ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

حصو ستون

اڄ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ وڏي ھلچل مچي ويئي آھي، ڦاسي گھاٽ ۾ پوش پوش ٿي رھي آھي، سڀني ڪمرن جا دروازا پيا کُلن؛ معلوم ٿي ٿيو، ته اڄ ھتي ڪو اھڙو قيدي اچي رھيو آھي، جنھن جي ڪري سمورا قيدي اتان ڪڍي، ڀر واري زناني وارڊ ۾ پيا موڪليا وڃن ۽ زالون وري سکر جيل ڏي؛ ھيڏي ساري وارڊ جي صرف ھڪ ڪمري ۾ انھيءَ کي رھائبو، باقي ٻين ڪمرن ۾ وري سندس حفاظت لاءِ پوليس ۽ ملٽري رھندي.
او ھو! تڏھن ھيءُ ڪو اھڙو ”مرد مٿير“ آھي، جنھن ھڪڙي لاءِ سڄو ڦاسي گھاٽ ٿو رزرو ڪيو وڃي!
جي ھا، اھو اھڙو مرد مٿير ئي ته آھي، جنھن جي پھچڻ ۽ غسل وغيرہ ڪري سفر جو ٿَڪ لاھڻ لاءِ شرط خود حر ڪمشنر مسٽر لئمبرڪ، سندس نائب ڪارگل ۽ ٻين آفيسرن کي وٺي ملاقات لاءِ آيو.
قيدي بلڪل بي پرواھيءَ ۽ اطمينان سان آرام ڪرسيءَ تي دراز ھو. مسٽر لئمبرڪ ويجھو آيو، ته ھن ليٽئي ليٽئي ئي کين سندس وڌايل ھٿ ڏي ھٿ ڊگھاڙيو. ھڪ ديسي چاپلوس آواز ڏنو، ”پير صاحب! ھيءُ مسٽر لئمبرڪ صاحب جن آھن.“
ھن شير مرد جواب ۾ ڏانھنس اھڙين ڪَرڙين نظرن سان نھاريو، جو ھانوَ ئي کاڄي ويس، لرزندو ڏڪندو وڃي پرڀرو ٿي بيٺو.
”مگر پير صاحب! ملاقاتين سان ته اخلاق سان پيش اچبو آھي!“ لئمبرڪ صاحب مشڪندي چيو.
”توھان ملاقاتي نه آھي، ھينئر صرف ھڪ سامراجي پنھنجي ڌوڪي سان قيد ڪرايل باغيءَ سان ملي، مٿس رعب ڄمائڻ لاءِ آيل آھي.“
”تڏھن به آيلن جو احترام ڪبو آھي.“ لئمبرڪ صاحب ھاڻي گنڀير ٿي چيو.
”لئمبرڪ صاحب! ڪنھن سامراجيءَ جو احترام ته بجاءِ خود، پر جيڪڏھن اسان جي دل ۾ ھن لاءِ ذري به عزت پيدا ٿيڻ لڳندي آھي، ته اسان کي پنھنجي صحيح ’حسيني‘ ھجڻ ۾ ئي شڪ پيدا ٿيڻ لڳندو آھي!“
”مگر ھيڏي ساريءَ فوج واري شھنشاھيت سان بغاوت ڪرڻ مان اوھان کي آخر ڇا حاصل ٿيندو؟“ لئمبرڪ ڪجھ ٽوڪ مان چيو.
”اھو، جو اسان جي ڏاڏي حسين عليه السلام کي حاصل ٿيو!“ پير صاحب نھايت اطمينان سان جواب ڏنو.
”يعني يزيد ته موج سان حڪومت ڪندو رھيو، پر امام صاحب، پنھنجي عزيزن سميت نابود ٿي ويو، ائين؟“ لئمبرڪ صاحب ٽوڪ مان چيو.
