ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

حصو پنجون

مائي مرادان عرف ھيتي ڌيءُ امام بخش خاصخيليءَ جو داستان:
آءٌ مکڻ خاصخيليءَ جي ڳوٺ ۾ ڄايس. ھيءُ ڳوٺ مکيءَ جي اولھ واري ڪناري کان ڏھاڪو کن ميل اندر آھي. منھنجي پيءُ وٽ نه ھو ڪو ٻني ٻارو، ۽ نه ئي ھو ڪا نوڪري يا مزدوري ڪندو ھو. ھو ھڪ دلير انسان ھو- سندس لاڳاپو چورن، ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن سان ھو. پر جڏھن غازين جي تنظيم قائم ٿي ته ھو به انھيءَ ۾ شامل ٿي ۽ ٽريننگ حاصل ڪري جلد ئي پھرئين درجي جي غازين ۾ اچي ويو. جڏھن اسان جي ڳوٺ تي ملٽريءَ ڪاھ ڪئي تڏھن بابو مقابلو ڪندي شھيد ٿي ويو ۽ آءٌ ڳوٺ جي ٻين عورتن سان گڏ مکيءَ ۾ ھڪ محفوظ ھنڌ تي ھڪ مرڪز ۾ منتقل ٿي ويس. ھتي آءٌ ماني وغيرہ پچائڻ ۽ زخمين جي خدمت ڪندي ھيس.
ھڪ دفعي ھڪ دوبدو معرڪي ۾ ٻن سِک فوجين کي جھنم رسيد ڪيم، جنھن تي ڪئمپ ۾ مون کي ڏاڍي عزت ملي ۽ مون کي ’شير دل‘ جو خطاب مليو.
ھڪ ڏينھن مرڪز ۾ ھڪ 17- 18 ورھين جي نوجوان کي بطور يرغمال آندو ويو. سندس پيءُ ھڪ وڏو زميندار ھو، ۽ غازين جي دشمنيءَ ۾ پيش پيش. اُنھيءَ پلاند وٺڻ جي خيال کان سندس پُٽ کي باندي بڻايو ويو ھو. ڇوڪرو نھايت شريف ۽ فضيلت وارو ھو. کيس پڻس جي روش پسند نه ھئي. چوندو ھو ته کيس ڇڏيو وڃي، جيئن ھو غازين جي خدمت ڪري. سدائين پنھنجي ماءُ ۽ ڀيڻن کي ياد ڪري پيو روئندو ھو. مون ساڻس واعدو ڪيو ته کيس ضرور سندس ڀيڻن ۽ ماءُ سان ملائينديس.
آءٌ انھيءَ باري ۾ سوچيندي رھيس. آخر سوچيم ته ڪنھن نموني سندس پيءُ کي ٻيلي ۾ کڻي اچان ۽ انھيءَ جي عيوض ھن جوان کي آزاد ڪرايان. اھا ڳالھ مون پنھنجي ھڪ ذات ڀائيءَ يوسف سان ڪئي. ھو منھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ھڪ ڏينھن موقعو ڏسي اسان ڪئمپ مان روانا ٿياسون. ٻيلي جي ھڪ ٻئي ڳوٺ مان يوسف جا ڪجھ دوست به اسان سان شامل ٿيا. اسان ٻيلي کان ٻاھر ٿي اُن زميندار جي ڳوٺ پھتاسون. ڳوٺ چڱو وڏو ھو- منجھس سؤ سوا گھر ھئا. ھڪ ڇيڙي تي وڏيري جي حويلي ھئي.
آءٌ غريب ۽ لاچار عورت جو ويس ڪري حويليءَ ۾ داخل ٿي وڏيريءَ سان مليس. کيس اُن وقت نوڪرياڻيءَ جي ضرورت ڪونه ھئي پر منھنجي حال تي رَحم کائي مون کي حويليءَ ۾ رھڻ ڏنائين. ھوءَ پنھنجي وڇڙيل پُٽ کي ياد ڪري پيئي روئندي ھئي. وڏيرو وري سڄو ڏينھن ملٽريءَ وارن جي ڪئمپ ڏانھن اچ وڃ لايو ويٺو ھو، جيڪا ڳوٺ کان ڏھاڪو کن ميل پري ھئي. سندس حويليءَ تي چئن خانگي چوڪيدارن کان سواءِ ڇھ ملٽريءَ وارا پھرو ڏيندا ھئا.
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ منھنجو بازار وڃڻ ٿيو. موقعو وٺي پنھڻجي ساٿي يوسف سان رابطو ڪري، ساڻس سمورو احوال ڪيم. ٻئي ڏينھن يوسف وري مليو ۽ ٻڌايائين ته حويليءَ تي زبردست پھري ڪري وڏيري کي اُتان اغوا ڪرڻ مشڪل ٿيندو، البته کيس رستي تان کڻي سگھجي ٿو. انھيءَ واسطي مون تي اھو ڪم رکيو ويو ته کيس وڏيري جي اچ وڃ جي پروگرام کان آگاھ ڪريان.
ھڪ ڏينھن وڏيري ٽي ھزار روپيا کڻي حيدرآباد ۾ ملٽريءَ جي وڏي صاحب سان ملڻ جو پروگرام ٺاھيو. مون پنھنجي ساٿين کي ان پروگرام کان آگاھ ڪيو. فجر مھل يوسف ۽ سندس ساٿي مقرر ڪيل رستي تي جھنگ ۾ لڪي ويٺا. وڏيري جي ويجھي اچڻ تي ھڪ ڄڻي وڃي گھوڙي جي واڳ جھلي ته ٻيا بندوقون تاڻي بيھي رھيا. اسان وڏيري کي قابو ڪري، پَٽڪي سان ٻڌي جھنگ ۾ داخل ٿي وياسون. يوسف جي دوستن وٽ وڏيري کي ڇڏي، آءٌ ۽ يوسف پنھنجي مرڪز ۾ پھتاسون. اُتي ھڪ بزرگ دوست معرفت مکيءَ جي سردار سان رابطو ڪري کيس حقيقت کان آگاھ ڪيوسين. ھو انھيءَ ڳالھ تي راضي ٿيو ته وڏيري جي عيوض سندس پُٽ کي آزاد ڪيو وڃي. سردار صاحب اسان جي انھيءَ ڪارنامي کي تحسين جي نگاھ سان ڏٺو. صبح جو سردار صاحب منھنجو ۽ يوسف جو نڪاح پڙھايو. اسان پنھنجي رھڻ واسطي ھڪ لانڍي پنھنجي ھٿن سان ٺاھي.
ھڪ ڏينھن مکيءَ جي سردار اعليٰ نياپي مطابق ھڪ وڏي معرڪي واسطي، اسان جي ڪئمپ مان 25 غازي، ناري جي ھُن پار ’اَوَڍ‘ واري ڀٽ جي طرف موڪليا ويا. انھن 25 غازين جي دستي ۾ يوسف به شامل ھو ۽ منھنجي زور ڀرڻ تي مون کي به شامل ڪيو ويو. اسان جي دستي جي اڳواڻي پنجاھ سالن جو تجربيڪار جنگي جوڌو ’خير محمد سنجراڻي‘ عرف ’خيرو سنجراڻي‘ ڪري رھيو ھو.
اسان سرنگھن، گھاٽن جھنگلن ۽ ورن وڪڙن مان ٿيندا منزل ڏانھن ھلياسين. رستي تي اسان ٻيا دستا به ڏٺا جيڪي اسان وانگر گھرايا ويا ھئا. مقرر ھنڌ تي اسان وارو دستو رند ٻروچن تي مشتمل ھڪ ٻئي دستي سان شامل ڪيو ويو ۽ ھڪ گڏيل دستي جو ڪمانڊر ’وريام‘ مقرر ٿيو.
ڪجھ دير کان پوءِ مکيءَ جو سردار اعليٰ ’شيخو راڄڙ‘ جنھن کي ’شيخيو‘ ۽ ’سيڪيو‘ به چيو ويندو آھي، پنھنجي صلاحڪارن ۽ ماتحن سان گڏ نھايت شاندار نموني سامھين جھنگل کان ظاھر ٿيو.
ھاڻ اسان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو ۽ پنجن ڪلاڪن جي جانڪاہ مسافريءَ کان پوءِ ’پڪسري موريءَ‘ وٽ پھتاسون. ھتي فوجين جي ھڪ ڪمپنيءَ جي ڪئمپ لڳل ھئي- ڪئمپ جو مقام ناري واھ جي ڪناري وارو ڪشادو ٿَلھو ھو. چؤطرف ٻيلي جو گھاٽو جھنگل ۽ ميلن تائين انساني قد کان ٽيڻان ڊگھا سَرَ بيٺل ھئا.
سردار اسان کي پوزيشن ۾ آڻي، صورتحال جو دوربينيءَ سان جائزو وٺڻ لڳو. فوجي اُن وقت ماني کائي رھيا ھئا. اسان سردار جي حُڪم تي فائرنگ شروع ڪئي ۽ فوجين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي ۽ ھو ھٿيار کڻڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳا، پر انھيءَ جو انھن کي موقعو نه مليو. غازي کين گھيري ۾ آڻي سندن ڪئمپ ۾ ڪاھي پيا ۽ ھٿو ھٿ لڙائي شروع ٿي ويئي. جلد ئي ھو ويھ – پنجويھ لاش ۽ ڪيترائي زخمي ڇڏي بي ترتيبيءَ سان سَرَن ۾ غائب ٿي ويا. اسان اڃا مال غنيمت جمع ڪري رھيا ھئاسون ته اسان کي ڪوچ ڪرڻ جو حُڪم مليو. ڏھاڪو کن ميل ھلڻ کان پوءِ خبر پيئي ته اڳتي مشھور ’ڳجھڙي ڀِٽ‘ تي غازين ۽ فوجين جي زبردست ويڙھ ھلي رھي آھي. فوجين وائرليس تي پنھنجي ھيڊ ڪوارٽر تان مدد گھري آھي، جتان ھڪ دستو روانو ٿي چڪو آھي. اسان کي اُھو دستو وچ تي ئي روڪڻو ھو. اسان اُتي مورچا لڳاياسون. ڪجھ دير کان پوءِ فوجي دستي به وڻن مان منھن ڪڍيو ۽ اسان مٿن فائرنگ شروع ڪئي. ھن اوچتي فائرنگ تي اول ته ھو گھٻرائجي ويا پر پوءِ پير ڄمائي مقابلي ۾ جُنبي ويا. اھو سلسلو ڪلاڪ کن ھليو، فوجين جي پويان به فائرنگ شروع ٿي ويئي. سندن پويان اُھي غازي ھئا جن کي اسان جي مدد لاءِ موڪليو ويو ھو. اھو ٻه طرفو حملو فوجي برداشت ڪري نه سگھيا ۽ ڇڙوڇڙ ٿي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا.
ھاڻي اسان ڳجھڙي ڀِٽ ڏانھن وڌياسين. پر اُتي پھچي معلوم ٿيو ته اُتي غازي اڳيئي سوڀارا ٿي چڪا ھئا. خير اسان ھڪ مناسب ھنڌ تي آرام ڪرڻ لاءِ ڪئمپ لڳائي. فجر مھل اُتي نماز پڙھي، نيرن ڪري نئين معرڪي لاءِ تيار ٿي ويٺاسين. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ قاصد آيو جنھن اسان کي نقشن جي مدد سان، نئين محاذ بابت سمجھايو.
اسان ھاڻ نقشي مطابق پيچرن تي پنڌ شروع ڪيو. رستي تي ھر ھنڌ ھزارين غازين کي جھاد جي تيارين ۾ مشغول ڏٺوسين. ھڪ ھنڌ اسان ھٿيار ٺاھڻ جي ديسي نموني جو ڪارخانو ڏٺو، جتي انگريزي ساخت جي نموني جون ھوبھو يارنھن ڌڪيون 3.3 رائفلون پئي تيار ٿيون. انھن جا نال قبائلي پٺاڻ اُستادن جي نگرانيءَ ھيٺ پئي ٺھيا ته ڪنداڪ وري سنڌي ڪاريگرن پئي ٺاھيا. مگر اُھي رائفلون انگريزي رائفلن جھڙيون ديرپا نه ھيون. انھن جا نال جلدي شڪسته ٿيو ٿي پيا. انھن کي مرمت لاءِ وري اُتي واپس موڪليو ٿي ويو. رستي تي اسان جنگي تربيت جا مرڪز پڻ ڏٺا. اُستاد گھڻو ڪري سنڌي ھئا.
