رقمون کڻڻيون ھيون. انھيءَ ڪم لاءِ مون کي ھڪ مددگار عورت به ڏني ويئي.
ٻئي ڏينھن عليٰ الصبح غازين جو ھڪ دستو اسان کي مکيءَ کان ٻاھر ڇڏڻ لاءِ سنڀريو. ٻن پھرن ڌاري، اسان کي پري کان ڏھن ٻارنھن فوجين جي دستي سان 2- 3 قيدي نظر آيا، جيڪي اسان کي تحريڪ جا ماڻھو محسوس ٿيا. تنھن ڪري انھن کي ڇڏائن لازم ھو.
سرادر جي ھدايت موجب اسان ڏاڍي خبرداريءَ سان چؤطرف مناسب ھنڌن تي مورچا لڳايا ۽ ’شاباس شڪاري‘ جي نعري تي نھايت احتياط سان فائرنگ شروع ڪئي سين. جيئن قيدين جو وار به ونگو نه ٿئي. فوجين جا ٻه ساٿي ته پھرئين ئي حملي ۾ ڊڙجي پيا، ٻين ترت ئي مورچا ٺاھي مقابلو شروع ڪيو. مون ھمت ۽ سوچ کان ڪم وٺي فوجين تي پوئتي کان وڃي حملو ڪيو ۽ ٻن ڄڻن کي ڊڙي رکيم. بچيل فوجين ڀڄي جان بچائي. اسان پنھنجو سفر جاري رکندي، ٻيلي مان اُڪري سنجھوري واري علائقي ۾ داخل ٿياسون. ھتان اسان جا ساٿي واپس ٿيا. مون ۽ منھنجي ساٿڻ فوجي وردي مٽائي ٻھراڙيءَ جي عورتن وارو لباس پھريو. بندوقون ۽ ورديون ھڪ وڻ ھيٺان دفن ڪري، اسان سنجھوري شھر جو رستو اختيار ڪيو. منھنجي ساٿڻ انھيءَ علائقي جي وک وک مان واقف ھئي. ھڪ ويران رستو وٺي اسان شھر ۾ گھڙيونسين ۽ بازارن مان ٿيندي ھڪ گھٽيءَ ۾ سندس ماساتن جي گھر پھتيوسين. اُتي اسان کي ڏاڍي عزت ۽ محبت ملي.
ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ رات جي آرام کان پوءِ اسان سوپيل ڪم جي رٿابندي ڪئي. جن چئن گھرن ڏانھن اسان کي وڃڻو ھو، تن تي سرڪاري نظرداريءَ جا اطلاع ھئا، جنھن ڪري اسان کي نھيات خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو ھو. سڀ کان اول اسان کي ’وڏيري متوءَ‘ جي حويليءَ ۾ وڃڻو ھو، وڏيرو متو ظاھري طور انگريزن جو دوست، صلاحڪار ۽ حرن جو دشمن پر حقيقت ۾ حرن جو وڏو مددگار ھو.
اسان اڃا صلاحون پئي ڪيون ته ھڪ عجيب اتفاق ٿيو. منھنجي ساٿڻ شاھ سائينءَ جو ڪلام پئي جھونگاريو، ”واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا.“ ته ٿيو به ائين. اسان جي ميزبانن ڪا سُکا باسي ھئي، جنھن سلسلي ۾ ھو عزيزن ۽ دوستن کي دعوت ڏيڻ جو پروگرام ٺاھي رھيا ھئا. دعوتين ۾ وڏيري متوءَ جو نالو به ھو. ھنن اسان کي به سڏ ڏيڻ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو. اسان جي ته الله ٻڌي!
ٻئي ڏينھن اسان پنھنجي ميزبانن سان گڏ سُکا جا سڏ ڏيڻ لاءِ نڪتيون سين ۽ مختلف گھرن مان ٿيندي اچي وڏيري متوءَ جي گھر ٺڪاءُ ڪيوسين. وڏيريءَ اسان کي عزت سان ويھاريو. سُکا جي دعوت قبول ڪندي اسان کي لسي پاڻيءَ جي لاءِ چيو. اسان ته پاڻ اُتي ترسڻ جا بھانا پئي ڳوليا. ٿوري ئي دير ۾ وڏيرو متو به اچي پھتو.
وڏيرو متو اڌڙوٽ عمر جو ھڪ ڏيا وارو مرد ھو. ھُن اسان کي دستوري ڀليڪار ڏني. آءٌ ساڻس خلاصي ڳالھائڻ واسطي موقعي جي تاڙ ۾ ھئس. ھڪ دفعو وري قدرت مدد ڪئي ۽ وڏيري ڪنھن ڪم سان اُٿي ويئي. مون موقعو ڏسي چٺي وڏيري متوءَ جي حوالي ڪئي. ھن چٺي پڙھي اسان کان رھڻ وارو ھنڌ پڇي چيو ته ھو پاڻھي اُتي جواب پھچائيندو. اسان جو ڪم آسان ٿيو ۽ اسان سامت جو ساھ کنيو.
ھاڻ اسان ٻئي گھر بابت صلاح ڪئي ۽ فيصلو ڪيوسون ته اُتي منھنجو اڪيلو وڃڻ مناسب ٿيندو. آءٌ اُن گھر جا پورا نشان پتا وٺي ٽاڪ منجھد جو سخت گرميءَ ۾ اوڏانھن رواني ٿيس ۽ ڪيتريون ئي گھٽيون پار ڪري اُن گھر وٽ پھتيس. جڏھن پڪ ٿيم ته آس پاس ڪو ڏسڻ وارو ڪونھي تڏھن دروازي کي ٿورو زور ڏيئي، اندر داخل ٿيس. اندر ٻه عورتون ۽ ھڪ وچولي عمر جو مرد ويٺا ھئا، جن دستوري عليڪ سليڪ کان پوءِ ھنن منھنجو احوال پڇيو. مون چٺي مرد کي ڏيندي چيو ’ابا آءٌ ھڪ مسڪين عورت آھيان. منھنجي مدد ڪريو- وڌيڪ احوال ھن چٺيءَ ۾ آھي!‘چٺي پڙھڻ کان پوءِ ھن پنھنجي زال سان اندر وڃي مشورو ڪيو ۽ پوءِ مون کي ٻئي ڏينھن اچڻ لاءِ چيائين.
اُتان نڪري، ڪيتريون ئي گھٽيون لتاڙي، آءٌ پروگرام موجب ٽئين گھر وٽ پھتيس. اُتي پھچي ھيڏانھن ھوڏانھن پئي نھاريم ته اندران ھڪ جوان نڪتو. شڪل شبيھ ۽ وضع قطع مان ھو مون کي گھربل ماڻھو محسوس ٿيو. اکين جي اشارن مان تصديق ڪندي مون چٺي سندس حوالي ڪئي ۽ اُن جو جواب ٻئي ڏينھن گھريومانس. پوءِ آءٌ خير سان واپس گھر آيس.
ٻئي ڏينھن نيرن ڪري آءٌ وري پنھنجي مھم تي نڪتيس. سڀ کان اول وڏيري متوءَ جي گھر پھتيس، جنھن رومال ۾ ٻڌل رقم منھنجي حوالي ڪئي ۽ سردار لاءِ ھڪ زباني پيغام ڏنو. ان کان پوءِ ٻئي گھر ويس جتان به پئسا ۽ ضروري ڪاغذ مليا. ساڳيءَ ريت باقي ھنڌن تان پئسا وغيرہ کڻي، مليل رقمون ۽ ڪاغذ محفوظ طريقي سان چيلھ تي ٻڌي، ماساتن کان موڪلائي واپسيءَ جو سفر شروع ڪيوسون. نشان ٿيل ھنڌ وٽ پھچي، وردي پائي ٻيلي اندر داخل ٿيونسون. ٻن ڏينھن تائين پيچرن ۽ سرنگھن جو اڻانگو سفر ڪندي، سلامتيءَ سان پنھنجي مرڪز پھچي جڏھن سردار اڳيان نوٽن جون ٿھيون ۽ خط رکياسين ته ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسان کي خاص مبارڪون ڏنائين.

مائي بيگوءَ جي داستان کان پوءِ ھڪ ننڍي نيٽيءَ خوبصورت نازنين، مُرڪندي پنھنجو داستان شروع ڪيو:
”منھنجو نالو بصران ڌيءُ ھارون خاصخيلي آھي. آءٌ جمڙائوءَ جي منڍ جي اوڀر طرف ڳوٺ ’عمر خاصخيلي‘ جي رھاڪو آھيان. اسان جي ڳوٺ جا سڀ رھاڪو ’سالم جماعت‘ ۾ شامل نھايت امن پسند ماڻھو ھئا. منجھن ڪوبه لُچ، لوفر، چور چڪار، سست يا ٽوٽي نه ھو ۽ نه ئي وري ھو ڪنھن سياسي چڪر ۾ پوندا ھئا. منجھائن ڪوبه تعليم کان عاري نه ھو. انھن سببن ڪري الله پاڪ اسان جي رزق ۾ ڏاڍي برڪت وڌي ھئي ۽ اسان ڏاڍا سکيا ستابا ۽ آسودا ھئاسون. اسان جون پوکون شاداب ۽ آباد ۽ اسان جو ڳوٺ ٻھڪندڙ ۽ مثالي ھو.
پر مارشل لا لڳڻ شرط اسان تي انگريزن جي پوليس ۽ ملٽريءَ بلڪل بي گناھ اھڙا ته ظلم ۽ ستم ڪيا جو اسان نھايت لاچار ٿي پنھنجو ڳوٺ، پنھنجيون ٻنيون، بلڪه پنھنجيون تيار پوکون ڇڏي، ’ذلت جي زندگيءَ کان عزت جي موت‘ کي ھزار دفعا بھتر سمجھي، اچي غازين جي سٿ ۾ شامل ٿيا آھيون. ۽ ھاڻ اسان ھر ڪنھن جي دل ۾ ھڪ ئي تمنا آھي ته گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ظالم جھنم رسيد ڪري پوءِ شھيد ٿيون. اسان ڪُل پنج سؤ آھيون- اسان پنھنجو حصو پنج ھزار مردودن کي جھنم رسيد ڪرڻ مقرر ڪيو آھي. اسان جي دل ۾ ٻي ڪابه تمنا نه آھي.
اسان پاڻ سان ڏھ ٻارنھن اٽي جون ڳوڻيون ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي، مکيءَ جي ٻيلي جي اونھي جھنگل ۾، پاڻيءَ جي وھندڙ ھڪ اڏ جي ڪناري منزل ڪئي ۽ اُتي ڪئمپ لڳائي. حفاظت خاطر ڏھ ٻارنھن ڄڻا ڪئمپ جي چؤطرف پري پري تائين پکيڙي ڇڏيا.
ھڪ ڏينھن ٻنپھرن جو، ڪئمپ کان ٿورو پرتي آءٌ مال چاري رھي ھيس، پري کان ڪو شخص نھايت بدحواسيءَ ۾ پاڻ ڏانھن ڊوڙندو ڏٺم. آءٌ پنھنجو پاڻ سنڀالي، سندس سامھون آيس ته ھو ڊپ ۾ دانھن ڪري، آٿڙجي وڃي سامھين وڻ سان ٽڪريو ۽ ڌڪو کائي سھڪڻ لڳو. سندس ڊپ ڀريل اکيون اوڏانھن ئي کُتل ھيون جتان آيو ھو. مون کيس آٿت ڏيندي چيو، ’ڊڄ نه- ھتي تنھنجو ڪوبه دشمن ڪونھي- آءٌ تنھنجي مددگار آھيان!‘ ڪجھ دير ماٺ رھڻ کان پوءِ ھن ٻڌايو ته چار ماڻھو سندس جان جي پويان پيل آھن، جنھن ڪري ھو وٺي ڀڳو آھي.
آءٌ کيس تسلي ڏيئي ڪئمپ ۾ وٺي آيس. احوال وٺڻ تي معلوم ٿيو ته ’لونگ‘ نالي اھو شخص پڻ اسان وانگر ظلم جو شڪار ٿي پنھنجا پئسا ڏوڪڙ کڻي ڳوٺان ڀڳو ھو. سندس ارادو مکيءَ کان ٻاھر ھڪ دوست ڏانھن وڃڻ جو ھو، پر واٽ تي کيس چار ھٿيار بند غازي مليا، جن کانئس ڪي سوال پڇيا. ھڪ عام ڪاروباري شخص ھجڻ ڪري ھو حرن جي دھشت برداشت ڪري نه سگھيو ۽ کين دشمن سمجھي، بدحواس ٿي وٺي ڀڳو ھو.
اسان جي ھمراھن کيس ٻڌايو ته بدحواسيءَ ۾ ھو پنھنجي اصل واٽ ۽ گھربل ڳوٺ کان گھڻو پري نڪري آيو ھو ۽ ھاڻ سونھين کان سواءِ ھن جو ٻيلي کان ٻاھر نڪري منزل تي پھچڻ محال ھو.
اسان جي ماڻھن مان ھڪ پوڙھي شخص ليلائيندي چيو ته جيڪو سونھون ’لونگ‘ کي ڇڏڻ وڃي، سو سندس پوئتي رھيل پٽ جي خبر به وٺندو اچي. کين ٻڌايو ويو ته اسان جي ڳوٺ ڇڏڻ مھل سندس پٽ ڪنھن ٻئي ڳوٺ ويل ھو. ھو جي موٽي به آيو ھوندو ته ڳوٺ جي جاءِ تي ڪاريءَ وارا ڪک ڏسي وري ڪنھن ٻئي پاسي نڪري ويو ھوندو.
