حصو ٽيون
پير صاحب مُرڪي چيو، ”ڇالاءِ؟“
سيد صاحب چيو، ”ھن لاءِ ته 1940ع جي قرارداد موجب وطن آزاد ڪرائجي.“
پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، ”مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟ شاھ صاحب مون ته اوھان کي وڏو سياستدان سمجھيو ھو، پر شايد اوھين سياست جي ابجد مان به واقف ڪونه آھيو!“
سيد صاحب پير صاحب سان بي تڪلف ھو، ھن مرڪي چيو: ”۽ اوھين شايد مختلف جيلن ۾ رھي، مختلف سياسي قيدين سان ملي، سڄي سياست ازبر ڪري ويا آھيو.“
”اسين سياست جي ازبريءَ جي دعويٰ ته ڪانه ٿا ڪريون، پر جيڪا جماعت سڀ ڪجھ انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنھن ۾ سمورا سر، خانبھادر، وڏيرا ۽ سيٺيون ھجن، سابه ڪري آزاديءَ جي دعويٰ، ته پوءِ ته ڍاڪئون ئي پَڪو!“
شاھ صاحب سنجيدو ٿي چيو: ”ڏسو، اسين ته اسيمبليءَ ۾ به تُرت پاڪستان جي آزاديءَ جو ٺھراءُ بحال ڪرائينداسون.“
پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو: ”بس اوھان ٺھراءُ بحال ڪرايو، ۽ انگريزن اوھان کي آزادي ڏيئي ڇڏي! شاھ صاحب! ياد رکو، انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي ڪونه، پر جي ھندو ٺاھ تي نه آيا، ۽ ڪجھ ڏنائون کڻي، ته اھو پاڪستان اھڙو ھوندو، جنھن جي واڳ ڪيترائي ورھيه ته وري به انگريز جي ھٿ ۾ رھندي!“
سيد صاحب ٿورو جوش ۾ اچي چيو، ”اسان ھن کي پنھنجي آزاد مُلڪ ۾ ڪوبه دخل رکڻ نه ڏينداسون.“
پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، ”۽ اوھين ھوندؤ ڪٿي؟ ڇا ان وقت تائين به اھا واڳ اوھان جي ھٿن ۾ ھوندي؟ شاھ صاحب! ڀُليل آھيو، وڙھڻ لاءِ اوھين ھوندؤ، ۽ فتح وقت واڳون انھن جي ھٿن ۾ ھونديون، جي انگريزن جا ازلي غلام ھوندا؛ اوھان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو، بلڪ شڪ ناھي، جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏھن زندگي آھي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪري، ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گھڻو ڪير ٿو ڄاڻي، اوھين يا اسين!“
”انشاءَالله تعاليٰ، اسين ته ”وطن يا ڪفن“ حاصل ڪنداسون؛ پر اوھين پيا ڏُکن ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا!“
شاھ صاحب چُپ ٿي ويو، ھو خاموشيءَ سان خدا حافظ ڪري پوئتي روانو ٿيو.
ھاڻي غازي تحريڪ جو اثر پير صاحب جي سڀني مريدن ۾ پھچي ويو، ھر ڳوٺ ۾ پريڊون ۽ جنگي مشڪون شروع ٿي ويون، اڪثر عورتن به ٻانھيون ڀڃي پريڊون ڪرڻ ۽ ھٿيار ھلائڻ جي تربيت حاصل ڪرڻ جي مھم شروع ڪئي، افواھ ته اھي ھلندا ھئا ته پير صاحب مکيءَ ۾ ڪي بنگالي انقلابي وھاريا آھن، ھٿيارن جا ڪارخانا کولايا آھن، مگر حقيقت ۾ اھو صحيح نه ھو، البت اھو ضرور صحيح ھو، ته جيئن قبائلي پٺاڻ ھميشه سنڌ ۾ پيا ھٿيار وڪڻندا آھن، تيئن ھينئر انھن جو ڪاروبار ذرا وڌيڪ چمڪڻ لڳو، ڇوته جنھن شيءِ جي طلب گھڻي ٿيندي آھي ۽ اگھ به سٺو پيو ملندو آھي، اھا واپاري پاتال مان به ڳولي ھٿ ڪري ايندا آھن، پوءِ اھو به ٿيڻ لڳو ته ٿوري گھڻي مرمت ڪرڻ وارا به اچڻ لڳا، ۽ حُر ايراضيءَ جا لوھار به اھڙي ٽريننگ حاصل ڪندا رھيا.
۽ اھا به حقيقت ھئي، ته پير صاحب جو ڪوبه فوري طور ھنگامي جو پروگرام ڪونه ھو، ھن يقيناً انھي ئي موقعي لاءِ سڀ تياري پئي ڪئي، جو اڳتي ھلي اچڻ وارو ٿي سمجھيائين.
پير صاحب جي ھن تحريڪ جي خبر نواب شاھ جي فقير ملھار خاصخيليءَ کي به پھتي؛ ملھار فقير جي وڏن پھرينءَ ۽ ٻيءَ حُر ھلچل ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون ھيون، وڏيون سختيون سٺيون ھيون؛ خود ھو پاڻ به انھي ھڪ لوڙھي ۾ پيدا ٿيو ھو، جنھن جھڙا ڪيترائي انگريزن برپا ڪري انھن ۾ حر خاندانن کي نظربند رکيو ھو. ھن جي مطالع مطابق ھيءَ ھلچل حرن لاءِ تباھ ڪندڙ ھئي، سو بنا ڪنھن ھٻڪ جي وڃي پير صاحب وٽ حاضر ٿيو، ۽ ڪنھن به رک رکاءَ کان سواءِ، ھن رعبدار ۽ جفاڪش، ھستيءَ کان آزاديءَ سان ڳالھائڻ جي اجازت حاصل ڪري، ھن تحريڪ ۾ پيش ايندڙ تباھيءَ ۽ مصيبتن جو نقشو ڇڪڻ لڳو.
پير صاحب سڀ خاموشيءَ سان ٻڌي چيو، ”بس؟“
ملھار فقير چيو: ”حضور، ڏھ پندرھن ھزار ماڻھو مرندا، لک مُنو جيلن ۾ پوندا، پنج اٺ لک دربدر، خاڪ بسر، بي گھر ٿيندا، پوليس ۽ ملٽريءَ کان بي انداز سختيون ٿينديون.“
پاڻ فرمايائون: ”بس؟ ايتروئي؟“
ملھار فقير ادب سان چيو: ”اھو ٿورو آھي حضور؟“
پير صاحب جواب ڏنو: ”اھا ساڳي، بلڪ انھي کان وڌيڪ حالت انگريز پاڻ به ھندوستانين سان ڪندو، چاھي ھو کَٽي چاھي ھارائي، پر ڪنھن نه ڪنھن حيلي ھو اڌ ڪروڙ ھندو مسلمان مارائيندو، ٻنھي ڌرين جون لک ڏيڍ عورتون تين وار ڪرائيندو، ٻه- ٽي ڪروڙ ماڻھو دربدر خاڪ بسر ڪرائيندو- ۽ اھو ضرور ٿيندو- چاھي اسان زندھ رھون يا نه رھون، پر جيڪي زندھ ھوندا، سي اسان جا ھي حرف ضرور صحيح ڏسندا. پوءِ فرق اھو ٿيندو، ته ٻين سان ٻڪر ٻوساٽ ٿيندي، ۽ اسين پنھنجي ڪوٽا پنھنجي خوشيءَ سان حاصل ڪري، مجاھدن ۽ شھيدن ۾ شامل ٿينداسون.“
”مگر فقيرو! اسان مان جيڪي زندھ رھيا، سي ڏسندا ته چند سالن بعد سندن آدم شماري گھڻو وڌيل ھوندي، سندن ملڪيتن ۾ اٿاھ برڪت ھوندي، ۽ نيٺ- نيٺ ھو انگريزن ۽ سندن ڇاڙتن جي غلاميءَ کان آزاد ھوندا.“
”پيارا ملھار فقير، اسان جي توتي ڪابه ميار ڪانھي، تون مجاھد آھين، مجاھدن منجھان آھين، پر تون ايڏو ته سختين جو سيڪيل آھين، جو وڌيڪ تباھيءَ لاءِ تيار ناھين؛ تون ڀلي پنھنجي پر ۾ ٻين کي به شامل ٿيڻ کان ھٽائيندو رھج؛ اسين نٿا چاھيون ته ڪوبه مڇر اٻھرو ٿي اچي پتنگ بڻجي. ۽ ڪجھ لھس اچڻ تي ڀڄي پوئتي وڃي ڪري. اسان کي فقط اھي ساٿي گھرجن، جي موت سان اھڙي ئي محبت رکن، جھڙي ٻيا زندگيءَ سان رکن ٿا.“
ھاڻي پير صاحب پُر جلال آواز ۾ چيو: ”۽ انشاءَالله تعاليٰ، جيڪڏھن اسان جي قسمت ۾ به شھادت لکيل ھوندي، ته سڀ اسان کي مُرڪندو موڪلائيندو ڏسندا، ڪڏھين به اسان جي وار مان به بزدليءَ جي بوءِ ڪانه نڪرندي!“
جيئن ئي غازين جي ڀرتيءَ جي خبر پکڙي، سڀ کان اول ھندو ميمبر ۽ وزير پريشان ٿي ويا. مسٽر نھچلداس جي بنگلي تي ھڪ اھم ميٽنگ ٿي، جنھن ۾ سمورا ڪانگريسي ھندو ميمبر اچي گڏ ٿيا ھئا.
ھن ميٽنگ ۾ وڏا بحث مباحثا ھليا؛ پر آخر ڪِن سمجھدار ۽ سانيتڪن ليڊرن مناسب ائين ٿي سمجھيو، ته پير صاحب سان ملجي ۽ سندن خيالات معلوم ڪجن.
پير صاحب انھن لاءِ اڻ واقف نه ھو، بلڪ جيئن ئي پاڻ آزاد ٿي آيل ھو، سندس ميل جول مسلم ليگين کان وڌيڪ ڪانگريسين سان ھو، ڇاڪاڻ ته پاڻ ھنن کي انگريزن کان وطن آزاد ڪرائڻ جو خواھان سمجھندو ھو، ان ڪري سندن عزت به ڪندو ھو؛ ساڻن محبت به ڪندو ھو، سندن کاڌي، چرخي خدمت خلق وغيرہ جي پروگرام کي به پسند ڪندو ھو، البت سندن طريقهء ڪار سان اختلاف ھوس. پير صاحب ڪڏھين به ھندو مسلم ويڇي جو حامي نه رھيو ھو، ۽ نه انھيءَ تفريق کي ھمٿائيندو ھو؛ خاص طرح ھن ڪري، جو ڪيترائي ھندو به سندن مريد ھئا، ۽ اھا ڳالھ ڪا نئين ڪانه ھئي، سنڌ ۾ اھو ھندو مسلم زنگ جو دؤر ته شڌي ھلچل کان پوءِ شروع ٿيو نه ته اڪثر ھر مسلمان پِير جا ھندو مُريد آھن، ۽ ڪن ھندن ۾ ته مسلمانن کي سَڱ ڏيڻ جا رواج به ھئا، جي اڃا تائين آھن. پير صاحب سان ملاقات جي تجويز ڪثرت راءِ سان بحال ٿي ۽ برک ڪانگريسي ليڊرن جو وفد سانگھڙ روانو ٿيو.
اڄ گڙنگ جي بنگلي تي ڪجھ خاص اھتمام ڏسجي ٿو. شھر سانگھڙ کان وٺي بنگلي تائين ٿوري ٿوري مفاصلي تي مخفي طرح ھٿياربند حُر بيٺل آھن، خود بنگلي جي آسپاس به اھو مخفي پھرو چالو آھي ۽ بنگلي وٽ ته تمام چوڪس پھريدار بيٺل آھن. معلوم ٿئي ٿو ته پير صاحب سان ڪي خاص ملاقاتي ملڻ لاءِ اچڻا آھن. مقرر وقت تي ٻه جيپون ڏسڻ ۾ آيون، جن مان گانڌي ٽوپين وارا ڪانگريسي لٿا. ھنن ۾ برک ليڊر ڊاڪٽر چوئٿرام، سندس ڀاءُ مسٽر شامداس، پروفيسر گھنشام، مسٽر سڌاوا، سيٺ سيتلداس ۽ ٻيا به ڪي ھئا. منجھن شايد ھڪ ٻه مسلمان به ھئا، مگر گانڌي ٽوپي ۽ ھڪ جھڙي لباس سبب پتو ڪونه ٿي پيو ته ڪير ھندو آھي ۽ ڪير مسلمان. جيپون بيٺيون ته ٻه حُر اڳتي وڌي آيا، کين سلام ڪيائون ۽ چيائون، ”بادشاھ اوھان جو منتظر آھي.“
”بادشاھ ڪير؟“ ھڪ ڪانگريسيءَ وائڙو ٿي پڇيو.
”حُر پنھنجي مرشد کي ’پير سائين بادشاھ‘ سڏيندا آھن.“ سيٺ سيتلداس وراڻي ڏني، ”اھو لقب ڪو ھاڻي ڏنل ڪونه آھي، مگر ھميشه کان ھو ائين چون ٿا.“
”ٺيڪ آھي“، ”ٺيڪ آھي“ چئي سڀ اڳتي ھليا. ھڪڙو ميمبر صاحب ڌُوتيءَ جو پلئه جھلي پريشان ٿي چوڻ لڳو: ”وڃون ته شينھن جي غار ۾ ٿا، ھي حُر اتيئي کڻي سڀني کي پورو ڪن ته پوءِ؟“
سيٺ سيتلداس جواب ڏنو: ”اھا اڻ ٿيڻي آھي؛ حرن وٽ ڪوبه مھمان ھوندو آھي ته اُن جو وار به ونگو نه ٿيندو آھي، ھو ھن تان اول پنھنجا سِر قربان ڪندا آھن.“
ڊاڪٽر چوئٿرام مرڪي چيو: ”اسان جا اڳواڻ خونخوار انگريزن وٽ ويندي به نه گھٻرائبا آھن، توھين پنھنجي ديسي ليڊر وٽ ويندي پيا گھٻرايو؟“
ھاڻي ھو بنگلي ۾ پھتا؛ پير صاحب مُرڪي سندن مرحبا ڪئي، ھُنن لاءِ شربت پاڻي آيو. خوش خير عافيت بعد پير صاحب کانئن اچڻ جو مقصد پڇيو، پروفيسر گھنشام چيو: ”پير صاحب! اسين اوھان جي نئين تحريڪ ’غازي‘ بابت پڇڻ آيا آھيون.“
پير صاحب مُشڪي جواب ڏنو: ”ھيءَ تحريڪ ڪا نئين ڪانه آھي، اسان جي جماعت جا ھميشه کان چار حصا رھندا آھن؛ ھڪڙا ’سالم‘- جي بلڪل عام ڪاروبارين جي زندگي بسر ڪندا آھن، ۽ ھنن ۽ ٻين پيرن جي مريدن ۾ ڪوبه خاص فرق نه ھوندو آھي.
”ٻيا ’فرق وارا‘، جي ھر حالت ۾ بنا ڪنھن پڇڻ جي ’اطاعت امير‘ اڳيان سِر جھڪائيندا آھن ۽ حافظ شيرازيءَ جي ھن بيت تي عمل ڪندا آھن ته:
به مي سجادہ رنگين ڪن، گرت پيرِ مغان گويد،
ڪه سالڪ بي خبر نبود، زراہ و رسم منز لھا.
ھي ئي فرق وارا آھن، جن کي عام طرح ’حُر‘ سڏيو ويندو آھي، ۽ ھنن جو اھو اصول ھوندو آھي، ته پنھنجن کان سواءِ ٻئي ڪنھن جو به اوبارو مرڻ گھڙيءَ تائين نه پيئندا آھن.
انھن فرق وارن ۾ ڪي شخص پنھنجي رضا خوشيءَ سان پنھنجي ھر چيز مرشد جي سمجھندا آھن؛ جڏھين به زيارت نصيب ٿيندي اٿن، تڏھين جيڪي به ھٿ ايندو اٿن، سو مرشد تان قربان ڪندا آھن. ھو ھونئن به ڪا ملڪيت پنھنجي نه سمجھندا آھن ۽ جيڪي به وٽن ھوندو آھي، سو جماعت جو ليکبو آھي ۽ وري جماعت به ھنن کي ڪابه ضرورت پوندي آھي، ته ڏيندي ڪانه ڪيٻائيندي آھي. ھنن کي ’تارڪ‘ يعني دنيا ترڪ ڪندڙ سڏبو آھي.
انھن سڀني مان ھڪ چونڊ گروھ ’غازي‘ سڏبو آھي، جو مرشد جي اشاري تي سر قربان ڪرڻ ۽ دشمن سان جھاد ڪرڻ لاءِ ھميشه تيار رھندو آھي. ھيءُ ٽولو ھن کان اڳ ارڙھين صديءَ جي شروع ۾ سيد احمد شھيد رحمته الله عليه سان جھاد ڪرڻ لاءِ منظم ڪيو ويو ھو، جنھن کي ڪافي وقت گذري ويو ھو ۽ سندس ڪا خاص تنظيم ڪانه رھي ھئي؛ اسان وري ھن جي تجديد ڪئي آھي، يعني کيس نئين سر منظم ڪيو آھي.