ويھارو کن ميلن جي پنڌ کان پوءِ، جھنگل مان نڪري اسان اچي پوٺي تي پھتاسون. اُتي ھڪ ڀِٽ جي پاسي ۾ رات رھي آرام ڪيوسون. صبح جو اڃا تيارين ۾ ھئاسون ته ٻيلي مان ھڪ سوار قاصد اطلاع کڻي آيو ته ٻيلي تي جھازن وسيلي بمباريءَ سان باھيون لڳي رھيون آھن ۽ اھي جھاز صحرا تي حملا ڪندي ڏٺا ويا آھن. اھو ٻڌي سردار اسان کي ڀِٽن اندر پناھ گاھون ٺاھڻ جو حُڪم ڏنو. اسان بيلچن جي مدد سان اھو ڪم ٻنپھرن تائين مڪمل ڪري ورتو. وچينءَ ڌاري پري کان جھازن جا آواز اچڻ لڳا. ٿوري ئي دير ۾ ھڪ ٻئي پويان ٻه جھاز ايندا نظر آيا. اسان ھڪدم پناھ گاھن ۾ داخل ٿي وياسون. ھواباز نھايت احتياط سان جھازن کي ھيٺ غوطا ھڻائي اسان جي تلاش شروع ڪئي ۽ بمباري به شروع ڪيائون. پر واريءَ ڪري اھي بم بي اثر ثابت ٿيا.
اوچتو..... اسان جي سردار اعليٰ ’شيخيه راڄڙ‘ ھڪ ھيٺاھينءَ تي آيل جھاز جو نشانو ٻڌي فائر ڪيو. گولي سڌي جھاز جي انجڻ ۾ لڳي ۽ جھاز ڀڙڪو کائي جلڻ لڳو. منجھس ويٺلن جون دردناڪ دانھون بلند ٿيون ۽ پل جو پل ۾ جھاز ٽڪرا ٽڪرا ٿي ھيٺ ڪريو. ٻيو جھاز ھن حيرت انگيز ڪارنامي تي ھراسجي ڀڄي نڪتو ۽ غازي ’ڀيڄ پاڳارا‘ جا نعرا ھڻندا پناھ گاھن مان ٻاھر نڪري آيا.
اسان رات رھي آرام ڪيو ۽ صبح جو واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو. رستي تي ھڪ فوجي ڪئمپ نظر آئي، جنھن کي گھيري ۾ آڻي حملو ڪيوسون. انھيءَ معرڪي ۾ يوسف کي گھيري مان ڇڏائيندي چئن فوجين کي جھنم رسيد ڪيو.
سردار منھنجي بھادريءَ کي ڏسندي، مون کي ڀاءُ جيئندي جي جاسوسي کاتي ۾ داخل ڪيو.

ھاڻ 34 سالن جي مائي ’جادُو‘ مِٺي مگر حاڪماڻي آواز ۾ پنھنجو داستان شروع ڪيو.
آءٌ مکي ٻيلي ۾ ’اوڍ جي ڀِٽ‘ جي ھڪ دامن ۾ ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄايس. بابو ڪڙمي به ھو ته لوھار به. اسان وٽ ڪجھ چوپايو مال ۽ ھڪ ڀلو گھوڙو به ھو. بابو ھڪ سچو مجاھد ۽ جفاڪش انسان ھو، تنھن ڪري مون به مجاھدانه زندگي اختيار ڪئي. ويھن ورھين جي عمر ۾ نشانه بازيءَ ۽ شھسواريءَ ۾ آءٌ پنھنجو مٽ پاڻ ثابت ٿيس.
غازي ھلچل شروع ٿيڻ تي بابو ۽ آءٌ تحريڪ ۾ شامل ٿي وياسون. مارشل لا بعد مون کي جاسوسيءَ جي خفيه مرڪز ۾ موڪليو ويو. ان بعد مون کي اڄ تائين بابي ۽ ٻين مائٽن جو ڪوبه پتو نه آھي ته ھو ڪٿي آھن.
ھڪ ڏينھن اسان جي استاد جيئندي خان اسان کي ھڪ اھم منصوبي لاءِ سنڀرايو. انھيءَ منصوبي مطابق اسان کي نھايت ھوشياري ۽ خبرداريءَ سان معلوم ڪرڻو ھو ته انگريز فوجن ڪٿي ڪٿي پڪيون ڪئمپون ۽ عارضي مرڪز قائم ڪيا آھن. استاد ٻڌايو، ھي ڪم نھايت خطرناڪ آھي- انھيءَ ۾ گرفتاريءَ جو سخت خطرو آھي. گرفتار ٿيڻ جي حالت ۾ دشمن اسان کان راز حاصل ڪرڻ لاءِ ھر قسم جا حربا اختيار ڪري سگھي ٿو، جنھن ۾ عذاب ڏيڻ، ڪيترائي واعدا ڪرڻ ۽ سبز باغ، مصنوعي دوستيءَ جا اقرار، گوليءَ سان اُڏائڻ جا دڙڪا شامل آھن. ثابت قدم رھڻ جي حالت ۾ ته اڃا به جان بچڻ جو امڪان آھي. پر دشمن جي ڳالھين ۾ اچي يا موت کان ڊڄي اقرار ڪرڻ جي حالت ۾ ته موت يقيني آھي.
خير- ھر طرح سان پڪو پختو ڪرڻ کان پوءِ اُستاد مون کي ۽ جھوني ساٿيءَ ’رجب‘ کي پيءُ ۽ ڌيءُ جي روپ ۾، انگريزن جي ڪنھن خيرخواھ ڳوٺ کان ڪم شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، جتان اسان کي نھايت خبرداريءَ ۽ ھوشياريءَ سان دشمن جي ڪئمپن طرف وڌڻو ھو. ھر ھنڌ اھڙا جانباز موجود ھئا، جيڪي اسان جي حاصل ڪيل معلومات پاڻھي مرڪز تائين پھچائڻ جا ذميدار ھئا. انھن کي اسان سان رابطا ڪرڻ ۽ سڃاڻپ لاءِ خاص اشارا ۽ لفظ ڏنل ھئا.
منھنجو ساٿي چاچو ’رجب‘ ھڪ عجيب انسان ھو. مکيءَ ۾ رھندڙ ھڪ غريب گھر جو ھي فرد، سيلاني طبيعت وارو ھو. ھن شادي ڪانه ڪئي ھئي. مھينن جا مھينا گھمڻ ڦرڻ کان پوءِ گھر وارن واسطي اناج، گيھ وغيرہ کڻي ايندو ھو. نھايت رحم دل، ڏاڍي پر اثر گفتار وارو ھي شخص داستان گوئيءَ ۾ ماھر ۽ سچو غازي ھو. سندس دوست ساڻس ڪچھريءَ لاءِ واجھائيندا ھئا. ھر ھنڌ کيس ڀليڪار ملندي ھئي. سندس صلاحيتن کي ڏسندي کيس جاسوسي کاتي ۾ رکيو ويو ھو.
رجب پنھنجي ڪم جي شروعات ’پيرو خاصخيلي‘ جي ڳوٺ کان ڪئي، جيڪو مکيءَ کان ڇھ ميل کن پري ھو، ۽ ان ۾ پير صاحب جو ڪوبه مريد نه ھو. ھن ڳوٺ ۾ سندس ڪيترائي دوست ھئا. کين خبر ھئي ته رجب شادي ڪونه ڪئي ھئي، تنھن ڪري آءٌ ٿيس ڀائيٽي ۽ ھو ٿيو منھنجو چاچو. منھنجو ڪم ھو ڳائڻ مھل رجب کي سُر وٺائڻ.
اسان رجب جي ھڪ دوست جي گھر پھتاسون. اُتي اسان کي ڏاڍي آجيان ملي. خير عافيت کان پوءِ اسان ماني شروع ڪئي. انھيءَ وقت ميزبان جو ھڪ دوست به اچي ويو ۽ اسان سان مانيءَ ۾ شامل ٿيو. ماني کائيندي، ڳالھيون ڪندي، ھن اجنبيءَ ٻڌايو ته ھو ھن وقت حڪومت جو ملازم آھي ۽ سندس ڪم ڳوٺن ۾ چڪر ھڻي حرن بابت معلومات ھٿ ڪرڻ آھي. ھن کي حُرن تي ڪا خاص ڪاوڙ ھئي جو ھنن سندس گھر جلائي، ھن جي والد کي ماري ڇڏيو ھو.
خير- ماني کائي اسان سمھي پياسون. رات جي پوئين پھر اوچتو منھنجي اک کُکي- اُن وقت اجنبي، اسان جي ميزبان سان سُس پُس ڪري رھيو ھو. اجنبيءَ ٻڌايو ته دراصل ھو حُرن جو ھمدرد ھو، پر سرڪاري جاسوسن کي ڌوڪو ڏيڻ خاطر ھو پاڻ کي سرڪاري جاسوس ۽ حرن جو دشمن ظاھر ڪندو آھي. کيس حرن جي ھٿان پنھنجي غدار پيءُ جي مارجڻ تي ڏک نه، بلڪ خوشي ھئي، ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ محض انگريزن جي اڳيان سچائي ڏيکارڻ لاءِ پنھنجي نوجوان مجاھد ڀائيٽي مجاھد ’علڻ‘ کي فوجين ھٿان مارايو ھو. ھن ٻڌايو ته سندس پيءُ حرن کي ڌوڪي ڏيڻ خاطر ظاھر ۾ ھنن جو ھمدرد ھو ۽ وڏيون لاڦون ھڻندو ھو، پر عين آزمائش وقت بزدل ثابت ٿي پنھنجن کي مارائي وڃي پار پوندو ھو.
اسان جي ميزبان به اھائي ڳالھ ڪئي- يعني ظاھر ۾ سرڪاري جاسوسن جي خوف کان ھو حرن جي خلاف ھو، پر اندروني طور تي ھو حُرن جو سڄڻ ۽ سرڪار جو دشمن ھو!
صبح جو اسان پنڌ پياسون. مون رجب سان سمورو احوال ڪيو. ھو اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو- کيس يقين ھو ته وقت تي اھو دوست ڪارگر ثابت ٿيندو!
قصو ڪوتاھ- اڳتي ھلي ھڪ خاص ھنڌ تي پھچي اسان ڪپڙا بدلائي پيشه ور راڳيندڙن جو لباس پھريو. اسان جي سامھون وڻڪار جي پوئتان فوجين جي ھڪ ڪئمپ ھئي. اسان ڪئمپ جي دروازي تي پھتاسون ته چوڪيدار ھڪل ڪري اسان کان پڇيو ته اسان ڪير آھيون؟ رجب خوشامدي انداز ۾ اڌ سنڌي ته اڌ اردو زبان ۾ ھن کي صوبيدار سڏيندي ٻڌايو ته ابن ڏاڏن کان وٺي اسان جو گذر سفر جو دارو مدار داستان گوئيءَ ۽ ڪلام گوئيءَ تي آھي. اسان اوھان صاحبن جون دليون وندرائڻ لاءِ قديم سنڌ جا داستان ۽ ڪلام وارث شاھ جو ھير رانجھو، بُلي شاھ جو ڪلام، اُن کان سواءِ ملتاني، سرائڪي زبان جا ڪلام ٻڌائڻ آيا آھيون. پھريدار اسان کي اُتي بيھاري، اجازت وٺڻ لاءِ اندر ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ پاڻ سان گڏ اڌڙوٽ عمر واري ھڪ آفيسر کي وٺي آيو، جنھن اسان کي گھري نطر سان جاچي ڏٺو ۽ ڪجھ سوال جواب ڪرڻ کان پوءِ مطمئن ٿي ڪئمپ اندر وٺي ھليو. اُتي وري ھڪ انگريز ڪپتان اڳيان اسان کي پيش ڪيائين ۽ اُن کي سڄي ڳالھ ٻڌايائين. انگريز ڪپتان به راضي ٿيو ۽ فيصلو ٿيو ته رات جو فوجي جوانن جي اڳيان اسان پنھنجو پروگرام ڪنداسون ۽ پوءِ آرام ڪري صبح جو روانا ٿينداسون. پروگرام جي تياريءَ تائين اسان ساري ڪئمپ نظر مان ڪڍندا رھياسون. رات جي خاموشيءَ ۽ بجليءَ جي زبردست روشنائيءَ ۾ رجب سنڌي ۽ پنجابيءَ ۾ زبردست ڪلام ٻڌايا. آءٌ به ساڻس سُر ملائيندي رھيس. ھر طرف کان واھ واھ ۽ رپين جو مينھن وسي ويو.