گھڻي بحث کان پوءِ فيصلو ٿيو ته لونگ کي وٺي ويندڙ سونھون واپسيءَ تي پوڙھي جي پٽ کي به ڳولھي پاڻ سان گڏ ڪئمپ ۾ آڻيندو. اھو ڪم بابي پنھنجي ذمي کنيو ۽ آءٌ ساڻن گڏ رواني ٿيس. بابو ٻيلي جي ورن وڪڙن مان چڱي طرح واقف ھو- وٽس ھڪ رائفل به ھئي. اسان ٻيلي جي ورن ۽ وڪڙن مان ٿيندا ٻن ڏينھن کان پوءِ ھڪ ڳوٺ ۾ بابي جي دوست جي گھر پھتاسون. اُتي پھچي لونگ پنھنجي گھر ڏانھن روانو ٿيو ۽ واپسيءَ جو رستو اختيار ڪيوسون. واٽ تي ٻيلي اندر ھڪ ٻي ڪئمپ تي رات رھي آرام ڪرڻ جو پروگرام ٺاھيوسين، رات جي ماني کان پوءِ راڳ جي محفل شروع ٿي. اوچتو پھريدارن زوردار آواز ۾ خطري جي خبر ڏني ۽ ٻڌايو ته فوجين جو ھڪ ٽولو ڪئمپ تي حملي لاءِ وڌي رھيو آھي.
سردار ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي پناھ گاھن ۾ وڃڻ لاءِ چيو ۽ غازين کي ھٿياربند ٿي ھڪ ھنڌ گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ھٿياربند غازين کي پوءِ سردار ٽن طرفن ۾ مورچه بند ڪرايو ۽ فوجين جي ويجھي اچڻ تي مٿن ٽنھي طرفن کان زبردست فائرنگ ڪرائي. اھو معرڪو آڌيءَ رات تائين ھليو- آخرڪار فوجي زبردست جاني نقصان کائي پوئتي ھٽيا.
ھاڻي اھا جاچ شروع ٿي ته اھي فوجي آخر اھڙي محفوظ مقام تائين پھتا ڪيئن؟ انھيءَ جاچ ۾ قدرت اسان جي رھنمائي ڪئي. ڀاڄوڪڙ فوجي پنھنجا چار سپاھي نھايت زخمي حالت ۾ پوئتي ڇڏي ويا ھئا. انھن مان ٽي ته انگريز فوجي ھئا، باقي ھڪ ڄڻو سنڌي ھو، جيڪو پنھنجي آخري پساھن ۾ ھو. کيس وطن ۽ انسانيت جي ناتي چيو ويو ته ھو سندس آخري وقت ۾ اھو راز ظاھر ڪري پنھنجي عاقبت سجائي ڪري. ھن سچي ڪندي ٻڌايو ته، ”اوھان مان ڪيترائي ماڻھو انگريزن جا خابرو آھن، جن کي ڳجھيءَ طرح پگھار ملندو آھي. اوھان جي ھڪ ماڻھوءَ ’ڏاڙھون‘ جي بي ايمانيءَ ڪري ملٽري وارن کي حملي ڪرڻ جو موقعو مليو آھي!“
اسان وٽ ڪئمپ ۾ ’ڏاڙھون‘ نالي ٻه شخص ھئا جن کي اُن زخمي فوجيءَ آڏو آندو ويو. فوجيءَ غدار کي سڃاتو. وڌيڪ جاچ مان معلوم ٿيو ته غدار ’ڏاڙھون‘ جي شادي تازي ٿيل ھئي، ھو فطرتاً ھڪ بزدل انسان ھو. سندس تمنا ھئي ته ڪنھن به نموني سلامتيءَ واري ھنڌ پھچي پنھنجي زال سان عيش ۽ آرام واري زندگي گذاري. ھڪ ڏينھن انھيءَ سوچ ۾ محو، ھو ڪئمپ کان پرڀرو مال چاري رھيو ھو ته مکيءَ ۾ رھندڙ ھڪ ماڻھو مليو، جيڪو دراصل انگريزن جو جاسوس ھو. ’ڏاڙھونءَ‘ بنا سوچڻ سمجھڻ جي ھن سان پنھنجي اندر جو حال اوريو. جاسوس به موقعو غنيمت سمجھي کيس انگريزن سان شامل ٿيڻ جو مشورو ڏنو ۽ يقين ڏياريائينس ته جي ھو سندس مشوري تي ھلندو ته انگريز کيس انعام سان ڍئي ڇڏيندا.
’ڏاڙھون‘ ھن جي ڳالھين ۾ اچي کيس ڪئمپ جو سمورو احوال ٻڌائي راتاھو ھڻڻ جي صلاح ڏني. گھٽن ۽ گھيڙن بابت ڏنل سندس معلومات ڪري فوجي راتاھو ھڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا. راتاھي وقت ھيءُ غدار بيماريءَ جو بھانو ڪري وڃي عورتن ۽ ٻارن سان گڏ لڪيو ھو.
غداري ثابت ٿيڻ تي سندس زال کانئس طلاق وٺي ھڪ ٻئي غازيءَ سان شادي ڪئي ۽ کيس وڻ سان ٻڌي گولين سان اُڏايو ويو.
صبح جو اسان اُن ڪئمپ مان موڪلائي، خير سان اچي پنھنجي اڏي تي پھتاسون. اسان جي ڪئمپ وارا به ھاڻ عام امن پسند ڳوٺاڻن مان بدلجي فولادي انسان بڻجي چڪا ھئا. اسان به غازين کي تلاش ڪري اُنھن ۾ شامل ٿياسون. اھڙيءَ ريت اسان جي زندگيءَ جو نئون باب شروع ٿيو. غازين وٽ ھر قسم جي تربيت جھڙوڪ نرسنگ، جنگجوئي، يتيم ٻارن کي سنڀالڻ، ٻارن جي تعليم وغيرہ جو بندوبست ھو.
ھڪ ڏينھن غازين سان گڏ ڪنھن مھم ۾ بھادريءَ سان وڙھندي بابو شھيد ٿي ويو. سندس شھادت کان پوءِ مون قسم کنيو ته باقي حياتي غازين جي خدمت ۽ جھاد ۾ گذارينديس ۽ پنھنجو نالو اُنھن مجاھد عورتن جي لسٽ ۾ لکارايو جيڪي مھم جُو آھن ۽ ھر وقت جان جي بازي لڳائڻ لاءِ تيار آھن.
ھڪ ڏينھن اسان جي جاسوسن، ڪئمپ کان ڪجھ مفاصلي تي ملٽريءَ جي ھڪ دستي کي چرپر ڪندي ڏٺو. اسان جي ڪمانڊر، اسڪائوٽ غازين جو ھڪ دستو علي گوھر نظاماڻيءَ جي ڪمان ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ روانو ڪيو. آءٌ زور ڪري، مرداني ڊريس پائي ھن دستي ۾ شامل ٿيس.
گھاٽا وڻ، پيچرا ۽ سرنگھون پار ڪري، اسان فوجي دستي جي اچي قريب ٿياسون. اسان جي ڪمانڊر چيو ته ڪنھن غدار جي ڪري ھي فوجي ھيستائين پھچي سگھيا آھن، پر اسان کين اڳتي وڌڻ ڪونه ڏينداسون- خالي ھٿين واپس وڃڻ بدران پنھنجي ڪئمپ وارن واسطي ڪجھ تحفا کڻي وينداسون.
پوءِ اسان نھايت ھوشياريءَ ۽ خاموشيءَ سان فوجين کي گھيري ۾ آڻي ’شاباس شڪاري‘ ۽ ’ڀيڄ پاڳارا‘ جي نعرن جي گونج ۾ مٿن گولين جا وسڪارا لائي ڏنا. دشمنن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. اسان فائر ڪندا سندن ويجھو پوندا پياسين تان جو ڇالون ماري وڃي مٿانئن ڪڙڪياسون ۽ ھٿو ھٿ لڙائيءَ ۾ جنبي وياسون. ٿوري ئي دير ۾ اھي ڀاڙيتو سپاھي ھمت ھاري ويٺا ۽ ڀڄڻ تي زور رکيائون. اسان کي ھن معرڪي ۾ 15- 16 رائفلون، سوين گوليون ۽ ٻيو سامان ھٿ آيو. ھن معرڪي جي رپورٽ سردار کي ڏني ويئي جنھن ۾ منھنجي بھادريءَ جي خاص طور تي تعريف ڪئي وئي.
ھڪ ٻن ڏينھن کان پوءِ سردار مون کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ منھنجي ھمٿ ، بھادري ۽ ھوشياري کي ڏسندي منھنجي لاءِ ھڪ خطرناڪ ڪم رٿيائين. مون کي سردار ٻڌايو ته سانگھڙ شھر ۾ ھڪ وڏيري جي حويليءَ ۾ ھڪ پڙھيل ڪڙھيل ھوشيار عورت جو رابطو اسان جي جاسوسي نظام سان آھي. چؤطرف پکڙيل اسان جا جاسوس ضروري خبرون، احوال ۽ راز، خاص مقرر ڪيل عورتن ذريعي، اُن عورت تائين پھچائيندا آھن. اُھا عورت وري اُھي احوال اسان جي مقرر ڪيل ھمراھن تائين پھچائيندي آھي. ھيستائين اھو ڪم ھڪ ٻئي مرڪز جي حوالي ھو- پر ھاڻ اھو ڪم به اسان جي حوالي ڪيو ويو آھي. اسان کي انھيءَ عورت کان معلومات حاصل ڪري، مختلف ماڻھن تائين پھچائڻي آھي. تون سانگھڙ پھچي، اُنھيءَ عورت سان رابطو رکي، کانئس احوال وٺي اچ.
مون اھو ڪم خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ ٻن غازين سان گڏجي رواني ٿيس. ٻن ڏينھن جي پنڌ کان پوءِ جھنگل جي ڪناري تي سانگھڙ شھر سامھون پھتاسون. مون سان گڏ آيل غازي اتان واپس ٿيا، ۽ آءٌ احتياط سان، آڏا اُبتا چڪر ڪاٽيندي، اُن عورت جي گھر تائين وڃي پھتيس. اُن وقت اھا عورت اڪيلي ويٺي ھئي. کيس خاص لفظ چئي پنھنجي سڃاڻپ ڏنم. عورت احتياط کان ڪم وٺندي، نوڪر ڇوڪري کي بازار مان ڪجھ آڻڻ واسطي چيو. ڇوڪري جي رواني ٿيڻ تي مون کيس سردار جو نياپو ڏنو. نياپو ٻڌي ھوءَ اندر ويئي ۽ جلد ئي ھڪ تمام ننڍڙي ڳٺڙي آڻي منھنجي حوالي ڪيائين ۽ صلاح ڏنائين ته ٻه چار ڏينھن ترسي، وڌيڪ اھم معلومات کڻي وڃان. ايتري ۾ گھر جون ٻيون عورتون به ٻاھران اچي ويون. کين چالاڪ عورت اھو چئي مطمئن ڪيو ته آءٌ سندس پڦيءَ جي ڌيءَ آھيان. اھڙيءَ ريت مون اُتي رھي اُن عورت جي ڪم جو انداز ڏٺو. ھونئن ته ھوءَ سڄو ڏينھن ڪم ڪار ۾ رُڌل رھندي ھئي، پر جڏھن ٻنپھرن جو گھر جا ڀاتي آرام ڪندا ھئا ته ھوءَ سموري خبر چار ويھي لکندي ھئي.
آخر ٻن ڏينھن کان پوءِ، ڳچ ساري معلومات ڏيئي ھن مون کي رخصت ڪيو ۽ آءٌ ساڳين گھٽين ۽ پيچرن مان ٿيندي، ڪاميابيءَ سان پنھنجي مرڪز تي موٽيس. ھن پھرين ڪاميابيءَ کان پوءِ آءٌ باقائدي جاسوسي کاتي ۾ شامل ٿي آھيان.“

مائي بصران کان پوءِ مائيءَ زھران پنھنجو داستان بيان ڪيو:
”اسان جو ڳوٺ، مکيءَ ٻيلي ۾، ’رٺل ڀِٽ‘ کان چئن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ ننڍيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي آھي.
آءٌ يارنھن ورھين جي ھئس ته بابو گذاري ويو. گھر ۾ باقي مون کان پنج سال ننڍو ڀاءُ عثمان ھو. بابي جي ڇڏيل ملڪيت اسان جي گذران واسطي ڪافي ھئي.
آءٌ ننڍي ھوندي کان نھايت ھمت واري ۽ بھادر ھئس. مون کي گھوڙي سواري ۽ نشاني بازيءَ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. انھيءَ شوق ۾ ڳوٺ کان پري پري تائين نڪري ويندي ھئس. ھڪ دفعي اسان جي ميھار ھوت ۽ مون تي ٻن رھزنن حملو ڪيو پر اسان مڙسان مڙسيءَ سان مقابلو ڪري ٻنھي کي ٻڌي ڳوٺ وارن جي حوالي ڪيو، جنھن ڪري ڳوٺ ۾ منھنجي بھادري مشھور ٿي ويئي.
غازين جي تنظيم جو اثر اسان جي ڳوٺ تي به پيو. ڪيترائي جوان ۽ نوجوان شام جو ڳوٺ جي ٻاھران پريڊ ۽ نشاني بازيءَ جي مشق ڪرڻ لڳا- آءٌ به انھن ۾ شامل ھوندي ھئس.
ترت ئي تنظيم جي سلسلي ۾ تبليغي پروگرام به شروع ٿيا ۽ مکيءَ ۾ مَردن ۽ عورتن واسطي تبليغي جماعتون اچڻ لڳيون. انھيءَ مقصد لاءِ ڪنھن وڏي مرڪزي ڳوٺ ۾ پروگرام رکيا ويندا ھئا ۽ مقرر وقت ۽ ڏينھن آس پاس جي ننڍن ڳوٺن جا ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا. اھي گڏجاڻيون ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينھن ۽ بعضي ھفتو ھفتو پيون ھلنديون ھيون. وعظ ڪندڙ پھريائين تنظيم جي ضرورت بابت سمجھائيندا ھئا، پوءِ خاص ماڻھو پرجوش تقريرون ڪري ماڻھن کان قسم ناما وٺندا ھئا. اُن بعد ھر روز ماڻھن کي فوجي تعليم ۽ بندوق بازيءَ جي مشق ڪرائي ويندي ھئي.