ڊاڪٽر گھنشام: ”ڇاجي واسطي؟“
پير صاحب: ”پنھنجي وطن کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ.“
ڊاڪٽر چوئٿرام: ”پوءِ اھو ئي ته ڪانگريس جو به مقصد آھي نه؟“
پير صاحب: ”ان ڪري اسين به ڪانگريسين کي عزت ڏيندا آھيون ۽ سندن ڪي اصول مثلاً کاڌِي پائڻ، سادو گذر، مصيبتن کي برداشت ڪرڻ، سرگرم عمل رھڻ، امن پسندي وغيرہ کي اسان به پنھنجي مريدن لاءِ لازم بڻايو آھي.“
ڊاڪٽر: ”پوءِ ڇونه ٿا ڪانگريس ۾ شامل ٿيو؟“
پير صاحب: ”ھر ڪنھن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو پنھنجو ھوندو آھي؛ اسان کي ڪانگريس جي ڪيترين ڳالھين ۽ طريق عمل سان اختلاف آھي؛ ازان سواءِ اسين پنھنجي تحريڪ جو دائرو فقط انھن علائقن تائين محدود رکڻ گھرون ٿا، جنھن ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائي ۽ سمجھي وڃي ٿي ۽ اسان انھيءَ کي ”سنڌ مُلڪ“ سمجھون ٿا؛ ان ڪري اسان فقط سنڌ کي ئي آزاد ڪرائڻ پنھنجي منزل مقصود مقرر ڪئي آھي؛ ٻين ملڪن سان اسان جو ڪو خاص واسطو ڪونھي، اھي پاڻ ڄاڻن.“
سيٺ سڌوا: ”مگر پير صاحب، ھن زماني ۾ ھندوستان جي يڪ وجوديءَ کي ٽوڙي، ھر ڪنھن ٽڪري جو پنھنجي پنھنجي مُنھن ڪوشش ڪرڻ ڪيئن صحيح چئي سگھجي؟“
پير صاحب: ”ھندوستان ھڪ مُلڪ ھرگز ناھي، بلڪ ھڪ ننڍو کنڊ آھي، جنھن ۾ ڌار ڌار ٻولين وارا مڪمل ملڪ آھن؛ اھي ھميشه فيڊريشن يعني وفاق جي صورت ۾ رھندا ھئا، جن کي انگريزن اچي صوبا بڻايا؛ جنھن ڳالھ کي اسين صحيح نٿا سمجھون ۽ جيئن يورپ کنڊ ۾ 25-30 ملڪ آھن، تيئن ھتي به ڪم از ڪم 15-20 ملڪ ھجڻ اسان جي خيال موجب مناسب آھي.“
ڊاڪٽر چوئٿرام: ”پر ائين ته ڀارت جو اتحاد ٽُٽي پوندو نه؟“
پير صاحب: ”ٽُٽندو نه، بلڪ مضبوط ٿيندو، فيڊريشن يا وفاق وسيلي، نه فقط اھي سڀ ملڪ پاڻ ۾ متفق ٿي سگھن ٿا، بلڪ ٻيا آسپاس وارا ملڪ مثلاً برما، سيلون، سينگاپور، افغانستان وغيرہ به ان ۾ شامل ٿي سگھن ٿا. اھوئي طريقو آمريڪا ۾ به مفيد سمجھيو ويو آھي، ۽ روس به انھي کي ئي صحيح ٿو سمجھي. ائين نه ڪرڻ ڪري ئي گذريل جنگ ۾ اسان جي ترڪ سلطان صاحب عرب کان ايڏي ته مار کاڌي، جو بادشاھي ئي برباد ٿي ويس.“
ڊاڪٽر: ”ٺيڪ آھي، پوءِ توھين ڪانگريس ۾ شامل ٿي انھن خيالن وارو گروپ ٺاھيو نه؟“
پير صاحب: ”ڪانگريس ۾ ھڪ طبقو اھڙو با اثر آھي، جو ڪنھن گروپ کي سَھندو ئي ڪونه؛ مسٽر سڀاش چندر بوس جو مثال انھي لاءِ ڪافي آھي، جنھن کي ڪَڪ ڪري نيٺ ’فارورڊ بلاڪ‘ ٺاھڻ تي مجبور ڪيو ويو.“
پروفيسر گھنشام: ”ته چئبو ته اھو افواھ صحيح آھي ته جيلن ۾ اوھان جي ملاقات انھن فارورڊ بلاڪين سان ٿي، جنھن ڪري اوھين انھن جي اثر ھيٺ اچي ويا آھيو.“
پير صاحب: ”اسان جون انھن قيدين سان ملاقاتون ته بيشڪ رھيون آھن، پر اسين انھن جي اثر ھيٺ نه آيا آھيون، نه اينداسون.“
مسٽر شامداس: ”پوءِ توھان ھيءَ ڌار ديڳڙي ڇو ٺاھي آھي؟ لٿي پٿي مسلم ليگ سان ڇونه ٿا ملو؟“
پير صاحب: ” (کلي) يعني توھين اسان جو ڪنھن آل انڊيا جماعت سان ضرور جڪڙجڻ چاھيو ٿا؟“
شامداس: ”ھا، بيشڪ، جماعتن جو پاڻ ۾ اتحاد ٿيڻ آسان آھي، مگر ھينئن جدا تحريڪ ھلائڻ مناسب ناھي.“
پير صاحب: ”ڪھڙيءَ سياست ۾ انھي جي منع آھي؟“
شامداس: ”منع ته ڪانھي، پر اسان جي ڀائرن کي انھي جماعت مان ڏاڍو خوف آھي.“
پير صاحب ھاڻي گنڀير ٿي چيو: ”خوف ۽ اسان مان؟ ڇا، اوھان کي اھو وسري ويو آھي ته منزل گاھ فسادن وقت اسان جي ئي جماعت ھئي، جنھن بنا ڪنھن مطلب جي ھندن جو ھر طرح بچاءُ پئي ڪيو؟“
ڊاڪٽر: ” (ڪنڌ لوڏي) سو ته ٺيڪ آھي، پر ته به اسان جا ھندو سيٺيون اوھان کان ڏاڍو ھراسان آھن.“
پير صاحب: ”نه فقط ھندو سيٺيون، بلڪ مسلمان سيٺيون ۽ زميندار به؛ مگر سڀ نه، بلڪ جيڪي بدڪار آھن، ٺڳ آھن، عوام جا ڦريندڙ آھن. بيشڪ اسان جي جماعت عوام تان ظلم لاھڻ جي ڪوشش ڪندي آھي، ڇا اوھان کان اوھان جي سيٺين جا ڪارناما ڳجھا آھن؟ ڇا اوھان کي معلوم ناھي ته ھنن مسلمانن جون ڪيتريون ئي ملڪيتون دغا، فريب، ويساھ گھاتي ۽ رشوت خوريءَ سان ڦٻايون آھن؟“
پير صاحب جي ھيءَ تقرير ٻڌي ڪيترن ئي سيٺين جو منھن لھي ويو، پير صاحب وري سيٺ سيتلداس ڏي مُھڙ ڪري چيو: اجھو ھن سيٺ کان پڇو، ڇا اھو صحيح ناھي ته سندس حُر ھاري سندس ڪيڏا نه وفادار ۽ مھل تي جان ڏيندڙ آھن؟“
ڊاڪٽر چوئٿرام: ”آھي ته اھو برابر، پر ھن کي به انھن مان خطرو محسوس ٿئي ٿو.“
سيٺ سيتلداس رڙ ڪري چيو: نه نه، بلڪل نه، حُر ته اسان جا دوست آھن.“
پروفيسر گھنشام ڏانھنس نھاري چيو: ”سيٺ صاحب! اھا ٻيائي نٿي سونھي؛ پرپٺ ته اوھين سخت رڙيون ڪريو ٿا، اڄ پير صاحب وٽ ئي مدعي سڀ روبرو آھيون، ڇونه ٿا کُلو؟“
سيٺ سيتلداس جي منھن جو پنو ئي لھي ويو، چوڻ لڳو: ”اوھان کي غلط فھمي ٿي آھي، انھي باري ۾ مان پير صاحب سان پنھنجي منھن به ڳالھائي سگھان ٿو. اوھين مجموعي مقصد تي اچو، ڇڙوڇڙ ڳالھيون ڇڏي ڏيو.“
پير صاحب مٿس ھڪ خاص نظر وجھي ڊاڪٽر چوئٿرام کي چيو: ”ڊاڪٽر صاحب، وطن جي آزاديءَ جي اھم مقصد تي اسين متفق آھيون، البت اسان جون راھون جدا جدا آھن، ۽ اوھان ڪانگريسين جي اھا پاليسي بلڪل خراب آھي جو پاڻ کان سواءِ ٻئي کي اصل برداشت نٿا ڪريو. اھا جمھوري سياست ناھي؛ بلڪ ڊڪٽيٽرشپ آھي ۽ انھي ڊڪٽيٽرشپ ئي دنيا جو امن خطري ۾ وڌو آھي. ’جيئو جيئڻ ڏيو‘ اھوئي جمھوريت جو بنياد آھي.“
مسٽر سڌوا: ”خطا معاف، پير صاحب؛ اوھين به پنھنجي جماعت جا اختلافي گروھ برداشت ڪندا آھيو؟“
پير صاحب: ”ڇونه؟ اجھو اسان جي وفادار حرن ۾ ھڪ گروھ ’ملھار فقير‘ جو آھي، جو اسان جي طريقه عمل سان سخت اختلاف رکي ٿو، مخالفت ۾ پرچار ڪري ٿو، ڇا اسان ھن کي ڪڏھن روڪيو يا تڪليف ڏني آھي؟“
سڌوا: ”ڀائي، مان ته سڌو سنواٽو ماڻھو آھيان، ھر ڪنھن کي منھن تي سچ چئي ڏيندو آھيان.... “
پير صاحب: ”۽ اسان به اھڙن سچ چوندڙن کي پسند ڪندا آھيون، بشرطيڪ سندن نيت نيڪ ھجي.“
سڌوا: ”پوءِ اھو ڇو ٿو ٻُڌجي ته اوھان ڪيترائي مولوي مارائي ڇڏيا آھن؟“
پير صاحب: ”بيشڪ اسان جي جماعت مان ڪن پنج اٺ خون ڪيا آھن، ۽ ھڪ ڳوٺ ته سڀني باشندن سميت ساڙيو اٿن؛ مگر ڌڻي شاھد آھي ته اسان جو انھي ۾ ڪو ھٿ ڪونه آھي، نڪي اسين انھي کي پسند ڪريون ٿا. پر سڌاوا صاحب، پنجن لکن ماڻھن ۽ سندن دوستن جا ڪي شخصي مسئلا به ٿين ٿا، جن کي ھو شخصي طرح ئي حل ڪن ٿا. اھي جيڪي به خون ٿيا آھن، سي رڳو جماعت وارن نه ڪيا آھن، بلڪ ٻيون اھي ڪافي ڌريون به ھنن سان شامل آھن، جن کي مجموعي طرح تڪليفون ھيون، مثلاً: اوھين ٻڌايو ته ڇا، اوم منڊليءَ وارن جا مقصد صحيح نه ھئا؟ ڇا دادا ليکراج ۽ سندس ڌيءَ راڌي نھايت فراخ دل انسان نه آھن؟ پر جڏھين تمام گھڻي عوام ھنن کي برداشت نه ڪيو، تڏھين خود ڪانگريس به ھنن جي مخالفت ڪئي؛ ساڳيءَ طرح ڍوري ناري طرف ھڪ شخص به ھڪ زالن مردن جي گڏيل روحاني منڊلي قائم ڪئي، ۽ سچ ڪوڙ جي خبر خدا کي، مگر آسپاس جو سمورو عوام ھن جي اھا منڊلي سھي نه سگھيو ۽ سندن چوڻ ھو ته اتي آزادانه عيش ۽ مستيون ھلن ٿا. پوءِ اسان جي علم ۽ اشاري کان سواءِ آسپاس جماعت جي ڪن فردن، ٻين ماڻھن سان گڏجي ھن جي سڄي ويھارو ماڻھن جي ساٿ کي ساڙي ڇڏيو. پوليس جاچ تي ويئي ته لکن جا نوٽ سڙيل ۽ سڄا ڏٺائون، سيرن جي منھن ڳريل سون ڏٺائون، خونين ھڪ پائيءَ کي به ھٿ نه لاٿو ھو. بيشڪ ھنن عورتون به ساڙيون، پر ڪنھن ۾ بري اک نه وڌائون. آسپاس جو ڪو فرد به اسان وٽ فريادي نه آيو؛ جنھن مان سمجھجي ٿو، ته اتي جي عوام جي وڏي اڪثريت ھن خوني تماشي مان خوش ھئي. ٻڌايو، اسان ڇا ڪريون؟“
ڊاڪٽر چوئٿرام: ”اھي خبرون اسان به ٻڌيون آھن. ڀائي، مان ته انھي خونريزيءَ جو سخت مخالف آھيان، پر ايترو سمجھان ٿو، ته جيئن اسان ۾ به انقلابي پارٽيون تيئن اوھان ۾ به ھونديون، پر خير، وٺو ڳالھ جي ڳاٽي کي، ٻڌايو، اوھان جو پروگرام ڪھڙو آھي؟“
پير صاحب: ”في الحال ته ڪوبه پروگرام مقرر نه ڪيو ويو آھي، غازين کي فقط تيار رھڻ ۽ جماعت کي تيار رکڻ جو حڪم ڏنل آھي. وڌيڪ سمورو پروگرام جنگ جي حالتن تي منحصر آھي؛ ھڪ امڪان اھو آھي، ته انگريز بريءَ طرح ھارائي ڀڄندا، ملڪ ۾ افراتفري ھوندي، ان وقت اسان جا غازي ملڪ ۾ امن امان قائم رکندا، چڱي حڪومت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ٻيو امڪان اھو آھي ته انگريز ھارائيندا ته ڪونه، پر ڪمزور اھڙا ٿيندا، جو ھن ملڪ کي لاچار ٿي آزادي ڏيندا.
مگر ڪنھن نه ڪنھن حيلي پاور سمورو پنھنجي قبضي ۾ رکندا؛ ان وقت به اسان جي جماعت پوري زور شور سان ھنن کان پاور کسڻ لاءِ اٿندي؛ منجھن سخت خونريزي وجھندا، ته جيئن پاڻ سلامتيءَ سان نڪري وڃن؛ ان وقت به اسان جي جماعت انھي خونريزي کان سنڌ کي بچائڻ لاءِ ھر طرح جون قربانيون ڏيندي؛ جيئن اوھان کي معلوم ھوندو ته منزل گاھ فسادن وقت اسان جي جماعت پنھنجي جان تي کيڏي به سندن تسلط ھيٺ رھندڙ ھندن جو وار ونگو ٿيڻ به نه ڏنو.“
سڌوا: ”(ڪنڌ لوڏي) سو ته صحيح آھي، سورنھن آنا سچ آھي؛ مان وٽ به ڪيترن ئي ھندن اھو مڃيو آھي.“
پير صاحب: ”مگر اوھان جا اڪثر ھندو ڀائر اھڙا ته احسان فراموش آھن، جو انھي ھوندي به اسان جي عروج کان ڇرڪندا رھن ٿا.“
ڊاڪٽر چوئٿرام: ”بس، اھائي پوائنٽ آھي، جنھن تي بحث ڪرڻ گھرجي. پير صاحب! ڀلا اھو اکين ڏٺو تازو مشاھدو ٿيڻ بعد به ھو ڇو ٿا اوھان جي جماعت کان ڇرڪن؟“
پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو: ”اھو ته سندن اندر ۾ جھاتي پائي ڏسو، سندن سؤ سالن جا ڪرتوت ڏسو؛ آخر اُرھ زورايون، ظلم، فريب، ويساھ گھاتيون، حق غضبيون سدائين ته ڪين ڦٻنديون؟ ڀلا اھو به ته ٻڌايو ته يو. پي. سي. پيءَ ڏي مسلمان ڇو ٿا ڪانگريسين کان ڊڄن؟ اسان رک رکاءُ ڪونه ٿا ڪريون، اجھو اسان جي دوست سيتلداس کان پڇو، ته پئسي ۽ ھلندي جي زور تي مسلمانن جون ڪيتريون لڄون ھٿ ڪيون اٿس؟“
سيٺ سيتلداس جي منھن جو پنو لھي ويو ۽ چيائين: ”مگر پير صاحب! جتي راڄ واڙا ھوندا آھن، اتي ضرور ڍيڍ واڙا به ٿيندا؛ پر مان ڪڏھين به اوھان جي ڳالھ کان ٻاھر ويو آھيان؟“
پير صاحب: ”۽ اسان کي به جنھن ڳالھ جو فرياد نه ملندو آھي، انھي ۾ اسان به ڪڏھين دخل ڏنو آھي؟ اسان ۽ اسان جي جماعت مھلن ۾ اوھان جي مددن کان به ڪڏھين ڪيٻايو آھي؟ مگر سوال اھو آھي، ته جن کي اوھين ڏاڍ مڙسيءَ سان ستائيندا ھوندؤ، سي جيڪڏھين ڪنھن وقت وجھ ملڻ تي اوھان کان وير وٺن؛ ته انھن کي اسين ڪيئن روڪي سگھنداسون؟“
پروفيسر گھنشام گنڀير ٿي چيو: ”سو ته مان به چوندس؛ ھيءَ جنگ آخرڪار ضرور ظالمن تي بجلي ڪيرائيندي، پوءِ سُڪن گڏ آلا به ٻرندا، مان ته سائين اھڙن گامٽو سيٺين کي ڏاڍو سمجھائيندو آھيان، پر ھو دور انديش ناھن، ڀانئين ٿا، ته سدائين ائين پيو ڦٻندو!“
ڊاڪٽر چوئٿرام: ”خير پير صاحب، اھو ته ظاھر آھي ته اسان جي راھ پنھنجي، اوھان جي پنھنجي، مگر مقصد ۾ متفق. ڇا اسين اميد ڪريون ته اوھين ڪڏھين به اسان کي آڏا نه ايندا؟“
پير صاحب: ”جي اوھين اسان کي آڏا نه ايندا، ته اسين به اوھان جا ھر طرح خيرخواھ رھنداسون. اوھان ھر وقت اسان کي بي ڌڙڪ نه فقط ملي سگھو ٿا، بلڪ اسان کي نيڪ مشورا به ڏيئي سگھو ٿا، غلطين کان آگاھ به ڪري سگھو ٿا. مگر، پنھنجن گامٽو سيٺين ۽ ٻين رفيقن کي سمجھايو ته منافقي ڇڏين ۽ اسان سان صاف دل ٿي ھلن، ٻيءَ صورت ۾ جي اسان کي نقصان رسائڻ جون ڳجھيون ڪوششون ڪندا ته پاڻ به نتيجا ڀوڳيندا.“
سڌوا: ”بلڪل صحيح چيو اوھان؛ مان اھائي ڪوشش ڪندو رھندس.“
گھنشام: ”۽ مان به!“
ڊاڪٽر چوئٿرام: ”چڱو پير صاحب ھاڻي الوداع.“
غازي تحريڪ جيئن ھندن ۾ ٻڙڌولو وڌو، تيئن ڪافي مسلمان ليڊر به پريشان ٿي پيا، ھنن يڪدم پاڻ ۾ ميٽنگ ڪئي. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو، ته سڀ انھيءَ ڳالھ تي متفق ھئا، ته انگريزن ھٿان ڪنھن به طرح ھن جماعت کي نابود ڪرائجي؛ نه ته مستقبل ۾ چاھي افراتفري ٿئي، چاھي ووٽن جي حڪومت ٿئي، پر ھيءَ جماعت جيئن پوءِ تيئن زور وٺندي ۽ حڪومت جي واڳن تي قبضو ڪندي. ان ڪري اھا ئي صلاح بيٺي، ته گورنر سان ملي، کيس حُرن بابت ايترو ته گھڻو ڊيڄاريو وڃي جو ٿرٿلي ۾ اچي وڃي. ھنن مان ھڪ به اھڙو به نه نڪتو، جو پير صاحب سان ملي سندس خيال ۽ لائحه عمل کي پروڙي؛ بلڪ سڀني گڏجي خانبھادر الھ بخش، سر غلام حسين ۽ ٻين کي انھيءَ مھم لاءِ ھر ڪا ڪوشش وٺڻ جون اختياريون ڏنيون. اڃا اھي ميٽنگون پئي ھليون، ته مسٽر نھچلداس به اچي ساڻن مليو ۽ کين ٻڌايائين ته اگرچه ڊاڪٽر چوئٿرام، مسٽر سڌوا، پروفيسر گھنشام ڪجھ ٻڏتر ۾ آھن، مگر سيٺ سيتلداس، مسٽر شامداس ۽ ٻيا ڪيترائي ھندو به انھي ڳالھ تي پورو زور ڏيئي رھيا آھن ته حُر جماعت کي ڪيئن به نابود ڪيو وڃي ۽ ھنن مون کي پورو اختيار ڏنو آھي، ته آءٌ به اوھان سان شامل ٿي گورنر کي ھن جماعت بابت ايڏو ته ھراسان ڪريان، جو ھو ھنن کي نابود ڪرڻ لاءِ ھر طرح جو قدم کڻي.
چنانچه ھيءُ سڀ گڏجي گورنر سان مليا ۽ کيس ايڏو ته گھڻو ھراسان ڪيائون، جو گورنر کي به يقين ٿي ويو ته پير صاحب ھٽلر جو پورو پورو ايجنٽ آھي، ھو ۽ علامه مشرقي حج تي وڃڻ وقت مفتي امين الحسيني، راشد الگيلاني ۽ ٻين ليڊرن سان مليا ھئا، اتي کين جرمنن جا خاص آفيسر به مليا ھئا جن جي صلاح سان جلد ئي جرمن آفيسر ڳجھيءَ طرح ھتي اچي، حرن جي فوج ٺاھي، انگريزن تي حملو ڪندا.
جڏھن اھا سڀ ڪاروائي مڪمل ٿي ويئي، تڏھين سر غلام حسين پير صاحب ڏي پيغام موڪليو، ته ساڻس ملي وڃي. سر غلام حسين ۽ ٻين ڪيترن مسلمان ليڊرن جا پير صاحب سان ظاھر ۾ ڏاڍا سٺا تعلقات ھئا، پر اندر ۾ ھو سڀ سندن مخالف ھئا، ۽ پير صاحب خواھ سندس جماعت کي پنھنجي اقتدار لاءِ ڏاڍو خطرناڪ سمجھندا ھئا.
پير صاحب ائين نٿي سمجھيو، ته ڪو سندس مخالفت ۾ ھي ھندو خواھ مسلمان ليڊر متفق ٿي ويندا؛ بيشڪ ھن انگريزن کان پنھنجو وطن آزاد ڪرائڻ پنھنجو ھڪ خاص مقصد رکيو ھو، مگر ديسين جو پاڻ بلڪل دشمن نه ھو، ۽ صاف دل ھجڻ سبب ٻين کي به صاف دل سمجھندو ھو.
جيئن ئي پير صاحب سر کي مليو ته سر صاحب کيس ڏاڍي ادب ۽ عزت سان چوڻ لڳو ته: ”پير صاحب، اوھان جون موجودہ سرگرميون حڪومت کي سخت ناگواز گذرن ٿيون.“
پير صاحب جن ڪجھ حيران ٿي چيو: ”ڪھڙيون سرگرميون؟“
سر صاحب: ”اھا ئي غازين جي ڀرتي وغيرہ“
پير صاحب: ”ڇا مسلم ليگ پنھنجو نيشنل گارڊ نه ٺاھيو آھي؟ ڇا ڪانگريس پنھنجا والنٽيئر جٿا نه ٺاھيا آھن؟ ڇا راشٽريه شيوڪ سنگھ وارن پنھنجا دَل نه ٺاھيا آھن؟ ڇا انھن سڀني جو مقصد وطن جي آزادي ناھي؟“
سر صاحب: ”سو ته ٺيڪ آھي، پر اھي سانتيڪا آھن، انھن مان امن کي خطرو ناھي.“
پير صاحب: ”۽ اسان جي جماعت مان وري ڪھڙو امن کي خطرو ظاھر ٿيو آھي؟“
سر صاحب: ”پير صاحب، حُر ته خونريزيون به ڪندا آھن نه؟“
پير صاحب: ”جماعتي حيثيت سان يا انفرادي طرح؟“
سر صاحب: ”سا ته پاڻ کي خبر ناھي، پر ائين ٻڌبو ضرور آھي.“
پير صاحب: ”ڇا ملڪ ۾ ٻي ڪابه ذات يا ٻين پير صاحبن جا مريد ڪابه خونريزي ڪانه ٿا ڪن؟“
سر صاحب: ”انھن تي به قدم پيا کڻبا آھن.“
پير صاحب: ”مان به منھنجي بدڪار مريدن تي قدم کڻڻ کان ڪڏھين اوھان کي روڪيو آھي؟ ڪنھن جي ڇڏائڻ جي سفارش اچي ڪئي اٿم؟ ڪڏھين انھن جي پڪڙائڻ ۾ مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو اٿم؟“
سر صاحب: ”سو ته برابر آھي، پر توھان جون ته وري ٻيون ڳالھيون به ٻُڌجن پيون نه؟“
پير صاحب: ”مثلاً؟“
سر صاحب: ”مثلاً اھي ھٽلر وغيرہ سان شامل ھجڻ واريون.“
پير صاحب: ”ڇا، اوھين به انھن واھيات افواھن تي ويساھ رکو ٿا؟ ڇا اسان جي خاندان مان ڪڏھين ڪنھن وطن فروشي به ڪئي آھي؟“
سر صاحب: ”مان ته قِبلا ائين ڪونه ٿو سمجھان، پر انگريزن کي اھي وڏا شبھ آھن؛ ۽ مون کي چيو ويو آھي ته اوھان کي آگاھ ڪريان، ته اوھين ھاڻي ڪراچي ڇڏي ٻاھر نه وڃو.“
پير صاحب: ”(حيران ٿي) ڇا، اھڙو ڪو آرڊر نڪتو آھي؟“
سر صاحب: ”نڪتو ته ڪونه آھي، پر نڪرڻ وارو آھي؛ ان ڪري اوھين ھاڻي ٻاھر نه وڃو.“
پير صاحب: ”جيستائين آرڊر نه نڪتو آھي، تيستائين اوھين اسان کي ڇو ٿا روڪ ڪريو؟“
سر صاحب: ”مان روڪ ڪونه ٿو ڪريان، بلڪ نيڪ صلاح ٿو ڏيان؛ پر..... گورنر صاحب مون کي ائين چيو ھو.“
پير صاحب: ”سر صاحب! اھڙن زباني حڪمن جي تعميل مان ته نه ڪري سگھندس.“
سر صاحب: ”(ڪجھ پريشان ٿي) خير، اھا ته اوھان جي مرضي؛ مان ته اوھان جو ھميشه کان نيازمند آھيان. مان ته کڻي گورنر صاحب کي ائين به چوندس، ته پير صاحب مون کي مليو ئي ڪونه آھي، مگر بھتر ٿئي، جيڪڏھن اوھين پاڻ گورنر سان ملو.“
پير صاحب: ”ائين بنا گھرائڻ جي ئي؟“
سر صاحب: ”پوءِ انھي ۾ ڇا آھي؟“
پير صاحب خاموش ٿي ويو. ھن محسوس ڪيو، ته سر صاحب چاھي ٿو، ته مان پاڻيھي وڃي گورنر وٽ ڦاسان. پير صاحب اڃا سندس تحريڪ کي ڪنھن عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار نه ڪيو ھو، نڪي في الحال اھڙو ارادو ھئس؛ ان ڪري کيس اھو گمان به نه ھو، ته سمجھدار انگريز ڪو ھڪدم ائين ڪندا؛ البت اھو احساس ٿيس، ته ھي ديسي ليڊر ئي انگريزن کي انھيءَ لاءِ اُڀاري رھيا آھن؛ ان ڪري ڪوبه ارادو ظاھر ڪرڻ بنا سر صاحب کان موڪلائي اٿي ھليو. کيس يقين ٿيو، ته ھنن قصو اھڙيءَ منزل تي رسائي ڇڏيو آھي، جو ڪنھن به وقت اوچتي گرفتاري ٿيندي ته عجب ناھي. ان ڪري جيترو به وقت ملي، اھو غنيمت آھي.
پير صاحب ٻاھر نڪري بنگلي تي آيو ۽ يڪدم موٽر تيار ڪرائي سڌو سانگھڙ پھتو، گڙنگ بنگلي تي ڪن خاص ماڻھن سان ملي وري به درگاھ شريف جي رستي کان ڪيٽيءَ ڏي روانو ٿيو.