صبح جي وقت ڪئمپ وارن ڏاڍي قرب سان موڪلايو. اسان کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنائون.
اُتان روانو ٿي، اسان پنڌ کي ڇڪيو. ٻنپھرن ڌاري ھڪ ٻي فوجي ڪئمپ جي ويجھو پھتاسون. ڪئمپ جي ٻاھران واھ جي ڪپ تي فوجي جوان وھنجي رھيا ھئا. اسان کان حال احوال وٺي خوش ٿيا ته ھڪ عرصي کان پوءِ سندن وندر جو سامان مھيا ٿي رھيو آھي. اسان کي ھنن پنھنجي آفيسر جي اڳيان پيش ڪيو، جنھن سرٽيفڪيٽ ڏسي، اسان کي ڪئمپ ۾ترسڻ ۽ رات جو تماشو ڪرڻ جي اجازت ڏني. اسان کي ھڪ ننڍي رائونٽي اندر رھايو ويو. ھيٺ گلم وڇايل ھو، جنھن تي ويھي اسان ٻاھر جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. وچينءَ مھل اوچتو ڪئمپ تي غازين حملو ڪيو جو ٻه ڪلاڪ کن ھليو. ڪافي ملٽريءَ وارا ھن حملي ۾ زخمي ٿيا. اسان خير سان سڄي رات انھن کي وندرايوسين. صبح جو اُتان روانا ٿياسون.
ھاڻ اسان جي اصل آزمائش شروع ٿي. ٻن ڪئمپن مان ڪامياب ٿي جڏھن ٽئين ڪئمپ تي پھتاسون ته حالتون مختلف ھيون. ھتي اسان کي عام راڳيندڙ سمجھڻ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. ڪئمپ جي ٻاھران ئي ڪپتان اسان کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندي پاڻ سان گڏ اچڻ لاءِ چيو. ايندڙ خطري جو احساس ڪندي ڪئمپ آفيس ڏانھن ويندي، رستي ۾ پاسن تي بيٺل وڏي گاھ ۾ مون آھستي آھستي نھايت ھوشياريءَ سان پنھنجي ننڍڙي ھَڙ اڇلائي ڇڏي، جنھن ۾ ڪجھ پئسا ۽ ڪو اھڙو سامان ھو جنھن مان اسان جي سڃاڻپ ٿي سگھي ٿي.
ڪپتان اسان کي پنھنجي آفيس ۾ وھاري ڪجھ وقت اسان ڏانھن غور سان نھاريندو رھيو. آخرڪار ھڪ گھري نگاھ وجھندي چيائين: ”مون کي ڪامل يقين ٿي ويو آھي ته اوھان جاسوس آھيو- اوھان جيڪي ڪجھ ڳالھايو آھي، ڪوڙ آھي! ھاڻ اوھان لاءِ بھتر ائين ٿيندو ته سچو مقصد بيان ڪريو.“
چاچي رجب نھايت سڪون سان جواب ڏنو ته: ”سائين اسان جو مقصد پيٽ گذران آھي- اسين نڪي جاسوس آھيون، نڪي ان فن مان واقف آھيون- جيڪڏھن اجازت ڏيو ته پنھنجو ڪم ڏيکاري ڪو گذران حاصل ڪريون- نه ته اڳتي وڃڻ جي اجازت ڏيو!“
ھاڻ ڪپتان اول ڌمڪيون ڏنيون، پوءِ وري خوشامد تي لھي آيو. اسان کي چانھ پياري پنھنجي مصر ۾ رھڻ دوران تجربي جو قصو ٻڌائڻ لڳو. پوءِ وري نصيحتون ۽ قسمين قسمين واعدا ڪرڻ لڳو. پر اسان وٽان ڪجھ به حاصل ڪري نه سگھيو. نيٺ ڪڪ ٿي پھرئين اسان کي ڪوارٽر گارڊ ۾ بند ڪيائين، پوءِ رجب کي چؤکنڀو ٻڌرائي، نيٽ جي لڪڻ سان ويچاري جي ھٿن ۽ پيرن جي ترين کي ڪُٽي ڪارو ڪري ڇڏيائين. رجب ويچاري ايڏي مار ۾ ٻڙڪ به ڪونه ڪڍي. گھڻي تڪليف تي صرف الالہ الاالله ٿي چيائين. رجب کي مار ڏيندي ڪپتان مون کي به ڌمڪيون ڏيندو رھيو. پوءِ اسان کي سوچڻ لاءِ ڪجھ وقت ڏيئي ھو ٻاھر ھليو ويو.
ڪجھ دير بعد ھڪ نوجوان ديسي عملدار اندر آيو ۽ اسان سان ھمدرديءَ جو اظھار ڪرڻ ڪرڻ لڳو. پر اسان خاموش رھياسون.
رات جو انگريز ڪپتان وري اسان جي لانڍيءَ ۾ آيو. سندس ھٿ ۾ ھنٽر ھو، جنھن سان اڌ ڪلاڪ کن رجب کي بي درديءَ سان ڪُٽيائين. پوءِ مون کي لانڍيءَ ۾ ڌار رکيائون. ڪلاڪ کن کان پوءِ انگريز عملدار مون وٽ آيو. اول نصيحتون ڪيائين پوءِ ڏاڍيءَ بيدرديءَ سان مون کي مارڻ لڳو. پھريائين لڪڻ سان، پوءِ بوٽ جا ٿڏا به ھنيائين. منھنجي ڪيڪن ۽ دانھن تي کيس ڪوبه قياس ڪونه آيو. اڌ رات تائين مون سان اھا ڪار ٿيندي رھي. جڏھن اڌ مئي ٿي ويس تڏھن ھو ھليو ويو. صبح جو ديسي آفيسر منھنجي لاءِ چانھ ۽ بسڪوٽ کڻي آيو ۽ مون سان ھمدرديءَ جو اظھار ڪرڻ لڳو. رجب بابت معلوم ٿيو ته ھن سان ھر قسم جي سختي ڪئي ويئي. ويندي کيس ڏنڀ به ڏنا ويا پر ھو خاموش رھيو.
اھڙيءَ ريت ٽي ڏينھن گذري ويا. چوٿين ڏينھن انگريز ڪپتان تار ڪري سانگھڙ مان سڃاڻپ لاءِ ماڻھو گھرايا. انھن مان ٽي ڄڻا ته اسان کي بنھ ڪونه سڃاڻندا ھئا. باقي چوٿون رجب کي سڃاڻندو ته ھو، پر کيس اسان جي اصليت جي خبر ڪونه ھئي. کيس مون بابت ته ڪابه خبر نه ھئي. ھن رجب بابت ڪپتان کي وزندار لفظ چيا ۽ کيس ٿڌو ڪيو. نيٺ ھفتي کان پوءِ اسان آزاد ٿياسون ۽ چڪر ھڻندا اچي مکيءَ ۾ داخل ٿياسون.
اُتي مقرر ھنڌ تي اسان کي رھبر مليو، جنھن سان گڏجي اسان غازين جي ھڪ ڪئمپ ۾ پھتاسون. اُتي ماني ٽڪي کائي اسان ڪئمپ جي سردار کي سمورو احوال ڏنوسون. رجب جي زخمن کي ڏسي سردار قسم کنيو ته جيستائين ان ظلم جو ھو اُن انگريز کان انتقام نه وٺندو، تيستائين سنوارت نه لھرائيندو. ٻئي ڏينھن صبح جو ناشتو ڪري اسان جھنگل جي ڪناري ھڪ بيابان ۾ داخل ٿياسون ۽ ڏھاڪو ميل کن پنڌ ڪري ڀٽن جي دامن ۾ ھڪ محفوظ ھنڌ تي پھتاسون. اندر ڪئمپ ۾ ھڪ پرشڪوہ سردار ويٺو ھو. ھُن اسان کان تفصيلي احوال پڇيو ۽ ظالم آفيسر جي ڪئمپ جو احوال ٻڌي کڻي ماٺ ڪيائين. پوءِ ھن ٻه قاصد ڪمڪ واسطي روانا ڪيا ۽ ٻن ڏينھن اندر ڏيڍ سؤ غازي پھچي ويا. اسان اُٺن تي سوار ٿي اولھ طرف رخ ڪيو ۽ رڻ اُڪري ٻيلي ۾ داخل ٿي ھڪ محفوظ ڪئمپ تي منزل ڪئي سون. اُتي سڀني غازين ۾ ھٿيار، بارود ۽ يونيفارم ورھايا ويا. ھاڻ اسان منظم طريقي سان پنھنجي منزل ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو، جنھن جي خبر صرف چند ماڻھن کي ھئي. آخر اسان مطلوب ڪئمپ ويجھو پھتاسون. ھر طرح جي ڳڻ ڳوت ۽ سوچ ويچار کان پوءِ غازين آڌيءَ رات جو ڪئمپ طرف چئني طرفن کان بانبڙا پائي آھستي آھستي وڌڻ شروع ڪيو. ڪئمپ کي گھيري ۾ آڻڻ کان پوءِ اڳواڻ جي واتان شينھن جي گجگوڙ وارو نعرو، ”شاباس شڪاري“ نڪتو ۽ جواب ۾ ’الله اڪبر‘ ۽ ’ڀيڄ پاڳارا‘ جا نعرا ھڻندا غازي پروانه وار ڪئمپ مٿان ٽُٽي پيا. فوجي شروعات ۾ ته بدحواس ٿي ويا ۽ غازين جي شروعاتي حملي ۾ سندن وڏو نقصان ٿيو، پر پوءِ ھو به صف بندي ڪري مقابلي ۾ اچي ويا. رات جي ٽئين پھر تائين گھمسان جي دوبدو جنگ ھلي. آخر غازي سوڀارا ٿيا. اسان جا پنج مجاھد شھيد ٿيا. اسان جام مال غنيمت کڻي واپسيءَ جو سفر اختيار ڪيو. سفر دوران مون کي رجب ٻڌايو ته معرڪي دوران ھن اُن ظالم انگريز ڪپتان کي ڳولي ھٿ ڪيو ھو ۽ کيس گولين جو نشانو بڻائي جھنم رسيد ڪري پنھنجي انتقام جي آڳ ٿڌي ڪئي.
اسان جي ٻين ساٿين ته ٻيلي جي راھ ورتي. مون کي ھڪ اھم ڪم لاءِ کپري موڪليو ويو. کپري ۾ گھربل گھر تائين پھچي مون چٺي ۽ پئسا انھن جي حوالي ڪيا. ھنن اُھي پئسا ۽ چٺي زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيا ۽ مون کي فوراً روانو ٿيڻ لاءِ چيائون، ڇوته سندس گھر تي سرڪار جي نظر ھئڻ سبب سخت خطرو ھو. ۽ ٿيو به ائين. منھنجي رواني ٿيڻ کان پوءِ ٽن ڪلاڪن اندر سرڪار انھيءَ گھر تي ڇاپو ھڻي اُتي رھندڙ ٻئي مرد ۽ عورتون گرفتار ڪري ورتيون.