”جنھن کي توھين ”نابودي“ ٿا چؤ، سا اھڙي ”بقا“ آھي جا قيامت تائين پيئي ھلندي.“ پير صاحب ساڳيءَ طرح سنجيدگيءَ مان چيو. ”يزيد نه صرف اڍائي سالن ۾ ختم ٿيو، پر سندس جوءِ به ٻين جي حوالي ٿي، ۽ پوين مان ڪوبه حڪمران رھي نه سگھيو؛ مگر حسين جي نيڪنامي دائما قائم رھندي.“
”مگر آخر انھيءَ ھلچل مان فائدو ڪھڙو، جنھن مان في الحال ڪجھ به حاصل نه ٿئي؟“
”اھوئي، جو اڳ ٻڌايوسون.“
”مگر انھيءَ کي ڪاميابي ته نه چئبو؟“
”جي، ھا، توھان پارا ڏاھا ضرور ان کي ناڪامي سڏيندا، مگر:

”بسائي ھي وہ دنيا، ايڪ ديوانه محبت ني،
جھان ھر نامرادي مين جمالِ ڪامراني ھي!

”ڇا توھين اھو نٿا ويچاريو، ته پوين لاءِ ڇا ٿا ڇڏي وڃو؟
”لئمبرڪ صاحب! شاعر جو قول آھي ته:
سودا! قمارِ عشق مين خسرو سي ڪوھکن،
بازي اگرچه لي نه سکا، سر تو کو سکا!
ڪس منہ سي اپني آپ کو ڪھتا ھي عشقباز،
اي نابکار تجھ سي تو يه بھي نه ھوسکا!
الحمدالله، اسين پنھنجي پوين لاءِ پنھنجو لقب ”نابڪار“ ڇڏڻ بدران ”ڪوھ ڪن“ ڇڏي وينداسون، جنھن تي ھو ابد تائين فخر ڪندا رھندا. اھو گنج لازوال ھنن لاءِ اربن جي دولت کان به وڌيڪ آھي!“
”مان ته انھي سوال جي جواب ملڻ لاءِ حيران آھيان، ته اوھين ۽ اوھان جا حُر پنھنجيون ھي قيمتي زندگيون، آخر ڇو ٿا وڃايو!“
پير صاحب آرام ڪرسيءَ تي ليٽيل ھو، پر ھيءُ سوال ٻڌڻ شرط سندس چھرو لال ٿي ويو ۽ سڌو ٿي ويھي چيائين، ”اھا ٻي ڳالھ آھي، ته اسين ٿا پنھنجيون زندگيون وڃايون، يا اھي اسان کان ناحق ۽ ظلم سان کسيون ٿيون وڃن ۽ خلق کي اھو ڌوڪو پيو ڏنو وڃي، ته خونريزيءَ جي شروعات اسان کان ٿي آھي؛ مگر اوھين اھو سوال انگلينڊ جي ڳڀروئن کان ڇونه ٿا پڇو، جن رڳو ناروي جي ڪناري تي پھچڻ لاءِ ھزارن جي تعداد ۾ سمنڊ ۾ ٽَپ ڏنا؟“
”اھو سوال انھن لکن جوانمردن کان نٿا پڇو، جي اڄ جرمنيءَ جي آڳ جو اينڌن پيا بڻجن؟
”اھو سوال انھن انگريز مائن کان نٿا پڇو، جي پنھنجن ڪونڌرن کي ڪڇن مان ڪڍيو پيون عزرائيل ڏي اُماڻين؟“
لئمبرڪ وسامجي ويو. ھن جي سموري شوخي ختم ٿي ويئي، ھن ڪجھ نماڻائيءَ سان چيو، ”مگر پير صاحب، اتي ته قوم جي آزاديءَ جي کسجڻ جو ڊپ آھي نه؟ ھٽلر جو ته صاف اعلان آھي، ته ھو انگلينڊ جي سرزمين تي قبضو ڪري پوءِ دم پٽيندو!“
”پوءِ ڇا ٿيو؟ اوھان جي سڄي سڄڻ مسٽر گانڌيءَ جي مشوري موجب کڻي کيس قبضو ڪرڻ ڏيو، اخلاقي فتح ته اوھان جي ٿيندي نه؟“ پير صاحب سنجيدگيءَ سان چيو.