’ڪيٽي‘ عام طرح انھي ٻيٽاريءَ کي چوندا آھن، جو درياءَ جي وچ ۾ ھوندو آھي، ھن جي بنيادي سطح پٿر جي ھوندي آھي، ان ڪري درياءُ کيس پائي ته نه سگھندو آھي، پر ھن مٿان درياءَ جي لٽ تمام چڙھيل ھوندي آھي، ۽ کيس ريج سدائين پيو ملندو آھي، ان ڪري پوک تمام ڀلي ٿيندي آھي. سنڌو درياءَ ۾ اھڙيون ڪافي ڪيٽيون آھن، جي ڌار ڌار ماڻھن جون ملڪيتون آھن. ذڪر ڪيل ڪيٽي ديھ ڪنگري کان ڪجھ مفاصلي تي آھي؛ مگر ٻين ڪيٽين جي برخلاف صرف ٻيٽ ناھي، بلڪ اپٻيٽ آھي، يعني ٽن طرفن کان ته درياءُ اٿس، پر چوٿين طرف کان زمين سان مليل آھي، جا زمين به درياءَ جي ڪچي ۾ ھجڻ سبب نھايت گنجان ٻيلن سان ڀرپور آھي. ھن ڪيٽيءَ ۾ پير صاحب جن جا وڏا شروعات ۾ اچي رھيا ھئا، ۽ سندن مرشدي سلسله جي پھرين بزرگ سيد محمد راشد ’روضي ڌڻي‘ رحمته الله عليه جن جي تربت به اتي ھئي، پر پوءِ درياءَ جي خطري سبب نعش مبارڪ کي کڻي ديھ ڪنگريءَ ۾ اچي دفن ڪيو ويو، جتي عاليشان روضو ٺھيل آھي، ۽ اھو مريدن جو خاص مرجع آھي. پوءِ اتي پير صاحبن جي رھڻ ڪري ڳوٺ ٻَڌو ويو، جنھن جو اصل نالو ’ڪنگري‘ آھي پر عام طرح ’پير ڳوٺ‘ سڏبو آھي. روضي شريف سان لڳولڳ اعليٰ درجي جي مسجد شريف آھي، ۽ اتي رھائش کان ڪجھ عرصي بعد اوڻيھين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ پير صاحب شاھ مردان شاھ اول درگاھ، مسجد، مھمان خانه، بنگلن ۽ حويلين کي ھڪ شاھي ڪوٽ ڏياريو، جنھن جو بنياد ته تمام زبردست آھي، پر بلنديءَ تي به ايتري ويڪر آھي، جو موٽر ھلي سگھي، ۽ باوجود انھي جي جو ڪافي سامان خواھ محنت مريدن طرفان ٿيل آھي، ته به سَستائيءَ جي زماني ۾ به پندرھن لک روپيا کائي ويو ھو.
ڪيٽيءَ جي پوک ھميشه مريد ڪندا آھن، ۽ سموري پيدائش درگاھ شريف جي لنگر تي ڪم ايندي آھي، مگر پير صاحب صبغة الله شاھؒ انھي پوک تي پنھنجي سر پاڻ به محنت ڪندو ھو، پوک کيڙڻ، ٻي محنت ڪرڻ، پوکڻ، وغيرہ سڀ پاڻ به ڪندا ھئا. ھڪ ٽڪرو ڀاڄين جو پنھنجي ھٿ سان پوکيو ھئائون، جا ڀاڄي حويليءَ ۾ ڪم ايندي ھئي.
پير صاحب سانگھڙ مان روانو ٿي ڪنگريءَ پھتو، ڪجھ خاص ماڻھن سان ملاقاتون ڪري پاڻ ڪيٽيءَ وڃڻ لاءِ تيار مس ٿيو، ته سي. آئي. ڊي پوليس جو اٽالو اچي پھتو، ۽ کين ٻڌايو ويو ته، ”اوھان کي گورنر صاحب گھرايو آھي.“
پاڻ محسوس ڪيائون، ته مخالفن جي ڪوشش ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو، ان ڪري کين ڪيٽيءَ نه پھچڻ جو ڏاڍو ارمان ٿيو، ڇوته اصلي مرڪز ھيوئي ڪيٽي؛ پر ھاڻِ ڇا ٿِي ٿي سگھيو. پير صاحب کي پندرھن آنا گرفتاريءَ جي پڪ ھئي، پر ھڪ آنو اھو به گمان ھئن ته گورنر ضرور گفتگو ڪندو.
ان ڪري پاڻ گورنر وٽ ويا، مگر گورنر کي ايترو ته ھراسان ڪيو ويو ھو، جو ھن ڪنھن به گفتگو کان سواءِ کين ڊفينس آف انڊيا ائڪٽ ھيٺ گرفتار ڪري ناگپور ڏي موڪلي ڇڏيو، ۽ يڪدم حُر ايريا لاءِ مسٽر لئمبرڪ نالي ھڪ اسپيشل ڪمشنر مقرر ڪيو ويو، جنھن کي وڏيون اختياريون ڏنيون ويون ۽ ڪافي تعداد ۾ ملٽري مقرر ڪئي ويئي. پير صاحب جي گرفتاري ۽ جلاوطني اھڙي ته اوچتي ٿي، جو سندن مريدن مان جنھن ٻڌو سو وائڙو ٿي ويو؛ انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونه ھو، ته سنڌ جي ھندو خواھ مسلمان ليڊرن ھيءُ نھايت غلط ڪم ڪيو ۽ گورنر جا حوصلا به جنگ جي ان وقت جي حالت ايڏا ته خطا ڪري ڇڏيا ھئا، جو ھو سخت ھراس ۾ اچي ويل ھو. انھيءَ ھراس ۾ ھن حُرن کي تباھ ڪرڻ لاءِ ايڏي ته وسيع پيماني تي کڻي تحرڪ ورتو، جو حرن ۾ ته ڇا، پر سالمن ۾ به ھاھاڪار مچي ويئي.
اھا خبر نٿي پئجي سگھي ته پير صاحب ڪھڙا حُڪم ڏنا ھئا، ۽ ڏنا به ھئا يا نه، پر صورت حال صاف ظاھر ٿي ويئي، ته جيئن پير صاحب جي گرفتاريءَ حرن ۾ غم ۽ غصه پيدا ڪيو، تيئن وري اڳتي ھلي انگريزي ملٽريءَ جيڪي ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون، تن ته ھيڪاري باھ تي تيل جو ڪم ڏيئي ڇڏيو.
اھي وحشيانه ڪاروايون رڳو حرن لاءِ نه ھيون، پر جيڪي به حر ايراضيءَ وارا ڳوٺ ھئا، تن ۾ رھندڙ ھر ھڪ ماڻھوءَ تي اوچتو اچي مصيبتون ڪڙڪنديون ھيون؛ چاھي ھو مريد ھجي يا نه، چاھي سالم ھجي ، يا حر، بلڪ انھيءَ اراضيءَ جا انگريزن جا ازلي وفادار ۽ حر جماعت جا سخت مخالف به ڇُٽل نه ھئا!
**********************
ھيءُ ’مياڻ‘ جو ڳوٺ آھي، جو سکر ۽ ڪيٽيءَ جي وچ ۾ آھي. ھن ۾ گھڻو ڪري سڀ مھاڻا رھن ٿا، جي پير صاحب جا مريد بلڪل ڪونه ھئا ۽ نڪي ڪڏھين به ڪنھن سياسي، انقلابي يا رھزنيءَ جي تحريڪ سان ڪو واسطو ھئن. سڌا سوڌا مزور ماڻھو، پَلن ۽ مڇين جا ماريندڙ، ۽ وڪڻندڙ- ھو درياءَ مان به مڇيون ماريندا ھئا ۽ آس پاس جي زميندارن کان سندن ڍنڍون مقاطعه تي کڻي، اتان به مڇي ھٿ ڪري وڪڻندا ھئا. ھنن کي وھم گمان ۾ به ڪونه ھو، ته مٿن به بيگناھ بي سبب انگريزي ملٽري حملو ڪندي، پر ھڪ ڏينھن اوچتو سندن ڳوٺ کي ملٽري ڦري ويئي ۽ يڪدم ڳوٺ ڏانھن انڌا ڌنڌ فائر به ڪرڻ لڳا ۽ باھ لڳائيندڙ ننڍا بم به اڇلڻ لڳا، ڳوٺ اڪثر ڪکائون ھو، ان ڪري جتي به اھو بم ٿي ڪريو اتي باھ ٿي لڳي، ڳوٺ وارا سخت گھٻرائجي ٻاھر نڪرڻ لڳا، ته مٿن گولين جي برسات وسڻ لڳي، ان ھوندي به جيڪي چيخون ۽ رڙيون ڪندا ’پناھ‘ ’پناھ‘ ۽ ’رحم‘ ’رحم‘ ڪندا ٻاھر نڪتا، ته انھن تي به نڪو رحم ٿيو، نڪا پناھ ملي، بس جيڪو به ننڍو وڏو، ٻار ٻڍو، مرد عورت ٿي ڏٺائون، ان کي گولين سان ڇني ٿي ڇڏيائون. ھڪ طرف ھنن جون رڙيون، ٻئي طرف باھ جا اُلا، انگريزي فوجي اٽڪل ٽي سؤ کن ھئا ۽ منجھن ڪابه شناخت يا انسانيت ڪانه ھئي. ڳوٺ وارا ويچارا اٻوجھ، بي فڪر، اڻ ڄاڻ، ڪن سو ڪن ڇا، ھاڻي ھنن وٽ سواءِ ھن جي ٻيو ڪوبه رستو ڪونه بچيو ھو، ته آسمان ڏانھن مھاڙ ڪري پنھنجي حقيقي پناھ ڏيندڙ کي ٻاڏائن، ھنن جي رڙين ته مورڳو ملٽريءَ وارن ۾ ٽھڪڙو مچائي ڏنو ۽ ھو خوب گاريون گند ڏيئي چوڻ لڳا، ”اجھو، ھاڻي ٿو کين سندن الله مدد ڏئي!“
پر..... ملٽريءَ وارن جا اھي ٽھڪڙا اوچتو بند ٿي ويا، جڏھن سندن پُٺ کان چئني طرفن کان بندوقن جا ٺڪاءَ ٿي ويا ۽ گوليون شرڙات ڪنديون کين ڀُڃڻيون ڏيئي رھيون ھيون. ھنن کي وھم گمان ۾ به نه ھو، ته انگريزي ملٽريءَ ھان ھان، فيل مست انگريز جي ملٽريءَ تي ڪي ڄٽ گوليون ھلائي سگھن ٿا؛ سي نھايت گھٻراھٽ مان ايڏانھن مھاڙ ڪري گوليون ھلائڻ لڳا، ھنن کي پاڻ کان غافل ڏسي اوچتو مياڻ جي اٻوجھ، اڻ وڙھندڙ مھاڻن جي دلين ۾به ڪو اھڙو ڦيرو اچي ويو، جھڙو ڪنھن ٻليءَ کي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڪو شخص ڏنڊو کڻي مارڻ اٿندو آھي، پوءِ ان مھل جو ٻلو.... توبھ، شينھن جي به ساڻس جاءِ نه ھوندي آھي! ھنن وٽ نڪي ھٿيار ھئا، نڪي بندوقون؛ ھنن کي جيڪي ھٿ آيو سو کنيائون: لٺيون، ڪھاڙيون، ڪاٺ، ٽوٽيون، ٺڪر ڀتر، ٻيو به الائجي ڇا ڇا کڻندا زالون مرد سڀ حملو ڪري ھنن تي وريا، ۽ اھا ڪيڏي نه حيرت انگيز ۽ تعجب خيز ڳالھ ھئي، جو جنھن به ملٽريءَ واري کي ھنن جو ڌڪ ٿي لڳو، سو رڙ ڪري ٿي ڪريو، ته ھنن يڪدم سندن بندوقن تي قبضو ڪري اھا ھنن تي ٿي ڇوڙيون. ھنن عمر ۾ ڪڏھين بندوق ڪانه ھلائي ھئي، پر اڄ الائجي ڪٿان سکيا ملين، جو ڌڙا ڌڙ فائر ڪري رھيا ھئا. بزدل ۽ ظالم ملٽريءَ وارا ھي ٻه طرفا حملا برداشت ڪري نه سگھيا ۽ وٺي ڀڳا، ڪي ڀڄندي ماريا ۽ ڪي ٻيلي ۾ گم ٿي ويا.
ھاڻي جڏھن مياڻ وارا ھن اوچتيءَ خدائي مدد سان مليا؛ ته معلوم ٿين، ته ھي ڀر واري رندن جي ڳوٺ جا غازي ھئا، جي سندن پاڙيسري ڳوٺ وارن اٻوجھن ۽ سانتيڪن جون رڙيون ٻڌي ۽ شعلا ڏسي بي اختيار ھنن جي مدد لاءِ آيا ھئا. ھو صرف چاليھ ھئا، جن ۾ ڪي عورتون به ھيون، ملٽريءَ وارا ٽي سؤ کن ھئا؛ پر نتيجو اھو نڪتو ھو، جو سؤ کان وڌيڪ ملٽريءَ وارا مارجي ويا. ٽيھارو زخمي ٿيا ۽ ڀڄندي اٿاھ بارود ۽ ھٿيار ڇڏي ڇڏي ويا ھئا.
ھاڻي بچيل مھاڻن ۽ غازين گڏجي اھو مال غنيمت به ڍويو ۽ پنھنجا زخمي به کنيا. غازي ته خطري کان غافل نه ھئا، تن اڳيئي ٻيلي اندر محفوظ ھنڌ تي پناھ گاھ ٺاھي ڇڏي ھئي، تنھن ڪري سندن ڳوٺ اڳيئي بنا ڪنھن نقصان رسڻ جي خالي ٿي چڪو ھو؛ پر تعجب اھو ھو ته ڀڄندڙ ملٽريءَ وارا انھي خالي ڳوٺ تي به فائرنگ ڪندا، باھ جا بم اڇلائيندا پئي ويا، جنھن ڪري آسپاس ۾ اھي ئي خبرون پئي پکڙيون، ته ظالمن مياڻ ۽ رندن جا ڳوٺ جلائي، سندن سڀ رھاڪو ماري ڇڏيا!
جڏھين مياڻ جا مظلوم رندن جي پناھ گاھ ۾ پھتا، ته اتي ھڪ روڄ راڙو مچي ويو؛ ڇوته سڀ ھڪٻئي جا سڃاڻو ھئا، ڪي ڌاريا ڪونه ھئا، اگرچه نڪي پير ڀائي ھئا، نڪي مقصد ڀائي، پر پاڙيسري دوست ته ھئا، پيڙھين کان رستا ھئن.
ھاڻي ھڪڙا ته زخمين جي ملم پٽي ۽ مظلومن جي خاطرداري ڪري رھيا ھئا، ته ٻين دورانديشن چيو، ”يارو، ائين غافل نه رھبو؛ خبر ناھي ته وحشي ملٽريءَ وارا ڪٿان ھتي به اچي ڪڙڪن، ان ڪري آسپاس ۾ مجاھد وڃي انھن جي ٽوھ لھن.“
ھيءَ صلاح مناسب سمجھي ڪجھ وقت آرام ڪري اسر مھل ھنن مان اڌ ماڻھو ھٿيار ٻڌي نڪتا؛ اڃا ھنن جو تيار ٿيڻ، ته مھاڻن مان به ڪي نوجوان ھٿيار کڻي نڪتا، چي، ’اسين به اوھان سان گڏ ھلي انھن ظالمن کان وير وٺنداسون، جن اسان سان بيگناھ ظلم ڪيا آھن!‘
ڏاڍي مشڪل سان کين مڃايو ويو، ته بابا، ھن وقت جي جنگ ڪا رڳي پھلواني ناھي، بلڪ باھ سان کيڏڻو آھي؛ ان ڪري اوھين في الحال ٽريننگ وٺو، پوءِ بدلو وٺجو. نتيجو اھو نڪتو، جو سڀ بچيل مھاڻا مرد خواھ زالون، ٻار خواھ ٻڍا، سڀ ھڪدم ڦري غازي بڻجي ويا. ھنن کي پير صاحب غازي نه بڻايو ھو، پر انگريز ملٽريءَ وارا ئي کين غازي بڻائيندڙ ھئا!... دنيا ۾ ھر ھنڌ ائين ئي ٿيو آھي..... ۽..... ائين ئي ٿيندو رھي ٿو؛ مظلومن مان پاڻ کان پاڻيھي مجاھد نڪرندا آھن!
”ادا! اسان کي معافي ڏيندا، جو اسين اوھان جي تنظيم ۾ شامل ٿي نه سگھنداسون.“ جمڙائو جي منڍ کان اوڀر طرف رھندڙ عمر خاصخيليءَ جي ڳوٺ جي پٽيل اھو جواب گامون وساڻ ۽ سندس استاد ڪرم علي چانگ کي ڏنو، جي ھن ڳوٺ ۾ مجاھدانه اسپرٽ پيدا ڪرڻ آيا ھئا. ”ڀائو! اسين ھميشه کان سالم جماعت وارا ماڻھو آھيون، نڪي اسين ڪڏھين به ڪنھن وڳوڙي ڪاروائيءَ ۾ شامل رھيا آھيون ۽ نڪي انگريز سرڪار به ڪڏھين اسان تي ھٿ کنيو آھي. اوليوڪس ڪپتان به اسان کي ڪڏھين حرف نه چيو.“
ڪرم علي چانگ گنڀير ٿي چيو، ”چاچا، اھي زمانا گذري ويا؛ ان وقت انگريز ڪنھن آھيءَ ۾ اڙيل ڪونه ھو، ان وقت سندس ستارو بلند ھو ۽ سندس بادشاھيءَ مٿان سج به ڪونه لٿو.... پر اڄ ھڪ طرف ته جرمنيءَ جو ھٽلر پيو کيس شڪستن تي شڪستون ڏئي، ته ٻئي طرف جپان به ڌوڪيندو اچي ڪلڪتي کي ويجھو ٿيو آھي. ھينئر انگريز اھڙو ڇتو ٿيو آھي، جو سالمن کي ته ڇا، پر وقت اچڻ تي نامريدن کي به نه ڇڏيندو؛ بلڪ ھو ته نامريدن کان وڌيڪ سندس انھن ازلي وفادارن کي ڀڃڻيون ڪڍندو، جي سکيا ستابا ھوندا؛ ان ڪري اسين اوھان کي اھو ھرگز نه ٿا چئون، ته، اسان جي تنظيم ۾ شامل ٿيو، بلڪ پنھنجو پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، پنھنجي بچاءَ لاءِ ئي ٽريننگ وٺو.“
”اڙي ميان!“ پوڙھي ٽھڪ ڏيئي چيو، ”اھڙو ڪو خطري جو وقت آيو، ته اسين پنھنجو مال متاع کڻي ڪنھن وڏي شھر ڀڄي وينداسون ۽ پوءِ امن ٿيڻ تي واپس اينداسون. خدا جي فضل سان اسان جي ڳوٺ جا سڀ رھاڪو سکيا ستابا آھن، ڪوبه بکيو ڏکيو ڪونھي؛ اسان جي پاڻ ۾ ھمدردي ۽ ٻڌي ايتري قدر آھي، جو ھڪڙن کي ڪا تڪليف ٿي رسي، ڪو مشڪل ٿو پيش اچي، ته ٻيا يڪدم ھن کي پنھنجي گھر جو ڀاتي سمجھي اھڙي ھمدردي ٿا ڪن، جو ھو وري پنھنجي پيرن تي بيھي ٿو وڃي!“
ڪرم علي چانگ نھايت گنڀير ٿي ھن جي منھن ڏي نھاري چيو، ”حضرت نوح جي پٽ به پڻس کي چيو ته جڏھين طوفان آيو ۽ ٻوڏ آئي، تڏھين آءٌ جبل جي چوٽيءَ تي وڃي پناھ وٺندس؛ پر انھي قھر جي نزول وقت کيس جبل جي چوٽي به بچائي ڪانه سگھي؛ اوھان جي سُکيائي ئي اوھان لاءِ مصيبت پيدا ڪندي. اسين ته وڃون ٿا، پر ڪڏھين نيٺ اسان کي ياد ڪندا.“
نوي ورھين جو پوڙھو پٽيل ۽ سندس سٺ ورھين جو پٽ اھو ٻڌي وري به ٽھڪ ڏيڻ لڳا، مگر ارڙھن ورھين جي اڪيلي پوٽي بصران لانڍيءَ جي ڀرسان بيھي اھا گفتگو ايتريقدر غور سان ٻڌي رھي ھئي، جو جڏھين ھو ٻئي اٿي نڪتا، ته ھوءَ ڪجھ اڳڀرو وڌي اڳ ڦري آين، چي، ”ادا، ترسو، ماني ته کائي وڃو.“
ڪرم علي ھن ڏانھن نھاري سنجيدگيءَ سان چيو، ”منھنجي ننڍڙي ڀيڻ! اسين ماني کائڻ ڪونه آيا آھيون، اسان جو منٽ منٽ قيمتي آھي؛ افسوس ته رڳو اھو اٿم ته تنھنجي ڏاڏي جي ته عمر ئي صحيح سوچ جي ڪانھي، پر ميان محمد ھارون (ڇوڪريءَ جو والد) به اسان جي ڳالھ تي غور نٿو ڪري!“
بصران ھڪ ٽھڪ ڏنو، ھن جون اکيون گامونءَ ڏي اٿيون، ھن ڏانھنس ڏسندي چيو، ”پر آءٌ ته اوھان جي ڳالھ غور سان ٻڌي رھي ھيس، ٻڌايو، آءٌ ڇا ڪريان؟“
گامون بي اختيار چوڻ لڳو، ”توکي جيڪو به وجھ ملي، سو جنگي تربيت ۾ خرچ ڪر؛ لٺ، ڪھاڙي، ترار، بندوق جيڪا ھٿ اچيئي، ان کي ھلائڻ سِک ۽ ڳوٺ جي ٻين عورتن کي به سيکار؛ من اوھان کي ڏسي اوھان جي مردن کي به ڪا ساڃھ اچي.“
”پوءِ ڀلا اوھين وري ڪڏھين ملندا؟“ ھن جي مُھاڙ گامونءَ ڏي ھئي.
”الائجي ڪڏھين ۽ الائجي ڪٿي، ..... ڪجھ به چئي نٿا سگھون، ته قسمت ڇا ڪندي؛ بھرحال تنھنجي ملاقات به دائم ياد رھندي.“
ھو ھلڻ لڳو، ۽ بصران ڀڻ ڀڻ ڪري چوڻ لڳي، ”آھين ته الائجي ڪٿي جو، پر اي پرديسي! توکي به وساري ڪانه سگھنديس!“
اڃا ڪرم عليءَ جي اڳڪٿيءَ جي گونج ئي ڪنن مان ڪانه نڪتي ھئي، ته ھڪ ڏينھن پوليس اچي ڳوٺ ۾ لٿي؛ ”جھٽ ڪريو، ھڪدم اسان جي رسائي ڪريو.“ جمعدار اوطاق ۾ لھي آرڊر ڪيو.