پنھنجو داستان ختم ڪندي مائي جادوءَ چيو ته سندس داستان ٻڌائڻ جو مقصد اھو ھو ته سڀني عورتن کي محسوس ڪرڻ گھرجي ته جدوجھد جي راھ ۾ ٻين تڪليفن کان سواءِ سخت مارون ۽ ايذاءَ به رسي سگھن ٿا. کين انھيءَ امڪان کان غافل رھڻ نه گھرجي. سندس داستان ۾ اھو به سبق آھي ته ظالمن تي خدا جو قھر اوس نازل ٿيڻُ آھي.

ھاڻي نھايت خوبصورت مائي فريدان عرف نمبر ’8‘ پنھنجو داستان ٻڌايو:
”منھنجو پيءُ ’عرس‘ لاڙ طرف چندا موريءَ ۾ گيھ جو ھڪ ننڍو واپاري ھو. پوءِ ھٿونگي طرف ھڪ وڏي زميندار سان دوستي ڪري اُتي اچي رھيو. گيھ جو واپار ڪندي، ڪجھ زمين به ورتائين ۽ سُکيو ٿيندو ويو.
ھڪ ڏينھن کپري ۾ ھن جي ملاقات پير صاحب پاڳاري جي ھڪ خليفي ’اسماعيل‘ سان ٿي، جو ڀر واري ڳوٺ ’باداڻو‘ ۾ رھندو ھو. اھا واقفيت وڌي گھاٽي دوستيءَ تائين پھتي ۽ ٻئي ڪاروباري ڀائيوار بڻجي ويا. ٻنھي جا خيال به ساڳيا ھئا. انھيءَ ڪري سندن دوستي به پائيدار ثابت ٿي. بابي تي خليفي جي عقيدي جو رنگ به چڙھڻ لڳو ۽ آخر ھو بيعت ڪري پير صاحب جو مُريد ٿي ويو. غازي تنظيم جي شروع ٿيڻ تي بابي جنس ۽ نقدي صورت ۾ ايڏي ته مدد ڪئي جو پير صاحب جو منظور نظر غازي بڻجي ويو ۽ سندس خواھش تي اسان وڃي ’ڪنگري شريف‘ ۾ رھياسون.
قصو ڪوتاھ- ٿوري عرصي بعد بابا ۽ امڙ وفات ڪري ويا. اسان جو ڀاءُ شادي ڪري پنھنجي ساھرن وٽ ميرپور خاص ھليو ويو. منھنجي شادي به ’محمود‘ نالي ھڪ نوجوان سان ٿي.
ھڪ ڏينھن صبح جو سويل منھنجو گھر وارو پنھنجي والد سان گڏ تڪڙو تڪڙو گھر آيو. ايندي سان نقدي، زيور ۽ ڪپڙا وغيرہ ٻن ننڍين پيتين ۾ ڀريا، جيڪي اسان آسانيءَ سان گڏ کڻي سگھياسين ٿي. سامان کڻي گھر کي تالو ھڻي اسان ٻاھر بيٺل ھڪ گھوڙي گاڏي تي چڙھياسون. خيرپور ڏانھن ويندڙ رستي جڏھن جھنگل وٽ پھتاسون تڏھن گاڏي ڇڏي، سامان کڻي اسان جھنگل ۾ داخل ٿي وياسون. ٿوريءَ دير ۾ اسان ملٽريءَ وارن جون گاڏيون پير جي ڳوٺ ويندي ڏٺيون. منھنجو سھرو اسان کي اُتي ڇڏي پاڻ تڪڙو تڪڙو ھڪ طرف ھليو ويو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اسان بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌا. اسان محسوس ڪيو ڪنگريءَ وارن جو ڪوس ٿي رھيو آھي. ڪجھ دير بعد ھوائي جھازن جا لامارا به ڏٺاسون، ۽ بم گولن جا ھئبتناڪ ٺڪاءَ به ٻڌاسون. سمھڻيءَ مھل منھنجو سھرو زخمي حالت ۾ موٽيو. کيس ٻانھن ۾ گولي لڳي ھئي. سھري حال احوال ڏيندي ٻڌايو ته ڪالھ شام جو خبر پئي ته مارشل لا لڳي چڪو آھي ۽ مکيءَ جا غازي جھاد ۾ مصروف ٿي ويا آھن. اسپيشل ٽرينن ذريعي خيرپور ريلوي تي ملٽريءَ جو اچڻ شروع ٿي ويو آھي. انھيءَ اطلاع تي جيڪي ھٿ لڳو، سو کڻي في الحال ته اسان سِر بچائي جھنگ ۾ اچي پھتا ھئاسون. اڳتي جي ڪا خبر نه ھئي ۽ نه ئي ڪو پروگرام. سھري اھو به ٻڌايو ته ملٽريءَ وارن پير صاحب جي بنگلي ۽ ڪوٽ تي وحشيانه بمباري ڪري انھن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. پير صاحب جو سانگھڙ جي ڀر وارو ’گڙنگ بنگلو‘ به بمباري سان ڊاھي ڇڏيو اٿن. پير صاحب جا ٻه صاحبزادہ نظربند ڪري الائجي ڪيڏانھن وٺي ويا آھن. حالتون بلڪل نازڪ آھن.
رات اسان اُتي گذاري. صبح جو اُتان اُٿي گھاٽي جھنگ مان پئي وياسين ته اسان کي ويھارو کن ھٿياربند غازي گڏيا، جن مان ڪي منھنجي سھري کي سڃاڻندا ھئا ۽ ساڻس ڏاڍي عزت سان مليا. اسان انھن سان شامل ٿي وياسون. اڳتي ھلي ويھن پنجويھن ملٽري وارن جي ھڪ دستي سان معرڪو ٿيو. ھن معرڪي ۾ ملٽريءَ وارا پنھنجا ٻه ساٿي مارائي ڀڄي ويا. اسان کي ڪافي ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ آيو. ٽن ڏينھن جي پنڌ کان پوءِ اسان خاص مکيءَ جي ٻيلي اندر اچي پھتاسون. اُتي عجيب لقاءُ ھو. ھر طرف مرد، عورتون، ٻار ۽ چوپايو مال نظر اچي رھيو ھو. ھر طرف مصيبتن جا ماريل، پر تمام باھمت انسان، جيڪي مرڻ مارڻ واسطي تيار ھئا، نظر اچي رھيا ھئا.
خير- آخرڪار ھڪ اھڙي مرڪز تي پھتاسون، جتي سڀ سردار اچي جمع ٿيا ھئا. اُنھن صورتحال تي غور ڪري فيصلو ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن واسطي مکيءَ جي چئني ڪُنڊن تي چار وڏا مرڪز اھڙن ھنڌن تي قائم ڪيا وڃن جو چؤطرف کان ايندڙ عورتون ۽ ٻار انھن مان ڪنھن به ھنڌ تي بلڪل آسانيءَ سان پھچي سگھن.
منھنجي سھري تي ٻئي انتظامي ڪم کان سواءِ اھو ڪم رکيو ويو ته ھو اسيمبليءَ جي انھن ميمبرن جو تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وٺي جيڪي ڪجھ قدر اڳيئي ھمدرد ھئا. ان کان سواءِ ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ٻين جماعتن کي به پير صاحب جي رھائيءَ ۽ حرن تان پابندي ھٽائڻ لاءِ جلسا وغيرہ ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪيو وڃي.
مگر حالتون بنھ خراب ھيون. انگريز کي جنگ کي منھن ڏيڻو ھو. ھن گھر جي دشمن کي فنا ڪرڻ لاءِ، سڌو وائسراءِ کان حڪم جاري ڪرائي، حُر تحريڪ کي ڊفينس آف انڊيا ايڪٽ ھيٺ خلافِ قانون قرار ڏيئي مارشل لا لڳائي ڇڏيو. جڏھن اسان جي مسلم اخبارن ۽ ھڪ اڌ انڌي منڊي ڪانگريسي اخبارن اسيمبليءَ جي ميمبرن کي مجبور ڪيو ۽ ھو وفد ٺاھي گورنر وٽ پھتا ته گورنر ٻليءَ جھڙو ٻوٿ ڪندي فرمايو ته’معزز ميمبرو! ھن وقت معاملو منھنجي اختيار کان نڪري، وڃي وائسراءِ بھادر تائين پھتو آھي؟ ان ئي مارشل لا لڳائي حرن جو معاملو ملٽري ڪمانڊر جي حوالي اھڙيءَ طرح ڪيو آھي جيئن ھڪ وڙھندڙ دشمن کي فوج جي حوالي ڪبو آھي. اھو معاملو مرڪزي سرڪار جي سپرد آھي، انھيءَ ڪري انھن بابت اسيمبليءَ اندر يا ٻاھر ذڪر ڪرڻ ئي خلاف قانون آھي، ۽ اھڙن ماڻھن تي مارشل لا ائڪٽ تحت ڪاروائي ڪئي ويندي!‘
بس- گورنر صاحب جو ايترو چوڻ ۽ ويچارن اسيمبليءَ جي وڏيرن جي ڪَنن مان دونھان نڪري ويا ۽ آئيندہ مرڳو حُرن يا پير صاحب جو نالو وٺڻ کان ئي توبھ ڪيائون!
ساڳئي وقت ڪانگريسين به ’ڪئٽ انڊيا‘ تحريڪ ھلائي انگريزن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھيون. پر اخبارن ۽ اسيمبلين اندر انھن بابت باقائدي اسپيڪرن جي اجازت سان سوال جواب پئي ٿيا!
ڀينرون- اھو آھي اسان ۾ ۽ ھنن ۾ فرق- ڇوته ڪانگريس به واڻيا ته انگريز به واڻيا. واڻيا واڻين سان ته ٺھي سگھن ٿا..... پر اسان مجاھدن جا ٻئي دشمن ثابت ٿيا آھن. ھڪڙا ظاھر ٻيا باطن!
ڪجھ ڏينھن بعد خليفي صاحب مون تي ھڪ تمام اھم ۽ نازڪ ڪم رکيو- مون کي سنجھوري ۾ رھندڙ ھڪ ماڻھوءَ کي ھڪ ضروري خط پھچائي، اُن جو جواب آڻڻو ھو. اھو ڪم انھيءَ ڪري خطرناڪ ھو جو سنجھوري ۾ ھر طرف ملٽريءَ جون چوڪيون قائم ٿي چڪيون ھيون. آءٌ اھو خط پنھنجي چوٽيءَ ۾ ٻڌي، سانگھڙ مان ٿيندي سنجھوري پھتيس ۽ مطلوب ماڻھوءَ تائين خط پھچائي جواب وٺي، خيريت سان واپس آيس. مون کي ھِن ڪارنامي تي وڏي شابس ملي.
ھاڻ سلامتيءَ جي خيال کان سڀني عورتن کي ڪافي پرانھون ڀِٽن ڏانھن وٺي وڃڻو ھو. اھو ڪم ڪجھ ٻين غازين سان گڏ منھنجي ۽ منھنجي مڙس تي رکيو ويو.