ھيءُ لفظ ٻڌي، لئمبرڪ صاحب جو به منھن لال ٿي ويو ۽ چيائين، ”اسين پنھنجو ٻچو ٻچو ڪَٽائينداسون، مگر پنھنجي زندگيءَ ۾ ھنن کي اسان جي مقدس وطن جي ھڪ انچ تي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسون!“
”۽ اسين پنھنجي مقدس وطن جي سڄيءَ سرزمين تي اوھان ستن سمنڊن تان نازل ٿيل سامراجين جو قبضو خوشيءَ سان سدائين برداشت ڪندا پيا رھون، ائين نه؟“ پير صاحب به ساڳئي جوش مان چيو. ”صاحب بھادر! اسين انھي بھادر ۽ محب وطن رسولؐ جا اُمتي آھيون، جنھنجو قول آھي ته:
”جيڪڏھن پڄي سگھي ته برائيءَ کي طاقت سان دفع ڪجي، پر ايتري طاقت نه ھجي، ته زبان سان ڪوشش ڪجي، جي اھا به ھمت نه ھجي، ته دل ۾ ته اُن کي بُرو سمجھجي.
پر جيڪو دل ۾ به کيس بُرو نٿو سمجھي، ان جي دل ۾ رائيءَ برابر به ايمان ناھي!“
ھاڻي لئمبرڪ ڳالھ ڦيرائڻ لاءِ چيو، ”ڀلا اوڳان جو اڳ ۾ چيو ته اسين پنھنجيون قيمتي زندگيون رائيگان نٿا وڃايون، پر اسان کان زوريءَ ٿيون کسجن، جي ائين ھو ته اوھان ھيءُ ٻائيتال ڇو شروع ڪرايو؟“
پير صاحب نھايت تيز نظر سان نھاري چيو، ”اسان شروع ڪرايو، يا اوھان شروع ڪيو؟“
”اسان ڪيئن شروع ڪيو؟ اسان ته صرف اوھان کي قانون جي ڀڃڪڙيءَ سبب نظربند ڪيو، پوءِ اوھان جي ھمراھن ئي لاھور ميل ڪيرائي مارشل لا لڳرائي.“
”لاھور ميل اسان جي ھمراھن ڪيرايو، يا ڪيئن ڪريو، سا ٻي ڳالھ آھي؛ پر ٻڌايو ته مان ڪھڙي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنھن تان اوھان مان کي ڪِن ڌوڪيبازن جي مدد سان گرفتار ڪيو؟“
”اوھان کي ڪراچي ڇڏڻ جي منع ڪانه ھئي؟“
”ڪڏھن؟ ڪھڙيءَ تاريخ، ڪھڙي نبمر سان اُھو حُڪم نڪتو؟“
لئمبرڪ صاحب ھن سوال جي جواب ۾ وسو ٿي چيو، ”اوھان کي سر غلام حسين زباني منع نه ڪئي ھئي؟“
”اوھان جي زباني منع به ٿي قانون حُڪم؟ انھي زباني منع سبب مان کي گرفتار ڪري سنڌ کان ٻاھر موڪلڻ ڪھڙي قانون ۾ جائز ھو؟ وري مان کي ته گرفتار به نه ڪيو ويو، صرف چيو ويو ھو ته گورنر صاحب اوھان کي گھرايو آھي، ڇا اھا ڌوڪيبازي به قانوناً جائز ھئي؟“
لئمبرڪ پريشان ٿي چيو، ”خير، اسان ته کڻي فساد کان بچڻ خاطر انھي بھاني سان اوھان کي عزت سان نظربند ڪري ٻاھر موڪليو، مگر انھي ڪري اوھان جي غازين کي صرف نھچلداس ۽ خانبھادر الله بخش وغيرہ کي مارڻ خاطر لاھور ميل ڪيرائي ھزارين خلق کي برباد ڪرڻ مناسب ھو؟“
’جناب لئمبرڪ صاحب!‘ پير صاحب نھايت گنڀير ٿي چيو، ”اھا غلط پروپيگنڊا اوھين اخبارن ۾ ته ڀل پيا ڪريو، پر ڇا، اوھين سمجھو ٿا ته اوھان جي اسان کي نظربند ڪرڻ سبب اسان کي اھا خبر ئي ڪانه آھي، ته ويچارن حُرن لاھور ميل ڪيرائڻ جو پروگرام ھرگز نه بڻايو ھو.“
لئمبرڪ ھاڻي ھڪ عجيب نظر سان نھاري چيو، ”ڇا حُرن لائين نه ڪَٽي ھئي؟“
”بيشڪ ڪَٽي ھئي، پر ڇا، اُھا لاھور ميل ڪيرائڻ لاءِ ڪٽي ويئي ھئي؟“
”پ پ پوءِ ڇـ ڇـ ڇالاءِ ڪَٽي ويئي ھئي؟“ لئمبرڪ ھٻڪندي چيو.