ھڪ دفعي اسان جي ڳوٺ ۾ کاڌِي پھريل چار عورتون آيون جيڪي گھر گھر وڃي عورتن کي سمجھائينديون ھيون. اھي اسان جي گھر به آيون ۽ اسان کي ٻڌايائون ته ڪيئن نه تعليم ۽ تنظيم کان پري رھي اسان انسانيت ۽ آزاديءَ کان محروم ٿي ويون آھيون. گھرو ھنرن جو ذڪر ڪندي ھنن ٻڌايو ته اسان واندڪائيءَ ۾ چرخا چوري، ڪَتڻ جو ڪم ڪري پنھنجي خاندان لاءِ ڪپڙو تيار ڪري سگھون ٿيون- پنھنجي ڳوٺ ۽ قوم لاءِ ڪارگر ٿيڻ لاءِ ھنن ٻيا به مثال ڏنا.
اُھي تنظيمي سرگرميون اڃا ھلي رھيون ھيون ته اوچتو پير سائينءَ جي گرفتاريءَ جي خبر آئي. اھا خبر ٻيلي جي رھاڪن واسطي، جيڪي اڪثر ڪري پير سائينءَ جا مريد ھئا، موت کان گھٽ نه ھئي. ھر طرف نھايت بيچيني، بي آرامي ۽ بدامنيءَ جو دور اچي ويو. اسان جو ڳوٺ ڄڻ ته جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ڪمزور دل ۽ غير مريد ته شروعات ۾ ئي ڀڄي ويا. البته عقيدتمند ٻيلي ۾ پناھ گاھون ٺاھي مورچه بند ٿي ويھي رھيا. ٻارن ٻچن ۽ ڪمزورن کي محفوظ طريقي سان اونھي ٻيلي ۾ رکيو ويو.
انگريز فوجون اُن وقت مکي ٻيلي کي گھيري ۾ آڻي چڪيون ھيون ۽ افواھ ھئا ته سندن دستا عنقريب ٻيلي ۾ داخل ٿيندا. انھن حالتن ۾ دوست ۽ دشمن ۾ تميز ڪرڻ مشڪل ٿي پيئي، ڇاڪاڻ ته ٻيلي اندر اڃا تائين ھر قسم جا ماڻھو موجود ھئا جن ۾ اھڙا غدار به ھئا جيڪي ظاھر ۾ ته اسان جا دوست پر درپردہ انگريزن جا جاسوس ھئا.
اسان پنھنجي ڀر واري وساڻن جي ڳوٺ کي ڇھن ڳوٺن جومرڪز بڻائي ھڪ مزاحمتي مھم شروع ڪئي. ھن مرڪز مان روزانو غازين جو ھڪ ٽولو گشت ڪندو مکيءَ جي ڇيڙن تائين ويندو ھو ۽ غازين جي ٻين دستن سان گڏجي انگريز فوجين تي ڇاپا ھڻي کين جاني نقصان پھچائي، جنگي سامان ھٿ ڪري موٽندو ھو.
انھن حالتن ۾ مون کي به جوش آيو ۽ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ جو سوچڻ لڳيس. ھڪ ڏينھن عثمان کي ڳوٺ وارن جي حوالي ڪري، مشڪي گھوڙي تي سوار ٿي، پنھنجي ناناڻڪي ڳوٺ ڏانھن رواني ٿيس. واٽ تي ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي ننڍپڻ جي سھيليءَ حليمان سان ملي، پنھنجو ارادو ٻڌائي، مدد گھري. ھن گھربل سان آڻي ڏنو.
صبح جو سويل، مرداڻو لباس پائي، ڪلھي تي رائفل کڻي، گھوڙي تي سوار ٿي آءٌ غازين جي دستي جي ڳولھا ۾ نڪتيس جيئن ساڻ شامل ٿي فوجين سان معرڪو ڪجي.
ھڪ ڳوٺ جي ٻاھران منھنجي ملاقات ڪن نوجوانن سان ٿي. جڏھن پڪ ٿيم ته اُھي پير سائينءَ جا مريد آھن، تڏھن پنھنجي واقفيت ڪرائي پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيم. ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ منھنجي ملاقات پنھنجي بزرگن سان ڪرايائون. اُھي به ڏاڍو خوش ٿيا. ھڪ پير مرد ته منھنجا ھٿ چمي چوڻ لڳو ته ’جي ھن جھڙا سھڻا غازي، ھيترو سفر ڪري جھاد لاءِ اچن ته پوءِ سمجھو ته ٻيڙا ئي پار آھن.‘
ڪجھ ڏينھن جي انتظار کان پوءِ، ھڪ ڏينھن شام جو ساٺيڪو کن غازين جو ھڪ با ھٿيار دستو فوجي لباس ۾ اُن ڳوٺ ۾ آيو، اُنھن ۾ صرف چار غازي گھوڙن تي سوار ھئا- ٻيا سڀ بنا سواريءَ جي ھئا. آءٌ به انھن ۾ شامل ٿي ويئس. سڄي واٽ اسان پير صاحب تي سِر گھورڻ وارا گيت جھونگاريندا رھياسون. سومھڻيءَ ڌاري مکيءَ ۾ ٻه ميل کن اندر اسان ديرو ڄمايوسين. سالار جي حڪم تي ھر غازي فقير جو ويس ڌاري، ٻيلي ۾ فوجي ٺڪاڻن جي ڳولا لاءِ روانو ٿيو ۽ فجر مھل اھم معلومات کڻي موٽيو. انھيءَ مطابق اسان تيار ٿي، نماز پڙھي، الله تعاليٰ کان ڪاميابيءَ جي دعا گھري پنھنجي مھم تي روانا ٿياسون.
جھنگل ۾ ڪافي دير ھلڻ کان پوءِ منزل تي پھچي، سردار جي ھدايت موجب ٻه ٻه ڄڻا ٿي گھاٽين ڄارين جي پويان مورچه بند ٿي وياسون. ٿوريءَ دير کان پوءِ 25 فوجين جو ھڪ دستو ظاھر ٿيو. سردار ’شاباس شڪاري‘ جو نعرو ھڻي حملي جو حڪم ڏنو ۽ جواب ۾ اسان ’ڀيڄ پاڳارا‘ جو نعرو ھڻي فائرنگ شروع ڪئي. شروعاتي نقصان کان پوءِ فوجي به مورچا ٺاھي مقابلو ڪرڻ لڳا پر بيسود. جڏھن سردار محسوس ڪيو ته دشمن ھاڻي پوين پيرن تي آھن، تڏھن اڳتي وڌي ھٿو ھٿ مقابلي جو حڪم ڏنائين. نتيجي ۾ دشمن پنھنجا ڪافي زخمي ۽ مُرده سپاھي ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ٿيا. ھٿوھٿ مقابلي ۾ مون به ھڪ سپاھيءَ کي جھنم رسيد ڪيو.
مون مال غنيمت مان صرف ڪجھ گوليون کنيون ۽ واپس رواني ٿيس. ھن پھرين ڪاميابيءَ منھنجي دل مان سمورو زنانو حجاب ڪڍي ڇڏيو ۽ مون محسوس ڪيو ته جيڪڏھن دل ۽ دماغ ھمت وارا آھن ته پوءِ عورتون مَردن کان گھٽ نه آھن.
ڪجھ عرصي بعد معلوم ٿيو ته ٻيلي ۾ داخل ٿي قتل عام و غارت گيري ڪرڻ خاطر انگريز فوجون ٻيلي کان ٻاھر وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي رھيون آھن. اھي به خبرون مليون ته انھن ٻيلي ۾ داخل ٿي ڳوٺن کي تباھ ڪرڻ ۽ جلائڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. انھيءَ ڪري اسان فيصلو ڪيو ته ٻارن ۽ عورتن کي حفاظت خاطر ٻيلي ۾ اڃا به وڌيڪ محفوظ ھنڌن ڏانھن روانو ڪجي. اسان جي ڳوٺ جا ٻار ۽ عورتون به ھڪ اھڙي مرڪز ڏانھن منتقل ٿيڻ شروع ٿيا. رستي تي اسان کي پناھ لاءِ لڏيندڙ اھڙا ٻيا به بيشمار ٽولا مليا.
انگريز فوج ماڪڙ وانگر مکيءَ کي برباد ڪري رھي ھئي. ھنن نامرادن نه رڳو ماڻھن جو شڪار ٿي ڪيو، بلڪه گھرن، جھوپڙين، کَرن، ويندي سرسبز ٻنين کي به باھيون ٿي ڏنيون.
ھڪ ڏينھن مکيءَ جي سردار جي حڪم مطابق اسان جا ٽيھ جوان ڳوٺ کان پنج ميل پري ھڪ خاص ھنڌ تي ڪَٺا ٿيا. اُتي ستر کن ھٿياربند جوان اڳ ۾ ئي موجود ھئا. سندن سردار پير سائينءَ جو وڏي انقلابي ذھنيت رکندر ھڪ خاص خليفو ’اسماعيل‘ ھو، جيڪو جنگي فن کان سواءِ ھٿيار ٺاھڻ جو پڻ ماھر ھو. قصو ڪوتاھ، رِٿيل منصوبي مطابق اسان اُتان لنگھندڙ ھڪ فوجي دستي تي حملو ڪري کين وڏو نقصان پھچايو ۽ اسان کي گھڻو مال غنيمت ھٿ آيو. اسان جي ڪمانڊر کي جڏھن معلوم ٿيو ته مرداني ورديءَ ۾ آءٌ دراصل عورت آھيان ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”جيڪڏھن اسان جي اھائي رفتار رھي ته اُھو ڏينھن پري نه آھي جو انگريز ازخود صلح جو ھٿ ڊگھاڙي، پير سائينءَ کي آزاد ڪري، اسان جا مطالبا مڃي ۽ سنڌ کي آزاد ڪري!“ ھن ٻڌايو ته، ”انگريز سخت مصيبت ۾ مبتلا آھن. ھڪ طرف جرمن وڌي اچي مصر ۽ ايران وٽ پھتا آھن ته ٻئي طرف جپان آزاد ھند فوج جي مدد سان اراڪان جي ٽڪرين وٽ انگريزي فوج تباھ ڪندو ڪلڪتي ڏانھن پيو وڌندو اچي!“
ھاڻي منھنجو ڀاءُ به معرڪن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو ۽ ھڪ معرڪي ۾ بھادريءَ سان وڙھندي شھيد ٿي ويو. سندس شھادت منھنجي ھمت ۽ جذبي کي اڃا به وڌايو.
ھڪ ڏينھن مرڪز جي نئين سردار کي ھڪ خاص ڪم واسطي ھڪ ھوشيار ۽ دلير عورت جي ضرورت پيئي، جنھن لاءِ مون کي سڏ ٿيو. روبرو معلوم ٿيو ته سنجھوري ۾ پير صاحب جي ھڪ زميندار مريد کي انگريزن سندس حويليءَ ۾ سخت پھري ھيٺ نظربند ڪري رکيو آھي، جو کين گمان آھي ته کيس پير صاحب جي ڪنھن پوريل خزاني جي خبر آھي. پر ھو سخت ڌمڪين ۽ لالچن جي باوجود به انھيءَ ڳالھ کان انڪاري آھي. مون کي فوجين جي جاچ ۽ سخت پھري وچان حويليءَ ۾ داخل ٿي، کيس ھڪ خط پھچائي جواب آڻڻو آھي.
ٻئي ڏينھن مون نئون لباس پاتو ۽ خط کي ران تي ٻڌي ٻيلي مان رواني ٿيس. وچينءَ ڌاري ٻيلي کان ٻاھر ھڪ ڳوٺ ۾ پنھنجي ناناڻڪي مائٽن وٽ پھتيس. ھو مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. مون کين ٻڌايو ته آءٌ ھڪ سھيليءَ سان ملڻ واسطي سنجھوري وڃي رھي ھيس. گھر جي مالڪ اھا ڳالھ ٻڌي ھڪ امانت سنجھوري ۾ رھندڙ دوست واسطي منھنجي حوالي ڪئي.
ٻئي ڏينھن کانئن موڪلائي آءٌ لاريءَ ذريعي سنجھوري پھتيس ۽ ڏس پتا پڇندي اُن گھر پھتيس جتي امانت پھچائڻي ھئي. اُھي ڏاڍا شريف ماڻھو ھئا. مون کي ڏاڍي عزت ڏنائون. احوال پڇڻ تي مون ٻڌايومان ته آءٌ پنھنجي ننڍي ڀاءُ جي ڳولا ۾ آھيان ۽ معلوم ٿيو اٿم ته ھو سنجھوري پاسي آھي. مون کين ٻڌايو ته منھنجي سنجھوري ۾ ڪابه واقفيت نه آھي. ھنن مون کي پاڻ وٽ رھڻ لاءِ چيو.
ڏينھن ٻن کان پوءِ آءٌ مائيءَ سان گڏ شھر ۾ خريداريءَ واسطي نڪتيس. رستي تي عاليشان حويلي نظر آئي جنھن جي دروازي تي ملٽريءَ وارا پھرو ڏيئي رھيا ھئا. مائيءَ کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته اھا حويلي مون واري گھربل وڏيري جي ئي ھئي! مائيءَ ٻڌايو ته ھوءَ ان حويليءَ ۾ ڪم ڪري چڪي آھي۽ ھاڻي به ضرورت پوڻ تي اُتي ايندي ويندي آھي. مون کيس چيو ته ھاڻي جي اُتي وڃي ته مون کي به وٺي ھلي جيئن آءٌ وڏيري کي منھنجي گم ٿيل ڀاءُ واسطي عرض ڪريان. مائيءَ ٻڌايو ته ھونئن ته وڏيرو وڏي ھلنديءَ پڄنديءَ وارو آھي پر اڄڪلھ ھو ڪنھن جي مدد ڪرڻ کان مجبور آھي.