اسان جو قافلو گھڻن ڏکن ڏولاون سان اڻانگن پيچرن وسيلي ڀِٽن جي ويجھو وڃي پھتو، آءٌ منھنجو مڙس ۽ ٻه ٽي غازي اڳواٽ وڌي لڪل ھنڌن تي پھتاسين. جيئن ھڪ لڪل اڏي اندر پھتاسين ته ھڪ غازيءَ جي واقف عورت نظر آئي. پر اُن عورت کيڪار جو ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ھڪ سرنگ ڏي ھلي ويئي. اسان به سندس پوئتان وياسون، اندر اوندھ ھئي. ھن عورت آواز ڏنو: ’ڪريمان ڪٿي آھي؟‘
ٻيءَ عورت چيو: ’نماز پيئي پڙھي!‘
ھن تيزيءَ سان چيو: ”چئوس ته اھا امن واري نماز ڇڏي، ٻاھر ھلي عشق جي نماز ادا ڪري، جا تلوارن جي پاڇي ۾ پڙھبي آھي!“ ۽ پاڻ اڳتي ھلي ھڪ ٻيءَ سرنگھ ڏانھن وڌي. اندر ھڪ ننڍڙو ڏيئو پئي ٽمڪيو. ھڪ عورت پنھنجي ٻارڙي کي کير پيارڻ لاءِ اُٿي ته اوچتو ھن جو آواز ٻڌائين. ’ڀيڻ جلدي ڪر وردي پاءِ، جو ٻاھر انسانيت جو قتلام ٿي رھيو آھي.‘ ٻار جي ماءُ ھڪدم مرداني فوجي وردي پائڻ شروع ڪئي، پر ٿڃ سبب ڇاتي وڏي ھيس، انھيءَ ڪري وردي ڇڪي ٻڌڻ لڳي، ته کير جون ڌارائون وھڻ لڳيون. ھن سندس ٻارڙي ڏي نھاري دردناڪ آواز ۾ چيو: ”ٻچڙا! ھيءُ کير ته قدرت تو لاءِ پيدا ڪيو آھي، پر ھينئر ڏيڻ جو وقت ڪونھي. جي جيئري موٽيس ته اچي پياريندي سانءِ، نه ته بھشت ۾ پياريندي سانءِ!“
ھو ته ورديون پائي نڪتيون، پر رھبر عورت ٻيءَ سرنگھ ڏانھن وڌڻ لڳي.
ڀينرون- اُتي پھچي جيڪو نظارو اسان ڏٺو اھو قيامت تائين نه وسرندو. ھڪ نوجوان جي شادي ٿي چڪي ھئي ۽ ماڻس کير جو وٽو اڃا ھٿ ۾ ڏنس ته ھن عورت آواز ڏنو: ’مجاھدو، نڪرو جھاد لاءِ!‘ يڪدم ماءُ چيو: ’پٽڙا ھاڻي توتي ھي کير حرام ٿي چڪو- يڪدم سھرا لاھي وردي پايو‘ ٻي عورت چيس: ’ادي! اڄوڪي رات ته ڪنوار وٽ گھارڻ ڏينس.‘ ھن مجاھداڻيءَ جواب ڏنس: ’مون اھا شادي به رڳو اوھان جي زور ڀرڻ تي ڪئي، نه ته ھي شادين جو وقت ڪونه ھو. ھاڻي جي سلامت رھيو ته اچي ڪنوار سان گھاريندو، نه ته وڃي حُورن سان لائون لھندو!‘
جوان سھرا لاھي وردي پاتي ۽ اسان حيرت ۽ درد سان پئي ھن کي ڏٺو ته اوچتو ٻيءَ سرنگھ مان سندس ڪنوار به وردي پائي، ھٿيار ٻڌي نڪتي ۽ جھاد ڏانھن وڃڻ ۾ گھوٽ کان به ٻه قدم اڳتي ھئي. مائي فريدان شوڪارو ڀريندي چيو: ۽ ڀينرون- اھڙن شخصن کي اسان جون اخبارون ۽ اسان جا انگريزن جي پروپئگنڊا ھيٺ آيل ڀائر ٿا سڏين ڌاڙيل، وحشي، جھنگلي، خونخوار ۽ رھزن!

تن صرافن جي سمجھ تي سؤ دفعا افسوس ڪر،
موتين کي ڪوڏين جو مَٽ بڻائن بي قدر!
ھاڻي اسان به مجاھدن سان گڏ تڪڙا تڪڙا جھاد جي ميدان ڏي ھلياسون. پري کان جھنگل کي باھيون ڏنل ھيون ۽ ٺڪا ٺوڪيءَ جا زوردار آواز اچي رھيا ھئا.
ھڪ جھڳٽي جي پٺيان ٻارڙن جون رڙيون ٻڌي، اسان اُن طرف وڌياسون ۽ ڏٺوسون ته ھڪ فوجي آفيسر ٻار ھٿ ۾ کڻي ھڪ نھايت پريشان حال، رت ۾ ڀريل ڦاٽل ڪپڙن سان ھڪ عورت کي چئي رھيو ھو ته:’سالي! ھاڻي به مڃ ۽ ھلي مون سان عيش ڪر، نه ته ھيءُ ڇورو ٿو وجھانءِ باھ ۾!‘
ھن عورت جواب ڏنو: ’ظالم، وحشي، مون پنھنجا سڀ پٽ الله جي راھ ۾ائين ڏيئي ڇڏيا آھن جيئن پنھنجو پيارو خاوند ڏنم. تون اھو واءُ مغز مان ڪڍي ڇڏ ته ڪا آءٌ انھيءَ ڪري تنھنجي شيطاني خواھشن اڳيان ڪنڌ جھڪائينديس!‘ ھاڻ ھو وحشي ظالم، ٻار کي باھ تي اُڇلائڻ تي ھو، ته منھنجي مڙس نشان چٽي ٺڪاءُ جو ڪرايس گولي سڌي ٻانھن ۾- ٻار ھٿ مان ڇڏائجي ويس ۽ تمام تڪڙ مان مائيءَ جا ٻيا ٻه ٻار کڻي وڃي ٽرڪ اندر پھتو. اسان ٽرڪ تي فائر ڪيا، پر ھو ٽرڪ ڀڄائي ويو.
ھاڻي غازين اڳتي وڌي، وڙھندڙ فوجين جي پويان حملو ڪيو. فوجي ھن اوچتي حملي کان گھٻرائجي ويا ۽ جيئن اوڏانھن مُنھن ڪيائون ته اڳ وڙھندڙ غازي به کين ڀڃڻيون ڏيڻ لڳا. منھنجي لاءِ ھي پھريون معرڪو ھو. آءٌ به خوب جوش سان وڙھيس. سڀني مون کي شاباس ڏني.
اڌ ڪلاڪ جي مقابلي کان پوءِ فوجي سندن ساٿين جا لاشا ۽ سامان ڇڏي فرار ٿي ويا. غازين کان خبر پئي ته ڪنھن غدار جي سازش ڪري مٿن اوچتو حملو ٿيو ھو، جنھن ڪري ڪيترائي ٻار ھنن گرفتار ڪري ورتا ھئا.
ھن معرڪي ۾ اھو گھوٽ ۽ ٿڃ ڏيندڙ عورت ٻئي شھيد ٿي ويا. ٻيا به ڪجھ مجاھد شھيد ۽ زخمي ٿيا. پر فوجين جي ٿيل نقصان جي اڳيان اھو ڪجھ به ڪونه ھو.
واپس ڪئمپ تي پھچي منھنجي مڙس جي حڪم تي مائيءَ جي ٻارن کي بچائڻ لاءِ آءٌ ھڪ غازيءَ سان واڻڪو لباس پائي ميرپورخاص رواني ٿيس جو اندازو ھو ته اھي فوجي اُتي جا ھئا. ميرپورخاص پھچي اسٽيشن وٽ ھڪ ھوٽل جو ڪمرو مسواڙ تي ڪيوسين. اُتي ٽڪاڻو ٺاھي، اسين روزانو ڇوڪرن جي تلاش ۾ نڪرندا ھئاسون.
آخر ھڪ ڏينھن مون ھڪ ڇوڪر کي مارڪيٽ وٽ گدرن جون کَلون ميڙيندي ڏٺو، جي ھو جھوليءَ ۾ وجھي شھر کان ٻاھر وڃڻ لڳو. مون کي شڪ پيو، سو پُٺ ورتي مانس. شھر کان ٻاھر ھو جھنگ اندر گھڙيو. اُتي ٻه ٻار ٻيا به ويٺل ھئا، جن جي اڳيان ھن وڃي کَلون اُڇلايون! مون وڌي پڇيومانس ته ’ڇا اوھان فلاڻي عورت جا ٻار آھيو؟‘
ھو روئي اچي مون کي چنبڙيا ۽ روئي پنھنجي ماءُ ۽ پنھنجي ڀائرن بابت پڇڻ لڳا- مون کين آٿت ڏني ۽ پاڻ سان گڏ وٺي رواني ٿيس. رستي تي مون کي ٻڌايائون ته کين ملٽريءَ وارا خبر ناھي ڇو جھنگ ۾ اُڇلائي ويا ھئا. ڪو اوھي واھي نه ھجڻ ڪري ھو ائين ئي گذران ڪري رھيا ھئا.
مون پڇيومانس ته ھيڏي وڏي شھر ۾ اوھان ڪنھن کان ماني ڇونه گھري؟ ته ھنن جواب ڏنو ته کين امڙ جي ھدايت ھئي ته ڪڏھن به ڪنھن کي سوال متان ڪريو، نه ته قيامت جي ڏينھن کير نه بخشيندي سانوَ!
مون کي ھنن جي ڪردار تي ڏاڍي حيرت ۽ فخر ٿيو. کين مرڪز تي آڻي ماءُ سان ملايم- سڀ ڏاڍا خوش ٿيا. پر اھا گھڙي منھنجي واسطي ڏک جو سامان کڻي آئي. منھنجو مڙس مون کان پوءِ ھڪ معرڪي ۾ سخت زخمي ٿي پوين پساھن ۾ ھو. مون کي ڏسي مُرڪندي موڪلايائين. آءٌ اڄ تائين ھن جي نالي کي زندھ رکندي اچان.

ھاڻي مائيءَ ’ڀان ڀيڻ‘ پنھنجو داستان شروع ڪيو:
اسان جو شاداب ڳوٺ ’سھتي خاصخيليءَ جو ڳوٺ‘، مکيءَ ٻيلي اندر، ’بڪار‘ نالي ڀٽ جي اُلھندي ڪنڊ تي آھي. بابو ھن ڳوٺ ۾ اڪيلو پڙھيل ماڻھو ھو. سنڌي ۽ ديني علم سان گڏ ھو ٽريننگ ڪاليج پاس ڪيل ھو. ھن پنھنجي ڳوٺ ۾ اسڪول کوليو ھو، جنھن ۾ ڇھين درجي تائين تعليم مون به حاصل ڪئي. آءٌ پيءُ جي اڪيلي ڌيءُ ھئس. ٻارھن تيرھن ورھين جي ھئس ته بابي وفات ڪئي. وڏي ٿيڻ تي منھنجي شادي 35 ميل پري ھڪ ڳوٺ جي نوجوان زميندار سان ٿي. ھو به مائٽن جو اڪيلو اولاد ھو. ڪجھ عرصي کان پوءِ سندس پيءُ به گذاري ويو ۽ سمورو ڪاروبار سندس ھٿ ۾ آيو. اڻ پڙھيل ھجڻ ڪري ھن سموري ڪاروبار جو حساب ڪتاب ۽ لکپڙھ منھنجي حوالي ڪئي. ھو مون سان ڏاڍي محبت ڪندو ھو ۽ ڪاروبار کان سواءِ ٻين ڳالھين ۾ به مون سان صلاح مصلحت ڪندو ھو.
منھنجو مڙس حُر خاندان جو ھو، جنھن ڪري غازي تحريڪ شروع ٿيڻ شرط اُن ۾ شامل ٿي ويو؟ آءٌ به ساڻس ٻانھن ٻيلي ٿي ويس. اسان جو ڳوٺ، آسپاس وارن ڳوٺن جو مرڪز مقرر ٿيو. غازين جي پريڊن کان سواءِ اُتي اھم اجتماع به ٿيندا ھئا.
ھڪ ڏينھن اسان کي سالار اعليٰ جي ھدايت پھتي جنھن مطابق اسان کي ڳوٺ ڇڏي اونھي ٻيلي ۾ سرنگھن اندر وڌيڪ محفوظ مرڪز ٺاھڻو ھو. اسان ڀِنل اکين سان پنھنجي گھرن ۽ ڳوٺ کي الوداع چئي، گھاٽي ٻيلي ۾ ھڪ رھبر سان گڏ داخل ٿياسون ۽ ننڍيون وڏيون سرنگھون پار ڪري ھڪ وڏي سرنگھ ۾ داخل ٿياسون، جنھن واسطي رھبر ٻڌايو ته بچو بادشاھ جي زماني جي ٺھيل آھي ۽ ھاڻي غازين ان کي صاف ڪري وڌيڪ ڊگھو ڪيو ھو. ٽي ميل کن ان ڊگھي سرنگھ ۾ ٻه- ٻه ڄڻا گڏ ٿورا ڪُٻڙا ٿي ھلي سگھياسين ٿي. سرنگھ پار ڪري اسان ھڪ وڻڪار وچ ۾ پھتاسون جتي ڳوٺ ٻڌي ويٺاسين.