پوڙھي پٽيل يڪدم پٽ کي سڏ ڪري چيو، ”ابا ھارون، مھمانن جي مرحبا ڪر!“
“مھمان ڇا جا؟ جمعدار ڪڙڪو ڪري چيو، ”پوڙھا! تون ڇا ٿو سمجھين؟ اسين ڪي واٽھڙو مسافر ٿي ڪونه آيا آھيون؛ اسين سرڪار بھادر جي حڪم موجب اوھان وٽ انڪواريءَ تي آيا آھيون.“
”انڪواري؟ ڪھڙي انڪواري؟ اسين ڪي چور ڌاڙيل ڪين آھيون، پنھنجو ڪمايون، پنھنجو کائون، نه ڪنھن سان واسطو رکون نه مطلب!“
”اھي مذاقون گھڻائي ڏينھن ڦٻيون اٿؤ، اوھان کي ڪڏھين ڪو مڙس گڏيو ئي ڪونه ھو. ھلو ٿاڻي تي، صوبيدار صاحب سڏايو اٿوَ، ۽ پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه ٿا سڀ سچيون ڪريو.“
پوڙھي کي چڙ وٺي ويئي، ھو جوش کان ڏڪڻ لڳو، ”ٿاڻي تي! ڇو ٿاڻي تي ھلون؟ اسان جي ستن پيڙھين ڪڏھين ٿاڻو نه ڏٺو، اڄ اسين راھ گناھ ٿاڻي تي تائجي ھلون؟“
”اھي بيوقوف ڪامورا ھليا ويا، جن اوھان ڏي ڌيان ئي ڪونه ٿي ڏنو، ھينئر علي ڏنو خان نر آيو آھي نر!“
ھي ٻڌي ھارون کان به بس نه ٿيو، ۽ گنڀير ٿي چوڻ لڳو، ”نر ھجي، کڻي مادي ھجي؛ تنھن ۾ اسان جو ڇا؟ اسان ڪو سندس ڏوھاري ته نه آھيون؟“
”وري وات ٿو ھڻين گولاڙا؟“
ھارون جو منھن ٽامڻي ھڻي ويو؛ بي اختيار پادر لاھي ڏانھنس اڇلائي چوڻ لڳو، ”گولاڙي جا ٻچا، تون گھر ويٺن کي گاريون ڏيڻ آيو آھين؟ سمجھيو ڇا اٿيئي؟“
جمعدار صاحب کي وھم ۽ گمان ۾ به نه ھو، ته ھن ڊفينس آف انڊيا ائڪٽ جي زماني ۾ به ڪو ڄٽ اھا جراَت ڪندو، جو پوليس کي پادر ھڻي؛ ان ڪري ھن کي ڌڪ گسائڻ جي ڪابه اون ڪانه ھئي، سو پادر سڌو اچي منھن تي زيپٽ ڪيس. ھاڻي ھن جي غصي جي ڪا حد ئي ڪانه رھي، يڪدم پاڻ ۽ پوليس وارو اٿي کڙا ٿيا؛ پاڻ بندوق سڌي ڪيائين ۽ پوليس وارو ھٿڪڙي کڻي اڳتي وڌيو.
شينھن وانگر ڇال ماري ھارون اچي جمعدار تي ڪريو ۽ بي اختيار بندوق کسي وٺي جو ڪنداڪ جو وار پوليس واري تي ڪيائين، ته ھو رڙ ڪري وڃي پرانھون ڪريو. ايتري ۾ گوڙ تي ٻيا به اچي ويا، ۽ يڪدم جمعدار ۽ پوليس واري تي وٺ وٺان ٿي ويئي؛ ڪو لت، ڪو ٿڦڙ، ڪو ڌڪ، ڪو اُلر، مطلب ته جمعدار ۽ سپاھيءَ ٻنھي جا نشا ئي ٽٽي ويا. ھنن کي جوش ته گھڻوئي آيو، پر پوليس قوم کي مجبورين ۾ ھوش به ٻين کان اڳ ايندو آھي؛ سو يڪدم کانئن معافيون گھرڻ لڳا، چي اسان کان ڀُل ٿي، اسان چرچا ٿي ڪيا؛ مطلب ته اھڙي طرز ورتائون جو ڳوٺاڻا چپ ٿي ويا، ۽ پوءِ لڳا ٿڌيون مٺيون ڪرڻ. آخرڪار ٻچن سنئين ماني آڻڻ جي طلب ڪيائون؛ ڳوٺاڻا اٻوجھ، ھو سمجھندا آھن ته ڪنھن جي پيٽ ۾ نمڪ پيو، ته ھو پوءِ نمڪ حرامي نه ڪندو؛ سي وڃڻ وقت ڀاڪر پائي دوستن وانگر موڪلائڻ لڳا، ۽ پوءِ ته اھا ڳالھ ئي وساري ڇڏيائون، پر پتو تڏھين پين، جڏھين پورن اٺن ڏينھن بعد اھو جمعدار، اھو ڪانسٽيبل، پنھنجي صوبيدار ۽ پنجويھن پوليس وارن سميت اوچتو ائين اچي نازل ٿيو، جو ھارون کي به ھٿڪڙيون لڳايائون ته سندس نوي ورھين جي پيءُ عمر کي به قابو ڪري ڇڏيائون.
ان کان پوءِ جو گھڙي پيا ڳوٺ ۾، ته نه ڇڏيائون جو ڪو مرد ماڻھو آزاد!
ھاڻي وڏيرن جا به نشا ٽٽا، جوش ختم ٿيو، لڳا آزيون نيزاريون ڪرڻ؛ آخرڪار رحم دل صوبيدار پورا ويھ ھزار روپيه ڪڍي، پوءِ به کانئن مچلڪا وٺي ويو، ته ھر ھفتي ٿاڻي تي حاضري ڀرائيندا رھندا.
اڄوڪي رات عمر خاصخيليءَ جي ڳوٺ ۾ ماتم جي گذري. ھنن کي ويساھ ئي نه پئي آيو، ته ھيءُ ڇا ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو؛ ۽ وري جڏھين ستن پيڙھين ۾ پھريون دفعو سندن ڏھ ماڻھو ٿاڻي تي پھتا، ته ساڻن اھا تعدي ٿي، جو ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وين؛ چي، ”ڪمبختو! ھٿن خالي آيا آھيو؟ نه ڇيلو، نه مکڻ، نه ڪاٺيون نه گاھ، نه نقدي نه مھماني!“
”ھن جيئڻ کان موت ڀَلو اٿوَ ابا!“ پوڙھي ڪنجھندي چيو، ”وڃو ۽ وڃي ڪو گازي ڳوليو. اڙي وڃي انھي ڏينھن وارا جوان ھٿ ڪريو، جن جو اسان قدر نه ڪيو. ھاڻي خواب وارا ڏينھن سڀ گذري ويا، امن چٽ ٿي ويو، ھاڻي جيئو ته مڙس ٿي جيئو، نه ته سِر ڏيئي سرھا ٿيو!“
پر اھا به ڪا ھنن جي خوش قسمتي ھئي، جو پوليس وارن کين ايندڙ مصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو، ڇاڪاڻ ته ھڪ ڏينھن اوچتو ئي اوچتو انگريز ملٽري به اتي ڪاھي آئي ۽ بي تحاشا سڀني کي ٻڌڻ شروع ڪري ڏنائون.
ڳوٺ ۾ ھاھڪار مچي ويئي، ته ڪي نوجوان، جي ٻنين تي ھوا سي ڊوڙي آيا ۽ اوچتو ئي اوچتو ملٽريءَ وارن تي ٽٽي پيا. ھڪڙن پنھنجون بندوقون کنيون ۽ ٻين ملٽريءَ وارن کان کسيون؛ پوءِ زالن مردن گڏجي مٿن اھي واڄٽ ڪيا، جو بزدل ۽ ظالم ملٽريءَ وارا گاريون ڏيندا اٿي ڀڳا.... ھنن اڃا پٺ ئي مس ڏني، ته پوڙھي گجگوڙ ڪري چيو، ”اٿو، ڀڄو، جيڪي ھٿ اچيوَ سو کڻي وڃي ٻيلائي شينھن وٽ پناھ وٺو؛ نه ته نڪي ڪو سلامت بچندو ۽ نڪي لڄن جو خير رھندو!“
۽..... اھڙيءَ طرح ھي ست پيڙھيا سالم نھايت تيزيءَ سان جيڪو ھٿ آين، جيڪي کڻي سگھيا، سو کڻي وڃي مکيءَ وارن سان مليا!
’ھيچ‘ را ’ھر چيز‘ ڪردي، انقلاب اي انقلاب!
پير صاحب جي اوچتي گرفتاري غازين خواہ سڄيءَ جماعت کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو. اھا حقيقت ھئي، ته خود پير صاحب کي به اھو گمان نه ھو، ته سندس ڪا اھڙي اوچتي گرفتاري ٿيندي؛ ڇوته جيئن اسين مٿي ٻڌائي چڪا آھيون، سنڌي وزير ۽ ميمبر ظاھر ۾ پير صاحب سان اھڙو دوستيءَ جو دم پيا ھڻندا ھئا، جو ڄڻ ته سندس پڪا خيرخواہ آھن؛ ھنن جي اندروني چُوچڙين جي ڪنھن کي به خبر ڪانه ھئي. انھي بي فڪريءَ سبب پير صاحب به غازين لاءِ ڪوبه اھڙو عام پروگرام ڪونه ڇڏيو ھو، جنھن تي عمل ڪن؛ ممڪن آھي ته کيس گڙنگ بنگلي خواہ درگاھ تي ڪي نھايت، صحيح بھادريءَ ۽ پوريءَ شرافت وارا غازي مليا ھجن ۽ انھن کي پاڻ ايترو سمجھائي سگھيو ھجي، ته جيڪڏھن خدانخواسته انگريز مون کي ٻاھر وٺي وڃن ۽ وري سڄيءَ جماعت تي ڪي سخت قدم کڻن ته پوءِ اوھين ھنن مان شرافت جي ڪابه اميد نه رکجو ۽ ’وطن‘..... يا..... ’ڪفن‘ جو نعرو لڳائي، مکيءَ جي بيحد سلامتيءَ وارن ھنڌن کي مرڪز بڻائي، انگريزن سان مقابلو ڪجو؛ ۽ اھا ڪوشش وٺجو، جيئن جماعت گھٽ ۾ گھٽ مارجي ۽ انگريزن کي گھڻي ۾ گھڻو نقصان رسي؛ مگر بھرحال انھي جي ڪابه صحيح خبر ملي نٿي سگھي.
ان ڪري ھاڻ غازين ۾ ٽن خيالن وارا گروپ پيدا ٿي ويا:
ھڪڙن جو خيال ھو ته بس، بنا ڪنھن پروگرام جي مارجي ۽ مرجي، ٻي ڪابه ڳالھ ياد نه رکجي.
ٻين جو خيال ھو، ته بيشڪ مارجي ۽ مرجي، پروگرام سان، جيئن دشمن کي گھڻي ۾ گھڻو نقصان رسائي سگھجي ۽ دوستن لاءِ گھٽ کان گھٽ، ۽ پڻ اھي شخص، جي حُر ته آھن پر غازي ناھن، انھن جي بچاءَ جي پوري اون رکجي.
ٽين جو خيال ھو، ته ڪانگريسين وانگر پر امن ستياگرھ ڪجي ۽ جيل ڀرجن؛ ھن خيال کي ملھار فقير واريءَ پارٽيءَ جي پروپيگنڊا سبب تمام گھڻي تقويت ھئي؛ پر جڏھين انگريزي ملٽريءَ طرفان پرامن حُرن، سالمن، بلڪ نامريدن تي به حملا ٿيا ۽ کين ھر طرح تباھ ۽ ذليل ڪرڻ جو ڪم وسيع پيماني تي جاري ٿي ويو، بلڪ اھڙن ڳوٺن تي به انڌا ڌنڌ حملا ٿيا، جي مريد ته نه ھئا، پر ان جي ابتڙ انگريزن جا ازلي وفادار ھئا؛ تڏھين سڀني کي محسوس ٿيو ته اھا ستياگرھ واري ڳالھ ھينئر پائي به ڪانه لھي، ان ڪري اھا ته پاڻ کان پاڻيھي ختم ٿي ويئي؛ باقي رھيا ٻه طبقا، ھڪڙا دشمن تي انڌا ڌنڌ حمله ڪرڻ وارا ۽ ٻيا با پروگرام بچاءَ ۽ حملي ڪرڻ وارا.
انڌا ڌنڌ حملي ڪرڻ وارن، سنجيدن سان ته ڪو رابطو ئي ڪونه رکيو ۽ پنھنجي منھن ويھي رٿون رٿيائون، ته پير صاحب جي گرفتاريءَ جا اصل بانيڪار آھن، اُھي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر، جي بظاھر پير صاحب جا طرفدار ۽ بھي خواھ ھئا، ۽ باطن ۾ انگريز گورنر کي ھن خلاف سخت ھراس ڏيئي ڀڙڪائي ڇڏيو ھئائون.
غازين جي خيال ۾ پھريان شخص ھي ھئا:
مسٽر نھچلداس، خانبھادر الھ بخش، سر غلام حسين، سيٺ سيتلداس، مکي کيم چند وغيرہ.
ان ڪري ھڪ ٽولي ته ويئي سيٺ سيتلداس ڏانھن، جنھن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا ويرم ئي ڪانه لڳي؛ ڇوته ھو سمجھندو ھو ته آءٌ ايڏو عقلمند آھيان، جو منھنجي اندرونري ڪارواين جو حُرن کي پتو به نه پوندو، ۽ ھو سدائين مون بابت وسوڙيل ئي رھندا؛ ايتري قدر، ھن پنھنجي پئسي ۽ ھلنديءَ جي زور تي ھن ڪن مسلمان عورتن کي به پنھنجي آشنائي ۾ رکيو ھو، پر حرن جي دوستيءَ سبب انھن جي وارثن جي وير جو به خطرو ڪونه ھئس؛ مگر اڄ جڏھين انھن ڪمزور وارثن کي به اھو پتو پيو، ته حر به سيٺ صاحب کي مارڻ پٺيان آھن، ته پاڻ اڳتي وڌي سندن رفيق ٿيا ۽ نتيجي طور سيٺ صاحب ڏينھن ڏٺي جو مارجي ويو!
ٻئي طرف شھر گھنڊڻ جي مکي کيمچند کي به اھڙي صورت سان ماريائون، جو سندس نوٽن سان ڀريل پيتيءَ ۽ زيور يا ڪنھن به ٻئي سامان کي ھٿ به نه لاتائون.
وري کين گمان پيو ته خليفو محمد مھر به اندروني طرح پير صاحب جو مخالف ھو، ته ان کي به پورو ڪري ڇڏيائون؛ اگرچ اھو گمان غلط ھو.
ھاڻي باقي رھيا خانبھادر الھ بخش، مسٽر نھچلداس ۽ سر غلام حسين تن لاءِ ھو وجھ ڳوليندا رھيا ۽ آخرڪار خبر پين، ته 17 مئي 1942ع تي لاھور ميل ۾ مسٽر نھچلداس، خانبھادر الھ بخش ۽ سر غلام حسين جو پٽ منور حسين وڃي رھيا آھن.
17 مئي 1942ع تي حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي وڏي ھلچل متل ھئي، بجليءَ جي بيشمار بلبن جي روشنائي اکين کي خيرہ ڪري رھي ھئي، پوليس جو وڏو اٽالو ھو ۽ ماڻھو به بيشمار آيل ھئا؛ ڇاڪاڻ ته اڄ سنڌ جو وزير اعظم خانبھادر الھ بخش ۽ ھندن جو نمائندو وزير نھچلداس لاھور ميل ۾ سکر وڃي رھيا ھئا، پر حيدرآباد اسٽيشن تي به پوليس جي سلامي وٺڻ منظور ڪئي ھئائون.
يارھين وڳي مھل گاڏي آئي، وزير صاحب لٿا، سلامي ورتائون ۽ گاڏيءَ ۾ چڙھڻ لاءِ وڌيا، مسٽر نھچلداس ته پنھنجي سنگتين سان ڳالھيون ٻولھيون ڪندو وڃي چڙھيو، پر عين وقت تي خانبھادر الھ بخش جو ڪو بنھ گھرو دوست سندس چيچ کي چونگ ڏيئي تيزيءَ سان ويٽنگ روم ۾ وٺي ويو؛ جو ان وقت ويٽنگ روم جا پٺيان دروازا به کليل ھوندا ھئا. ھيءُ ڪم ايڏيءَ ته ڦڙتيءَ سان ٿي ويو، جو ڪنھن کي پتو پيو نه پيو، ته خانبھادر گاڏيءَ ۾ چڙھيو ئي ڪونه آھي ۽ گاڏي رواني ٿي ويئي!
گاڏي پليجاڻي اسٽيشن تي پھتي، ته کيس بلڪل بي فڪريءَ سان سگنل ملي ويو، ڇوته صرف ست اٺ منٽ اڳ مال گاڏي به لنگھي ويئي ھئي، پر گاڏي ميل ڏيڍ اڳتي لنگھي ھڪ وسيع جھنگل ۾ پھتي، ته اوچتو زنجير ڇڪجي ويئي. گاڏي ڍري ٿي، ته ھڪ گاڏي مان پنج- ڇھ انگريزي لباس وارا اھڙا جنٽلمين لٿا، جن وٽ ھوائي جھازن جي مسافرن وارا اٽيچي ڪيس ھئا؛ ۽ ائين پئي لڳو، ته اھي فرنگي تازا ولايت مان موٽيا آھن.
ڊرائيور گاڏي صفا بيھارڻ لاءِ ٻئي حڪم جو منتظر ھو ته اوچتو انھن شخصن اٽيچي ڪيسن مان پستول ڪڍي ڊرائيور کي چيو، ”گاڏيءَ کي اڳيان خطرو آھي، ٻه ٽي پٽڙيون نڪتل آھن، ھڪدم گاڏي بيھار!“
ڊرائيور کي پڪ ٿي، ته ھي ڪوڙ ٿا ھڻن؛ ڇوته صرف سوا پنج منٽ اڳ ھتان بار گاڏي لنگھي آھي، ايتري ٿوري عرصي ۾ پٽڙيون ڪيئن نڪتيون ھونديون؟ لاشڪ ھي حُر آھن، جي انھي ويس ۾ آيا آھن ۽ گاڏي بيھاري ڪا ڦرلٽ، ڪا خونريزي ڪرڻ ٿا گھرن؛ سو يڪدم گاڏيءَ جي رفتار تيز ڪيائين!
ڌڙام.....
گاڏيءَ جي انجڻ ڪري چورُ چورُ ٿي ويئي ۽ ٻيا به ڪيترائي گاڏا ڪري پيا. پستولن وارا وڌي اسپيشل گاڏن ڏي آيا، پر انھن ۾ نڪي خانبھادر نظر آين، نڪو نھچلداس؛ البت ھڪ ڪوپي ۾ منور حسين ڏٺائون، جنھن کي خارن مان پورو ڪري ڇڏيائون ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو لھي گھاٽي جھنگ ۾ گم ٿي ويا.
ھنن کي سخت حيراني ھئي، ته سندن اھي ٻه ٽي شڪار ڪيڏانھن گم ٿي ويا؛ کين وھم گمان به نه ھو، ته منجھانئن ئي ڪي اھڙا غدار به نڪرندا، جي ڪي وڏا انعام حاصل ڪرڻ لاءِ خانبھادر کي حيدرآباد ۾ لاھي وٺندا، ۽ کين مسٽر نھچلداس جي انھي عقلمنديءَ جي به پروڙ ڪانه ھئي، ته ھو صورتحال کي محسوس ڪندي يڪدم ڪاڪوس اندر لڪي ويو ھو.
سمجھڻ ۾ اچي ٿو ته، ھنن غازين جو ڪو به ارادو گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو نه ھو، بلڪ بيگاھ وقت تي، خوفانڪ جھنگل وٽ بيھاري، سندن دشمنن کي پنھنجي سلامتيءَ سان پورو ڪرڻ جو ھو؛ پر ڊرائيور جي غلط سمجھ سبب ھيءُ اھڙو اندوھناڪ حادثو ٿي ويو، جنھن ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. سڄي ھندوستان ۾ گاڏي ڪيرائڻ جو اھو پھريون واقعو ھو ۽ انھي ڪري گورنمينٽ ھائوس ۾ اھڙي ته ھاھاڪار مچي ويئي، جو يڪدم سنڌ ۾ رات جون سڀ گاڏيون ھلڻ بند ٿي ويون ۽ ٽيليفونن ۽ تارن جي اھڙي ته کٽ کٽ کٽا کٽ ٿي ويئي، جو ٻن ھفتن اندر سڄي ھندوستان جو پھريون مارشلا سنڌ ۾ لڳي ويو. راجا ريل جو اتريون طرف ۽ اڀرندو طرف ته باقاعدہ مارشلا ھيٺ آيو، پر انگريزي فوجون سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي ويون، سڄو ملڪ ھراس ۽ ٿرٿلي ۾ اچي ويو، ينگ صاحب نالي ھڪ ملٽري آفيسر لکنوءَ کان گھرائي فوج جي ڪمان ان کي ڏني ويئي. ھيءُ اصل ۾ انگلينڊ جو ھڪ غنڊو ھو، ۽ خاص غنڊن کي پڪڙڻ لاءِ کيس آفيسر بڻايو ھئائون. ھن لکنوءَ طرف به سلطانه ڊاڪو ۽ سندس ٽولي کي ختم ڪرڻ ۾ نالو ڪڍيو ھو.
مارشلا لڳئي کي چوٿون ڏينھن ٿيو ھو، سڄي ملڪ ۾ حڪم ٿي ويو ھو، ته ھرڪو پنھنجا ھٿيار واپس ڪري، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد جي ھٿيارن جا سڀ دڪان سيل ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ جنھن وٽ وڏي لٺ، ڪھاڙي، ۽ وڏ چاڪو ٿي ڏٺائون سو به ٿي کسيائون.
پر ڀلا ھھڙو قانون ڪم از ڪم موجودہ ٽھيءَ ته ڪڏھين ڪونه ڏٺو ھو، سو ڪيترائي اٻوجھ اھو سمجھي نٿي سگھيا، ته پنھنجا ليسن وارا ھٿيار کڻڻ به ڪو ڏوھ آھي!
چنانچه عمرڪوٽ جو ھڪ وڏيرو، ڪمشنر جو درٻاري، نھايت عزت وارو، ڪنھن به چوريءَ، ڌاڙي پاٿاريءَ کان پري رھندڙ، ھميشه پوليس جو ساٿ ڏيندڙ، ڪلھي ۾ بندوق لٽڪائي، ڇاتيءَ تي ڪارتوسن جو پٽو ٻڌي اسٽيشن ڏي ويندو ڏسڻ ۾ آيو، واقف ڪارن کيس ھڪدم آگاھ ڪيو، ته ھن حد ۾ ھٿيار کڻڻ جي سخت منع آھي، پر ھو چوي ته منھنجي گھوڙي عمرڪوٽ مان چوري ٿي ھن طرف آئي آھي، آءٌ ان جي ڳولا ۾ آيل آھيان، مون سان پوليس جو ليٽر به آھي، مون کي آخر ڇو روڪ ٿيندي!
دوستن گھڻو ئي سمجھايس ته ’سائين ھيءَ مارشلا آھي‘ پر وڏيري صاحب کي ڪھڙي خبر، ته مارشلا ڪھڙي بلا ٿيندي آھي، سو اطمينان سان اسٽيشن تي پھچي ٽڪيٽ وٺي ڏاڪڻ ڏي روانو ٿيو. اتفاق اھڙو، جو ڪنھن پوليس واري رستي ۾ به ڪونه پڪڙيس، نه ته جيڪر ڏھ ويھ روپيه ڏيئي جند ڇڏائي وڃي ھا. پر بدقسمتي به ڪا ٺھي جڙي آئي ھئي، جو ان ڏينھن ڪماني صاحب کي به ڪا ٺاھوڪي دَٻ نڪتي ھئي، ته تون ھٿيارن ضبط ڪرڻ طرف ڪو خاص توجھ نٿو ڏين؛ سو پنھنجي اٽالي سميت ڏاڪڻ وٽ سڙيو بيٺو ھو. اوچتو وڏيري جي بندوق ۾ ڪانسٽيبل جو ھٿ پئجي ويو، ٻيو سندس ٻانھن ۾.