اسان ٻئي ڏينھن صبح جو حويليءَ ۾ داخل ٿيوسين. ملٽريءَ وارا مائيءَ کي سڃاڻندا ھئا تن روڪ ڪونه ڪئي. وڏيري مون کي ڏسي خوش ٿي. کيس منھنجون ڳالھيون ڏاڍيون وڻيون سو مون کي پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيائين. ٻنپھرن جو مانيءَ کان پوءِ وڏيريءَ کي زور ڏيندي، مناسب موقعو ڏسي مون کيس پنھنجي گم ٿيل ڀاءُ بابت عرض ڪيو ۽ چيومانس ته اھا ڳالھ وڏيري سان پڻ چوري. منھنجو عرض قبولي ھن رئيس کي مٿي گھرايو ۽ منھنجو مسئلو سندس ڪن تي آندائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ وڏيري ڪنھن ڪم سان اتان ھٽي ته مون موقعو غنيمت ڄاڻي خط کڻي رئيس جي حوالي ڪيو. رئيس خط پڙھي سوچ ۾ پئجي ويو. ايتري ۾ وڏيري به واپس اچي ويئي. رئيس کيس به خط پڙھايو. ٻنھي منھنجي ھمت تي مون کي آفرين ڏني. شام جو جوابي خط به ڏنائون.
خط کڻي آءٌ احتياط سان ٻاھر آيس. ٻيلي مان نڪتي مون کي ويھارو ڏينھن ٿي چڪا ھئا. ھتي وري صورتحال اھا ھئي جو سانگھڙ ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ گھر گھر تلاشي ٿي رھي ھئي. رستن تان ھلندڙ مسافرن کان به پئي پڇائون ٿيون. پوليس ۽ سي آئي ڊيءَ رِڻ ٻاري ڏنو ھو. آءٌ وري ٻيلي جي گھيڙن ۽ گھٽن کان ٿيندي اچي مرڪز تي پھتيس. سردار ۽ جيئندو مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. مون کي آفرين ڏيئي باقائدي جاسوسي کاتي ۾ شامل ڪيائون.

ھاڻ مائيءَ ”عاقلان“ پنھنجي ڪھاڻي شروع ڪئي.
”آءٌ ھڪ غريب ھاري ’ڪمونءَ‘ جي ڌيءَ آھيان. بابو سانگھڙ جي ڀرسان وڏيري عرس جي ھارپ ڪندو ھو. ويھن ورھين جي ھئس ته امڙ گذاري ويئي- ٻن سالن کان پوءِ بابو به الله کي پرتو ۽ آءٌ بنھ يتيم ٿي ويس. سھاري ۽ روزيءَ خاطر شھدادپور جي ھڪ وڏيري جي حويليءَ ۾ پھتيس، جيڪو پير صاحب جو پڪو مُريد ھو. سندس گھر ۾ ھر طرف خوشحالي ھئي. پر ھلچل شروع ٿيڻ تي ھن خوشحال گھر تي به اثر پيو. وڏيري جو پٽ جيڪو ڪراچيءَ ۾ پڙھندو ھو، حر ليڊرن سان لھ وچڙ ۾ اچي پڪو غازي بڻجي پيو ۽ ترت ئي ڪنھن معرڪي ۾ ھن شھادت ماڻي. سندس والدہ ھيءُ صدمو برداشت نه ڪري سگھي ۽ مھينو کن بيمار رھي گذاري ويئي. انھن صدمن وڏيري تي وڏو اثر وڌو، ۽ ھن پنھنجي باقي زندگي غازي تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. مون کي وڏي رقم ڏيئي آزاد ڪرڻ جو ارادو ڪيائين پر مون انڪار ڪيو ۽ ساڻس جھاد ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ظاھر ڪيم. ھاڻ وڏيري پنھنجي ڪجھ ملڪيت زمين ۾ دفن ڪئي، ۽ بچيل غازين ۾ ورھائي. مون کي ساڻ ڪري ڪاھي پيو مکيءَ ۾، پاڻ ته يونيفارم پائي رائفل کنيائين ھٿ ۾- مون وري عورتن جي تربيتي ڪئمپ ۾ داخلا ورتي جتي شروع ۾ مون کي اسپتالي ڪم جي تربيت ملي.
ھڪ دفعي مانجھيءَ نالي ھڪ مجاھد کي نھايت زخمي حالت ۾ آندو ويو. کيس گولين جا ڪافي زخم لڳل ھئا، ته به سور ۽ تڪليف کان بي پرواھ ھو. سندس ھڪ ئي تمنا ھئي ته ھو چاڪ ٿي وري جھاد ۾ شامل ٿئي. سندس بھادريءَ جا داستان به گھڻا ھئا- ھر ڪنھن سندس بھادريءَ جي تصديق ٿي ڪئي. مون کي به ھُن ڏاڍو متاثر ڪيو.
اديون اھڙن مانجھي مردن ۽ جانبازن کي انگريز ته ٺھيو، پر اسان جون ديسي اخبارون به غنڊا، ڌاڙيل، رھزن، خونخوار ۽ الائجي ڇا ڇا پيون سڏين ۽ نئين نسل جي ذھن ۾ به اھوئي زھر پيون اوتين. اھي سڀ اخبارون اشتھارن جي ڪمائين وسيلي انگريزن جو نمڪ پيون کائين- اسان غازين جي ته ڪا اخبار آھي ئي ڪونه!
پر مون ڪتابن ۾ پڙھيو آھي ته سؤ سال اڳ 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ کي اول بلوو، فساد وغيرہ سڏبو ھو- پر ھينئر صوبائي آزادي ملڻ شرط انھيءَ کي آزاديءَ جي جنگ سڏيو وڃي ٿو. سو اسان جي ھن جنگ کي به نيٺ ڪڏھن سنڌ جي آزاديءَ جو جھاد چيو ويندو ۽ قوم جي نونھالن جي دماغن مان اڄوڪو زھر نڪري ويندو!
خير- ھڪ ڏينھن سردار اعليٰ کان اسان جي ڪئمپ ڪمانڊر کي نياپو مليو، جنھن مطابق ڪريم بخش نالي ھڪ با رسوخ شخص کي اغوا ڪري ڪئمپ ۾ آڻڻو ھو. اھو شخص انگريزن جو خير خواہ ۽ حر تحريڪ جو دشمن ھو ۽ دوکي سان غازين جي ھڪ دستي تي حملو ڪرايو ھئائين. غازي ته ھن حملي ۾ شھيد ٿي ويا، پر ھو پاڻ به سخت زخمي ٿي گھر ۾ علاج ڪرائي رھيو ھو.
انھيءَ مھم لاءِ مون کي چونڊيو ويو. منھنجو ڪم اھو ھو ته ڪنھن طريقي سان نوڪرياڻي ٿي ڪريم بخش جي گھر داخل ٿي وڃان؛ پوءِ موقعي ملڻ تي ڳوٺ ۾ موجود تحريڪ جي ماڻھن کي صورتحال کان آگاه ڪريان.
پروگرام مطابق ٻن غازين جي حفاظت ۾ ٻنپھرن ڌاري آءٌ مکيءَ جي ڪناري پھتيس. تنھن کان پوءِ اڪيلي سر پنڌ سٽيندي ٻئي ڏينھن صبح جو اچي ڪريم بخش جي ڳوٺ پھتيس، جتي تحريڪ جي ھڪ ھمدرد خميسي جو گھر به ھو، جتي ھو پنھنجي ٻن جوان پٽن سان رھندو ھو. خميسي منھنجو سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. شام جو ھو خبر وٺي آيو ته ڪريم بخش واقعي سخت بيمار آھي ۽ کيس ٽھل ٽڪور لاءِ نوڪرياڻيءَ جي ضرورت آھي. ھن مشورو ڏنو ته ڪريم بخش جي گھر آءٌ اڪيلي وڃان. سندس مشوري مطابق آءٌ ھڪ پريشان حال عورت جي صورت ۾ وڏيري ڪريم بخش جي گھر ٻاھران وڻ ھيٺان وڃي بيٺس.
ڪجھ دير کان پوءِ گھر مان ھڪ پيرسن عورت نڪتي ۽ مون کي اُتي بيٺل ڏسي احوال پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته آءٌ ٿڪل ۽ بکايل غريب عورت آھيان، ۽ روزگار جي تلاش اٿم. ھوءَ مون کي اندر وڏيري وٽ وٺي ويئي ۽ منھنجي سفارش ڪيائين. وڏيريءَ کي به مون سان ھمدردي محسوس ٿي. مون کان ھڪ ٻه ڏينھن گھر جو ڪم ڪار ڪرائي، پوءِ وڏيري ڪريم بخش وٺي ويئي، جنھن ٿوري سوال جواب کان پوءِ مون کي نوڪريءَ ۾ رکڻ قبوليو. مون ڏينھن رات محنت ڪري گھر جي سڀني ڀاتين کي پنھنجو شيدائي ڪري ڇڏيو- خاص ڪري وڏيري ڪريم بخش جي ته ڏاڍي تيمارداري ڪيم.
وڏيري جو پٽ وري مجاھدن ۾ شامل ھو، ۽ سندس نُنھن درپرده حرن جي ھمدرد ھئي- اھا خبر مون کي بعد ۾ پيئي.
ھڪ ڏينھن اوچتو ھوءَ بورچي خاني ۾ آئي ۽ تمام خبرداريءَ ۾ ٻڌايائين ته سڀان رات جو غازي چڙھائي ڪندا- انھيءَ سلسلي ۾ مختصر پروگرام به تڪڙو تڪڙو ٻڌائي ويئي. آءٌ ته سخت حيران ٿي ويس.
ٻئي ڏينھن فجر مھل جڏھن وڏيرو پنھنجي ڪمري ۾ اڪيلو ھو ۽ وڏيري کٽ تي ليٽي پيئي ھئي ته دروازي تي آھستي ٺڪاءُ ٿيو. مون اُٿي دروازو کوليو ته چار ماڻھو ڌوڪيندا اندر آيا- دروازو اندران بند ڪري منھنجا ھٿ ٻڌائون. اُن بعد مون کي اڳتي ڪري، وڏيريءَ جي ڪمري ۾ آيا ۽ ان کي به رسيءَ سان ٻڌائون. پوءِ اڳتي وڌي ڪريم بخش جي ڪمري ۾ آيا ۽ کيس چوکنڀو ٻڌي چادر ۾ ويڙھي کنيائون. اھو سمورو ڪم ڏھن منٽن ۾ پورو ٿي ويو. پوءِ اسان وڏيري کي جيپ ۾ کڻي تيزيءَ سان روانا ٿياسون ۽ اڌ رات ڌاري مکيءَ جي ڪناري تي پھتاسون جتي ڏھاڪو کن غازي ٻن گھوڙن سوڌو تيار بيٺا ھئا. اسان پنڌ ڪندا وڃي پنھنجي ڪئمپ تائين پھتاسون.
غدار وڏيري جو آخري حشر اھو ٿيو جو ھن کي وڻ سان ٻڌي گولين سان پرڻ ڪري، سندس لاش کي سانگھر جي ٻاھران رستي تي رکيو ويو- سندس ڳلي ۾ چِٺي لٽڪائي ويئي ته، ”پنھنجي قوم سان غداري ڪرڻ واري جو دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ ھيءُ حال ٿيندو آھي- ٻيا ماڻھو ھن مان عبرت حاصل ڪن، نه ته انھن جو به اھڙو ئي حشر ٿيندو!“
دستخط
ڪمانڊر ’انتقامي دسته‘

ھاڻ ھڪ نوجوان عورت ’نُور خاتون ڌيءَ راول رند‘ پنھنجو داستان شروع ڪيو:
اسان رند بلوچ آھيون. اسان جي رھائش سکر ۽ ڪيٽيءَ جي درميان ھڪ ننڍي ڳوٺڙي ۾ ھئي. منھنجو پيءُ راول رند ھڪڙو سچو ۽ نيڪ حر ھو. ھو مياڻ جي مھاڻن وٽ مزدوري ڪندو ھو ۽ انھن جون گاڏيون ڪاھي، مال آڻيندو نيندو ھو ۽ پنھنجي مڇي مانيءَ وارو ھو. مياڻ جا مھاڻا پير صاحب جا مريد ته ڪونه ھئا، پر سندس ڏاڍو احترام ڪندا ھئا ۽ وقت تي رسائي لاپي کي خوشيءَ سان منھن ڏيندا ھئا. بابي کي مزدوريءَ مان ڪو فالتو وقت ملندو ھو ته پنھنجي ڳوٺ مان نڪري آسپاس جي ڳوٺن ۾ به ڪم ڪار تي نڪري ويندو ھو.
جڏھن غازين جي تنظيم شروع ٿي تڏھن منھنجي عمر ڏھ ٻارنھن سال ھئي. ھڪ دفعي مزدوريءَ جي سلسلي ۾ بابو ڪنھن ٻئي ڳوٺ طرف وڃڻو ھو، تڏھن ھن اسان جي ڳوٺ کان ست اٺ ميل پري ھڪ ڳوٺ ۾ مون کي ڇڏيو. انھيءَ ڳوٺ ۾ پير صاحب جا جان نثار مريد رھندا ھئا، جيڪي غازين جي تنظيم ۾ حصو وٺندڙ ھئا- آءٌ به انھن سان شامل ٿي ويس. ٻين عورتن سان گڏ مون ائٽ ھلائڻ، سواري ڪرڻ وغيرہ جي تربيت حاصل ڪئي جيڪا اڳتي ھلي مون کي ڏاڍو ڪم آئي.
آءٌ 19- 20 سالن جي ھئس ته مارشل لا لڳايو ويو. پير صاحب جي گرفتاريءَ کان پوءِ اسان جي ڳوٺ جا جنگجو غازي جھاد جي تياري ۾ ته لڳي ويا- پر اڳتي ڪم کي ڪٿان، ڪيئن ۽ ڪڏھن شروع ڪجي، انھيءَ ۾ سڀ منجھي پيا. ھر ڪنھن جي پنھنجي سوچ ۽ راءِ ھئي. چئن ڏينھن جي مونجھاري کانپوءِ اسان ھڪ ماڻھوءِ کي سردارن ڏانھن ھدايتون وٺڻ لاءِ موڪليوسين.
