شُڪر گذاري- اعتذار- ۽ عرض
مسٽر محمد ابراھيم جويه جو، جنھن ھن ناول جا ابتدائي باب پڙھي کيس خوب ھمتايو ۽ نيڪ مشورا ڏنا.
سابق ليفٽيننٽ وليداد خان گوله انداز جو؛ جنھن کان ڪافي قيمتي معلومات حاصل ٿي.
عاليجناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو؛ جنھن پاڻ به معلومات ڏني، ۽ دوستن کان به حاصل ڪري ڏني.
لئمبرڪ صاحب وٽ ميڻ بتي ٻاري، جيل کائڻ واري خليفي محمد رحيم مھر جو؛ جنھن ڪيتري نئين معلومات ڏني ۽ ھٿ آيل معلومات درست ڪرائي.
سي ڪلاس جيل جي ساٿين؛ جيجو جرنيل ۽ ٻين فقيرن جو؛ ۽ پڻ موليڏنه مڱريه، ٻاروچي راڄڙ، لال منڱريه ۽ ٻين ڪيترن جو؛ جي سمگلرن جي روپ ۾ اچي سوڙھا ڪيا ويا ھئا، ۽ کين ٻه ورھيه پٽائي پٽائي نيٺ بي ڏوھي سمجھي ڇڏي ڏنو ويو.
ملھار فقير جو؛ جنھن قيمتي معلومات وٺڻ لاءِ پنھنجا ڪتاب موڪلي ڏنا، ۽ ٻين ڪيترن ئي ياد نا ياد دوستن جو؛ جن وڏي معلومات ڏني.
۽ پڻ انھن اينٽي حُر دوستن جو؛ جي وقت به وقت حُرن خلاف قسم قسم جون ڳالھيون ڪندا رھندا آھن. انھن مان ئي ته ڪتاب لکڻ ۾ وڏي مدد ملي؛ ڪوبه مصنف ٻئي پاسا ڄاڻڻ بنا ڪامياب چيز لکي نٿو سگھي.
۽ انھن شاعرن جو؛ جن جا شعر مناسب ھنڌن تي لکڻ ياد آيا.
۽ آخر ۾ پاڪستان جي عظيم اشاعتي فرم”شيخ غلام علي اينڊ سنز“ جي مالڪ محترم نياز احمد ۽ ڪراچي ريجن جي مئنيجر محترم محمد سعيد خان جو؛ جن جي تعاون سان مفلوڪ الحاليءَ جي زماني ۾ به ايڏو وڏو ناول ڇپي سگھيس، جنھن جيڏو ڪڏھين خوشحاليءَ ۾ به ڇپي نه سگھيو ھوس- ۽ شايد سنڌي زبان ۾ ايڏو وڏو اوريجنل تاريخي ناول به ھيءُ پھريون ئي شايع ٿيو آھي؛ جو ممڪن آھي ته ٻين ناول نگارن دوستن کي رشڪ ۽ اُمنگ ڏياري، کانئن به ايڏا وڏا اوريجنل ناول لکرائي!
مصنف اعتراف ٿو ڪري، ته ھن معلومات ۾ ڪي اوڻايون، ڪي غلط فھميون، ۽ ڪي نالن جون غلطيون ھونديون؛ پر انھيءَ سان گڏ ڄاڻو حضرات کي عرض ٿو ڪري، ته ھو مھرباني فرمائي وڌيڪ اھڙي معلومات موڪلين، جيئن ھن ڪتاب جي ٻئي ايڊيشن ۾ درستيون ۽ اضافا ڪيا وڃن، اردو ۽ انگريزي ايڊيشن وڌيڪ عُمدا ٿي نڪرن.
ڏيپلائي