”پنھنجي اٿم، ڪرين ڇا ٿو؟“
”پنھنجيءَ جا..... ھل ڪمانيءَ وٽ.“
”ڪماني صاحب! ھي مون سان پوليس ليٽر به آھي، ھيءَ مون کي ناحق روڪ ڇو ٿي ٿئي؟“ وڏيري صاحب ليٽر ڏيکاري چيو، پر ڪماني صاحب بيڌڙڪ کڻي ھٿڪڙي وجھايس؛ ھو رڙيون ڪندو رھيو، پر ٻڌي ڪير. اڃا ويرم ئي ڪانه گذري ته پوليس قيدين جي لاريءَ ۾ انھن ساڳين دوستن وٽان اچي لنگھيو، جن روڪيو ھئس؛ ھنن حسرت سان سندس رڙيون ٻڌيون، پر ھو ڇا ڪن؛ ان وقت ھراس ايڏو پکڙيل ھو، جو سمجھدار شھرين کي ته ڊپ ھو، ته متان ھن جي بچاءَ جي ڪوشش ۾ پاڻ به سُڪ ٿي وڃون!
اھو نازڪ مزاج وڏيرو؛ جو جگر جي خرابيءَ سبب ننڊ اچڻ لاءِ انھي حد تائين حيلا ڪندو ھو، جو گرامون فون جو رڪارڊ چڙھائي انھي جي سريلي ساز تي ننڊ ڪندو ھو ۽ آواز بلند ٿيندو ھو ته ننڊ کُلي پوندي ھيس؛ سو اڄ اھڙي بدبوءِ ڀريل لاڪپ ۾ سٿيل ھو، جنھن جي ھڪ ڪنڊ ۾ قيدي ڪاڪوس پيشاب به ڪري رھيا ھئا؛ ۽ سمھڻ ته ڇا، پر پوريءَ طرح وھڻ جي جاءِ به ڪانه ھئي. مگر چوندا آھن ته ننڊ ڦاسيءَ جي تختي تي به نه ڇڏي. سو جاءِ نه ھوندي به آڌيءَ بعد نيٺ وڏيري صاحب کي ننڊ اچي ويئي، ۽ علي الصبح کڻي وڃي ملٽري ڪورٽ ۾ رجوع ڪيائونس.
ملٽري ڪورٽ جي وڏي جج کي ڏسي ھن جي اکين ۾ چمڪ ۽ چھري تي رونق اچي ويئي، اڙي، ھيءُ ته پاڻ وارو ’سلم بئرسٽر‘ آھي.
”اسلم صاحب!“ وڏيري رڙ ڪئي، ”مون سان ناحق ڪيو اٿن، پنھنجي بندوق..... پوليس ليٽر سان، ته به ساري رات ذلت سان پرايون اٿن، ڀائو! مون کي ته ھنن رھزنن کان ڇڏاءِ!“
’پر اسلم صاحب‘ اڄ ’اسلم بئرسٽر‘ ڪونه ھو، وڏيري صاحب جو ’ڀائو‘ ڪونه ھو، اڄ مارشلا ڪورٽ جو جج ھو، سوال پڇڻ کان اڳ ئي وڏيرو پاڻ قبولدار ٿي چڪو ھو، ان ڪري دير جي ضرورت ئي ڪانه ھئي. جج صاحب اکيون ھيٺ ڪري چيو، ”ٽي سال جيل!“
”اسلم صاحب! اسلم صاحب!“ ھيءُ ڪھڙو ٿا ظلم ڪريو، ڪو خدا جو خوف.....“ پوليس واري وات کي ھٿ ڏيئي ٻه ٿڦڙون ھڻي، گھلي وڃي لاريءَ ۾ ھنيس ۽ سينٽر جيل پھچائي سڌو وڃي سي ڪلاس ۾ ڇڏيائونس. وڏيري کي اميد ھئي ته ڪم از ڪم ڪمشنر جو درٻاري ھجڻ سبب کيس بي ڪلاس ضرور ملندو، تيسين ڪي وارث به اچي نڪرندا؛ پر پتو تڏھين پيس جڏھين سڄا سارا ڇٽيھ ڏينھن انھي سي ڪلاس ۾ مُنڃ وٽي وٽي ھٿ ڦٽجي پيس، ۽ نيٺ ايماندار انگريزي ملٽريءَ کي ھزارين روپيه نذرانو ڏيئي وڃي گھر پھتو؛ ۽ جگر ته ڇا پر ساري جسم جون بيماريون ازخود دفع ٿي وييون!
مارشل لا لڳڻ شرط پوليس جو مَڪو مچي ويو؛ جيڪو به سُکيو ستابو ٿي ڏٺائون، انکي اھڙا آڪيڙا ٿي چاڙھيائون، جو ھن الھو تلھو ڏيئي ٿي جند ڇڏائي. ڪيترائي پئسي وارا ماڻھو حر ايراضيءَ مان نڪري شھرن ۾ اچي ٿي ويٺا، ته اتي وري پوليس پيرو کڻي اچي ٿي پھتين، ته ڪڍو پئسا، نه ته ملٽريءَ وارن کي رپورٽ ڪري ھڻايون ٿا ڪاٺ ۾. ساڳيءَ طرح حر ايراضيءَ ۾ جيڪي به رھندڙ ھئا، تن لاءِ به ھٿرادو درخواستون ٺاھي، ڌار ڌار ھنڌن تان پوسٽ ڪرائي پوءِ اچي ٿي انڪواريءَ لاءِ ڪڙڪيا، جي اوھان حرن سان سازباز رکو ٿا، کين ٽڪايو ٿا، ھلو ٿاڻي تي، اوھين ٻارن ٻچن سميت گرفتار آھيو. مطلب ته تيستائين اھي دڙڪا پئي ھليا، جيستائين منجھن رت جو آخري ڦڙو موجود ھو.
پوليس جي ھنن ڪارواين انھن شخصن کي به ڌاڙيل بڻجڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جن عمر ڀر ڪنھن جو ڪک به نه کنيو ھو. پر ھاڻي ھو ڇا ڪن، ملڪيت ته سڀ پوليس ٻھاري ويئي، ھاڻي گذر ڇا مان ڪن. وري جو پوليس سان ھاڻا ماڻا ٿيا ته حصن، پتين تي به ٺھي ويا، ۽ پوءِ خوب جھٽ ھڻڻ لڳا.
مگر پوليس رڳو اتي بس نه ڪئي، بلڪ ھاڻي ته سندن ڇاڙتن کان اھي درخواستون به ڪرائڻ لڳي، ته منھنجو ڌاڙو لڳو آھي، شڪ فلاڻن ۾ آھي. پوءِ پوليس ھڪدم اچي انھن فلاڻن تي ڪڙڪندي ھئي، ۽ سندن گھر کي ٻھاري ڏيئي ڪجھ چغلن کي ڏيندي ھئي، باقي کڻي ٿي ويئي.
ڪيترن ئي ماڻھن ارادو ڪيو ته مارشل لا ايراضيءَ مان نڪري ڪنھن ٻئي پاسي وڃون؛ سي پنھنجو زر زيور، ڍور ڍڳو، ٻني ٻارو وڪڻي سلامتيءَ وارن، پر انھن ھنڌن تي وڃڻ ٿي لڳا، ته يا ته پوليس ۽ ملٽريءَ جي ور ٿي چڙھيا، يا ته جتي ٿي وڃي پھتا، اتي جي پوليس به ھٿرادو درخواستون ٺاھي، اچي ٿي کين وڪڙ چاڙھيا.
سانگھڙ تعلقه جي ڪوٽ نواب جا بگٽي اصل کان انگريزن جا خاص وفادار ھئا، تن جو ھينئر حرن تي باھيون ٻرنديون ڏٺيون ته وٺي پاڻ ئي حرن تي يورش ڪيائون. ھنن جي وٿاڻن تي حملا ڪري ڍور ڦري ويا، ھنن جي ڳوٺن مان سامان لٽي آيا؛ اھو ڏسي حر کين سمجھائڻ ويا، ته ٻيلي ’آروڻي اڍائي پھر‘ نيٺ اھي لُڙ به لھي ويندا، پاڻ پاڙيسري راڄ جا ماڻھو آھيون، اوھين ته اسان سان لُٽ مار نه ڪريو.
پر بگٽين کي پنھنجي ’بلوچ بھادر‘ ھجڻ تي ناز ھو، تن الٽو حرن سان جھڳڙڻ شروع ڪيو. جھڳڙو وڌي انھي حد تي پھتو، جو حرن به کڻي مٿن يورش ڪئي. ھو ته اڳيئي جان کان بيزار ھئا، تن سندن ٽيھارو ماڻھو ڊڙي رکيا، پنجاھي ڦٽي وڌا. سندن نقصان به ٿورو ٿيو، پر انھي نقصان کي ھو ان زماني ۾ ڳڻيندا ئي ڪونه ھئا، مگر بگٽين کي اھڙو سبق مليو، جو منجھانئن گھڻا لڏي اچي سانگھڙ ويٺا.
پوي جا ملٽريءَ کي خبر، سي وڃي مٿن ڪڙڪيا، ۽ سندن گھرن ۽ وٿاڻن جون تلاشيون ورتائون، ته حرن جا سامان ۽ ڍور ھٿ اچي ويا؛ ملٽريءَ وارن کين ’حرن جا مال ھٿ ڪرڻ‘ جي ڏوھ ۾ کڻي ٻڌو ۽ پتو تڏھين پين، جڏھين پاڻ به اچي حرن سان گڏ ڪئمپ ۾ پھتا. ھو گھڻي ئي پنھنجي وفادارين جا واسطا وجھڻ لڳا، پر ھھڙا سکيا ستابا ماڻھوسڳ سميت ملٽريءَ وارن کي خدا ڏياري، سو مڻجانئن خوب جاوا ڪيائون. ۽ وري خود ڪئمپن اندر جو ھيءُ حرن کي نويڪلا ھٿ اچي ويا، سو اٿي ھنن به منجھانئن خوب بخار ڪڍيا ۽ وري دانھون اھي ڪرڻ لڳا، ته ھي ٿا اسان کي مارين!
حر ايراضيءَ جي انھي انڌير گڙديءَ جو نتيجو اھو نڪتو، جو ٻيا ته ٺھيو، پر ڪولھي ۽ ٻيا اوڦٽو ماڻھو به ڪوڙيون بندوقون ۽ ڪوڙا ريوالور کڻي ڳوٺ ڦرڻ لڳا. پوليس وٽ جڏھين ماڻھو ڦر جون رپورٽون کڻي ويندا ھئا، ته پوليس الٽو کين گاريون گند ڪري کڻي ٻڌندي ھئي، ته اوھين رات جو حرن کي ٽڪايو ٿا ۽ ھاڻي پاڻ بچائڻ خاطر ڪوڙيون رپورٽون ٺاھي ٿا اچو!
اھو انھي زماني جو عجيب و غريب واقعو آھي، جو کپري جي ھڪڙي رواجي پوليس واري کي شام جو ڪا جھجھڪي آئي، سو فل ڊريس پائي گھوڙي تي چڙھي اچي ٻھراڙيءَ جي ھڪ وڏي سيٺ تي ڪڙڪيو، ته سيٺ صاحب توتي درخواست آھي، ته تو ھڪڙي حرياڻي پاڻ وٽ وھاري آھي ۽ ان جي معرفت تنھنجو حرن سان به ساز باز آھي، سو انھي سميت ھل ھينئر جو ھينئر ٿاڻي تي، ڪماني صاحب پاڻ جاچ لاءِ اچي ويو آھي!
سيٺ صاحب وٽ ھڪڙي مسلمان عورت سريت طور ورھين کان ويٺل ھئي، انھي جو حرن سان ذرو به واسطو ڪونه ھو، مگر اڄ ته پاڻي پئي ٻريو؛ سيٺ خيال ڪيو ته جيڪڏھن انھي عورت سميت ڪمانيءَ وٽ ٿو پيش ٿيان ته عزت ته ھلي ويندي، پر في الحال منھنجا به لاھ نڪري ويندا؛ سو اھا سوچ به ڪانه ڪيائين، ته صرف ھڪ پوليس وارو بيگاھ وقت تي مون جھڙي وڏي ماڻھوءَ لاءِ ڪيئن موڪليو ويو ھوندو، نڪا وارنٽ ڏسڻ جي طلب ڪيائين، ۽ لڳو کيس منٿون ڪرڻ؛ آخرڪار انھي پوليس واري کي سڄا سارا اٺ ھزار روپيه ڏيئي جند ڇڏايائين. پوليس واري ڀانيو ھو ته آءٌ ڪو سؤ پنجاھ ڪڍي ڇاندو پاڻي ڪري ايندس، پر ھيڏي ڌاڙي ھٿ اچڻ تان خود ھن کي به اھڙي چؤنئرا کؤنرا لڳي ويئي، جو سڄي رات ننڊ نه آيس ۽ صبح جو بنا ڪنھن ڄاڻ جي ضروري ٽپڙ کڻي وڃي ميرپور خاص پھتو، اتي خوب خرچ ڪري اسپتال ۾ اڳئين ڏينھن جي داخلا ڏيکاري، ڪجھ وقت فرضي بيمار رھي، ٿر ڏانھن بدلي ڪرائي ھليو ويو، وري کپري جو ته منھن به نه ڏٺائين، بلڪ ناري ڊويزن کان ئي پاسو ڪندو رھيو.
”اي واھ ڀائي گامون واھ!“ سيٺ سڳني مل سخت ميار جي لھجي ۾ چيو.
”ڇو ڇو سيٺ؟“ گامونءَ حيرانيءَ مان چيو، ”ڇا تي ڪاوڙيو آھين ڀائي؟“
”ڪاوڙ ڀلا ڪيئن نه ٿيندي؟“ سيٺ ڪجھ نماڻو ٿي چيو، ”ٻڌو اٿم، ته سڀني گاجين کي مکيءَ ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ٿيو آھي؟“
”ھا، اھو ته سچ آھي، پر (مرڪي) انھي تان توکي ڇو ڪاوڙ لڳي آھي؟“ گامونءَ چيو.
”ھن ڪري“، سيٺ رئڻھارڪو منھن ڪري چيو، ”جو اوھين مون کي ڄاڻ ئي ڪونه ٿا ڪريو.“
”توکي؟“ گامونءَ ٽھڪ ڏئي چيو، ”سيٺ وڏا! تون به مکيءَ ڏي ھلندين؟“
”ڇو ڪين ھلندس؟ آءٌ ’گاجي‘ نه آھيان ڇا؟“
”گاجي ته تون بيشڪ آھين“ گامونءَ گنڀير ٿي چيو، ”پر سيٺ صاحب! تو مکيءَ جي مرڪز ۾ پھچڻ کي راند سمجھيو آھي؟“
”اڙي ڀائي! ’راند‘ نه ھوندي ته ’موت‘ ھوندو!“ سيٺ مشڪي چيو، ”جڏھن سِر جو سانگو لاٿو، ته پوءِ جھڙي راند تھڙو موت!“
”سيٺ صاحب!“ گامونءَ بنھ گنڀير ٿي چيو، ”ھونءَ ته مکيءَ تائين پھچڻ ۾ ئي خبر ناھي ڪنھن ملٽريءَ، ڪنھن پوليس سان به مقابلو ٿي وڃي؛ پر جي خيريت سان پھچي، ته به واٽ اھڙي اڻانگي آھي، جو ڇٽيءَ جو کير ياد اچيو وڃي. چوندا آھن، ’سپ نه ماري، سپ جو سراپ ماري‘ سو موت ايترو ڏکيو ناھي، جيترا وچ جا لوڏا ڏکيا آھن.“
”پر عشق زوراور!“ سيٺ مرڪي چيو، ”جڏھن اُکريءَ ۾ مٿو وڌو، ته پوءِ مُھرين جو ڪھڙو ڊپ! چوندا ڪين آھن ته:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت تيلا سڄن نانگ،
(پر) سسئيءَ ڇڏيو سانگ، ته ڇپر مڙيوئي ڇاڙڪي!
(فخر مان ڇاتي ٺوڪي) اوھان جي دعا سان سڳنومل ھاڻي واڻيو ڪونھي، پر گاجي آھي گاجي!“
”چڱو گاجي صاحب!“ گامونءَ کنگھڪار ڪري چيو، ”امتحان ڏيندين؟“
”بيشڪ ڏيندس.“
”ته ڀلا ڌوتي ذرا قابو ٻَڌ!“
”ڌوتي ڇُڙي پيئي، ته پرواھ ناھي“ سيٺ ڌوتي پري ڪري چيو، ”ھيءَ چڍي ڏسين ٿو؟“
ٽھڪ ڏيئي گامونءَ جواب ڏنو، ”مون کي ته اڄ چڍيءَ جو به خير نظر نٿو اچي.“
”پر اسان جا سردار صاحب، کڻي آزمايو، ٻيو ڇا، اوھين مسلمان ته سمجھندا آھيو، ته اسان کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪو بھادر ئي ڪونھي؛ پر ڀائي، نڪا بھادري ڪنھن جي ميراث آھي، نڪا بزدلي.“
ٽپ ڏيئي گامون اٿيو؛ پستول ڀريائين ۽ سوپاري کڻي سيٺ جي مٿي تي رکيائين؛ پوءِ ڏھ قدم پوئتي ھٽي چيائين، ”ھاڻي وٺان ٿو سوپاريءَ جو نشان؛ پوءِ خبر پوندي تنھنجي بھادريءَ جي!“
”بيڌڙڪ وٺ گامون خان، اجھو ٿا ڇا ڪارا پڌرا ٿين!“
نشان چٽيندي گامونءَ چيو، ”ٻارن ٻچن کان موڪلائي آيو آھين؟“
”اھا موڪلاڻي ان وقت ڪئي ھيم، جڏھن پير صاحب ڏانھن ٿي ويس....“
”چڱو ته وٺ ڀلا“ گامونءَ سوپاريءَ جو نشان وٺي کڻي ٺڪاءُ ڪيو، ته سوپاري وڃي پري پيئي، پر سيٺ مشڪندو رھيو. بي اختيار کڻي ڀاڪر پائي چيائينس، ”سيٺ سڳنا مل! توتي صد رحمتون ھجن، تون بيشڪ سائين بادشاھ جي ڪلام موجب ’مٿير‘ مرد آھين!“
”جنھن ديس جي واڻڪي مٽي ڦري ھينئن پٿر بڻجي پوي، اھو ديس ھاڻي گھڻو وقت ڌارين جو غلام رھي نه سگھندو. ھاڻي مکيءَ جو مرڪز، ته ڇا، پر ملٽريءَ جي معرڪن ۾ به گڏ وٺي وڃڻ جي لائق ٿي چڪو آھين!“
سڳنومل مُرڪڻ لڳو، گامونءَ وري چيس، ”سيٺ صاحب! اھو آھي انساني ذھن جو تماشو؛ جڏھن انسان پاڻ کي ’بزدل‘ سمجھڻ لڳي ٿو، تڏھن ڪُوئي جو کڙڪو به کيس ڦٿڪائي ڇڏيندو آھي، پر جڏھن ھو پاڻ کي ’شينھن‘ ٿو تصور ڪري، ته پوءِ ھو ڪنھن کان به نٿو مڙي. بس ھاڻي ھر وقت پاڻ کي تيار رکج، ڪنھن به مھل اوچتو ھلنداسون، ڇاڪاڻ ته نوس نوس ڪندڙ ڪُتن کان به ته پاڻ کي بچائڻو آھي.“
اڄ جڏھن سيٺ سڳنومل عرف ’غازي سڳنو‘ گامونءَ ۽ ٻين سان گڏجي مکيءَ جي ٻيلي ۾ گھڙيو، تڏھن ڏسندڙ حيران ھئا، ته ھن ۾ ھيڏو ڦيرو ڪيئن آيو؛ ٻيلي جي شروعات کان وٺي مرڪز تائين اٽڪل ڏھن ميلن جو مفاصلو ھو، ڪٿي ڪٿي اھڙو ته گھاٽو ٻيلو به ھو، جو ڏينھن ڏٺي به رات جو گمان پئي ٿيو، ڪٿي وري اھڙي چِڪڻ ھئي، جو پير ئي گُپي ٿي ويا؛ تڏھن به بار بار خبردار جو آواز پئي آيو ته ’ھڪ انچ ھٽندؤ، ته اھڙي ڌُٻڻ ۾ گُپي ويندؤ، جتان يا عمر نڪري نه سگھندؤ‘ ڪٿي نھايت ڳتيل وڻن منجھان اھڙا لنگھ ھئا، جو ڄڻ ته ٻيلي جون غارون آھن، ته ڪٿي وري ٻيلن جي وچ ۾ ڀٽن اندران ٺھيل غارون ھيون، جن مان ڪلاڪ ڪلاڪ بانبڙا پائي لنگھڻو ٿي پيو. انھي سموري رستي ۾ شينھن، سوئر، بگھڙن، گدڙن، نانگن ۽ ارڙن جا آواز پئي آيا؛ مگر غازي سڳني تي نه ڪو ٿڪاوٽ جو آثار ھو نه ڪَڪ ٿيڻ جو.
ھاڻي ھو ھڪ وڏي ٿَم مان ٻاھر نڪتا، ته اوچتو ڇا ٿا ڏسن، جو ھڪڙو نھايت شاداب ۽ پر فضا ٽڪرو آھي، جنھن ۾ ساوڪ جھرمر لڳايو بيٺي آھي ۽ پکي پرندا مٺڙيون لاتيون پيا ڪن؛ پر اھو ٽڪرو به يڪو ناھي، بلڪ ورن وڪڙن ۾ آھي، ۽ انھي ۾ ڪافي لانڍيون ٺھيل آھن، جي سڀ ماڻھن سان ڀرپور آھن.
ھڪ ھنڌ پري کان ھڪڙي لانڍي ڏسڻ ۾ پئي آئي؛ چيو ٿي ويو ته انھي ۾ سڄي مھم جو وڏو سردار يا ڪمانڊر- ان- چيف ترسيل آھي. ھنن جي پھچڻ بعد اعلان ٿيو، ته ”اڄوڪي رات آرام ۽ ٿڪ ڀڃڻ ۽ ھڪ ٻين سان ملاقات لاءِ آھي؛ ڪاروائي سڀاڻي رات جو ٿيندي.“ ھيءُ ٻڌي ھرڪو پنھنجي پنھنجي آستاني ڏي وڃي ترسيو. جيئن ته سڀ ٿڪل ھئا، ان ڪري گھڻو ڪري ھرڪو ماني کائي آرام ڪرڻ لڳو، سواءِ ڪن خاص جانٺن پھلوانن جي، جي واري سان مختلف ھنڌن تي پھرو ڏيئي رھيا ھئا.