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ اُھو ھمراھ موٽيو، پر ڪافي نراس ڏسڻ ۾ آيو. ھن ٻڌايو ته جڏھن ھو ڪيٽيءَ جي ٻاھران پھتو ته ھن ڏٺو ته اُتي دستور موجب ھٿياربند غازي سخت پھرو ڏيئي رھيا آھن ۽ ڪنھن کي سڃاڻپ کان سواءِ داخلا جي اجازت نه ھئي. جيئن اوھان کي خبر آھي ته سخت حفاظتي قدم انھيءَ ڪري کنيل ھئا جو ڪيٽي پير صاحب جو خاص وڏو مرڪز آھي جنھن اندر بي انداز کاڌي خوراڪ جو سامان، بارود، ھٿيارن جو وڏو ذخيره ڪيل آھي. ھن نھايت پراسرار ھنڌ جي چؤطرف ميلن تائين خفيه سرنگھون تيار ڪرايل آھن- چون ٿا ته پير صاحب جيڪڏھن ڪنھن نموني ڪيٽيءَ ۾ پھچي وڃي ھا ته پوءِ سندس انگريزن جي ور چڙھڻ ناممڪن ھجي ھا.
قاصد ٻڌايو ته ڪيٽيءَ اندر وفادار ۽ جان نثار اڳواڻن سان گڏ ڪي اھڙا به خليفا آھن جن کي پنھنجين ملڪيتن ۽ گھرن کي بچائڻ جي وڏي اون آھي. اندروني طرح ھو منٽ منٽ جون خبرون انگريزن تائين پيا پھچائين. خود پير صاحب جا ڪي عزيز ۽ خاص دوست جيڪي سندس موجودہ ۽ آئيندہ ايندڙ عروج جا اندروني طرح مخالف آھن، سي به کيس زوال ۾ آڻڻ لاءِ انگريزن سان ٻِٽ بڻجي ويا آھن. بظاھر نه ڪا صلح جي اُميد آھي ۽ نه وري پُرامن ستياگرھي طريقن مان فائدو نظر ٿو اچي. سواءِ مرڻ مارڻ جي ٻيو ڪوبه رستو بچيل نه آھي.
قاصد جو بيان ٻڌي، اسان جي ڳوٺ وارن ايندڙ خطري کي اڳواٽ محسوس ڪري، ويجھي گھاٽي ٻيلي اندر وڃي پناہ گاھ ٺاھي ۽ جيڪو سامان کڻي سگھيا، ڳوٺ خالي ڪري روانا ٿي ويا. ترت ئي ڀر واري ”مياڻ“ ڳوٺ تي ظالم انگريزن وحشياڻو حملو ڪيو ۽ ڳوٺ کي جلائڻ ۽ ماڻھن کي مارڻ جي ڪاروائي ۾ مصروف ھئا ته اوچتو اسان ھمراھن ھنن تي وڃي پوئتان حملو ڪيو. نتيجي طور ملٽريءَ وارا پنھنجا ڪافي ماڻھو مارائي ڀڄي نڪتا. اسان جا ھمراھ مياڻ جي باقي بچيلن کي پنھنجي پناہ گاھ ۾ وٺي آيا.
ان کان پوءِ اسان سان ٻيا غازي به اچي مليا ۽ اسان وٽ چڱو موچارو مرڪز قائم ٿي ويو. ٿوري ئي وقت ۾ اسان ھڪ وڏي ملٽري اڏي تي ڇاپو ھڻي ڪافي فوجين کي ماري جام سارو رسد ۽ ھٿيار ھٿ ڪياسون. اُن بعد اُتان ڪوچ ڪري مکيءَ جي وڏي مرڪز ۾ اچي رھياسون. اُتي ڪجھ عرصي کان پوءِ سردار اعليٰ مون کي ھڪ ڏاڍي خطرناڪ، ڏکئي پر دلچسپ ڪم لاءِ چونڊيو.
ڳالھ دراصل اھا ھئي ته سردار اعليٰ، گورنمينٽ جي سانگھڙ واري ھيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيندڙ ڪارگذارين جو احوال ھٿ ڪرڻ جو خواھشمند ھو. انھيءَ ڪم لاءِ ھن ھڪ ’الھ رکئي‘ نالي ھڪ غير حر کي چونڊيو ھو. الھ رکيو انگريز ملٽريءَ جا اٿاھ ظلم ڏسي، کانئن انتقام وٺڻ ۽ پنھنجي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ اچي غازين سان شامل ٿيو ھو. سردار جي مشوري مطابق مون کي الھ رکئي جي زال جي حيثيت ۾ ساڻس اول شھدادپور پوءِ سانگھڙ وڃي رھڻو ھو. اتي نوڪري ھٿ ڪري، ملٽريءَ جي چر پر ۽ پروگرامن بابت معلومات ھٿ ڪرڻي ھئي. خاص خبرون ۽ مواد ٻيلي ۾ ھيڊ ڪوارٽر تائين پھچائڻ منھنجي جوابداري ھئي.
اديون توھان پاڻ سوچيو- ھڪ ڪنواري عورت لاءِ ھڪ غير مرد سان ظاھري طور تي زال مڙس جي رشتي سان رھڻ ڪيڏو نه مشڪل ڪم ھوندو. اسان ٻئي انھيءَ سوچ ۾ غلطان ھئاسون. الھ رکئي مون کي آٿت ڏيندي چيو ته ڀيڻ جنھن صورت ۾ اسان پنھنجيون جانيون قربان ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪا آھيون ته ھيڏي اھم ڪم لاءِ، ھيءَ ڪا وڏي ڳالھ نه آھي. اھو ٻڌي مون ۾ به قومي جذبو اُڀري آيو ۽ وراڻيومانس ته ’ڀائو- ڪا پرواھ ناھي- دشمن کي زڪ پھچائڻ لاءِ ھر حيلو ڪرڻ ضروري آھي.‘
الھ رکيو ڪو گھڻو پڙھيل ته نه ھو- پر ھو ڏاڍو چالاڪ ۽ رلڻو ملڻو- جتي به ويندو ھو، دوست ٺاھي وٺندو ھو.
پروگرام مطابق اسان اول شھدادپور وياسين. اُتي مون کي ھڪ شريف واقف ڪار وٽ ڇڏي، الھ رکيو سانگھڙ روانو ٿيو ۽ ھفتي کن کان پوءِ سانگھڙ ۾ ملٽريءَ وارن وٽ راشن جي حساب ڪتاب رکڻ جي منشي گيري وٺي موٽيو. سانگھر ۾ ھڪ مسواڙي جاءِ به ھٿ ڪئي ھئائين. آءٌ ساڻس رواني ٿيس. الھ رکئي جي دوستن اسان جو گھر ھر ضروري سامان سان ڀري ڇڏيو ھو.
الھ رکئي جي ڪم جي نوعيت اھڙي ھئي جو بنا ڪنھن تڪليف جي کيس سموري فوجي ٺڪاڻن جو تفصيل، اُنھن جو ھنڌ مڪان، فوجين جو تعداد وغيرہ، سڀ حاصل ٿي ويا. ھاڻ اھا معلومات مون کي اسان جي مرڪز تائين پھچائڻي ھئي. مون روانگيءَ جو پروگرام ٺاھيو ۽ پاڙي ۾ اھا ڳالھ مشھور ڪيم ته ڪجھ عرصي لاءِ پيڪن وڃي رھي آھيان. آچر ڏينھن صبح واري لاريءَ ۾ سوار ٿياسون. رستي ۾ سنجھوري کان ٿورو اوريان اسان لھي پياسون. ڪلاڪ ڏيڍ جي پنڌ کان پوءِ مکي ٻيلي ۾ داخل ٿياسون، جتان الھ رکئي کان موڪلائي مردانه يونيفارم پھري، پٽڪي ۾ وار لڪائي، ھر طرح جون تڪليفون برداشت ڪندي اچي سردار وٽ پھتيس ۽ کيس سموري معلومات پيش ڪيم. سردار اھا معلومات ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انھيءَ جا نقل تيار ڪرائي ٻين مرڪزن تائين پھچارايائين.
ڪجھ ڏينھن ٻيلي ۾ رھڻ دوران مون ٻين غازين سان گڏ ڪافي ننڍا وڏا معرڪا سَر ڪيا. آخر رٿيل پروگرام موجب واپسيءَ جو سفر شروع ڪيم ۽ ڪافي پنڌ ۽ لارين جي سفرن بعد سانگھر پھتيس. ٽن ھفتن کان پوءِ وڌيڪ اھم معلومات گڏ ڪري مون وري ٻيلي جو رخ ڪيو. انھيءَ عرصي ۾ انگريزي فوج ۾ وڏو اضافو آيو ھو ۽ سندن چرپر به ڪافي وڌي ويل ھئي. منھنجي مھيا ڪيل معلومات سردار پنھنجي صلاحڪار ساٿين اڳيان رکي- فيصلو ڪيو ويو ته اول دشمنن جي ننڍن اڏن جن ۾ 12 کان وٺي 50 ماڻھو رھن ٿا ۽ ڪافي راشن ۽ ھٿيار وغيرہ آھن، حملا ڪيا وڃن. انھن اڏن تي حملا ڪرڻ لاءِ خاص دستا تيار ڪيا ويا، جن مٿان تجربيڪار سالار مقرر ڪيا ويا- اھي دستا وقفي وقفي سان روانا ڪيا ويا. جلد ئي اھي دستا دشمنن تي ڪامياب حملا ڪري، وڏي انداز ۾ ھٿيار ۽ ٻيو مال غنيمت کڻي سوڀارا ٿي موٽڻ لڳا.
آءٌ ھڪ دفعو وري موٽي سانگھڙ آيس- اُتي الھ رکئي کي قدري پريشان ۽ مايوس ڏٺم. ھن کان معلوم ٿيو ته غدارن جي سازشن ڪري ڪيترائي بھترين سردار ۽ ٽولا پڪڙجي آيا آھن. ھاڻ خاص جاسوسن جو وسيع ڄار سانگھڙ ۾ ھر ھنڌ تي وڇايو ويو آھي. اھي جاسوس ھر جڳھ، ھر رنگ ۾ ڪم ڪري رھيا آھن. الھ رکئي جي دفتر ۾ ٻه ماڻھو خاص طور تي مقرر ڪيا ويا آھن، جيڪي ھر ڪنھن ماڻھوءَ تي چرپر تي سخت نظر رکي رھيا آھن. انھن حالتن ۾ الھ رکئي به احتياط اختيار ڪيو ھو.
مون ھاڻ پنھنجي ڪم جو دائرو وسيع ڪيو. پنھنجي اثر رسوخ سان ميل ميلاپ وڌائيندي، شھر جي معزز گھراڻن ۾ وڃي نڪرندي ھيس؛ اُتي مرد ماڻھو جيڪي ڳالھيون ڪندا ھئا، سي ڌيان سان ٻڌي، اُنھن مان ڪم جون ڳالھيون الھ رکئي کي نوٽ ڪرائيندي ھيس.
انھيءَ وچ ۾ ھڪ اھم ڳالھ ٿي. الھ رکئي جي وڏي ڪمانڊر ينگ صاحب جي اسسٽنٽ سان دوستي ٿي وئي. اھو اسسٽنٽ تمام شوقين مزاج، عياش ۽ شرابي ھو. مٿس ملٽري ڪمانڊر جو ڏاڍو راز ھو. مون کي ڏسندو ھو ته چوندو ھو ته الھ رکيو وڏو خوش قسمت آھي، جو کيس تو جھڙي پدمڻي ملي آھي. اسان جون زالون ته ڳرا ڳرا کاڌا کائي روڳي بڻجي وييون آھن. اھي ڳالھيون ھو نشي ۾ ڪندو ھو ۽ منھنجي تعريف مان ڍاپندو ئي ڪونه ھو.
ملٽري ڪمانڊر ينگ صاحب بابت مشھور ھو ته ھو دراصل ولايت ۾ پاڻ به وڏ ڊاڪو ھو. پوءِ ھن جي صلاحيتن مان ڪم وٺڻ واسطي کين امان ۽ عھدو ڏيئي پھرين آفريڪا ۾ پوءِ ھندوستان ۾ ايس پي اسپيشل پوليس مقرر ڪيو ويو، جتي ھن ھن يو پيءَ جي مشھور ڌاڙيل سلطانه ڊاڪوءَ کي ختم ڪري نالو ڪڍيو. سنڌ سرڪار يعني خانبھادر الله بخش سرڪار ھن کي خاص پگھار ۽ ڀتا ڏيئي، حرن سان منھن ڏيڻ لاءِ گھرايو ھو. ھن کي پنھنجي ڪم ڪار کي آزاديءَ سان ھلائڻ لاءِ سنڌ سرڪار خاص اختيار ڏنا ھئا. مثال طور ھو ھڪ لک روپين تائين خرچ ڪري سگھيو ٿي ۽ ٻيو ڪوبه آفيسر سندس ڪم ۾ دخل نه ٿي ڏيئي سگھيو.
ھاڻي ھڪ پاسي ملٽريءَ جي جرار فوج ھوائي جھازن سميت، ٻئي طرف ٽن ھزارن واري ايس پي آر جنھن ۾ بروھي ۽ بلوچ ڀرتي ڪيا ويا ھئا، ٽئين طرف سرحدي فوج، بم فوج جيڪا سرحد طرف قبائلين جي مقابلي لاءِ انگريزن اُتان ئي ڀرتي ڪئي ھئي، ته چوٿين طرف بيڪانير ۽ ٻين رياستن جون فوجون، ساري ھندوستان مان چونڊ سي آئي ڊي، سياسي شعور وارا پوليٽيڪل ايجنٽ، لئمبرڪ جھڙا اسپيشل ڪمشنر- مطلب ته حرن کي ڪچلڻ لاءِ انگريز ۽ مقامي غدار. حڪومت ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي ھئي. وڏا وڏا ملٽري آفيسر حرن کي ايڏيءَ منظم قوت سان مقابلو ڪرڻ تي آفرين چوندا ھئا.