ٻئي ڏينھن ھڪ وڏي مھم جي رٿابنديءَ لاءَ ڳوٺ کان پري صحرا ۾ منھنجي مڙس کي سڏايو ويو. آءٌ به يونيفارم پائي ساڻس شامل ٿيس. سرنگھن مان ٿيندا اسان ڀِٽن جي دامن ۾ پھتاسون. اُتي ڀٽن مان ھڪ گھوڙي سوار تيزيءَ سان اسان وٽ پھتو. معلوم ٿيو ته غازين جو ھڪ ٽولو ڀِٽن تي موجود ھو ۽ ھنن فوجين جي دستي کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو ھو. ھاڻ اُھي فوجي دستي کي گھيري ۾ آڻي ختم ڪرڻ جي رٿ ڪري رھيا آھن. اسان به انھن سان شامل ٿي وياسين. اسان جا مورچا ڀِٽن مٿي ٺھيل ھئا. شتر سوار فوجي بي خبريءَ ۾ ڀِٽن جي ھيٺان پئي لنگھيا. سندس تعداد اسي کن ھو- سندس سندن لباس مان محسوس ٿيو پئي ته اُنھي ۾ شايد جوڌپور جي راجا جا سوار شامل ھئا. خير- اڌ ڪلاڪ جي سخت مقابلي کان پوءِ ھو ڪافي لاش ۽ سامان ڇڏي فرار ٿي ويا.
اسان مال غنيمت کڻي مرڪز تي پھتاسون. مرڪز جو سردار ’ڀائي خان چانگ‘ ھو، جنھن جي عمر اڃا 25 سال کن ٿيندي، پر سندس شڪل، ھلت چلت ۽ حُڪم احڪام مان ايئن پئي معلوم ٿيو ته ھو ضرور ڪن جنگجو جوڌن جي صحبت ۾ رھيو آھي.
ٻئي ڏينھن ڀِٽن جي وچ ۾ ھڪ ميدان تي سڀيئي سردار گڏ ٿيا. پوءِ سردار اعليٰ اسان کي مڪمل پروگرام سمجھايو. ماڻھن جي سوالن جي جواب ۾ ھر ڳالھ جي پوري پوري وضاحت ڪئي ويئي. اجتماع جي برخواست ٿيڻ تي سڀني پنھنجي پنھنجي مرڪز جي راھ ورتي. اسان به وڃي پنھنجي مرڪز تي پھتاسون.
مھيني کن کان پوءِ اسان رائفلن ۽ ڪارتوسن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ فوجين جي ھڪ گشتي دستي تي ڪامياب ڇاپو ھنيو. ھن دستي تي اسان ’رحمون خاصخيليءَ جي ڳوٺ‘ وٽان موريءَ واري ناڪي وٽ معرڪو ڪيو. مون ھن معرڪي ۾ پوريءَ طرح حصو ورتو. جوش ۾ ھڪ دفعي ته دشمنن جي وچ ۾ به ھلي ويئس. منھنجي بھادريءَ جي سڀني تعريف ڪئي، پر اڳتي احتياط کان ڪم وٺڻ جي تنبيھ به ڪيائون.
چئن ڏينھن کان پوءِ، سردار اعليٰ ھڪ وڏي معرڪي واسطي سڀني مرڪزن مان 10-15 غازي گھرايا. اسان جي مرڪز مان منھنجو سرتاج ڏھن غازين سان گڏ انھيءَ معرڪي ۾ شامل ھو. ھن وڏي معرڪي ۾ غازين کي شاندار ڪاميابي حاصل ٿي، پر منھنجي خاوند کي شھادت حاصل ٿي. اول ته مون کي سخت صدمو پھتو، پر جلد ئي سامت ۾ اچي اڃا به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان جھاد ۾ حصو وٺڻ لڳيس.
منھنجي بھادريءَ سبب ڀائو جيئندي مون کي به پنھنجي کاتي ۾ شامل ڪيو.

ھاڻي ساٺيڪو ورھين جي ڪاري رنگ ۽ جانٺي بدن واريءَ ’ھوندل ماڇياڻيءَ‘ پنھنجو داستان شروع ڪيو.

آءٌ ماڇي ذات جي آھيان. منھنجو ڳوٺ سنجھوري کان 16 کن ميل اولھ طرف ’ڳوٺ جھان خان مريءَ‘ جي ويجھو ھو. منھنجو پيءُ مڇيءَ جي ڪم کان سواءِ مقاطعي ۽ مزدوري جو ڪم پڻ ڪندو ھو. منھنجا ڀائر پڻ انھيءَ ڌنڌي ۾ سندس مدد ڪندا ھئا. اسان مناسب خوشحال ھئاسين. مون تي ڪو خاص ڪم يا ذميداري ڪونه ھئي. آءٌ البيلي ٿيو پيئي گذاريندي ھيس.
آءٌ جڏھن 14 ورھين جي ھيس، تڏھن بابي ’محرم خاصخيليءَ‘ کان ھڪ ڍنڍ مقاطعي تي کنئي. مال جي چوريءَ کي روڪڻ لاءِ اسان عارضي طور ڍنڍ جي ويجھو محرم خاصخيليءَ جي ڳوٺ ۾ اچي رھياسين.
ھڪ دفعي آءٌ ڍنڍ تان مڇيءَ جو ٽوڪرو کڻي پئي آيس ته رستي تي مون ’ڀلو خاصخيلي‘ نالي ھڪ ماڻھوءَ کي گُردن جي تڪليف ۾ بي تاب ڏٺو. مون سندس ٽاڪور ڪئي ۽ کيس آڌر ڏيئي، سندس گھر پھچايومانس. اگرچه آئون سانوري ۽ ھو ڳورو ھو ۽ اسان جو ذاتيون به ڌار ھيون، پر اسان کي ھڪ ٻئي سان محبت ٿي ويئي ۽ آخرڪار اسان جي شادي ٿي ويئي. ڀلو ڏاڍو قابل ۽ سڌي لائين وارو ڪاروباري انسان ھو. پيءُ کان کيس زمين، چوپايو مال وغيرہ مليل ھو. انھيءَ کان سواءِ ھو ننڍن ڳوٺن مان اناج، گيھ، ٻڪريون وغيرہ جمع ڪري سانگھر موڪليندو ھو. اسان جي شاديءَ ۾ ڀلوءَ جا مائٽ خوش ڪونه ھئا. ھنن اسان جو مڪمل بائيڪاٽ جاري رکيو. آخر تنگ ٿي اسان پنھنجو ڳوٺ ڇڏي مکي ٻيلي جي اندر ڀلوءَ جي ھڪ پراڻي دوست جي ڳوٺ ۾ رھائش اختيار ڪئي. وقت سان گڏ اولادي به ٿياسون.
آءٌ شروع کان بھادر ۽ ھمت واري ھئس. ھڪ رات ڀلو گھر ۾ موجود نه ھو ته رات جو ٻه چور اسان جي گھر ۾ واردات جي خيال کان داخل ٿيا. اک کلڻ تي مون اڪيلي زال ذات ٻنھي مَردن کي قابو ڪري پوليس جي حوالي ڪيو. منھنجي انھيءَ ڪارنامي تي پوليس مون کي 200 رپيا انعام ڏنو، ۽ چؤطرف منھنجي بھادريءَ جي ھاڪ ٿي ويئي!
اسين جنھن ڳوٺ جا رھاڪو ٿياسين، اُتي جا رھاڪو پير صاحب جا جان نثار مريد ھئا.
پير صاحب جي گرفتاريءَ جو ٻڌي ڳوٺ وارن ۾ ھلچل مچي ويئي. عورتن پنھنجا زيور لاھي ڦٽا ڪيا. مَردن ڪاروبار ترڪ ڪري ڇڏيو. مکي ۾ اُٿل پُٿل ٿي ويئي. ماڻھو بي پناھ ريلن جي شڪل ۾ مکيءَ ۾ داخل ٿي رھيا ھئا. روزانه ھر طرف کان بدامنيءَ جون خبرون اچي رھيون ھيون.
ڀلو ھوشيار ڪاروباري شخص ھو. وٽس ڪافي ملڪيت ۽ بچت ھئي. اسان انھيءَ ڪشمڪش ۽ بدامنيءَ واري ماحول مان نڪري ڪنھن امن واري علائقي ۾ رھائش اختيار ڪري سُک سان زندگي گذاري سگھياسين ٿي. پر ڀلو ھن آزمائش واري وقت ۾ ائين ڪرڻ جو سوچي به نه ٿي سگھيو. ھو پير سائينءَ جو پتنگ ھو. ڪو کير پياڪ مجنون نه ھو. اسان گڏجي، مکيءَ ۾ رھي مجاھدن ۾ شامل ٿي، پير صاحب تي قربان ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ ايندڙ وقت لاءِ تياري شروع ڪئي. ھڪ ڏينھن اسان جي دستي کي به تيار ٿي روانگيءَ جو حُڪم مليو. اسان جي دستي ۾ چاليھ جانباز مَرد ۽ چار عورتون شامل ھيون. رستي تي اسان کي ٽيھارو کن ھمراھ به مليا. چئن ڏينھن جي پنڌ کان پوءِ اسان ڀِٽن جي اڻ کُٽ سلسلي جي وچ ۾ اھڙي ھنڌ تي پھتاسون جتي پاڻيءَ جا قدرتي چشما ھئا. ۽ اھڙو خاص گاھ ھو جنھن کي اُٻارڻ بعد خوشبودار چانھ جو ڪم ٿي ڏنو.
ڪجھ عرصي کان پوءِ خابرن اسان کي اطلاع ڏنو ته ٻن سون فوجين جو ھڪ شتر سوار قافلو، پنج ميل کن پري اوڀر کان اسان ڏانھن اچي رھيو آھي.
اسان جي تجربه ڪار سالار اسان کي جنگي انداز ۾ مورچه بند ڪرايو. اسان باھ جھڙي تَتل واريءَ تي پوزيشن وٺي دشمن جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. آخر دشمن ظاھر ٿيو. اول مٿن سامھين طرف کان گوليون ھليون، ۽ پوءَ ساڄي ۽ کاٻي طرفان. نتيجي ۾ 15- 20 منٽن کان پوءِ دشمن پويان پير ڪيا. ھن موقعي تي سردار ھڪ ڀِٽ جي پويان لِڪايل اُٺن تي سوار مجاھدن کي ھنن جي تعاقب ڪرڻ جو حُڪم ڏنو. نتيجي طور دشمن پنھنجا چاليھ سوار مارائي فرار ٿيو. اسان جا ڏھاڪو کن مجاھد شھيد ٿيا. اسان کي ڪافي ھٿيار، بارود، اُٺ، پاڻيءَ جون ٽانڪيون ۽ راشن ھٿ آيو.
ٽين ڏينھن آسمان تي ھڪ جھاز ظاھر ٿيو ۽ ھيٺ لامارا ڏيڻ لڳو. اسان به ڀِٽن ۾ ٺھيل پناھ گاھن ۾ داخل ٿي وياسين. اھو جھاز بي سود لامارا ڏيئي واپس ھليو ويو.