صبح جو ڏندڻ پاڻي، ناشتي کان واندا ٿي ڪرم علي، گامون ۽ سڳنومل گھمڻ نڪتا؛ ڪرم علي ھنن جي واقفيت ڪرائيندو پئي ويو:
”ھي عثمان ھنڱوري جا ساٿي آھن، جي سڀ ملٽري يونيفارم ۾ آھن.“ سيٺ ۽ گامونءَ ڏٺو ته اھي پنجاھ سٺ ھئا.
”ھيءُ ڏھاڪو ماڻھن جو دستو، ميري نظاماڻيءَ جو آھي، جو به ھڪ وڏ شير مرد آھي.“
”ھيءُ نوي ورھين جو ميرو ھنڱورو آھي، جو ڇرائي ڳوٺ مان پنھنجو دستو وٺي آيو آھي.“
”ھيءُ ھڪ غريب ڌڱاڻي جو دستو آھي، ھي پنجاھي کن ماڻھو آھن، پر آھن سڀ شينھن!“
”ھيءُ الله بچائي خاصخيليءَ جو دستو آھي، جو به ھڪ جانٺو جوان آھي.“
”۽ ھو جوان ڏسين ٿو نه، اھو اٿيئي اسان جي مکي سرڪار جي سي- آئي- ڊيءَ جو ڪمانڊر جيئندل خان خاصخيلي؛ ھي اھڙيون ته عجيب و غريب جاسوسي ڪاروايون ڪندو آھي، جو انگريزن جا وڻ وڄي ويندا آھن.“
”پر شائين!“ سيٺ حيرت مان چيو، ”ھو ته ڏسو، جھڙا ھندو ھجن؛ ۽ ھوءَ مائي، جيڪا ڪنھن مھل گھونگھٽ مٿي کڻي ائين پئي نھاري، جو ڄڻ ته چنڊ ڪڪرن مان پيو چمڪي، سا به ته ھندوئاڻي پيئي لڳي.“
”ھائو ڀائو!“ ڪرم عليءَ جواب ڏنو، ”اھو مشھور بھادر ’وير جي ٺڪر‘ آھي ۽ اھا سندس محبوبه آھي، جا ھر ڏک سُک ۾ گڏ ھوندي اٿس، اھا راجپوت مائي پاڻ به وڏي دلير آھي.“
ڪرم علي مُرڪندي وڌيڪ چيو، ”ويرجي ٺڪر پيڙھين کان پير سائين بادشاھ جو مريد آھي، ۽ دعوتي آھي. ھو ايڏو ته غريب پرور آھي، جو ھڪ ڏينھن وٽس ھڪ پسايو ذات جو ’آچر‘ نالي غريب ننڍڙو زميندار فريادي آيو، ته منھنجي اٺ ايڪڙ کن زمين آھي، جنھن کي پاڻ ئي کيڙي پوکي، آزاد طرح سان سندس پيدائش کڻندو آھيان ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ ٻيا به اھڙا 15-20 گھر آھن، اسان جي ڀر ۾ ھڪ وڏو زميندار ’ارباب وسايو‘ آھي، جنھن جي ڏيڍ ھزار کن زمين آھي. اسان جي ڳوٺ وٽ وڏن کان وٺي ھڪ مقام آھي، ان جي ڀر ۾ ھڪڙي غريب مجبور پسايي کان ارباب صاحب ڪجھ زمين خريد ڪئي ھئي، ان بعد وري منھنجي نمبر ۾ اچي اک وڌائين؛ ھن مون کي سٺو اگھ آڇيو، پر مون جواب ڏنو ته ’ھڪ ته اھا زمين مون کي وڏن کان مليل آھي ۽ ان جي ڀر ۾ ئي وڏا پوريل آھن، منھنجو نمبر توکي ڏيڻ کان پوءِ اسان لاءِ ته مقام ڏي وڃڻ جي واٽ به ڪانه رھندي؛ ٻيو ته آءٌ پاڻ به اھا وڏن جي نشاني ڇڏڻ نٿو چاھيان. ارباب جڏھن مون کي لالچون ڏيئي ٿَڪو، تڏھن غصي مان ڀرجي ويو ۽ مون کي ڏاڍي مار ڪڍي ڪوٺيءَ ۾ پوري ڇڏيائين، ۽ پوءِ وري ٽن ڏينھن تائين روزانو مار ڪڍائيندو پوري ڇڏيندو ھو.
ٽن ڏينھن کان پوءِ ڪڍي چيائين، ’ھاڻي وڃي سوچ، ۽ مون کي نمبر وڪرو ڪري اچي ڏي، نه ته ھڪ ھفتي بعد ھو انھي نمبر تي زوريءَ قبضو ڪندو.‘
ڇھ ڏينھن گذري ويا آھن، آءٌ ڪنھن به حالت ۾ نمبر ڏيڻ لاءِ تيار نه آھيان، ويجھيءَ ڇڪ جو ڪوبه زميندار ارباب جي ڊپ کان منھنجي مدد نٿو ڪري؛ اڄ اوچتو ٻڌم ته اوھين ھن پٽ ۾ شڪار لاءِ آيا آھيو، اوھان جو نالو اڳيئي ٻڌو اٿم، ان ڪري پناھ وٺڻ آيو آھيان.“
ٺڪر ويرجيءَ اھو ٻڌي گنڀير ٿي چيس ته، ”تون بي فڪر ٿي پنھنجي زمين تي وڃ، ڀل ته سڀاڻي سندس ماڻھو اچن، پوءِ ڏسج تماشو.“
ارباب کي پڪ ھئي ته ڪوبه ويجھيءَ ڇڪ آچر جي مدد نه ڪندو؛ سو ستين ڏينھن صبح جو پنھنجي ڪمدار ھٿ ويھارو ماڻھو موڪليائين، جن اچي نمبر تي قبضو ڪيو. آچر ھڪ ماڻھو اطلاع لاءِ ويرجي ٺڪر کي موڪليو ۽ پاڻ به کين سمجھائڻ لاءِ ويو، ته ھنن کڻي ٻڌس.
ٺڪر اطلاع ملڻ شرط اچي ويو ۽ ڪمدار سميت سڀني تي پرزور حملو ڪري سڀني کي کڻي ٻڌايائين ۽ ھر ھڪ سان اھڙي ته جٺ ڪيائين، جو ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وين، ۽ پوءِ چيائين ته ھاڻي وڃي پنھنجي ارباب صاحب کي سلام ڏجو ته، ”ھن بعد جيڪو به ھيڏانھن آيو، ان کي انھن نمبرن جو ’ڀاڻ‘ بڻائينداسون.“
بس ڪتي ڪن وڍيا، ارباب صاحب جا ماڻھو مورڳو اڳيان نمبر به ڇڏي ڀڄي ويا!....
۽ ھي سڪيلڌو ۽ عبدالله راڄڙ آھي، جي بھادر راڄڙن جا دستا وٺي آيا آھن.“
”او ڀائو ڪرم علي!“ ھڪ جانٺي جوان آواز ڏنو، ”اوھين ذرا ھن مائيءَ جي پوئتان وڃجو، علي الصبح جو شڪار ڪري آئي آھي، سو ته گھلرائي اچوس.“
”اھو ’ملوڪ خاصخيلي‘ آھي، اسين ھن کي ’صحرائي عقاب‘ سڏيندا آھيون. ھيءُ ھڪڙو ئي سَوَن جي مَٽ آھي، ھيءُ جڏھن پنھنجو جٿو وٺي ملٽريءَ وارن تي وڃي ٿو ڪڙڪي، تڏھن ڄڻ ته جھرڪين تي عقاب پيو. صحرا يعني ٿر جي ڀٽن، ورن، وڪڙن، لنگھن وغيرہ جو اھڙو ته واقف ۽ حرفتي آھي، جو ملٽريءَ وارن جون مَتيون مجھائي ڇڏيون اٿس.“ ڪرم عليءَ چيو ۽ ’حاضر سائين‘ چئي ھو سڀ مائيءَ جي پٺيان وڃڻ لڳا. مائي ته بنا پوئتي نھارڻ جي بيپرواھيءَ سان پئي ويئي، ۽ ڪجھ اڳڀرو وڃڻ بعد ھوءَ وڻن جي جھڳٽي اندر گھڙي ۽ ٽاريون پري ڪندي، واٽ ٺاھيندي، انھيءَ مان ٻاھر نڪتي، ته ڏسڻ ۾ آيو ته ٻه پھلوان قسم جا ڳوٺاڻا زمين تي ٻڌل پيا ھئا، ھڪڙي جي مٿي مان رت نڪتل ھو، ٻئي جي ٽَنگ مان، ۽ ٻنھي جون بندوقون پويان پيون ھيون، ”اجھو اھي پيا اٿوَ ماريا غدار!“ مائيءَ ٽھڪ ڏيئي ھنن ڏي نھاري چيو.
”تون..... تون“ گامونءَ حيرت مان چيو، ”تون بصران خاصخيلڻ ته نه آھين؟“
”اوھ!“ مائيءَ حيرت مان مُرڪي چيو، ”تون آھين پرديسي! عجيب اتفاق آھي، جو پاڻ ھتي اچي مليا آھيون.“
”اسان ۾ ڪوبه پرديسي ڪونھي؛ اسين ته اڳ به وطني ھئاسين ۽ ھاڻي ته مورڳو ھڪ ٻيلي جا رھاڪو آھيون.... منھنجو نالو ’گامون‘ آھي، آءٌ ذات جو ’وساڻ‘ آھيان ۽ ٽنڊي آدم جي ويجھو ’ڄامن وساڻ‘ جي ڳوٺ جو ويٺل آھيان، پر.... بصران! تون ھلڪڙي ڇوڪري، تو ھنن ٻن جانٺن کي ڪيئن ٻڌي ورتو؟“
”ڇاڪاڻ ته ھي غدار آھن.“ بصران ٽھڪ ڏيئي چيو ۽ ’غدار معنيٰ ڀاڙي.‘
”ڀلا اسان کي اھا روئداد ته ٻڌاءِ!“
”بس روئداد اھا، ته آءٌ صبح جو دلو کڻي واھيءَ تان پاڻي ڀرڻ آيس، ته وڻن جي پٺيان چڻ ڀڻ ٻڌم“ (کِلي) ”ھاڻي اسين اھي عمر خاصخيليءَ جي ڳوٺ وارا آسائشي ڪونه آھيون؛ مارئي انگريز جي پوليس ۽ ملٽريءَ نه رڳو اسان کي بھادر بڻائي ڇڏيو آھي، پر چؤڪنو به؛ سو آءٌ نھايت خبرداريءَ سان وڌي اھڙي ھنڌ آيس، جو سندن آواز ٻڌڻ ۾ اچي، ھنن مان ھڪڙي چيو ’پر ادا لکانا، ھاڻي منھنجو خيال آھي ته اڳتي نه وڌون، اسان اتفاق سان ھنن جو وڏو مرڪز ڏسي ورتو آھي، ھاڻي سڌو ھلي ٿا ملٽريءَ جي صاحب کي اطلاع ڏيون.‘
لکاني وري جواب ڏنو ’ڀائو آچر، ڳالھ ته واھ جا ڪئي اٿئي. ھاڻي کسڪ سُور پڙھون، متان ڪنھن غازيءَ کي سُڻس پوي؛ آھن پنھنجا سڀ سڃاڻو، پئون نه ڪنھن ڏچي ۾!‘
مون صورتحال کي نازڪ سمجھيو، پير پير ۾ ڏيئي ھنن جو اڳ ورتم ۽ انھيءَ پيچري وٽان لڪي بيٺيس، جتان ھي لنگھڻا ھئا؛ ھڪڙو لنگھي ويو ۽ ٻيو پٺيان ھو ته وڌي ٺڪاءُ جو ڪرايومانس ڀريل دلو مٿي وارو؛ ته جيڪو حال ٿيس سو پاڻ ڏسو ٿا، ٻيو وائڙو ٿي مون ڏانھن وڌيو، ته کڻندي ھڪ بنڊي، سڌي گوڏي تي واڄٽ ڪرائي مانس، ته رڙ ڪري ڪِري پيو؛ بندوقون ته ٻنھي جي ھٿن مان ڇڏائجي ويون ھيون، مون به بنڊيءَ سان ئي مٿن اھڙا وار ڪيا، جو ساڻا ٿي پيا. (کِلي) پوءِ سندن ئي پَٽڪن سان کڻي ٻڌومان، بندوقون اوجھو اھي پريان پيون اٿن، ۽ مڙس ڪارتوسن جا پٽا ٻڌيو پيا اٿوَ!“
گامونءَ سنجيدو ٿي سيٺ سڳني مل جي ڪُلھي تي ھٿ ھڻي چيو، ”سيٺ صاحب! ڏسين ٿو ھمت جو تماشو، ۽ بدنيتيءَ جي ڦلھڙائي؟ اصل طاقت ته آھي دل ۾، ھٿيار فقط انھن جي اُمنگن ڪڍڻ لاءِ آساني پيدا ڪن ٿا؛ پوءِ انھي کي بندوقون ھٿ نه اينديون آھن ته به ٺڪر؛ ڀتر، لٺ ڌڪي سان به بدنيت بندوقن وارن کي ڪيرائي ڇڏيندي آھي!“
”مائي بصران“ سيٺ سڳني مل چيو، ”تون ته ڪا بھادر ٿي ڏسجين!“
”ڪاڪا!“ مائيءَ مُرڪي چيو، ”اھا ته اسان مکيءَ جي شھينڻين لاءِ معمولي ڳالھ آھي، جو ٻن مردودن کي پورو ڪريون. بزدلن کي گھلي ڪئمپ ۾ ھلو، ته انھن پھلوانياڻين سان ملايانوَ، جن سَون جا ميڄالا ڪڍيا ھوندا!“
”ڪاڪا!“ مائيءَ بصران مرڪي چيو، ”ڇا نالو اٿيئي سيٺ صاحب؟“
”سڳنومل.“ ٽھڪ ڏيئي سيٺ چيو، ”نه نه گاجي سڳنو!“
”ھا ته سڳنا غازي!“ بصران کلندي چيو، ”ھيءَ اٿيئي مائي فريدان، ڌيءُ عرس ۽ زال محمود جي؛ جا ھيڏانھن ايندي ايندي به پنھنجي ٻين ساٿين سان 25 ملٽريءَ وارن سان مقابلو ڪندي آئي آھي، ۽ ھنن ٻن ٽن کي ماريو، چئن پنجن کي ڦٽيو؛ پوءِ سندن ھٿيار ۽ ڪارتوس مالِ غنيمت طور کڻي آيا آھن.“ مائي فريدان مرڪندي ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيو.
”۽ ھيءَ آھي مائي مرادان، ڌيءُ امام بخش خاصخيلي، ويٺل ڳوٺ مکڻ خاصخيلي؛ جنھن جو والد پنھنجي امن پسند ڳوٺ تي انگريزي ملٽريءَ جي رھزنن جو بنا سبب قھري حملو ڪرڻ وقت ساڻن چڪريون کائيندي، کين ڀنڃڻيون ڏيندي شھيد ٿي ويو ۽ سندس جاءِ وري ھن بھادر نياڻيءَ والاري، ھيءَ به ھيڏانھن ايندي پنھنجن ساٿين سميت انگريزي ملٽريءَ سان چڪريون ڏيندي آئي آھي. ھونءَ ته ھيءَ سڄي حملي ۾ شامل ھئي، پر جڏھن ملٽريءَ وارا ڀڳا، تڏھن سڀ غازي به ڇڙوڇڙ ٿي، ھنن جي پٺيان پيا، پوءِ ٻه سک سپاھي ھن جي به ور چڙھي ويا، ھن وٽ ڪارتوس کُٽي ويا ھئا، ته ڪُنداڪ جا وار ڪري به ٻنھي کي جھنم اماڻي ڇڏيائين.“
”۽ ھيءَ؟“ مائي بصران ٽھڪ ڏيئي چيو، ”اسين ته کيس ’نُوري نماڻي‘ چونديون آھيون، جو ھيءَ ڪيٽيءَ طرف مياڻ جي ويٺل آھي، پر اھا مھاڻي ناھي، بلڪ رند ٻروچ آھي. سندس پيءُ ’رانول خان‘ مراد سنجراڻيءَ جي ڳوٺ وٽ رھندو ھو، ھن به ساٿين سان گڏ انگريزي ملٽريءَ وارن سان ڪافي چڪريون کاڌيون آھن ۽ ڪيترن کي جھنم رسيد ڪيو اٿس. (کلي) مگر سندس ٻين ھٿيارن کان وڌيڪ خونخوار آھن، خنجر ڪٽاريون اکيون، ۽ آءٌ ڀانيان ٿي ته ھن کان ضرور ڪي وڏا جاسوسي ڪم ورتا ويندا‘“
مائي نوران اھو ٻڌي کِلڻ لڳي.
”۽ ھيءَ سانگھڙ کان اڀرندي 15 ميلن جي مفاصلي واري ڳوٺ صاحب خان جي ويٺل مائي ’منان‘ ڌيءُ ’نور محمد خاصخيلي‘ آھي، جا عمر ۾ ته سٺ سالن جي آھي، پر مقابلي وقت جوانن جا به ڪَن ڪپيو ڇڏي.
ھن جي حوالي ھڪ عورتن ۽ ٻارن جي مرڪز کي سنڀالڻ جو ڪم ڪيو ويو ھو.
ھڪڙي ڏينھن ٻيون عورتون ۽ ٻار ته ويجھي جھنگل ۾ پکڙيل ھئا، پر پاڻ ٻن ڪنوارن ۽ ھڪ بيوھ عورتن کي سخت غمگين ڏسي کين وندرائڻ لاءِ ڪوڏين راند پئي ڪرايائين، ته اوچتو وڻن ۾ سُس پُس ٻڌائين:
ھن نھايت آھستگيءَ سان ٽنھي عورتن کي چيو ته، ”ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي ھنن ھنڌن تي بيھو، ته آءٌ اچان ٿي.“ پوءِ نھايت خبرداريءَ سان وڪڙ کائي وڃي ھنن جي سس پس ٻڌڻ لڳي: ھڪڙي ٻئي کي چيو، ”يار آھن ته پدمڻيون، پر وييون الائي ڪاڏي.“ ٻئي ورندي ڏني، ”ھونديون اتيئي ڪنھن جھوپڙيءَ ۾، خبرداريءَ سان ھل ته کنڀي اچونِ. تون ھِن پاسي وڃ ته آءٌ ھُن پاسي ٿو وڃان.“
بس پوءِ ته مائيءَ کي اھڙا اڪيلا شڪار خدا ڏياري، سو ھڪڙي کي پاڻ ڊڙي رکيائين، ته ٻئي کي وري سندس ساٿڻين ڪيرائي ڇڏيو، ۽ پوءِ جڏھن ٻئي سردار وٽ پيش ٿيا، ته سڃاڻجي پيا؛ ڇوته ھو به سنگت جا ئي ماڻھو ھئا. جن کي شيطان چونگ ڏيئي غدار بڻايو ھو. ھڪڙو ھو نبو ٻيو ھو صابو. ٻئي غلام حيدر وساڻ جي ڳوٺ جا ھئا، پوءِ جٺ ڦٺ بعد ھو وري توبھ تائب ٿيا ۽ ھاڻي سٺا ڪم ڪندڙ ثابت ٿيا آھن.
”ھيڏانھن اچ ادي مرکان!“ بصران ھڪ جوان عورت کي سڏ ڪندي چيو، ”چاچا، ھيءَ اصل بدين تعلقي جي ڳوٺ نندي شھر جي آسپاس جي ويٺل آھي، سندس پيءُ جو رستو علڻ خاصخيليءَ سان ٿي ويو ھو، جو ھن سانگھڙ تعلقي جي پادريءَ واري ڳوٺ جي ڀر جو زميندار ھو، ان ڪري لڏي اچي اتي ويٺا ھئا. علڻ خان جو پٽ دلدار احمد ھڪ تعليم يافته، پُرجوش مجاھد آھي. ھيءَ ان جي ڀاڄائي آھي ۽ سندس مڙس ڪافي پئسا کڻي وڃي ڪراچيءَ آسودو ٿيو آھي، پر ھيءَ جوش جھاد سبب پنھنجي ڏير سان گڏ ھتي آيل آھي. ھيءَ بندوق، تلوار، خنجر، پستول، ڪھاڙي، لٺ وغيرہ سڀني ھلائڻ جي ماھر آھي ۽ انگريزي ملٽريءَ وارن سان ڪافي چڪريون ڏنيون اٿس.“
مائي بصران مُرڪندي چيو، ”ھاڻي ھلو ھن ٻي لانڍيءَ ۾ ته ڪجھ ڇاندو پاڻي به ڪريون ۽ سيٺ سڳني مل غازيءَ کي مکيءَ جون ٻيون شيھنڻيون به ڏيکاريون.“
لانڍيءَ ۾ ڪافي عورتون ھيون، ھنن جو بصران کي ايندو ڏٺو، سو سڀ ”قربان قربان“ چونديون مرحبا لاءِ اٿيون، ھنن کي سندس ڪارنامي جي خبر ھئي، سي مبارڪون ڏيڻ لڳيس ته ’ٻُھڻي ته سٺي ڪرائي اٿيئي‘.
پوءِ ڪرم علي، گامون ۽ سڳني مل جي مرحبا ڪري کين مکڻ ماني حاضر ڪيائون. ناشتو ڪري، گھاٽي ڏڌ جا وٽا پي، سيٺ چيو، ”مائي بصران، ھاڻي وعدو پورو ڪر.“
”حاضر ڪاڪا، اھا سامھون ويٺل مائي ’عاقلان ڌيءُ ڪمونءَ جي‘ آھي، ھي سانگھڙ جي ڀر ۾ وڏيري عرس جا ھاري ھئا، پر ويچاريءَ جا ماءُ پيءُ ٻئي مري ويا، ۽ وڏيري عرس شفيق پيءُ وانگر پنھنجي گھر ۾ پناھ ڏنيس: پر وڏيري جي زال ۽ ننھن پاڻ ۾ اھڙا جھيڙا ڪرڻ لڳيون، جو ھيءَ بيزار ٿي کانئن موڪلائي شھدادپور جي ھڪ وڏيري وٽ وڃي رھي؛ ان جو پٽ تعليم يافته ۽ بھادر ھو، ھو غازين سان وڃي شامل ٿيو ۽ ملٽريءَ وارن سان معرڪا ڪندي شھيد ٿي ويو. ھن صدمي کان سندس ماءُ وفات ڪري ويئي.
بس پوءِ ته وڏيرو سڀ لاڳاپا لاھي زمينون سندس ايماندار ڪمدار جي حوالي ڪري اچي غازين جي سٿ ۾ شامل ٿيو ۽ سندس روڪڻ وچان به ھيءَ اچي ڪئمپ ۾ پھتي، پوءِ ڪيترن ئي معرڪن ۾ دشمنن کي ڀُڃڻيون ڏنيون اٿس.
۽ ھوءَ پنجاھ ورھين جي جوان پوڙھي آھي مائي ”ھَوِلَ“ جنھن پنھنجي پُٽ کي غازي نه بنجڻ سببان ڇڏي ڏنو، ۽ پاڻ اچي ھن خدائي فوج ۾ شامل ٿي.