ينگ صاحب باوجود پنھنجي سخت گيريءَ جي ھڪ ڳالھ ۾ نھايت نرم ھو. ھن کي جيڪو ماتحت پسند ايندو ھو، اُن کي موج ڪرائي ڇڏيندو ھو.
خير- اُھو مئو شرابي بد ڪردار اسسٽنٽ خبر ناھي ينگ صاحب کي ڪيئن وڻي ويو ھو جو سندس خاص رازدار ٿي ويو. ينگ صاحب جا سڀ خفيه فائيل وٽس رھندا ھئا. مون به ان احمق انسان کان ڪم وٺڻ جو فيصلو ڪيو. گھر ۾ اچڻ کان پوءِ نشي جي حالت ۾ ھو ڦونڊ ۾ ڀرجي پنھنجي سچائي ڏيکارڻ لاءِ وڏا وڏا راز کولي وھندو ھو- چي: ’اڄ ينگ صاحب ڏھ ماڻھو خفيه طور ڀرتي ڪري انھن کي ٻه ٻه ھزار رپيا ڏيئي فلاڻي طرف روانو ڪيو آھي- ڀلا خزانو آھي منھنجي ھٿ ۾- مون ھڪ ھڪ سؤ ھنن کي گھٽ ڪري ڏنا- سو اھڙو آھي اسان جو اثر.‘ ائين چئي نوٽن جي ٿھي ڪڍي مون کي ڏيکاريائين. اھڙي اُلوءَ کي ڏوريءَ ۾ ٻڌڻ ڀلا ڪو ڏکيو ڪم ھو! آءٌ به ظاھر داريءَ طور پنھنجي تعريف تي سندس مھرباني مڃيندي رڳو ايترو چوندي ھيس ته ’سچ؟ ڇڏ گشا!‘ ته وڌي اچي منھنجا ھٿ ھٿن ۾ وٺي چمندو ھو ۽ پوءِ جيڪي پڇندي ھيس، ٻڌائيندو ھو. ان طرح ٻن ٽن ھفتن اندر اسان کي اُھي راز معلوم ٿي ويا جن ڏانھن ھيلتائين ڪنھن جو خيال به نه ويو ھو. اسان کي ينگ صاحب جي پروگرامن ۽ ڪم جي طريقن بابت اھم معلومات حاصل ٿي ويئي.
ينگ صاحب پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي غدارن تي ھٿ رکيا ھئا. الھ رکئي انھن سڀني جا نالا، نشان پتا، مھانڊا ۽ مقرر ڪيل حدون لکي مون کي پڙھي ٻڌايون ته آءٌ خود حيران ٿي ويس ته مار! جيڪو ڪم ملٽريءَ جا ھزارھا ماڻھو به نه ڪري سگھيا اُھو ڪم ھي اسان جا ديسي غدار ينگ صاحب جي روپين تي موھجي، ھڪ طرف غازين جا طرف دار بڻيا آھن ته ٻئي پاسي انھن کي ئي منظم پروگرام بڻائي گرفتار يا قتل پيا ڪرائين!
انھن ئي ڏينھن ۾، لاھور ميل ڪيرائڻ واري سرڪردي حر اڳواڻ ’مٺو خاصخيليءَ‘ جي گرفتاريءَ يا قتل ڪرڻ بابت سرڪار طرفان وڏو انعام نقد ۽ زمين جي صورت ۾ رکيو ويو ھو- مگر مٺوءَ جو پاڇو به نظر نه ٿي آيو.
ينگ جي ھڪ سنڌي ڪارندي (جيڪو سانگھڙ جو باشندو ھو ۽ جنھن جي دوستي مٺوءَ جي خاص ساٿين سان ھئي) مٺوءَ جي ھڪ ساٿيءَ سان وڃي رابطو قائم ڪيو ۽ کيس چيائين ته سندس ھڪ سؤٽ انگريزي فوج گرفتار ڪيو آھي، تنھنڪري ھاڻ ھو به انگريزن جي خلاف ٿي پيو آھي. اھڙيءَ طرح ھو ڪيتري عرصي تائين مٺوءَ جي ماڻھن سان گڏجي، ٻيلي جي اندر رھيو ۽ سڀني کي يقين ٿي ويو ته ھو سچو ساٿي آھي.
جلد ئي انھيءَ غدار کي ھڪ عجيب موقعو ملي ويو. لاھور ميل ڪيرائيندڙن جو سرڪردو ’مٺو‘ اوچتو بدلجي رَنن جو چور ٿي پيو ۽ ھڪ دوست جي معشوقه سان وڃي سلسلو ڳنڍيائين. ھو ساڻس تڪرار ڪرڻ لڳو ته اُن کي به قتل ڪري وڌائين- انھيءَ تي سندس ساٿي سندس خلاف ٿي پيا. مقتول جي ھڪ دوست کي ته ايڏا خار آيا جو موقعي جي تاڙ ۾ رھڻ لڳو. مٺو وري پنھنجي ساٿين جي خوف کان رات جو مخفي ھنڌن تي سمھڻ شروع ڪيو.
ينگ جي جاسوس انھيءَ صورتحال جو فائدو وٺي انھيءَ خاص مخالف ساٿي کي پنھنجي طرف آڻڻ شروع ڪيو تان جو ھو اچي ينگ جي حضور ۾ پھتو. ينگ صاحب جھڙو چالاڪ ۽ ھر فن مولا شخص ھن سان ڏاڍي تواضع ۽ محبت سان پيش آيو- وڏي رقم ڏنائينس ۽ ٻيا اڳتي جا به ڳلٿا ٻڌايائينس.
ھڪ ڏينھن ٻنپھرن مھل مٺو ھڪ ڀِٽ تي سُتل ھو ته انھن غدارن جي سازش سان اوچتو ملٽريءَ وارا کيس گھيري، گرفتار ڪري سانگھڙ وٺي آيس. رَنن جو چور ٿيڻ سبب ھو ايترو ته بزدل بڻجي چڪو ھو جو ٿوريءَ مار ۽ ڪجھ ڏٽن سان ھن وڏا راز کولي ڏنا ۽ ڪافي ماڻھو گرفتار ڪرايائين. ايڏي غداريءَ جو انعام کيس ڦاسيءَ جي صورت ۾ مليو.
الھ رکئي اھا لسٽ تيار ڪري مون کي ڏني جا مون دستور موجب مرڪز ۾ پھچائي. سردار ھن لسٽ جا نقل تيار ڪرائي سڀني مرڪزن ڏانھن موڪليا ۽ آءٌ سانگھڙ ڏانھن موٽيس.

ھڪ رات الھ رکئي سان گڏ ھو حيوان به اسان جي گھر آيو، آءٌ جا ھن سان پيار محبت سان مليس، ته ھو به الھ رکئي جي خيال ڪرڻ کان سواءِ ئي بي اختيار مون کي ڀاڪر پائي اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳو ”محبوب! تون ڪاڏي ويئي ھئينءَ؟ توکان سواءِ ته سڄي سانگھڙ سُڃ پئي لڳي!“
مون ھن کي پاڻ کان پري ڪري الھ رکئي کي اشارو ڏنو، جو گھر جي ٻئي حصي ۾ ھليو ويو ۽ ھن کي چيم به ”پيارا! آءٌ به توسان ملڻ لاءِ بي قرار آھيان، پر ڪجھ ڌيان ته ڪندو وڃ؛ منھنجي مڙس جي بيٺي ايڏو گستاخ ته نه ٿيندو وڃ، ھيءُ وڏو خارباز آھي.“
ته ھن ٽھڪ ڏيئي چيو، ”ڇا جي خاربازي، ڇا جو مڙس؟ اوھان ۾ جي اھڙي خاربازي ۽ غيرت ھجي ھا، ته ھيءُ مُٺ جيترا انگريز ست سمنڊ پار لنگھي اوھان تي ڪيئن اچي حڪومت ڪن ھا؛ چوندا آھن ته ٻني ۽ وني ڪنھن ڀاڙئي کان ئي کسبي آھي، سو اوھان کان جڏھن ٻنيون پيون کسجن، تڏھن ئي چُپ آھيو، ته وَنين کسجڻ تي وري ڪھڙي خاربازي ڪندؤ؟“
منھنجي دل کي ھڪ وڏو ڌَڪ لڳو. ڪيڏو نه سچ پيو چوي ھيءُ جانور، ۽ ڪيڏا نه بي غيرت آھن سنڌي، جي خاموشيءَ سان سامراجين جون ھيءُ سڀ ڪارگذاريون پيا برداشت ڪن..... يڪدم منھنجي دل ۾ غم ۽ غصي جي ٻي لَھر به اُٿي. ھڪ شير مرد پير صاحب بادشاھ ھنن ۾ پيدا ٿيو، جنھن ”ڪئٽ سنڌ“ يعني ”اي ڌاريان سامراجيو، اسان جي سنڌ خالي ڪريو“ جو نعرو لڳائي اُٿيو ته ٻين لَکن نه فقط سندس مخالفت ڪئي، بلڪ سامراجين جا ڇاڙتا ٿي بيھي رھيا آھن! پر..... منھنجي دل ۾ تاريخ جا ورق اُٿليا، غازين جي تقريرن مان جيڪي ٻڌو ھئم، سو تري آيم، ته نيٺ به اسين ئي ڪامياب ٿينداسون، اڄ کڻي اھي ڌارين جا ڇاڙتا زور آھن، پر نيٺ وطن انھن جو آھي جي وطن جا محب آھن، جڏھن به اسان جو وطن سامراجين کان آزاد ٿيو، تڏھن آخرڪار سندن اھي ڇاڙتا به پاڻيءَ جي ڦوٽن وانگر اڏامندا ويندا.....
مون کي ويچارن ۾ غرق ڏسي ھن چيو، ”پياري، تنھنجي الھ رکئي کي به نوٽن سان ڀري ڇڏيو اٿم؛ تنھن ڪري تون ان جو ڪو فڪر ئي نه ڪر، نڪي ان کان ڊپ رک؛ کول شيشو ۽ ڀر جام!“
بس، پوءِ ته ھليا پيگن تي پيگ ۽ دورن تي دور، اوچتو مستيءَ ۾ ڀرجي ھن چيو، ”اڙي محبوبڙي! تنھنجا اُھي ماڻا باقي ٻه- چار ڏينھن آھن؛ اسين ترت ئي حورن ۽ پرين جي ھڪ اھڙي کيپ ھٿ ڪرڻ وارا آھيون، جو پوءِ تون الٽو اسان پارن جي خوشامد ڪندي وتندينءَ، ته سائين ڪا ھڪ نظر ھيڏانھن به!“
مون ھن کي ھڪ پيگ وڌيڪ ڏيندي ڳراٽري پائي چيو، ڇڏ گشا، اھي دڙڪا نه ڏي.“
ته ھيءُ مست ٿي چوڻ لڳو، ”دڙڪا نه آھن، سچ آھي. اجھو تازو ھڪ عمرڪوٽ جو دوست ھت آيو آھي، جنھن مون سان سازباز سٽي، ينگ صاحب کي آگاھ ڪيو آھي ته عمر ڪوٽ کي ويجھو ’ٽالھي ۽ مالھي‘ جوڻيجن جا جاڙا ڳوٺ آھن، جي اگرچه مارشل لا حدن کان ٻاھر آھن، پر اھي ٻيئي ڳوٺ حُرن جا آھن ۽ ھو حرن جي خوب مدد ڪن ٿا. ھاڻي اسان جي فوج سڀان رات جو اوچتو وڃي مٿن ڪڙڪندي ۽ سڀ زالون مرد گرفتار ڪري ايندي. پوءِ ھتي سڀ پردہ نشين ۽ عصمت ماب جوڻيجيون ڪُتر ٿينديون ڏسندينءَ.“
منھنجي لاءِ ھيءَ ھڪ اھم خبر ھئي. مون ھن جي ڏاڍي خوشامد ڪندي کيس ايترا ته پيگ چڙھايا، جو ھو نشي ۾ ڌُت ٿي پيو. جڏھن الھ رکئي کي اھا ھن کان مليل خبر ٻڌايم ته ھن يڪدم مٿي کي کڻي ھٿ ھنيا ۽ چيائين، ”نوري ڀيڻ! ھيءَ بيحد ھئبت ناڪ ۽ دکدائڪ خبر آھي. اھي جوڻيجا بيشڪ پير صاحب جا مريد آھن ۽ حُر آھن، پر مون کي ذاتي خبر آھي، ته ھنن ڪنھن به حُر سان سازباز نه رکڻ جو گويا قسم کنيو آھي. سندن عورتون ايڏيون ته شريف ۽ عصمت ماب آھن، جو بيان نٿو ڪري سگھجي، وڏي ڳالھ، ته ھنن جو غازي تحريڪ کان ڪنارو ڪيو، ان ڪري ڪا مصيبت آئي، ته اھي ويچاريون پردہ نشين عورتون ته مقابلو به ڪري نه سگھنديون ۽ خدا ڄاڻي مٿن ڪھڙا ظلم ڪيا ويندا.“
”ھيءُ جانور ته الائجي ڇا پيو بڪي، پر درحقيقت انگريزي ملٽريءَ وارن، پوليس ۽ غدارن جي آھي جوڻيجن جي دولت تي اک؛ جو اُھي ٻئي ڳوٺ ڏاڍا سُکيا آھن، خاص ھنن جي دولت ڦرڻ لاءِ ھنن ايڏو سنگين ۽ ڪميڻپ ڀريو قدم رٿيو آھي، پر نوري ڀيڻ، ھنن عصمت ماب، شريف ۽ اٻوجھ عورتن کي ضرور بچائڻ گھرجي.“
آءٌ وسميءَ ۾ پئجي ويس ۽ ھو به ڳڻتين ۾ غرق ٿي ويو. سڄا سارا ٻه ڪلاڪ سوچڻ بعد ھن چيو: ”تون اُٿي تيار ٿي ۽ بلڪل ٿرين جھڙا ڪپڙا پائي ھتان نڪري، ڪنھن به طرح ميرپور جي لاريءَ ۾ ھلي وڃ؛ اتان وري عمرڪوٽ جي لاريءَ ۾ چڙھي ھڪ بجي ڌاري جوڻيجن جي ڳوٺ وٽ لھي وڃي، انھن کي خبردار ڪر؛ جيئن نھايت خاموشيءَ سان ھو گھٽ ۾ گھٽ لڄون ڳوٺ کان ٻاھر ڪڍي سگھن، پوءِ مردن جي جيڪا قسمت ھوندي.“
رات جو وقت، سانگھڙ ۾ ڪرفيو، لاريءَ تي پھچڻ ڏکيو ڪم ھو، پر ڌڻي مددگار ٿيو، جو آءٌ ڪامياب ٿي ويس ۽ پروگرام موجب وڃي جوڻيجن ۾ پھتيس.
