ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

سوريءَ مٿي چڙھن ٿا

سوريءَ مٿي چڙھن ٿا،
سوريھ سِر ڏين ٿا،
سِر تان سانگو لاھين ٿا،
ايھو رواج عاشقن جو.....
ھندو گنگا ۽ جمنا،
حاجي مڪي وڃن ٿا،
(پر) ملڪوت واري منزل،
ھنگلاج عاشقن جو......

(امام بخش)