اڃا اسان ڀِٽن ۾ ئي ھئاسين ته ھڪ ڏينھن اسان وٽان عورتن، پوڙھن، ٻارن ۽ ڪجھ جوان مَردن تي مشتمل ھڪ قافلو لنگھيو، جنھن ۾ ڪوبه سڄي لڱين ڪونه ھو. سڀيئي وڍيل ۽ زخمي ٿيل ھئا. خبر پيئي ته اھي ويچارا مکيءَ جي ھڪ ڳوٺ جا پُرامن رھاڪو ھئا. اِھي نڪي پير صاحب جا مريد ھئا ۽ نڪي سندن واسطو حر تحريڪ سان ھو. ھنن ويچارن جڏھن آسپاس جي ڳوٺن تي فوجين جي حملن ۽ ظلمن جون ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن لاچار ڳوٺ ڇڏي ڪنھن پاسي وڃڻ جو فيصلو ڪيائون. پر رستي ۾ ھڪ فوجي دستي مٿن حملو ڪري سندن ماڻھو ماريا ۽ ڦرلٽ ڪئي. ھو ويچارا ڇڙوڇڙ ٿي جان بچائڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڀڳا ته فوجي به سندن ڪڍ پيا. آخر ويچارا بچيل ھڪ ٽوليءَ جي شڪل ۾ ڀٽڪندا ڀٽڪندا غازين کي مليا، جن کين پنھنجي حفاظت ۾ اسان ڏانھن موڪليو ھيو.
جلد ئي فوجين اسان تي حملو ڪري، اسان کي بدلي وٺڻ جو موقعو ڏنو. اھي آيا ته ھئا حملو ڪرڻ، پر گھڻا جوان مارائي وڏو نقصان پائي شڪست کائي ڀڳا. اسان خدا جو شڪر ادا ڪيو جو اسان کي مظلوم غريبن جو بدلو وٺڻ جو موقعو مليو.
ٻئي ڏينھن اوسي پاسي جا نمائندا گھرائي وڏي مجلس ڪٺي ڪئي ويئي، جنھن ۾ صورتحال جو جائزو وٺي، آئيندہ جو پروگرام ۽ حڪمت عملي رٿي ويئي. اھو به فيصلو ڪيو ويو ته اسان مان ڪي ماڻھو ساري ريگستان جو چڪر ھڻي دشمن جي ڪئمپن بابت معلومات حاصل ڪن. منھنجي گھرواري ۽ مون کي به ھڪ اھڙي دستي ۾ شامل ڪيو ويو. اسان جي حوالي ڏاکڻو علائقو ڪيو ويو.
ٻن ڏينھن جي گشت کان پوءِ اسان کي پري کان اُٺ نظر آيا. دوربين مان اندازو ٿيو ته اُتي ڪا فوجين جي ڪئمپ آھي. ھاڻ مسئلو پيدا ٿيو ته ان ڪئمپ ۾ ڪھڙي نموني داخل ٿي تفصيل معلوم ڪجن. اسان اڃا انھيءَ سوچ ۾ ھئاسين ته اسان کي چئن ماڻھن جو ھڪ ٽولو نظر آيو جن ۾ ھڪ اڌڙوٽ عورت به شامل ھئي. پڇا مان معلوم ٿيو ته سنياسي قسم جا سيلاني فقير ھئا، جيڪي سنڌ ۽ جيسلمير جي سرحدن کان سفر گذر حاصل ڪرڻ لاءِ ھر موسم ۾ پيا ايندا ويندا آھن ۽ جوڳين وانگر ٻوٽين وغيرہ جو ڪاروبار ڪندا آھن. وٽن عجيب و غريب ٻوٽيون به ھيون جيڪي اسان کانئن وڏي انداز ۾ خريد ڪيون. کانئن ايترو معلوم ٿيو ته ٻيلي ۾ فوجين جو جام انداز موجود آھي.
انھن جي وڃڻ کان پوءِ اسان مان چئن جوانن ۽ مون کي ساڳيا سيلاني جوڳي فقيرن وارا لباس پھرايا ويا. اسان جوڳين کان خريد ڪيل ٻوٽيون اُٺن تي رکيل خرزنين ۾ ڀري، فوجي ڪئمپ جو رُخ ڪيو.
ڪئمپ جي چوڪيدارن اول ته بيزاريءَ جو اظھار ڪيو. اسان کين ٻڌايو ته اسان سنڌ جي لاڙ طرف جا جوڳي آھيون ۽ ھن وقت سرحدن جو گشت ڪري ٻچن جو گذران حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيون. ائين چئي اسان جي سردار پنھنجي زنبيل مان عجيب ٻوٽيون، لعلون، ٻُڙا، سِپون وغيرہ ڪڍي، زمين تي وڇايل گودڙي نما چادر تي، پيشه ور جوڳين وانگر ڪڍي رکيون، ۽ انھن جي وصفن بابت مبالغه آرائيءَ کان ڪم وٺندي زمين آسمان ھڪ ڪري ڇڏيائين. انھيءَ دوران اسان جو ھڪ ھمراھ ۽ آءٌ ڪئمپ اندر داخل ٿي ٿورو پريان ھڪ تنبوءَ ڀرسان ويٺلن جي ڀرسان پھتاسون ۽ کين ساڳيون شيون ڏيکارڻ لڳاسين، ۽ ڪئمپ جو جائزو به وٺندا رھياسين. اسان اندازو لڳايو ته ڪئمپ ۾ چار سؤ کن جوان رھيل ھئا. وٽن اُٺ ۽ گھوڙا ۽ ٻيو سامان ڪافي انداز ۾ ھو. ٿوري خريد فروخت کان پوءِ اسان واپس ٿياسون ۽ ھڪ وڏو چڪر ڪاٽي پنھنجي مرڪز تي پھتاسون ۽ سمورو احوال ڪيوسون.
صبح جو وري توڪل جي ترھي تي ھڪ پاسي روانا ٿياسون. ٻنپھرن ڌاري اسان کي ڪَڇ جي طرف رھندڙن جو گڏھن تي سوار ھڪ قافلو مليو. معلوم ٿيو ته ھو ھميشه ان موسم ۾ لاباري لاءِ سنڌ ڏانھن ايندا آھن ۽ پورھيو ڪري اناج کڻي واپس ٿيندا آھن. انھن ٻڌايو ته اُتان چار ڪوھ کن پري فوجي ڪئمپ ھڻيو ويٺا آھن. ڊپ جي ڪري ھنن کي حوصلو ئي ڪونه ٿيو جو ڪئمپ کي تفصيل سان جاچي سگھن.
اسان وري ساڳيو طريقو اختيار ڪيو. يعني جوڳين وارو لباس پائي، سامان جون زنبيلون ڪلھن تي رکي ڪئمپ طرف وڌياسون. ڪجھ وقت پنڌ ڪرڻ کان پوءِ چند فوجي اسان طرف ايندا نظر آيا. ھنن پھرين اسان کان سوال جواب ڪيا ۽ پوءِ مطمئن ٿيڻ تي اسان کان پڇيائون ته ڇا اسان ڇھن سوارن جو ٽولو ڏٺو ھو. اسان جي انڪار تي ھو تيزيءَ سان ھڪ طرف روانا ٿي ويا. اسان به اڳتي وڌڻ بدران اُتي ھڪ پاسو وٺي حالتن جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. رات جي گھگھ اونداھيءَ ۾ اسان پوئتي ترسايل رفيقن ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو. واٽ تي انھن فوجي سوارن کي ايندو ڏٺوسين، جيڪي ڇھن سوارن کي ڳولڻ لاءِ نڪتا، پر انھيءَ ۾ ناڪام ٿي واپس پئي آيا.
خير- اسان پنھنجن ھمراھن سان گڏ واپس مرڪز تي پھتاسون. صبح جو وري ساڳئي مھم تي نڪتاسون. ٻه ميل اولھ طرف پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪجھ ھرڻ ڊوڙندي ڏٺا جن جي شڪار واسطي ڪجھ فوجي جوان پويان لڳل ھئا. ٿورو اڳتي وڌياسين ته اھي شڪاري مايوس ٿي موٽي رھيا ھئا. اسان کي ڏسي ھنن پنھنجو رُخ اسان ڏانھن ڪيو ۽ حاڪماڻي انداز سان سوال جواب ڪيا. اسان کين اھوئي ٻڌايو ته اسان جوڳي فقير آھيون ۽ گذر سفر سانگي پيا ھلون. اطمينان ٿيڻ تي ھنن اسان کي پنھنجي ڪئمپ ۾ اچڻ لاءِ چيو. ڪئمپ ۾ پھچي اسان ٻوٽيون ۽ ٻيو سامان ڪڍي اُنھن اڳيان رکيو ۽ دستوري لٻاڙون شروع ڪيوسين. ڳالھين دوران ئي معلوم ٿيو ته جن ڇھن ڄڻن جي ھنن کي تلاش ھئي اُھي دراصل حر مجاھد ھئا. جن کي سرحد جي ويجھو بلوچ رجمينٽ پڪڙيو ھيو ۽ اڳتي روانو ڪرڻ لاءِ انھن جي حوالي ڪيو ويو ھو. موقعو وٺي اُھي مجاھد گھوڙن سميت فرار ٿي ويا ۽ ھاڻ ھي اچي تٿ پٿ ۾ پيا ھئا!
خير- اسان انھيءَ ڪئمپ جو چڱيءَ طرح جائزو وٺي واپس ٿياسين. شام جو اسان ھڪ اھڙي ھنڌ تي پھتاسون، جتان ھڪ فوجي ڪئمپ نظر اچي رھي ھئي.
پر ھاڻ اسان جي قسمت پلٽو کاڌو. ھن ڪئمپ ۾ اسان کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويو. دستوري پڇا ڳاڇا کان پوءِ اسان کي انگريز ڪمانڊر جي اڳيان پيش ڪيو ويو. جنھن ترجمان معرفت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ پوءِ ڪوارٽر گارڊ ۾ بند ڪرائي ڇڏيو.
شام ڌاري اسان کي وري انگريز آفيسر جي اڳيان پيش ڪيو ويو؛ جتي ھاڻ ھڪ سنڌي آفيسر به ويٺو ھو. سنڌي آفيسر اسان کان انيڪ سوال پڇيا. انھيءَ دوران انگريز آفيسر اسان کي ڌيان سان جاچيندو رھيو. پوءِ ٻئي پاڻ ۾ ڪافي دير صلاح مصلحت ڪندا رھيا. آخر اسان تي بي پناھ تشدد ڪيو ويو- پر ھو اسان مان ڪجھ به حاصل ڪري نه سگھيا. اسان آخر وقت تائين پنھنجي بيانن تي ثابت قدم رھياسين. آخر ھنن مون کي ته آزاد ڪيو، پر مَردن کي سانگھر واري وڏي ڪئمپ ڏانھن روانو ڪيائون.
آءٌ صحرا مان طرح طرح جون تڪليفون ڏسي واپس مرڪز تي پھچي ويس. منھنجو جسم ته اڳيئي ڪارو ھو، پر ھن بي پناھ تشدد انھيءَ کي ويتر ڪارو ڪري ڇڏيو. ڀائو جيئندي مون کي ھيڏي باھ مان به ڪُندن ٿي نڪتل ڏٺو، تڏھن کڻي پاڻ سان شامل ڪيائين.

ھاڻي مائي ’مرکان‘ پنھنجو احوال ٻڌائڻ شروع ڪيو:

آءٌ لاڙ علائقي ۾ بدين شھر کان اٺ ميل پري نندي جي آسپاس ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڄايس. اسان پوءِ لڏي سانگھڙ ۾ آياسين جتي بابا جو رستو پير صاحب جي مريد ’علڻ خاصخيليءَ‘ سان ٿيو. وڏيرو علڻ پادريءَ واري ڳوٺ کان ڪجھ ميل پري مکيءَ ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ رھندو ھو. علڻ خان روشن خيال ماڻھو ھو. تعليم واسطي ڳوٺ ۾ اسڪول به کولايو ھئائين. سندس ٻه پٽ ھئا. ننڍو پٽ منھنجو ھم عمر ھو، جنھن سان اڳتي ھلي منھنجي شادي ٿي. وڏو پٽ دلدار احمد شھر ۾ پڙھندو ۽ غازي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ھو. تحريڪ کي سمورو وقت ڏيڻ خاطر ھن شادي به ڪونه ڪئي. وڏيري جي وفات کان پوءِ ھن انھيءَ سبب ڪري پڳ به ڪونه ٻڌي، صرف ذاتي خرچ لاءِ ڪجھ رقم کڻندو ھو ۽ پنھنجو سمورو وقت ۽ طاقت تحريڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.