اُتي جا خبر ٻڌايم، ته ھنن ۾ ٻاڪر ڪٽو پئجي ويو. خطري جي احساس سبب ھنن بنا دير عورتن کي بيل گاڏين ۾ سوار ڪري، ڳوٺ مان ڪڍڻ جو پروگرام ٺاھيو، پر منجھيا اچي، ته وڃون ڪيڏانھن! آخر کين خيال آيو، ته ھن پَٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ مھل جو مڙس ماڻھو آھي ’خانصاحب عطا محمد پلي‘؛ پناھ ملندي، ته ان وٽ ملندي؛ ان ڪري ’سامون‘ وٺي اوڏانھن ھلجي.
مگر انساني احتياط سبب اھو به ويچار آين، ته ڄاڻ کان سواءِ اتي ھلي نڪرجي، ۽ ھو ’سامون جھلڻ‘ کان انڪار ڪري ته پوءِ؟..... پوءِ ته مورڳو ڊبل خوار ٿينداسون. ان ڪري تيز رفتار گھوڙي تي ڪو ماڻھو ھن سان اڳواٽ ملي ۽ واپس اچي بيل گاڏين کي رستي تي ملي.“
آخر ’عبدالحئي‘ نالي ھڪ جوڻيجو تيار ٿيو، جو ھن ڳوٺ ۾ تنھا غازي ھو؛ پوءِ گھوڙي تي لانگ ورائي ھو به سوچڻ لڳو، ته خانصاحب اٽڪل 3 وڳي ڌاري ماني کائي، پوءِ ڪندو آھي آرام، سو اٿندو آھي ڇھين وڳي؛ انھي وقت اندر کيس ڪوبه ننڊ مان اُٿاري ڄاڻ نه ڪري سگھندو؛ ان ڪري ڪا اھڙي ھوشيار عورت به گڏ ھلي، جا اول ته ڪنھن طرح دربان کي ڳلٿا ٻڌي، ڪوٽ اندر گھڙڻ ۾ ڪامياب ٿئي، پوءِ وري خانصاحب کي جاڳائي احوال به پھچارائي سگھي.... پر انھيءَ ڪم لاءِ سندن ڳوٺ واري ڪابه ڪانه ھئي، جو ھنن مان نڪا خانصاحب جي محرم ھئي نه وري ھو پردي نشين عورتون اھڙيون چالاڪ به ھيون. ھنن کي ڳڻتين ۾ ڏسي غازي عبدالحئيءَ کي انھيءَ خدمت لاءِ به مون پنھنجو پاڻ آڇيو ۽ گھوڙي تي چڙھي ھن سان گڏ اُٿي ھليس.
رستي ۾ مون ھن کان خانصاحب جا ذاتي احوال کوٽي کوٽي پڇيا، ۽ اھا حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، ته خانصاحب ھڪ شادي ٿر جي درسن مان ڪئي ھئي، اُھا بي بي صاحبه ته وفات ڪري ويئي؛ پر انھي پنھنجي سگھڙپائي، عقلمندي ۽ نيڪ دليءَ جا خانصاحب تي اھڙا اثر ڇڏيا، جو خانصاحب انھي جي والد درس محمد صديق ۽ ٻين جي گھڻي عزت ڪندو آھي. ھاڻي مون ڄڻ ته چپٽي وڄائي مشڪل حل ڪري ورتي. جيئن 3- 4 وڳي ڌاري خانصاحب جي ڳوٺ وٽ پھتاسون، ته مون عبدالحئي کي ٻاھر بيھڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ سڌي دربان وٽ پھچي کيس نھايت پر اثر لھجي ۾ چيم: ”چاچا حامد، دروازو کول، آءٌ ڇاڇري تعلقي جي درس محمد صديق جي ڀاڻيجي آھيان، ۽ ضروري ڪم سان ھتي آئي آھيان، ھينئر لاڙي مان لٿي آھيان، اندر وڃڻو اٿم!“ درس محمد صديق جو نالو ٻڌي پوڙھي چاچي حامد ڇرڪ ڀري اکيون مھٽي بي اختيار کڻي دروازو کوليو ۽ آءٌ اندر ھلي ويس.
اندر پھچي نڪا ڪيم ھم، نڪا تم، بنگلي جو نقشو مون کي معلوم ھو، خانصاحب وچئين ھال جي اولھ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ آرامي ھو. سخت، ٻپھر ۽ لُڪَ سبب بيبيون ۽ ٻانھيون به آرامي ھيون. سو مون ھال جي دروازي کي جا زور مان لت ھنئي، ته دروازو ٺڪاءُ ڪري، ڪري پيو. خانصاحب کي ھڪ مائي جھلي ھڻي رھي ھئي. دروازي کي سخت ڌڪو اچڻ ۽ آواز ٿيڻ تي خانصاحب به ڇرڪ ڀري جاڳي پيو، ۽ گھر جي ٻين ماڻھن تي به اثر پيو.
ھونئن ته خانصاحب ھن طرح آرام ڦٽائڻ تان سخت غصي ٿئي ھا، مون يڪدم رڙ ڪري چيو: ”ابڙا! اُٿ، ’سامون‘ اچي دروازي تي پھتيون اٿيئي.“
سڄيءَ سماٽ قوم لاءِ ”ابڙي“ جو لفظ ڄڻ ته ھڪ اھڙو طلسمي لفظ آھي، جھڙو علي بابا وارو سم سم. خانصاحب جو غصو ته الائي ڪاڏي ويو، ٽپ ڏيئي اُٿي چيائين: ”گھوريس سامن جي نالي تان؛ امان، تون ڪير آھين؟“
مون کيس جواب ڏنو ته، ”آءٌ عبدالحئي جوڻيجي سان گڏجي آئي آھيان. خبر ملي آھي ته اڄ رات جو ٽالھي مالھي جوڻيجن جي ڳوٺن تي انگريزي ملٽري حملو ڪري سڀ مرد عورتون گرفتار ڪندي، انھيءَ ڊپ کان ٻنھي ڳوٺن جي مَردن سندن لڄون ڳوٺ مان ڪڍي، ڪنھن ننگ پرور وٽ سام پوڻ لاءِ روانيون ڪيون آھن. ھنن جي نظر ۾ توکان سواءِ ٻيو ڪوبه نه سُجھيو، ان ڪري بيل گاڏيون توڏانھن اچي رھيون آھن ۽ اسين اڳواٽ ڄاڻ ڪرڻ لاءِ آيا آھيون، ته متان اتفاق سان تون به ڊڄي وڃين ته پوءِ.....“
خانصاحب ٽپ ڏيئي منھنجي وات کي ھٿ ڏيئي، ٿري رواج موجب منھنجي مٿي تي ھٿ رکي چيو، ”ڌيءُ! متان اھڙو لفظ وات مان ڪڍيو اٿيئي. مھلون مَردن تي اينديون آھن ۽ سامون به ڪنھن ڀاڳ واري جي پناھ ۾ اينديون آھن، آءٌ ڪو ھن وقت سامن کي موٽائي پنھنجيون سَت پيڙھيون لڄائيندس ڪيئن؟“
مون کي خانصاحب جي دليريءَ تان ڏاڍي خوشي ٿي، پر کيس وڌيڪ پَڪو ڪرڻ لاءِ چيم: ”مگر خانصاحب! ملڪ ۾ باھ پيئي ٻري، ملٽري سڌي تو وٽ ايندي، پوءِ ان وقت؟“
خانصاحب جُتي پائي پَٽڪي جا ٻه آڏا ابتا وَرَ ڏيئي چيو، ”ان وقت پھريائين آھن اسان سڀني جا سِرَ، پوءِ ملٽري ڀل لاشن تان لنگھي وڃي، سامن تي قبضو ڪري!“
ھن گوڙ تي گھر جون سڀ عورتون ۽ ڇوڪرا اچي ويا ھئا، خانصاحب جي ھمشيرہ ھڪ دلير ۽ بارعب عورت ھئي؛ خانصاحب کيس مخاطب ٿي چيو: ”ادي، آءٌ وڃان ٿو سامن جو استقبال ڪرڻ؛ اوھين به سڀ ڀينرن جي مرحبا لاءِ تيار رھو.“
ھو بي اختيار ٻاھر نڪتو، ته آءٌ به پٺيانئس نڪتيس. سخت ڪاڙھو، سخت لُڪَ، پر خانصاحب نڪو سواريءَ جو خيال ڪيو، نڪو ٻيو ۽ سڌو ڏکڻ طرف رستي ڏي ھلڻ لڳو. نوڪر چاڪر گھٻرائجي گھوڙا تيار ڪرڻ لڳا، پر پاڻ اڳتي وڌي وڃي عبدالحئي سان مليو ۽ ڏانھس تيز نظرن سان نھاري چوڻ لڳو: ”ھيءَ به ڪا پڇا ڳاڇا جي مھل ھئي! سامون وٺي ڪوٽ جي در کي ڀڃي اندر نٿي آيوَ؟“ ۽ پاڻ وري ساڳي طرح اڳتي ھلڻ لڳو.
تان جو ٻن ميلن جي مفاصلي تي ساماري عمر ڪوٽ واري وڏي رستي جي موڙ وٽ آياسون، ته اوڀر کان بيل گاڏيون به اچي پھتيون.
”ڀينرون ڀلي آيون جي آيون، نچ آيون. ڀاءُ جو دروازو اوھان لاءِ سدائين کليل آھي ۽ سندس سر اوھان جي عزت تان قربان ٿيڻ لاءِ ھميشه تيار آھي.“
۽ پوءِ به خانصاحب پيادو ئي پيادو واپس ڪوٽ پھتو، عورتون لھي اندر ٿيون، خانصاحب جي ھمشيره ان کان اڳ تيار ھئي. ھوءَ ھر ھڪ کي ڀاڪر پائيندي، ٿري رواج موجب چُني اوڍائيندي عزت سان ويھاريندي ويئي. بدامنيءَ جي خوف کان ڪوٽ جي چئني ڪُنڊن تي مورچا ٺھيل ھئا. خانصاحب ھڪدم انھن مورچن ۾ ھٿياربند وفادار ھمراھ وھاريا. ھر ھڪ کي ڪافي بارود ڏيئي، سندن سرڪردي ”جيئندي ھاليپوٽي“ کي چيائين، ”سِر ڏيڻ تائين سامن جو وار ونگو ٿيڻ نه ڏجو.“ جيئندو ھڪ دلير نوجوان ھو، تنھن جواب ڏنو، ”خانصاحب! ڪوبه فڪر نه ڪجو، انشاءَالله تعاليٰ انگريزي ملٽري به ڏيھن کي ڏَس ڏيندي رھندي ته ڪن مڙسن سان پلئه اٽڪيو ھو!“
پوءِ خانصاحب پاڻ به ھٿيار ٻڌي کٽ دروازي تي وجھائي ان تي ويٺو، ۽ اطمينان سان سگريٽ جا سُوٽا ھڻڻ لڳو. مشھور ھو ته خانصاحب سگريٽ مان سگريٽ دکائيندو آھي، پر اھڙي شخص کي به ننڊ مان اٿڻ کان وٺي ھيستائين سگريٽ ياد نه ھئي، ھاڻي جو سامت ۾ اچي سگريٽ پيتائين ته نھايت اطمينان سان مُرڪندي، مون کي چيائين، ”مائي تون ڪير آھين؟“
دربان ڏاڍو پريشان ھو، ھن اڳواٽ چيو، ”سائين! ھيءَ درس محمد صديق جي ڀاڻيجي آھي ۽.....“
خانصاحب ٽھڪ ڏيئي چيو: ”چاچا، درس صاحب جون ڀاڻيجيون مان توکان وڌيڪ سڃاڻان ٿو، پر ھن کان خبرون پڇڻ ڏي..... ۽ ھان، ھاڻي اوھين سڀ پري ٿي وڃو.“
ھاڻي سڀ پري ٿي ويا ۽ مون ھن مھل جي مڙس ماڻھوءَ کي سڀ احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو. احوال پورو ڪرڻ تي ھن ته مون کي آفرين ڏني؛ مگر منھنجي دل ۾ الائجي ڪھڙو پور آيو، جو گنڀير ٿي چيومانس ته، ”خانصاحب! اوھين ڪو اندازو لڳائي سگھو ٿا، ته اوھان اڄ جيڪو ڪم ڪيو آھي، ان مان اوھان لاءِ ڪھڙو نتيجو نڪرندو؟“
خانصاحب ٽھڪ ڏيئي چيو: ”نتيجو؟ نتيجو وڌ ۾ وڌ اھو نڪرندو، جو ملٽريءَ وارا حملو ڪري ھتي ايندا، اسين انشاءَالله پيش ڪونه پونداسون ۽ گھٽ ۾ گھٽ مان، منھنجي ھمشيرہ ته وڙھندي وڙھندي شھيد ٿي وينداسون.“
”۽ پوءِ.....؟“ مون ساڳيءَ گنڀيرتا سان چيو.
”پوءِ جا ويچار منھنجي بلا ڪري! اھي نڪي ابڙي ڪيا نڪي مان ڪندس. مان نڪي اوھان جي جماعت مان آھيان، نڪي غازي آھيان؛ ان ڪري با پروگرام ڪونه ٿو لڙان. مون کي ھينئر فقط ھڪ ئي ويچار آھي، جو اھو آھي، ته مون ۽ منھنجي ھمشيره کي جيئرو گرفتار نه ڪن، باقي اسان جي شھادت بعد ڇا ٿيندو، سو بار ڌڻي تعاليٰ تي آھي، مون تي ڪونھي، ان ڪري مان انھي پوئتي جي اون رکڻ لاءِ ذرو به ويچار ڪرڻ لاءِ تيار نه آھيان.“ خانصاحب اھي سڀ گفتا نھايت اطمينان سان ڪڍيا ۽ ھن ڄڻ ته دل جي وھم سڀ وساري ڇڏيا.