ھڪ دفعي ھيءَ ۽ ٻي ھڪ غازياڻي سانگھڙ مان سودو سامان وٺي ھڪ دستي کي پھچائڻ ٿي ويون، ته ٻه ميل کن ٻيلي اندر پندرنھن کن ملٽريءَ وارا ايندي ڏٺائون. ھي چاھين ھا ته لڪي رھن ھا ۽ ھو ھليا وڃن ھا، پر ھنن چيو ته اسان جيڪڏھن ھنن جو لائق استقبال نه ڪيو، ته پوءِ مکيءَ ’جون ڄايون‘ ٿي ڇا ڪيوسون؛ سو ھڪ وڏي جھڳٽي ۾ اھڙي پوزيشن وٺي بيٺيون، جو جئن ئي ملٽريءَ وارا ھنن جي ڀرسان اچي لنگھيا، ته ھنن پستولن جا واڄٽ ڪرائڻ شروع ڪين ۽ جيستائين ھو پاڻ سنڀالين ئي سنڀالين، تيستائين چئن کي ڦٽي وڌائون ۽ پوءِ پاڻ ھيٺ ويھي رھيون، ملٽريءَ وارن مورچو وٺي کڻي انڌاڌنڌ گوليون ڇوڙيون، جي سڀ اڪارت وين ۽ ھنن ڪجھ دير بعد وري به مٿن فئرن جو ٻيو دس موڪليو، وري به ٽي چار ڦٽجي پيا؛ ايتري ۾ ٺڪائن جي آوازن تي غازي به اچي پھتا، پوءِ ته چڪيءَ جي ٻن پُڙن وانگر انھن ظالم بزدلن سان اھڙو حال ٿيو، جو گھڻو ئي مال غنيمت ۽ ٻه ساٿي ڇڏي اٿي ڀڳا. انھن قيدين کان ڪافي قيمتي احوال مليا، ۽ نيٺ سندن عيوض ۾ ٻه غازي قيدي آزاد ٿيا.
ھوءِ مائي مريم ”رُٺل ڀٽ“ جي ويٺل اٿوَ.
”رُٺل ڀٽ ڇا؟“ گامونءَ کلي چيو، ”نازنينون ته ماڻا ڪري محبوبن سان رُسنديون ٻڌيون اٿئون، پر ڀٽون به رُسنديون آھن، سو ته توکان ٿا ٻُڌون!“
بصران کلي چيو، ”اھا ڀٽ ٻين کان بنھ پري ٻيلي اندر اڪيلي ئي اڪيلي آھي، ان ڪري چوندا اٿس ’رٺل ڀٽ‘ ان جي ڀر ۾ ’نورل چانگ‘ جي ڳوٺ ۾ ھيءَ رھي ٿي.“
”تڏھن ته اسان جي مِٽياڻي آھي.“ ڪرم علي چانگ چيو.
”ھا، پر ھيءَ اھڙي ته شھسوار آھي، جو پنھنجي ڪُميت جي وسيلي ويجھي تر جي گھوڙن ڊوڙائڻ جي مقابلن ۾ گوءِ کڻي ويندي ھئي.“
”پوءِ ڪو مرد به کانئس ڪونه کٽي سگھيو ڇا؟“ گامونءَ پڇيو.
”اسين مکيءَ جون شينھڻيون ڪي مردن کان گھٽ آھيون ڇا؟“ بصران ٽھڪ ڏيئي چيو، ”ھان، ھڪڙي سُرخي جي سوار ھن تي فتح پاتي، پر گوڏا کوڙي! آخر ته ھن محب جو نالو به محب علي ھو.“
ھاڻي بصران ٿڌو ساھ کڻي چيو، ”ھن کي سليمان به سڏيندا ھئا؛ ھنن جو مڱڻو به ٿي ويو، پر شاديءَ تي جھاد کي فوقيت ڏيئي ھيءَ اچي ميدان جنگ ۾ پھتي، ۽ دشمنن تي خوب وار ڪري ٿي.“
۽ ھي بھادر عورت آھي مائي ’سرندي ڌيءَ لقمان جي، ويٺل ڳوٺ مکڻ خاصخيلي.‘ ھن پنھنجي والد ۽ چاچي سان گڏ انگريزي ملٽريءَ سان پھريون معرڪو ڪيو، جنھن ۾ سندس چاچو اکين اڳيان شھيد ٿي ويس. ھيءَ ۽ سندس بھادر پيءُ تڏھين به مقابلي ۾ ثابت قدم رھيا ۽ ڪيترائي زخم کاڌائون، ته به فتح ڪرڻ بنا نه ھٽيا.
ھوءَ نوجوان مائي ’بيگو رندڻ‘ آھي جنھن جو مڙس ڌاڙيل ھو، ٻه ٽي دفعا ٽيپون به ڪٽيون ھئائين، پر غازي تحريڪ سندس بھادرين کي سنئين راھ تي آڻي ڇڏيو. ھيءَ پنھنجي مڙس ۽ پيءُ سان گڏ انگريزي ملٽريءَ سان لڙندي آھي ۽ جڏھين مردانه پوشاڪ پھري سھڻو نوجوان بڻجي ھٿيار لڳائي نڪرندي آھي، تڏھين سندس حسن ڏسڻ وٽان ھوندو آھي.
ھيءَ ’بڪار‘ جي ڀر واري ڳوٺ سھتي خاصخيليءَ جي ھڪ فداءِ تعليم ماستر جي ڌيءُ ’ڀان ڀيڻ‘ آھي ۽ پنھنجي بھادر مڙس سميت مشھور مجاھد ’ڀائي خان چانگ‘ جي دستي ۾ شامل آھي. ھيءَ به جڏھين انگريزي ملٽريءَ سان مد مقابل ٿئي ٿي، تڏھين تن بدن جو ڪوبه ھوش نٿي رکي ۽ دشمنن کي اھڙا ته واڄٽ ٿي ڪڍي، جو ڏيندين آڱريون اچيو وڃن.
۽ ھيءَ جوان عورت مائي ’زھران‘ آھي، جا به رُٺل ڀٽ جي آسپاس جي آھي. ھيءَ وڏي شھسوار ۽ نشانه باز بھادر عورت آھي. مردانو ملٽري لباس پائي پاڻ کي ”عثمان“ سڏائيندي آھي. ھن جا مقابلا ڏسو ته حيران ٿي وڃو.
ھيءَ مائي ’پيروزان‘ آھي، جا ناري جي پرينءَ ڀر الله رکئي وساڻ جي ڳوٺ جي ويٺل آھي ۽ تمام آسودي گھر جي آھي. ھن پنھنجي مڙس ۾ جھاد جو جوش نه ڏسي بدامنيءَ وقت کيس ٻارن ٻچن، ملڪيت ۽ ڍورن سميت حيدرآباد طرف امن واري ھنڌ موڪلي ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ وڏي دليري سان آسپاس کي سنڀالڻ لڳي. آخرڪار مارشل لا لڳڻ بعد ڪافي ماڻھن کي وٺي ھڪ امن جي جڳھ تي مرڪز قائم ڪيائين.
اتي ھڪ دفعه ھڪ غدار مٿس ڪھاڙيءَ سان حمله آور ٿيو، ته ھن مرچن ڪُٽڻ جي مھلڙي سان سندس اھڙو ته زوردار مقابلو ڪيو جو نيٺ ڦٽي ساڻو ڪري ڇڏيائينس، ۽ ھونئن به ھٿياربند ملٽريءَ وارن سان اڪثر لٺين ۽ بنڊين سان وار ڪري فتح ياب ٿيندي آھي.
۽ ھوءَ نوي ورھين جي، جوانن کان به جوان پوڙھي ڏسين ٿو؟ اھا ’راڻي سادان‘ آھي، جا مشھور مجاھد ”بچو بادشاھ“ جي بيگم آھي.
۽ ھوءَ مائي ’آسو ڌيءَ عثمان ماڇي‘ آھي، جنھن جو ڳوٺ سانگھڙ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آھي، ھيءَ به وڏي بھادر عورت آھي.
ھاڻي ڪرم عليءَ مُرڪي چيو، ”۽ ھوءَ جا پريان ڀٽائي گھوٽ جي ڪلام موجب ’پکي ۾ پدمڻي، ڄڻ ڏئي وراڪا وڄ!‘ سا ڪير آھي؟“
بصران کلي چيو، ”انھي جي پوري خبر اڄ رات جو ظاھر ٿيندي، آءٌ اڳواٽ ٻڌائي مزو نه ڦٽائينديس. پر ادا، ھاڻي ڪيتريون ڳڻي ڪيتريون ڳڻيان. جي مکيءَ جا مور وڏا مٿير آھن، ته مکيءَ جون ٻاگھيون به بي شمار آھن.
جڏھين گرفتار ٿيل جاسوسن کي ھوش آيو، تڏھين ھنن نھايت دکدائڪ نموني سان پنھنجو احوال ٻڌايو ته ”پيرون مل جي ڳوٺ جي ڀر واري ھوندل ماڇيءَ جي ڳوٺ جا ويٺل آھيون، اسين پير صاحب جا مريد نه آھيون، ته به ھفتو کن ٿيو جو ملٽريءَ وارن ناحق اسان جي ڳوٺ کي گھيرو ڪيو ۽ سڀ مَرد گرفتار ڪري اچي ڪئمپ ۾ ڇڏيائون. ان بعد ڏاڍي مشڪل سان اسان ٻن کي ڇڏيائون، ته جيڪڏھن اوھين حرن جي ڪنھن وڏي مرڪز جو پتو ڪڍي ايندؤ ته اسين اوھان سڀني کي آزاد ڪنداسون، نه ته ڳوٺ ۾ رھيل باقي پوڙھا، ٻار ۽ عورتون سڀ گرفتار ڪري اينداسون. ان ڪري اسين لاچار ٿي ھن ڪُڌي ڪم ڪرڻ لاءِ آياسون. ھاڻي اسين ته ٻن باھين ۾ اچي مُٺا مٺا ٿيا آھيون، ھوڏانھن ملٽريءَ وارن ماريو ۽ ھيڏانھن اوھين ٿا ماريو. ٻڌايو ته ڪاڏي وڃون!“
صحرائي عقاب ھنن جي زباني ٻڌي کين چيو، ”چڱو في الحال ته اوھان جو علاج ٿيندو، پوءِ ڏٺو ويندو.“
تقرير جو وقت سانجھي نماز کان پوءِ جو مقرر ٿيل ھو، ان ڪري شام جو ھمراھ پاڻ کان پاڻھي پھلوانيءَ جا مظاھرا ۽ مقابلا ڪرڻ لڳا.
اول ته مَلھن جا مقابلا ٿيا، سنڌ جي مَلھ ساريءَ دنيا ۾ مشھور آھي، پر ھتي به اھڙا مٿير ملھ آيل ھئا، جو سندن مقابلا ڏسي حاضرين جي واھ واھ ٿي نڪري ويئي.
ان بعد جڏھين شھسواريءَ جا مقابلا ٿيا، ته ذڪر ڪيل مائي مريم به پنھنجي ڪميت سان حصو ورتو ۽ اھڙيون ته ڪمالاتون ڏيکاريائين، جو ڏسندڙ بي اختيار عش عش ڪرڻ لڳا.
ھاڻي وري آيو نشاني بازيءَ جو وارو، ٻيا ننڍا ننڍا مقابلا ھلندي ھڪ عجيب مقابلو سامھون آيو، ھڪ رواجي ڌاڳي ۾ ڪوڏي ٻڌي، ھڪ وڻ جي ٽاريءَ ۾ ٻڌي ان کي لوڏو ڏيئي ٻڌندڙ ماڻھو ھٽي ويو، ۽ ھاڻي نشاني باز فرلانگ تان بيھي چيو، ”دوستو! حڪم ڪريو ته گولي ڌاڳي کي ھڻان يا ڪوڏيءَ کي؟“
ماڻھن جا آواز نڪتا، ”ڪوڏيءَ کي!“
نشانه باز چڱيءَ طرح نشان ٻڌي ”ڀيڄ پاڳارا“ جو نعرو لڳايو ۽ ٺڪاءُ جو ٿي گولي، ته ڪوڏي ھيٺ ڪري پيئي ۽ ڌاڳو اڏامي ويو، ’مرحبا صد مرحبا‘ ۽ ’واھ واھ‘ جا آواز بلند ٿيا.
ھاڻي ڪوڏي ٻڌي لٽڪائي ويئي ۽ آواز ڏنو ويو ته ’ھاڻي ڪوڏيءَ جو وارو آھي.‘ نشانه باز ٺڪاءُ ڪرايو ۽ ڏسندڙن ڏٺو ته ڌاڳو سلامت ھو، پر ڪوڏي ٽُڪر ٽُڪر!
’ھيءُ ڪير آھي‘ ’ھيءُ ڪير آھي‘ ’اسان کي ھن بھادر جو نالو ٻڌايو وڃي.‘ جا آواز بلند ٿيا.
جواب آيو، ”ھيءُ مشھور مٿير، ’سڪيلڌو‘ عرف ’سڪيو راڄڙ‘ آھي!“
ھاڻي آواز آيو ته ڪنھن ڇوڪري جي مٿي تي صوف رکي، ان جي نشانه بازي ڪبي.
ھيءُ وڏو خطرناڪ ڪم ھو، پر يڪدم ٻه بھادر ڇوڪرا نڪري آيا، ھو چوي ’مون تي صوف رکو‘ ھو چوي ’مون تي‘ ۽ وري ضد اھڙو، جو نه ھو ھٽي نه ھو ھٽي!
انھي تي ماڻھن کي لڳو رؤنشو، چوڻ لڳا ڀلا ملھ وڙھو، پوءِ جيڪو جيتي، انھي تي ٻئي ڄڻا ’يا عليءَ‘ جا نعرا ھڻي سندرا ٻڌي اٿيا، ھڪ ملھ برابر رھي، ٻي ننڍي جيتي ورتي ۽ سٽ ڏيئي صوف کڻي بيھي رھيو.
منتظم وڌي اڳتي آيو، کيس آفرين ڏيئي چيائين، ”ھن مقابلي بدران ٻيو ھي مقابلو ٿو ڪجي، ته سامھين انب جي وڻ جي ٽاريءَ جا ٻه پن جدا ٿي بيٺا آھن، انھن مان ھيٺين پن جو نشانو وٺو.“
فوراً ملوڪ خاصخيلي نالي بھادر بندوق کڻي اچي بيٺو، ھن کي ”صحرائي عقاب“ سڏبو ھو ۽ سندس نظر به عقاب جھڙي ھئي، نشانو ٻڌي گولي ڇڏيائين ته ھيٺيون پن اڏامي ويو! ’واھ ملوڪ واھ‘ ’صحرائي عقاب زندہ باد‘ جا نعرا بلند ٿي ويا!
”ساٿيو! دوستو!“ سردار اعليٰ تقرير ڪندي بلند آواز سان چيو.
”اڄوڪو ڏينھن نه فقط اسان حرن جي تاريخ ۾ اھم آھي، پر سنڌ جي تاريخ ۾ به اھم جڳھ والاريندو؛ اڄ ھتي مکيءَ جا مٿير ۽ سنڌ جا سورما سڀ ھن لاءِ گڏ ٿيا آھيون ته ظالم غلام ساز سامراجين ڏانھن پنھنجي روش بابت ھڪ فيصلو ڪريون.
انھي ۾ شڪ ڪونھي، ته انگريزن ۽ سندن ڪن ديسي ڇاڙتن جي ڪوشش سان اسان جو رھبر اعليٰ ’حضرت پير سائين بادشاھ‘ گرفتار ٿي چڪو آھي، جنھن ڪري ھن جي دل ۾ آزاديءَ جي جھاد لاءِ جيڪو نقشو رٿيل ھو، سو اسان تائين پھچي نه سگھيو آھي، مگر سندس اھو نعرو اسان جي دماغن ۾ گونججي رھيو آھي ته:
”وطن- يا- ڪفن“
۽ اھي ئي ٻه لفظ اسان جي رھبريءَ لاءِ ڪافي آھن.
عام طرح اھو مشھور آھي، ته حضرت پير سائين بادشاھ کي درگاھ شريف تي گرفتار ڪيو ويو ھو، مگر اسان جي اطلاعن موجب اھو غلط آھي؛ پاڻ درگاھ شريف تان ڪيٽي ڏانھن وڃي رھيا ھئا، ته اڳيان سيد فتح علي شاھ طرفان سندس باغ ۾ اسپيشل پوليس وارا لڪائي وھاريا ويا ھئا، جن دغا سان کين گرفتار ڪيو ھو.
۽ اوھان کي آءٌ اھا خوشخبري ڏيان ٿو، انھي شاھ صاحب کي اسان جو بھادر غازي خان محمد سنجراڻي جوڳي سزا ڏيئي چڪو آھي!
(آواز ”ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ!“ ”ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ!“)
”اسان جي رھبر اعظم جي گرفتاريءَ بعد اسان لاءِ ٽي رستا ھئا:
ھڪ ته ڀڄي وڃي ڪن بي خطر ھنڌن تي رھڻ.
ٻيو ته ملھار فقير واريءَ پارٽيءَ جي رٿا موجب ستياگرھ ڪرڻ، ٽيون ته ظالمن، غلام سازن ۽ انھن جي ڇاڙتن کي گھڻي ۾ گھڻو مارڻ ۽ پاڻ به شھادت حاصل ڪرڻ.
جيئن ته رھبريءَ جو ھڪ مرڪز نه ھجڻ سبب ڪن ماڻھن پھريان ٻه طريقا آزمايا ۽ جن ۾ پوئين طريقي جي طاقت ناھي؛ سي اڃا به ازمائي رھيا آھن، مگر انھي مان نتيجو ڪھڙو ٿو نڪري، سو خود ملھار فقير جي لفظن ۾ ٻڌو:
”جيڪي شھرن کي ويجھو ھئا، سي شھرن ۾ لڏي وڃي ويٺا، انھن سان وري اھڙي حالت ٿي، جو انھن جون نوجوان عورتون پوليس عملدارن ۽ وڏن ماڻھن پنھنجي گھرن ۾ بنا نڪاح جي وھاري ڇڏيون ۽ ڪيترين سان (زوريءَ) نڪاح وجھي ڇڏيو، جيڪو جماعت وارو فرياد ڪرڻ ايندو ھو ته کيس جيل ۾ اماڻيو ويندو ھو. واھ مارشل لا سڳورا تنھنجون ڪرامتون!“
”ملٽريءَ جي سپاھين کي ڪا عورت ھٿ ايندي ھئي، ته اھڙو شرمناڪ وحشيانه سلوڪ ڪندا ھئا جو ڪي عورتون بيھوش ٿي وينديون ھيون ته ڪي مري به وينديون ھيون.“
”ھڪ دفعي سانگھڙ جي لڳ ڀونگر جي ڳوٺ کي ملٽريءَ گھيرو ڪيو، بچو مري گھوڙي تي چڙھي ڪنھن ڪم سان نڪتو، ته ھڪ ملٽريءَ جي (ديسي) سپاھيءَ کيس گولي ھڻي ڪيرايو. اتي ڪاٺين جو پراڻو نار ڊٺل پيل ھو، ھنن غريب زخميل بچوءَ کي ڪاٺين تي رکي باھ ڏنائون، مظلوم ۾ جيستائين ساھ ھو، چيچلائيندو رھيو، آخر سڙي ڪاٺين ۾ ئي خاڪ ٿي ويو. شھيد جي رڙين تي سندس ماءُ ڳوٺ کان نڪتي ۽ رڙ ڪري چيائين، ”ڇا، توھين انسان نه آھيو، آدم خور آھيو؟.... اسان جي وطن جا ديسي ٿي ڪري اھڙو ظلم ٿا ڪريو، فلنگيءَ جي چوڻ تي ڪتي وانگر اسان کي پَٽيو پيا. اھي ڳاڙھي منھن وارا باندر (انگريز) اسان جي ملڪ ۾ سدائين نه رھندا، توھين ۽ اسان ھتي رھنداسون، ۽ نه توھان جي مارڻ سان اسين کُٽي ڪونه پونداسون، ۽ نه ملڪ ڇڏي وينداسون. ھي ملڪ ’اسان جو‘ آھي، اسين رھنداسون، پر توھان جا آقائون نه رھندا!
”ايتري ۾ ملٽريءَ جي سپاھين ڳوٺ جي ماڻھن کي گرفتار ڪري آندو، انھن ۾ ڪي پوڙھا، ڪي ڏھن سالن جا ٻار به ھئا، شھيد جي والدہ رڙ ڪري چيو، ’او ڪاسائيو! او بي رحمو! خدا توھان جو خانو خراب ڪري، ڪتي جي موت مرو، انھن پوڙھن ۽ معصوم ٻارن اوھان جو ڇا بگاڙيو آھي؟‘
ملٽري آفيسر ڏند ڪرٽي کيس لَڪڻ ھڻڻ شروع ڪيا، جو ھوءَ رڙيون ڪندي بيھوش ٿي ويئي ۽ ملٽري آفيسر حڪم ڪيو ته ھن پوڙھيءَ ڪُتيءَ کي ھت اُس ۾ ئي مرڻ ڏيو، ھاڻي ھلو.
”رمضان شريف جي مھيني ۾ مان (ملھار فقير) تراويحون پڙھائي رھيو ھئس، ته ملٽريءَ اسان جي مسجد کي گھيرو ڪيو ۽ نماز بعد اسان کي گرفتار ڪري سانگھڙ وٺي ويئي ۽ ٿاڻي جي ايڏي ننڍي ڪمري ۾ بند ڪيو، جو سمھڻ ته ڇا، سڀ ويھي به نه سگھندا ھئا. ھن نموني سان ھن بلئڪ ھال ۾ ٽي ڏينھن گذارياسون، اسان کي کائڻ لاءِ ڪجھ به نه ڏنائون. ھڪڙي ڇوڪري چيو ته ’بُک لڳي آھي‘ ملٽري آفيسر جواب ڏنو ته ’توھان کي کارائينداسون ته اسان جي ڪوٺي پائخاني سان خراب ڪندؤ، ڀل مري وڃو!‘ اھڙي نموني ست ڏينھن ڪجھ کائڻ لاءِ نه مليو، بک جي ڪري اسين تمام ڪمزور ٿي ويا ھئاسون، اھڙيءَ حالت ۾ به اسان مان ڪن کان پاڻي ڀرايو ويندو ھو، ته ڪن کان اٽي جون ڳوڻيون کڻايون وينديون ھيون. بُک جي ڪمزوريءَ ڪري سامان کڻندي ڪري پئون ته ماريو ويندو ھو.
”ڪشنو گرگلو چريو ھو، صفا اگھاڙو ڦرندو ھو، پر ڪجھ تازو تڪڙو ھو، ان ڪري کيس به ملٽريءَ گرفتار ڪري ڪيترو ئي عرصو قيد رکيو.
”ھڪ مينھن جي ڌنار کي ملٽري پڪڙي آئي. ماڻھو ھن کي ’خاڪو‘ سڏيندا ھئا، آفيسر جو ھن کي ’خاڪو‘ سڏيندي ٻڌو ته پڇيائين، ’ڪيا تم ڊاڪو ھو؟‘
ھن اٻوجھ اھو اکر نه سمجھندي جواب ڏنو، ’ھا صاحب مان خاڪو آھيان‘ ته آفيسر صاحب نالي جي نه سمجھڻ سبب حڪم ڪيو ’اسڪو ڦانسي ديدو، لٽڪائو سالي ڪو!‘
”عورتون پنھنجي ٻچن لاءِ ماني تيار ڪري رکنديون ھيون، پر خبر پوندي ھئي ته ھنن کي انگريزي ملٽريءَ وارن گولين جو شڪار ڪري ڇڏيو، اھو ڍڪيل طعام ڏسي مائرون پنھنجي اولاد کي پڪارينديون ھيون ته ’پٽ اچ، تنھنجي مانيءَ جي مھل ٿي آھي‘ ائين پڪاريندي ڪي ويچاريون چريون ٿي وينديون ھيون.
