ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

من ميربحر جي نالي

جيئن ئي اسان جي لاري سنڌڙيءَ واريءَ موريءَ تي پھتي، ته پري کان رستو درياءَ وانگر ڇوليون ماريندو ڏسڻ ۾ آيو؛ معلوم ٿيو، ته ننڍن ڪامورن رستي ۾ پاڻي ڀڃائي ڇڏيو آھي، ھن لاءِ، ته وڏو صاحب سرزمين چڪاس ڪري نه سگھي.
ڊرائيور ھڪ زبردست گار ڏيئي، لاريءَ کي ٽنڊي مٺا خان طرف موڙيو، ڇاڪاڻ ته کيس ھاڻي کپري پھچڻ لاءِ وڏو چڪر ڏيڻو ھو.
دستور جي خلاف جو لاري اچي ٽنڊي مٺا خان بيٺي، ته تماشبين اچي مِڙيا. پئسينجر لھي ھوا کائڻ لڳا، انھن سان گڏ آءٌ به لھي پيس. اوچتو ڪنھن رڙ ڪئي، ”قاضي! تون ھتي ڪئن؟“ مون به رڙ ڪندڙ ڏانھن نھاري چيو، ”ڏنا، تون؟“ ھڪ ٻئي کي کڻي ڀاڪر پاتاسون، ۽ لڳاسون خير عافيت ڪرڻ.
ڏني ميربحر سان منھنجي دوستي مرحوم عبدالله خان پلنگي واري وٽ ڪندي ٿي ھئي ۽ اسين اڄ ويھن سالن بعد مليا ھئاسون. عام طرح زميندارن جي منشين کي ”قاضي“ ڪري سڏبو آھي، ان ڪري ڏني به مون کي ”قاضيءَ“ سان مخاطب ڪيو.
حال احوال پڇندي جڏھين مون کانئس پنھنجي دوست ”مَن“ بابت پڇيو، تڏھين ھن ڏکويل آواز ۾ چيو، ”قاضي! مَنَ ويچاري کي انگريچ ڦاسيءَ چاڙھي ڇڏيو!“
”اڙي!“ منھنجي بي اختيار رڙ نڪري ويئي ۽ اکين ۾ پاڻي اچي ويم، ھو ھڪ سٻاجھڙو، فھميدو، قداور نوجوان ھو؛ مجلس جو مور، ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ۽ مھل تي سِر قربان ڪرڻ وارو سنگتي ھو.
”ڇو ڀلا؟“ مون ڏني کان پڇيو: ”مَنِ ته پير صاحب پاڳاري جو مريد ڪونه ھو، پوءِ کيس ڪئن ڦاسي ملي؟“
”ھي ٻيا جيڪي ھزارين شھيد ڪيا ويا، سي ڪي سڀ پير صاحب جا مُريد ھئا ڇا؟“ ڏني جواب ۾ چيو، ”مَن ته خير کڻي انگريزي قانون موجب ڏوھاري به ھو، پر ھتي ته سوين بي ڏوھا به سوريءَ تي ٽنگيا ويا آھن. بس نڪو داد نڪو فرياد نڪا پڇا نڪا ڳاڇا؛ ڪنھن سرڪاري ڪُتي چغلي ھنئي ناھي، ته مڙس ڊڙيو رکيو آھي. توکي معلوم ناھي، ته سنتر جيل ۾ مشھور برقعي پوش چغل خور ھڪڙي اھڙي قيديءَ تي به وڃي ھٿ رکيو ھو، جو ٻيءَ حُر ھلچل کان اڳ جو قيد ڪيل ھو؟“
”ھا، اھا ته عالم آشڪار ڳالھ آھي....“ مون پڇيو، ” پر مَنِ ڪئن ڏوھاري بڻيو؟ ھو پھلوان ته ھو، پر اھا پھلواني ڪڏھن رھزنيءَ ۾ به ڪم آڻيندو ھو، اھڙو گمان منجھس اسان کي ته ڪونه ھو.“ مون پڇيو:
”رھزني ته ھن به ڪانه ڪئي ھئي.“ ڏني شوڪارو ڀريندي چيو، ”ھن جي دل واريءَ کي سيٺ ..... پئسي جي زور تي کڻي وڃي سريت بڻايو ھو. ھو ھيڏي وڏي سيٺ سان پڄي ته نٿي سگھيو، پر سندس اندر انتقام لاءِ اڌما کائي رھيو ھو؛ اتفاق سان ھينئر انھيءَ سيٺ ظاھر ۾ حرن جي حمايت ٿي ڪئي، پر سرڪار وٽ وري نھايت سخت مخالفت ٿي ڪيائين ۽ اھي ئي صلاحون ٿي ڏنائين، ته حر جماعت کي نابود ڪيو وڃي. سرڪاري لڏي ۾ به حُرن جا گھڻائي جاسوس آھن، تن سندس تازن ڪارنامن جي خبر حرن کي ڏني ۽ حرن به سندس سِرَ جا وارنٽ ڪڍيا. مَن کي بخارن ڪڍڻ جو موقعو ملي ويو؛ مردود کي مارڻ ۾ ته ٻيا به گھڻا شامل ھئا، پر پھريون واڄٽ مَنَ ئي ڪرايو ھوس....!“
اھڙن ٻين ھزارن گھڻن شھيدن سان گڏ غيرتمند ”من“ جي قبر جو به پتو ڪونه ھو؛ پر سينٽرل جيل جي پھرين سفر وقت مون انھيءَ ڦاسيَ کي ضرور سلام ڪيو، جنھن کي اھڙن مٿيرن جي ملاقات جو شرف حاصل ٿيو ھو!
سنڌ جي مجاھدن جي تذڪري جو ھي ناول به آءٌ ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جي نالي تي ڪرڻ بدران ”من“ پارن اھڙن غريب غيرتمندن جي نالي تي معنون ڪريان ٿو، جي ”ھڪ ڏينھن“ جي ”شينھن جي زندگيءَ“ کي ”سؤ ورھين“ جي گدڙ جي حياتيءَ“ کان ”ھزار دفعه“ بھتر سمجھن ٿا!

ڏيپلائي