مون کي خانصاحب جي اھا جانبازي ايڏي ته پسند آئي، جو کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ لڳيس. ھاڻي ھن کلندي مون کي چيو: مائي نوري، موت ته ھر ڪنھن انسان تي ضرور ايندو آھي، ۽ ان لاءِ به ھڪ وقت مقرر آھي، ان تي ضرور مرڻو آھي، چاھي ڪيترا به بچاءَ ڪجن، ته به انھي وقت تي ضرور مربو، پوءِ جو بيمارين ۾ ڦٿڪي مرجي، تنھن کان ڇونه اھڙو سجايو ٿي مرجي، جو انھي نالي تي ست ئي پيڙھيون فخر ڪنديون رھن؟ ھاڻي جڏھن مون اھو سجايو ٿي مرڻ قبوليو آھي، تڏھن پريشان ٿي، مرڻ بدران ڇونه کلندي کلندي مران؟
ان ڪري بي فڪر ٿي ويھ ته ويھي رھاڻ ڪريون. تون مون کي مجاھدن جا ڪارناما ٻڌاءِ، ۽ آءٌ وري توکي ھن علائقي جي مٿيرن جون خبرون ٻڌايان!“
ھاڻي ھلي اسان جي رھاڻ؛ مون ته پئي مجاھدن جا ڪارناما ٻڌايا، ۽ خانصاحب جيڪي سندس تعلقي ۽ آسپاس جي تعلقي جي دليرن جا احوال ٻڌايا، انھن احوالن ۾ پھرينءَ حُر ھلچل جا ذڪر به پئي آيا، ۽ انھي ھلچل تي سندس قوم جي ھڪ شاعر ”مل محمود پليءَ“ جا ٺاھيل بيت به ٻڌايائين، جي مون کي ڏاڍا پسند آيا ۽ مون اھي لکي به ورتا.
پر انھن سڀني کان وڌيڪ ذڪر ھن ٻڌايا ’صوفي قلندر بخش شھيد‘ جا، جنھن سان خانصاحب کي بي پناھ عقيدت ھئي. سندس اعليٰ درجي جي رنگين آدم قد تصوير به وٽس ھئي، ۽ ٻيا به ڪافي فوٽو ھئس. پاڻ صوفي شھيد جي بھادرين، دليرين ۽ عقلمندين جا ڪيترائي ذڪر ڪيائين. آءٌ انھيءَ رھاڻ ۾ ايڏي ته محو رھيس، جو اھو به ياد نه رھيم، ته مون کي واپس وڃڻو آھي.
اسان ته سمجھيو ھو ته اڄ رات جوڻيجن جي ڳوٺن تي حملو ٿيندو، سندن عورتون ۽ نياڻيون ان ڪري سڄي رات خدا تعاليٰ کي ستائينديون رھيون؛ پر صبح جو خبر پيئي ته حملو ڪونه ٿيو، ۽ ٻيو ڏينھن خواھ رات به ائين ئي گذري ويا؛ ان وچ ۾ خانصاحب سندس ڪوٽ اندر بنگلي تي به مورچا ٺھرائي ورتا، سندس ڪيترائي جانباز ھاري ناري خواھ دوست به ازخود اتي اچي ويا، ۽ ٻيا به آسپاس جا حر يا حرن جا ھمدرد ڳوٺ کان پرڀرو لڪي اچي ويٺا.
ٽئين ڏينھن صبح جو ھن ناٽڪ جو آخري پردو کُليو، جڏھن ھڪ گورو ملٽري آفيسر خانصاحب جي ڳوٺ آيو ۽ اميد جي خلاف ساڻد گڏ صرف 4 – 5 سپاھي ھئا. خانصاحب اتفاق سان ان مھل اندر ھو؛ ان کي ڄاڻ ٿيو ته ملٽري آفيسر اوھان سان ملڻ لاءِ آيو آھي.
خانصاحب بي فڪريءَ سان اُٿيو، پستول ڀري کيسي ۾ وڌائين ۽ پنھنجي ھمشيرہ کي اڪيلو سڏي منھنجي موجودگيءَ ۾ چيائين: ”ادي! ھاڻي ’ٻاگھي‘ بنجڻ جي مھل اچي ويئي اٿيئي. آفيسر صاحب جو بنا سپاھ جي آيو آھي، سو سندس مطلب اھوئي ھوندو، ته مون کي ٿڌيون مٺيون ڳالھيون ڪري وٺي وڃي سانگھڙ ۽ پوءِ ڪن سامُن تي حملو؛ سو آءٌ به شھادت جي بغير کين جيئرو ھٿ ڪونه ايندس، ۽ مون کان پوءِ ڪندا ڪوٽ تي حملو؛ منھنجي روح جي خوشي انھي ۾ ٿيندي، جو تنھنجو لاشو دروازي وٽ ھجي!“
سندس ھمشيرہ گنڀير ٿي نھايت دليريءَ سان چيو: ”ڀائڙا! الله سائين تنھنجو وار ونگو نه ڪندو، پر جيڪڏھن ڪا قضا الٰھي آئي ته انشاءَالله تعاليٰ دنيا اھوئي نظارو ڏسندي، جيڪو تون چاھين ٿو!“
مون خانصاحب کي پنج منٽ ترسڻ لاءِ چيو ۽ پنھنجي ڳٺڙي کولي مرداني وردي پائي ساڳيءَ طرح پستول ڀري سلوٽ ڪري اچي چيومانس، ”اردلي حاضر آھي!“
خانصاحب کلي چيو: ”چڱو سھڻا اردلي صاحب، ھلو ته گڏ ھلي شھيد ٿيون ۽ بھشت ۾ به ھلي رھاڻيون ڪريون.“
خانصاحب جو کاٻو ھٿ کيسي ۾ ھو، مون به سندس اھا طرز پسند ڪري، کاٻي کيسي ۾ پستول رکي ھٿ اندر ڪيو.
در کان ٻاھر نڪري خانصاحب سندس مدارالمھام ’جيئندي ھاليپوٽي‘ کي چيو، ”پٽ- ھاڻي الوداع، اھڙي مڙسي ڪج، جو سندءِ نالو به پيو اسان سان گڏ ڳائجي.“
جيئندي سلوٽ ڪري ڪنڌ جھڪائي نھايت گنڀير ٿي چيو، ”انشاءَالله“ ۽ خانصاحب بي فڪر ٿي وڌي اوطاق ۾ پھتو ته ملٽريءَ جي صاحب سندس استقبال ڪري مُرڪي چيو، ”خانصاحب! ٻيو ھٿ ته کيسي مان ڪڍ!“
خانصاحب گنڀير ٿي چيو، ”ھڪڙي ۾ ھٿڪڙي لڳائي وٺو، ته پوءِ ٻيو ٻاھر ڪڍان.“
صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، ”اسان کي خبر آھي ته صوفي قلندر بخش شھيد وانگر اوھان جي به انھيءَ ٻئي ھٿ ۾ پستول آھي، ۽ ھن اوھان جي نوجوان صاحبزادي به ائين ڪيو آھي، (ھن مون کي خانصاحب جو صاحبزادو سمجھيو) ۽ سچ پچ ته توھان ڪم اھڙو ڪيو آھي، جو جيڪر گولين سان اوھان جو جا جسم پروڻ ڪري ڇڏجن؛ مگر اسين ڇا ڪريون، جو اسان جو رڪارڊ اوھان ۽ اوھان جي والد جي خدمتن سان ائين ڀرپور آھي، جو اوھان کي ڪجھ به ڪري نٿا سگھون. اوھان وٽ ڪڏھن ڪا پاٿاري ته ڪانه رھي آھي، بلڪ اوھان بدمعاشن کي پڪڙڻ لاءِ ھميشه پوليس جو ساٿ پئي ڏنو آھي. ھاڻي ڀلا اسين اوھان کي ڇا ڪريون؟
”اسين اوھان وٽ اھائي خوشخبري کڻي آيا آھيون ته لئمبرڪ صاحب نه فقط اوھان کي معاف ڪيو آھي، پر اوھان جي صدقي جوڻيجن جي ٻنھي ڳوٺن کي به معاف ڪيو آھي، ھن شرط سان، ته اوھين ضامن پئو ته ھو حر ھلچل ۾ ذرو به بھرو نه وٺندا.“
ھيءَ عجيب خبر ٻڌي، آءٌ حيران ٿي ويس؛ پر خانصاحب ٽھڪ ڏيئي ٻيو ھٿ کيسي مان ڪڍي سيلوٽ ڪيس ۽ چيائين ته، ”مون کي صرف اھا خوشي آھي، ته اوھان ۾ به ڪي سمجھدار آھن، پر صاحب بھادر! آءٌ ڪابه ٺڳيءَ جي ضمانت پيش ڪرڻ لاءِ تيار نه آھيان. جوڻيجن دوستن کي آءٌ فقط ايتري صلاح ڏيئي سگھندس، ته جنھن صورت ۾ اوھين مارشل لا حدن کان ٻاھر آھيو، ان ڪري ٻرنديءَ باھ کان پاسو ڪندا رھو ته چڱو، جيئن ھيستائين ڪيو اٿوَ. پوءِ اھا صلاح ھو مڃين يا نه مڃين، سان سندن مرضي، مگر سامون جھلڻ کي احسان بڻائي، کين انھيءَ طرح گھُٽڻ جو ڪم نڪي مون کان پڄندو، نڪي انھي ڳالھ کي آءٌ ڪو احسان ٿو سمجھان.“
آفيسر ھيءُ ٻڌي، ٽپ ڏيئي اچي خانصاحب کي ڀاڪر پاتو ۽ چيائين، ”بيشڪ جھڙو لئمبرڪ صاحب کان ٻڌو ھئم، اھڙو توھان کي ڏٺم. اڄ جڏھن مارشل لا وڏن ڍنگن جا پتا پاڻي ڪري ڇڏيا آھن، تڏھن اوھان جھڙي مرد ماڻھو سان رڳي ملاقات به منھنجي لاءِ شرف جو باعث آھي.
”اوھان کي ڪڏھن به ڪو ڪم پوي، ته مون وٽ بي ڌڙڪ ھليا اچجو، ۽ نه فقط ايترو، بلڪ آءٌ خود لئمبرڪ صاحب کي جيڪا اوھان بابت رپورٽ ٻڌائيندس، سا به پاڻھي وقت تي اوھان کي معلوم ٿيندي.
”اوھين بي فڪر ٿي سامون سندن ڳوٺن ڏي واپس ڪريو. اوھان سان اھو به وعدو آھي، ته چاھي حالتون ڪھڙيون به خراب ٿين، چاھي انھن ڳوٺن جي مَردن کي ڪھڙا به نقصان رسايون؛ پر انھن ڳوٺن جي ڪنھن به مائيءَ ۽ نياڻيءَ جو نڪي وار ونگو ٿيندو، نڪي سندن عزت احترام ۾ ڪو خلل ايندو. ھاڻي اھي سامون ڄڻ ته توھان جي پاران اسان جي حفاظت ۾ آھن. توھين مھرباني ڪري اھا مبارڪ باد ھاڻي وڃي انھن ماين کي پھچايو، ته ھنن تان ھراس دفع ٿئي.“
اسين واپس پھتاسون، ته خانصاحب آواز ڏنو، ”در کوليو، سڀ خير آھي!“دروازو کليو، ته اندريون نظارو ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس. خانصاحب جي ھمشيرہ ھٿيار ٻڌي نھايت گنڀير ٿي سِر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي ھئي، ۽ ٻين سامن وري ڇا ڪيو ھو، جو جن کي ھٿيار ھٿ آيا تن ھٿيار کنيا ھئا، ۽ ٻين لٺيون، ڌڪا، بلڪ ھڪ سڄي لانڍي پٽي انھي جا لڪڙا ھٿ ۾ کنيا ھئا، ۽ سڀ سِر جون سٽون ڏيڻ لاءِ تيار ٿيون بيٺيون ھيون؛ ڄڻ ته خانصاحب جي ھمشيرہ جي ھمٿ سڀني اٻوجھ پردہ نشينن ۾ به ھڪ مجاھداڻو روح ڦوڪي ڇڏيو ھو. خانصاحب کِلي سڀني کي آفرين سان گڏ مبارڪ باد ڏني ۽ جيڪا به تيار حاضر ماني ھئي، سا کڻي وڃي آفيسر سان گڏ کاڌائين.
شام جو سامون وڃڻ لاءِ تيار ٿيون، ته غازي عبدالحئي مون کي اڪيلو وٺي آھستگيءَ سان چيو: ”ڀيڻ! اسان کي ته اَمان ملي، پر ويچارو تنھنجو نقلي مڙس الھ رکيو گرفتار ٿي ويو، ۽ تنھنجي گرفتاريءَ جون به پوريون ڪوششون ھلي رھيون آھن. تعجب آھي جو کين اھا خبر بلڪل نه پيئي، ته تون ڪا ھيڏانھن آئي آھين؛ جو ھنن جي ليکي تون مرڪز ۾ ھلي ويئي آھين. ان ڪري ھاڻي تنھنجو سانگھڙ وڃڻ ڇٽو، نڪي اسان سان گڏ ھلج، باقي خانصاحب جي ھٿان ڪنھن به طرح واپس پھچي وڃ.“
خانصاحب مون کي ھڪ- ٻه ڏينھن ڏاڍي عزت احترام سان رھايو، ۽ پوءِ وڏيءَ حفاظت سان اماڻي ڇڏيائين، جو اچي مرڪز ۾ پھتيس.
منھنجي ھن آخري ڪارنامي سبب غازي مون کي ڏاڍي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا.“