آخر مارشل لا لڳي ۽ جھاد جو وقت اچي ويو. منھنجو مڙس ته اھڙي موقعي تي ٻرندي باھ کان بچڻ لاءِ وڃي ڪراچيءَ ۾ ويٺو پر آءٌ جھاد خاطر پنھنجي ڏير سان ئي رھيس ۽ محنت ڪري بندوق ھلائڻ ۽ سواري ڪرڻ سکي ورتم.
اسان جو ڳوٺ، آسپاس جي ننڍن ڳوٺن جو مرڪز ھو. اسان وٽ ڏيڍ سؤ کن ھٿياربند غازي ھئا. ڳوٺ جي ويجھو جھنگل اندر وري ھٿيار ٺاھڻ جو ڪارخانو ھو. ڳوٺ جي عورتن، ٻارن ۽ پيرسنن کي اونھي جھنگ ۾ موڪلڻ کان پوءِ چوپايو مال، گھوڙا ۽ ٻيو اسباب پڻ روانو ٿي رھيو ھو. اسان جو ڳوٺ مکي ٻيلي ۾ ڪو گھڻو اندر ڪونه ھو، پر مھاڳي کان ڪجھ ميل اندر جھنگ ۾ ھو. اسان ڳوٺ کي ھڪ مضبوط قلعي وانگر ٺاھيو ھو. چؤطرف کاھي کوٽي، کڏن جا موڻ ۽ اندرين طرف کان وڻن جا وڻ ڪپي رکيا ويا ھئا.
ھڪ ڏينھن صبح جو چوڪيدار فوجين جي اسان ڏانھن اچڻ جي خبر ڏني. اسان ڳوٺ اندر توڙي ٻاھر مورچن ۾ تيار ٿي ويٺاسون. ڪجھ غازين وڻن مٿي به مورچا ٺاھيا. فوجين به مورچا ٺاھي فائرنگ شروع ڪئي. جلد ئي ھنن محسوس ڪيو ته فائرنگ ذريعي ڳوٺ تي قبضو ڪري نه سگھندا، جنھن ڪري ھنن آتشگير بم اڇلائي ڳوٺ ۾ بڻايل جھوپڙين کي باھ لڳائي. اھو حال ڏسي، اسان سرنگھن ذريعي اُتان ھليا وياسون ۽ جھنگ اندر پنج ميل کن پري ھڪ محفوظ مقام تي پھچي وياسون.
ھڪ ڏينھن اسان پنھنجي پناھ گاھ ۾ ويٺا ھئاسين ته آسمان ۾ ھوائي جھازن جا آواز ٻڌاسين. جلد ئي ڪجھ ھوائي جھاز ظاھر ٿيا، جن ٻيلي تي باھ لڳائيندڙ گولا وسائڻ شروع ڪيا ۽ ٻيلي جي ان حصي کي باھ لڳڻ شروع ٿي. اسان بيوسيءَ مان ھيءُ بيداد ڏسي رھيا ھئاسين. اسان جي سردار دلدار احمد اسان سڀني کي ’خير نماز‘ پڙھڻ لاءِ چيو ۽ نماز پڙھي ڌڻيءَ در دعا جا ھٿ کنياسين. رب پاڪ جي قدرت! اُن وقت اوچتو جھازن مٿان رحمت جا ڪڪر ڇانئجي ويا. زوردار مينھن وسڻ لڳو. ڄڻ ته سانوڻ جو مھينو ھجي. ھوائي جھاز وارا خدائي امداد جو تاب جھلي نه سگھيا ۽ ڀڄي وڃي سکر واري اڏي تي لٿا. باھ جي بدران وڻن مان رحمت جون بوندون وسڻ لڳيون! ھيءُ ڪو گپوڙو نه آھي- بيشڪ خدا مدد ڪري ٿو، مگر ان جي طلب لاءِ سچيءَ دل جي ضرورت آھي.
ھڪ ڏينھن جيسلمير رياست کان ھڪ ھندو قاصد پھتو ۽ نياپو ڏنائين ته طلب ڪيل امداد تيار آھي، رڳو اوھان جو ماڻھو ٿر کي پار ڪري، رائفلون، اناج، گيھ وغيرہ کڻي اچي.
اسان جي جاسوسن رپورٽون ڏنيون ته جوڌپور جي راجا انگريزن کي جيڪا فوجي امداد ڏني آھي، سا گھڻو ڪري اوٺي فوج آھي. راجپوت قوم جا اھي خونخوار سوار پيدائشي صحرائي شڪاري آھن. انھن جو خاصو تعداد جيسلمير جي سرحد کان وٺي سنڌ جي حدن تائين گشت ڪندو رھندو آھي. انھن ھنڌن تي خاص نگراني ان ڪري به رکي ويئي آھي، جو انگريزن حرن جي خلاف جيسلمير جي راجا کان مدد گھري ھئي ته ھن انھيءَ کان صاف انڪار ڪيو ھو. اھو به مشھور ھو ته ته جيسلمير جو راجا حُرن جي مدد ڪري رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته راجا ۽ پرجا جي پير صاحب سان عقيدت آھي ۽ پيڙھين کان وٺي اُھي پير صاحب جا مريد آھن، ۽ سندس دعوت پڻ ڪندا رھندا آھن. ھڪ دفعي ته پير صاحب ھاٿيءَ تي سوار ٿي، راجا جي ڪوٺ تي جيسلمير به ويو ھو. اھو ھاٿي راجا صاحب خاص انھيءَ مقصد لاءِ موڪليو، ۽ ان جو ساز و سامان سون ۽ چانديءَ تي مشتمل ھو. ڪيترائي جنگجو غازي وڃي جيسلمير کان نڪتا ھئا ۽ اُتان امداد حاصل ڪري ھڪ طرف اچي انگريز سپاھ تي مارو ڪندا ھئا ته ٻئي طرف مخالفن کان حساب ڪتاب وٺي وڃي جيسلمير کان نڪرندا ھئا. رحيم ھنڱورو ۽ اُن جا ساٿي، خاص ڪري ان پاسي سرگرم ھئا ۽ فوجين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھين.
اھي سڀ ڳالھيون سامھون رکندي مکيءَ جي سردارن فيصلو ڪيو ته شترسوارن جو ھڪ تيز رفتار دستو جيسلمير موڪليو وڃي. انھيءَ دستي جي ڪمان دلدار احمد کي ڏني ويئي ۽ آءٌ ان ۾ شامل ھيس.
اسان ھاڻ الله تي آسرو ڪري ان اٿاھ ۽ گرم ھوائن واري صحرا جو سفر شروع ڪيو. ٻنپھرن تائين گرم ھوا ۽ سخت مسافريءَ اسان کي سخت ٿڪائي وڌو. اسان ۽ اسان جا ڏاگھا ٿڌي پاڻيءَ ۽ ھوا جي رڳو ديدار لاءِ واجھائي رھيا ھئاسون. اسان جي رھبر ٻڌايو ته اوڀر طرف چئن ميلن جي مفاصلي تي ڀِٽن جي وچ ۾ ھڪ ’خيابان‘ آھي جنھن ۾ مٺي پاڻيءَ جو چشمو آھي.
اسان اھو مفاصلو طئي ڪري خيابان تائين پھتاسون. اُتي ھڪ پوڙھيءَ مائيءَ اسان جي ميزباني ڪئي. اھو انھيءَ عابد مائيءَ جو جِگر ھو جيڪا اڪيلي سر زندگيءَ جا ڏينھڙا گذاري رھي ھئي.
عابد مائيءَ کان موڪلائي اسان اڳتي وڌياسين. ھڪ موقعي تي اسان کي فوجين جو وڏو تعداد نظر آيو. اسان انھن کان پاسو ڪرڻ ۾ مصلحت سمجھي ۽ پنھنجو بچاءُ ڪندا اڳتي وڌياسين. ھڪ محفوظ ھنڌ تي اسان کي ڇڏي، سردار اڳتي خبر چار لاءِ روانو ٿيو. ٽن ڏينھن کان پوءِ سردار واپس موٽيو ۽ ٻڌايائين ته جيسلمير کان مليل رسد جو سامان ھو ھڪ محفوظ ھنڌ تي لڪائي آيو آھي ۽ انھيءَ کي آڻڻ واسطي فقط ڏھاڪو کن ماڻھو موڪلڻا ھئا. انھن ڏھن جوانن جو سردار دراصل ڪراچيءَ جي پريان، حب نديءَ جي ھُن پار جو رھاڪو ھو ۽ ’لھڙي‘ قوم منجھان ھو. پير صاحب جي بيعت کان پوءِ لڏي اچي مکيءَ ۾ رھيو ھو. سندس نالو ’غلام محمد‘ ھو، پر عام طور تي ھن کي ’گلو لھري‘ ڪري ڪوٺيندا ھئا. ھو گھوڙي سواري، اُٺ سواري، تير ڪمان ھلائڻ، ترڻ، بندوق بازيءَ کان سواءِ موٽر ھلائڻ، ريڊيو جي ڪم مان به خوب واقف ھو. ھو جنگي ڪم ۾ يڪتا ۽ ھٿيارن ٺاھڻ جي ھنر ۾ اُستاد ھو. اھو ھنر ھن مکيءَ ۾ آيل قبائلين ۽ بينگالين کان سکيا ھئا.
ٻئي ڏينھن ڪئمپ کان کان ٻاھر آءٌ ڪنھن ضروري ڪم سان ويس. اُتي مون کي ڀِٽ جي اوٽ ۾ ھڪ اوپرو شخص عجيب حرڪتون ڪندو نظر آيو. ھو تمام شڪي انداز ۾ ڀِٽ جي اوٽ ۾ ويٺل ھڪ ماڻھوءَ کي اشارا ڪري رھيو ھو. مون ھمٿ ۽ چالاڪيءَ سان کيس گرفتار ڪري ڪئمپ ۾ آندو. ڪئمپ ۾ پھچي ھن جي حقيقت جي خبر پيئي ته ھو انگريزن جو جاسوس ھو ۽ اسان جي چرپر تي نظر رکي، احوال وري ھڪ ٻئي جاسوس کي اشارن ذريعي ڏيئي رھيو ھو. سردار رمز سان اُن جاسوس جا ڪپڙا، ساڳئي جسامت واري ھڪ غازيءَ کي پھرايا ۽ اُن ذريعي ٻئي جاسوس کي به گرفتار ڪرايائين.
چوٿين ڏينھن سردار رسد جي اُٺن سان واپس وريو. رسد اسان جي اُميدن کان به گھڻي ھئي. ھاڻي اُھي جاسوس سردار اڳيان پيش ڪيا ويا. اسان جي شرمائڻ ۽ غيرت ڏيارڻ تي ھنن سچيءَ دل سان توبھ ڪئي ۽ دشمنن بابت تمام قيمتي معلومات ڏني.
اسان ھاڻ واپسيءَ جو سفر شرو ڪيو ۽ چار ڏينھن راتيون صحرا جو نھايت ڏکيو ۽ صبر آزما سفر ڪري خيريت سان پنھنجي مرڪز تي پھتاسون. سفر دوران ٻين مصيبتن سان گڏ دشمنن جي جھازن به اسان تي لامارا ھنيا، پر گُلوءَ جي رھنمائيءَ ۾ اسان ڀِٽن جي پناھ گاھن ۾ محفوظ رھياسون.
جاسوسن کي پڪڙائڻ واري منھنجي ڪارنامي سڀن کي متاثر ڪيو ۽ مون کي انھيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ تربيت ڏياري ويئي. آءٌ انھيءَ لائق ٿي ويس جو خود تجربه ڪار جاسوس به ڪنھن اھم مسئلي بابت گڏجاڻي ڪندا ھئا ته مون کي مشوري واسطي گھرائيندا ھئا.