”ڪيترا ماڻھو پوليس ھٿ سان ڀڄائي وري کين پڪڙائي ڦاسيءَ تي چاڙھيو. جن مان ڪيترا ته حُرن کي سڃاڻندا به ڪونه ھئا.“ (پنھنجون پچارون ۽ تاريخ حريت سنڌ)
”ھاڻي اڄ اسان کي فيصلو ڪرڻو آھي ته ڇا، اوھين ان نتيجي تي راضي آھيو؟
ڇا اوھان کي اھا ڳالھ پسند آھي، ته انگريزي ملٽريءَ ۽ پوليس وارا اسان جي مردن خواھ عورتن کي ڦرين، مارين ۽ بي عزت ڪن؟
ڇا، اوھين انھن نتيجن تي به راضي آھيو، ته ملھار فقير جي اطلاعن موجب انگريزي ملٽريءَ وارا بيڪس عورتن سان ايتري قدر ڏاڍائي ڪن، جو ھو مري وڃن؟
ڇا، اوھان کي اھڙن رھزنن کي پنھنجي ملڪ ۾ برداشت ڪرڻ ۾ ڪابه غيرت ڪانه ايندي؟
ڇا اوھان اھو پھاڪو وساري ڇڏيندؤ ته:
مال صدقو سِر جو
سِر صدقو لڄ جو؟
جي نه، ته پوءِ غيرتمند بھادر بڻجي اُٿو ۽ انھن ظالمن کان پورو پورو انتقام وٺو، جن اسان جي فردن ڦريو، لٽيو ۽ بي عزت ڪيو آھي، ھنن جون کوپريون چُور چُور ڪريو، سندن سَنڌ سَنڌ وڍيو، سندن جسمن کي پروڻ بڻايو.
۽ نه فقط انھن کي، بلڪ جيڪي به اسان جا ديسي غدار سندن ڇاڙتا بڻيا آھن، تن جي به رت جا درياءَ وھايو، جيئن ھڪ ايراني شاعر لاھوتيءَ چيو آھي ته:
”در خونِ خائنانِ وطن واجب است غسل
در شرعِ انقلاب، به نصِ ڪتابِ سرخ.“
(انقلابي بي شريعت جي ڪربلائي ڪتاب جي آيتن موجب وطن جي ظالمن ۽ غدارن جي رت سان غسل ڪرڻ واجب آھي.)
اُٿو ڀائرو، اُٿو ڀينرون، اُٿو اي سنڌ جا شيرو، اُٿو اي مکيءَ جون شينھڻيون، انھن ظالمن ۽ غدارن کان پنھنجي انھن ڀائرن ۽ ڀينرن جو انتقام وٺو، جي انھن رھزن ھٿان ماريا ۽ بي عزت ڪيا ويا آھن.
قرآن پاڪ جي ارشاد موجب اوھان مان ھر ھڪ تي واجب آھي، ته ھنن جا گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ڏھ عدد ضرور جھنم رسيد ڪريو.
يقيناً ھو به اسان تي وار ڪندا، پر اسين ’وطن جا شھيد‘ ۽ ’آزادي جا شھيد‘ ٿينداسون ۽ ھو ڪتن جي موت مرندا.
اسان تي اسان جو آئيندہ نسل فخر ڪندو ۽ ھنن تي مرڻ بعد به دائمي طرح لعنت پيئي وسندي.
ڇا توھين تيار آھيو؟
(آواز: ’اسين تيار آھيون، بلڪل تيار آھيون‘)
”ته پوءِ اُٿو، سِرن سان ڪفن ٻڌي اُٿو، اھو پر زور نعرو لڳائي اُٿو ته:
’وطن‘—يا-- ’ڪفن‘
۽ انھن ظالمن ۽ سندن ڇاڙتن کي آگاھ ڪريو ته:
”ڪئٽ سنڌ!“
سنڌ خالي ڪريو اي رھزن سامراجيو!
جي نه، ته ھن اسان جي مقدس سرزمين تي اوھان جو سَنڌ سَنڌ وڍبو، اوھان جو ھر فرد ھتي ڪتي جو کاڄ ٿيندو. ھيءَ سرزمين اسان جي آھي، اسان جي وڏن جي آھي، ڪنھن به سامراجيءَ يا ان جي ڇاڙتي جو ھن جي ھڪ انچ تي به حق ناھي: اسين ۽ اسان جا آئينده نسل اسان جي ھن مقدس سرزمين تي قبضو ڪندڙن ظالمن رھزنن خلاف تيستائين جھاد جاري رکندا، جيستائين ھنن سامراجين جو ھڪ فرد به ھتي موجود ھوندو!
نعرو لڳايو:
”ڪئٽ سنڌ!
”سنڌ خالي ڪريو!
”آزاد سنڌ زندہ باد!
”سامراجي مردہ باد!
”سامراجين جا ڇاڙتا مردہ باد!
”وطن جا غدار سدا برباد!
”دوستو! اگرچه ھن جھاد آزاديءَ ۾ اسان جي جماعت ۾ به ھندو ڀائر شامل آھن، پر ٻيا ھندو ڀائر سڄي ملڪ ۾ اھو جھاد ڪري رھيا آھن ۽ جيئن ساري ھندوستان ۾ سامراجين تي وار ڪري رھيا آھن، تيئن سنڌ ۾ به سندن وار جاري آھن، ۽ ھڪ بھادر سنڌي ھندو نوجوان ’ھيمو ڪالاڻي‘ ته انھي مقدس ڪوشش ۾ ڦاسيءَ به چڙھي چڪو آھي، پر ٻيا ڪيترا جيل ڀري چڪا آھن.
ياد رکو،
ھيءُ آزاديءَ وطن جو جھاد رڳو اسين نه ڪري رھيا آھيون، بلڪ دنيا جي ٻين ڪافي غلام ملڪن ۾ به جاري آھي. اھي به اسان کان گھڻو وڌيڪ ڪمزور آھن، پر ھڪڙا مرندا وڃن ٿا، ٻيا انھن جي لاشن جي ڍيرن مٿي بيھي ظالمن تي وار ڪندا وڃن ٿا، ڪامياب ٿيندا وڃن پيا؛ جھاد وطن ۾ سنڌ اڪيلي نه آھي، پر ساري جھان ۾ اھو جھاد پنھنجي پنھنجي نموني تي ھلي رھيو آھي ۽ اھو وقت پري ناھي، جو سڄيءَ دنيا مان غلاميءَ جون پاڙون پٽجي وينديون.“
’انشاءَالله‘ ’انشاءَالله‘ جا آواز بلند ٿيا!
ھاڻي ڪمانڊر سڀني ڏانھن ڏسي چيو، ”اڄوڪي ڪاروائي منھنجي ھن تقرير تي ختم آھي، ھن بعد وڌيڪ ڪاروائي سڀان رات ٿيندي، ۽ اھا صرف انتظامي ھوندي، اھي چويھ ڪلاڪ آءٌ سڀني صاحبن کي سوچڻ لاءِ ڏيان ٿو، جيڪي به صاحب ھن فيصلي بعد به ھن پروگرام سان متفق نه ھجن، اھي مھرباني ڪري خاموشيءَ سان، عزت ۽ احترام سان اسان کان جدا ٿي وڃن، جيئن ھڪ پختون شاعر چيو آھي ته:
گريزد از صفِ ھر ڪه مرد غوغا نيست،
ڪسي ڪه ڪشته نه شد، از قبيلهءِ ما نيست!
(جيڪو به شخص ويڙھو نه ھجي، سو مھرباني ڪري اسان جي صفن مان نڪري وڃي، جيڪو شھيد نه ٿيو، سو ڄڻ ته اسان جي قبيلي مان ئي نه آھي!)
۽ (وڏي آواز سان) ھن بعد به ڪو گدڙ اسان شينھن سان گڏ رھيو ۽ ڪار مردان جي مھل ۾ پڇ پائي ڀڳو، ته اسان کليو کلايو اعلان ڪريون ٿا، ته ھن کي خود اسان جي گولي ئي پورو ڪندي ۽ اھو ڪتي جي موت مرندو. اسان کي اھو ڪم سر انجام ڪرڻ ۾ ڪابه دوستي، ڪوبه لحاظ، ڪابه عزازت آڏي ڪانه ايندي!“
”ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ!“ ۽ ”وطن- يا- ڪفن“ جي نعرن سان ھيءُ اجلاس ختم ٿيو، ھاڻي سردار حڪم ڪيو ته ھيءُ ”شمشير و سنان“ وارو پروگرام پورو ٿيو، ھاڻي ”چنگ و رباب“ جو دور شروع ٿئي، جو روح کي تسڪين ڏيڻ جو ھڪ ذريعو آھي.
ھيءُ ٻڌي جماعت جا فنڪار مرد، عورتون ۽ ڇوڪرا رقص و سرود، آواز و نغمه جو پروگرام پيش ڪرڻ لڳا، ته اڳ ۾ ئي سيٺ سڳنومل وڌي اسٽيج تي آيو ۽ چوڻ لڳو، ”ساٿيو! غازيو! اڄوڪي مبارڪ موقعي تي اسان سنڌ جي ھندن جا جذبات به ٻڌو!
ھن اول ته ڪنور ڀڳت جي طرز سان تان ڪڍي ۽ پوءِ نھايت پرسوز ۽ پرجوش آواز سان ھوند راج ’دکايل‘ جو شعر ڳائڻ لڳو:
”مرنداسون- مگر- سنڌ کي آزاد ڪنداسون،
آزاد ڪنداسون- اسين- آباد ڪنداسون!
تون سنڌ جي سودي لئه سِٽون جيڪي سٽين ٿو،
تنھنجون سي رِٿون رھزني برباد ڪنداسون!
بم گولا ھوائن مان ۽ گوليون پيو وَسائج،
سينن کي ستمگر اسين فولاد ڪنداسون!
سنڌين جا ڀڳل ڀونگڙا برباد ڀلي ڪر،
جي فرش ويو، گھر عرش تي ايجاد ڪنداسون!
ورثي ۾ ڇڏينداسون نه، پوين لئه غلامي،
ھن ڪوڙھ ۾ ڪمزور نه اولاد ڪنداسون!“
ھن غزل تي بي اختيار نعرا بلند ٿيا:
”غلامي مردہ باد!
”سامراج مردہ باد!
”سامراجي ڇاڙتا مردہ باد!
”وطن فروش مردہ باد!
”آزاد سنڌ زندہ باد!
سڳنو خاموش ٿيو ته ڇم، ڇم، ڇم جو آواز آيو ۽ اسٽيج جي ھڪ پاسي کان ھڪ ارڙھين ورھين جي نھايت خوبصورت نوخيز نازنين، ناچ گاني جا ڳاڙھا ڪپڙا پائي پنھنجي ڪجھ ساٿين ۽ ساٿياڻين سان اسٽيج تي آئي، ۽ سڀني کي ھٿ ٻڌي سلام ڪري، ھڪ پرسوز تان ڪڍي، شاھ جو ڪلام اُچاريائين!
ڇو ٿيون پڇايو پنڌ پيرا وو پيرا،
واٽون وندر جون وڻ پيا ڏسيندا.
وو ڇو ٿيون پڇايو....
ھيءَ ڪافي نه ھئي، پر ھڪ آڳ ھئي، جنھن تفريح جي صورت ۾ ڪنن جي وسيلي دل و دماغ تائين سونھاري سيد جو اھو پيغام پھچائي ڏنو، جنھن بعد ڪنھن ٻئي پيغام جي ضرورت ئي ڪانه ھئي.
ھيءَ وقت جي راڳڻي ھئي، جنھن کي ھن اھڙي ته ڪامياب طريقي سان پيش ڪيو جو بار بار ’واھ واھ‘، ’صدقي صدقي‘ جا آواز بلند ٿي رھيا ھئا. قابل ڳائيندڙن وانگر ھن انھي مختصر ڪافيءَ کي سُر جھلائيندڙن ساٿين سان پورو ڪلاڪ پئي ھلايو، ۽ ھر مصرع تي ڪيترائي شاھ صاحب جا موزون بيت پئي اچاريائين، اگرچه پروگرام وڌيڪ به ھو، مگر سردار نٿي چاھيو ته ھيءُ اثرات سڄي رات سڀني جي دلين ٿي ڇانيل ھجن، تنھن اشاري سان پروگرام ختم ڪيو ۽ سڀني کي اجازت ڏيئي، ھن کي اسٽيج تي ترسڻ جو اشارو ڪيو.
اسٽيج خالي ٿيڻ بعد ھن وڌي ٿري رواج موجب سندس مٿي تي ھٿ رکي چيو، ”ڇا نالو اٿيئي ڌيءُ؟“
”زينب، - سردار!“
”آءٌ خوش ٿيندس، جيڪڏھن مون کي اڳتي ’سردار‘ بدران ’بابا‘ سڏين؛ ڪنھن جي ڌيءُ آھين تون؟“
ھڪ اوڇنگار ڏيئي پنھنجو سر سندس سيني ۾ لڪائي زينب جواب ڏنو ”تنھنجي بابا!“
ڳراٽڙي پائي سندس پيشانيءَ تي چمي ڏيئي سردار چيو، ”مون کي تو جھڙيءَ ڌيءُ جو پيءُ سڏائڻ ۾ فخر ٿيندو؛ پر ظاھري طرح تنھنجا ڪي ته مائٽ ھوندا؟“
”منھنجو ڪوبه مائٽ ڪونھي بابا، مون کي ڪابه خبر ڪانھي، ته آءٌ ڪير آھيان، ڪٿي جي آھيان. منھنجي پاليندڙ ماءُ مون کي مکيءَ جي ٻيلي مان آڱوٺو چوسيندي لڌو ھو، آسپاس تمام ڪافي رت وھيل ھو، جنھن مان معلوم پئي ٿيو ته منھنجا مائٽ سڀ ظالمن ماري ڇڏيا ھئا.“
”تو ھيءُ فن ڪٿان سکيو؟“
”منھنجي پاليندڙ ماءُ ھڪ لنگھي (ڳائڻ وڄائڻ واري) ھئي، آءٌ انھن ۾ رھندي نه فقط از خود اھو سکي ويس، پر مون کي ھن ڪلا سان دلي اُنس آھي.“
”ڌيءُ زينب! اسان وٽ مجاھد ته تمام گھڻا آھن، پر اھڙا ڪلاڪار بھادر نھايت ٿورا آھن، جي جاسوسيءَ جو ڪم سر انجام ڏين، ۽ ظالمن جا قيمتي راز ھٿ ڪن. ڇا، تون انھي ڏِس ۾ اسان جي مدد ڪندينءَ؟“
”دل جان سان بابا“ زينب ڪنڌ جھڪائي ھٿ ٻڌي چيو، ”ھڪڙي مجاھدہ جڏھين سر ڏيڻ لاءِ سنڀري اچي ٿي، تڏھين باقي ڪھڙي ڳالھ لاءِ تيار نه ٿيندي؟“
”مگر ڌيءُ“ سردار ڳنڀير ٿي چيو، ”ھيءُ ڪم سر ڏيڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي، تون انھن رھزنن جي اڏن ۾ وينديئين، جي وڏا مھذب سڏائيندي به وڏا وحشي آھن. تمام وڏو خطرو آھي، ته ھو تنھنجي عزت تي به حملو نه ڪن.“
”مون کي منھنجو الله پناھ ڏيندو بابا!“ زينب آڱر آسمان ڏانھن ڪندي چيو، ۽ وري ڳنڀيرتا سان چيائين، ”پر، جيڪڏھين خدانخواسته ڪو ٻيو واقعو پيش آيو، ته به آءٌ انھن سان ٿينديس، جن لاءِ ڀٽائي گھوٽ چيو آھي:
تن جيسر ميراڻين جس، جي لله ڪارڻ لنڊيون!
ممڪن آھي ته مون ھڪڙيءَ جي عزت جي قرباني ٻين سون اٻوجھن جي عصمت جو بچاءَ بڻجي.“
”مگر بابا! آءٌ جاسوسيءَ جي فن مان ڪجھ به واقف ڪانه آھيان.“
”توکي ھيءُ مجاھد ٽريننگ ڏيندو.“ سردار ھڪ ننڍڙي جھڳٽي طرف اشارو ڪيو، ته عين ان جي وچ مان ھڪ وجيھ ۽ بارعب نوجوان نروار ٿيو ۽ مرڪندو ادب سان سلام ڪري اچي بيٺو.
”ھيءُ اسان جي سي- آءِ- ڊي کاتي جو اعليٰ آفيسر ’جيئندو‘ آھي“ سردار چيو، ”ھيءُ انھي فن جو اھڙو ته ماھر آھي، جو (مرڪي) سچ پچ ته ھن جي ڪنھن بدليل ويس وقت ھن جي ڪا دل گھري به ھن کي مشڪل سڃاڻي سگھندي!“
”مگر آءٌ تڏھين به سڃاڻي ڏيکارينديس، سردار،“ زينب دل ئي دل ۾ چيو، سندس روح ۾ ھڪ ٿڌڙي ٿڌڙي ليڪ بلند ٿي رھي ھئي.
”ڌيءُ زينب!“ سردار گنڀير ٿي چيو، ”اسان جي ھيءَ مھم صاف صاف قربانيءَ جي مھم آھي، کُلي کُلائي ”گوريلا جنگ“ آھي، جنھن جو مقصود صرف دشمن کي گھڻي ۾ گھڻو نقصان پھچائي، شھيد ٿيڻ آھي. فتح جو حصو- جيڪڏھن قادر اسان کي بنا ڪنھن اميد جي کڻي ڏنو- ته سندس ڪرم؛ پر اسان پنھنجي پروگرام ۾ اھو آئيندہ نسل لاءِ ئي ڇڏيو آھي.
مختصر ٽريننگ بعد اھو توتي ڇڏيو ويندو، ته تون ظالمن وٽ پھچڻ ۾ ڪھڙا ذريعا ٿي اختيار ڪرين، ڪيئن ٿي ڪاميابيون حاصل ڪرين ۽ ڪيئن پاڻ جھڙين ٻين ’وطن ڄاين‘ کان ٿي گوءِ کڻين!“
ھاڻي سردار ٿوري ساھي کڻي نھايت گنڀير آواز ۾ چيو، ”اسين انساني جذبات، انساني ڪمزورين ۽ جبلتن کان اڻ واقف نه آھيون، جائز مسرتن کان پاڻ ۽ پنھنجن ساٿين کي محروم ڪرڻ اسان جو پروگرام ناھي؛ مگر ڌيءُ! جيئن اسان ’جيئندي‘ ۽ ٻين مجاھدن کان اھو ”ڏاڙھيءَ جو عھد“ ورتو آھي ته ھو وطن جي آزاد ٿيڻ تائين جماعت جي اجازت بنا ڪنھن به عيش کي ويجھو نه ويندا، تيئن ٻين مجاھدياڻين وانگر توکان به ’سينڌ جو قرار‘ طلبيون ٿا!“
”خدا تعاليٰ منھنجي ھن سينڌ جي عزت کي برقرار رکندو بابا“ زينب پنھنجي سينڌ جي چڳ پڪڙي، بي اختيار سردار جي قدمن کي لڳائيندي چيو.
وري به کيس اٿاري سندس نراڙ چمي سردار چيو، ”پاڪ پروردگار تنھنجي سينڌ سلامت رکندو ڌيءُ! مون کي ھاڻي اوھان تي ڪلي اعتماد آھي. وڃو، ڌڻي اوھان جو نگھبان ھجي، جيستائين توھين خالص انھي ڪارڻ جھاد ڪريو، تيستائين ھر وقت ان کي پاڻ سان گڏ سمجھجو!“
زينب ته جيئندي سان گڏ سندس لانڍيءَ ڏي- ۽ وري رات جي وقت- وڃڻ ۾ ھٻڪي رھي ھئي، پر جڏھن سندس لانڍيءَ اندر گھڙي، تڏھن ڪيتريون ئي ٻيون مجاھد عورتون ۽ مرد ويٺل ڏٺائين، جي ھن کي پر اشتياق نظرن سان ڏسي رھيا ھئا.
”خوش آمديد، اسان جي کاتي جي نئين ڪارڪن!“ ھڪ سندس ھم عمر نازنين مرڪندي چيو، ”منھنجو نالو فريدان آھي، ۽ کاتي جو نالو ’نمبر اٺون‘ آھي، ڏسون ته اسان جي نئين ساٿياڻي اسان کان ڪيتري قدر گوءِ ٿي کڻي.“
”آءٌ به نئون ساٿي آھيان، منھنجيون ٻچڙيون!“ سڀني حيران ٿي مَردن جي ٽوليءَ ڏي ڏٺو، ’غازي سڳنو‘ مُرڪي رھيو ھو! ”مون کي اڃا مڪمل فوجي بڻائڻ ۾ گاجي ھٻڪي رھيا آھن، تنھن ڪري في الحال ته ٿيندس ’سانگھڙ سرڪار‘ جو سي آئي ڊي، پوءِ ڏٺو ويندو.“
’سانگھڙ سرڪار‘ ’سانگھڙ سرڪار‘ ٻه- ٽي آواز بلند ٿيا، جيئندي کِلي چيو، ”سيٺ وڏا، ھي نئون نالو تو ڪٿان بڻايو آھي؟“
”جتان ’غازي سڳنو‘ بڻيو، اتان ’سانگھڙ سرڪار‘ جو نالو به بڻيو آھي، ڀڳوان ڪندو ته ڪنھن وقت ھيءَ سانگھڙ سرڪار ھڪ آزاد سرڪار ھوندي، ۽ آءٌ سندس ’فنئنس منسٽر‘ ھوندس.“
”توکي ھينئر به فنئنس منسٽر بڻايو ويندو، غازي سڳنا!“ سڀني ڇرڪ ڀري ھن آواز تي نھاريو، سردار اعليٰ يا ڪمانڊر ان چيف اچي رھيو ھو، سڀ ادب مان اٿي بيٺا.
سردار مُرڪي چيو، ”اسان کي تنھنجو تجويز ڪيو نالو ’سانگھڙ سرڪار‘ ڏاڍو پسند آيو آھي؛ انھيءَ جي انعام ۾ توکي ’سانگھڙ سرڪار‘ جو ’فنئنس منسٽر‘ يا ’مالي وزير‘ بڻائجي ٿو. سڀاڻي شام جو جيڪا ’انتظامي ڪانفرنس‘ ويھندي، ان ۾ ’ماليات‘ بابت مھرباني ڪري پنھنجيون سڀ رِٿون بڻائي اچج.“
”رِٿون نه جناب،“ سيٺ سڳني مل کِلي چيو، ”مان ته ’بجيٽ‘ پيش ڪندس ’بجيٽ‘!“
سڀ کِلي پيا، سردار گنڀير ٿي چيو: ”۽ انشاءَالله تعاليٰ اھا بجيٽ نه فقط منظور ٿيندي، مگر تڪميل تي به پھچائي ويندي.“