لئمبرڪ جون سموريون شوخيون ته ختم ٿي ويون، پر ھيترن ماڻھن جي روبرو جيڪا ھيءَ وار جي کَل لھي رھي ھئي، سا به کيس پسند نه ھئي، اُن ڪري ڳالھ ڦيرائڻ خاطر چيائين، ”پير صاحب! اسان کي اوھان جي حُب الوطنيءَ واري جذبي جو قدر آھي، مگر ڏسو نه، جڏھن اسان پاڻ جنگ بند ٿيڻ بعد اوھان کي آزادي ڏيڻ جا اعلان ڪيا آھن، تڏھن اوھين ڇو ٿا ناحق ھيءَ جدوجھد ڪريو؟“
”اعلان؟ اوھان جا اعلان؟“ پير صاحب نفرت مان نھاريندي چيو، ”اوھان جا اُھي اعلان ته راڻيءَ وڪٽوريا کان وٺي ٿيندا اچن، پر ڪڏھن انھن تي قائم به رھيا آھيو؟ اھڙا ”سوراج“ جا اعلان ته اوھان اڳينءَ جنگ وقت به ڪيا ھئا، جن کان ڀنڀلجي نه صرف اسان جي ھندو مسلم اڳواڻن به اڳينءَ جنگ ۾ مددون ڪيون، بلڪ اسان جي بزرگن به ڪيتروئي بارود، چندو ڏنو ۽ پنھنجا غازي به ڀرتي ڪرايا. پوءِ جنگ بند ٿيڻ بعد اوھان ته اھو سوارج ڏنو، جنھن سان امرتسر جو جليانواله باغ ۽ پشاور جي قصه خواني بازار به رنڱجي ويئي، لکن ھندو مسلمانن کي جيل ۾ وڌوَ، ھٿرادو فسادن وسيلي ھزارين بي گناھ ماريوَ، اھوئي ھو اوھان جو سوارج؟“
”مگر ھينئر ته نه فقط اسان، بلڪ سڀني اتحادين گڏجي ’ائٽلانٽڪ چارٽر‘ پاس ڪيو آھي، جنھن موجب خودبخود اوھان کي آزادي ملندي نه؟“
’چارٽر‘ پير صاحب نھايت نفرت مان چيو، ”ھونھ! وڏا اعتبار جوڳا ٿيا اوھان جا اُھي چارٽر ۽ عھدناما! اوھين انھي ميڪاوليءَ جا پيرو آھيو نه، جنھن ’بادشاھ‘ نالي ڪتاب ۾ ھدايتون ڏنيون آھن، ته بادشاھ کي ھر ضرورت وقت پنھنجا عھدناما بيڌڙڪ ڦٽائڻ گھرجن! ڇا اڳينءَ جنگ ۾ اوھان عربن سان حڪومت خود اختياريءَ ڏيڻ جا عھدناما ڪري غريب تُرڪن کي ھنن ھٿان مارايو ھو؟ پوءِ ڪٿي آھي اھو عھدنامن وارو شريف صاحب ۽ ڪٿي آھن اھي عھدناما؟ ڇا اھا حقيقت ناھي ته اوھان ساڳين علائقن لاءِ ھڪڙي ئي وقت ۾ ٽي ٽي عھدناما ڪيا ھئا؟“
”مگر پير صاحب! ڏسو نه، ھھڙن ملڪن لاءِ ھي خونريزيءَ وارا طريقا ڪنھن به حالت ۾ مفيد ناھن، ھنن لاءِ ته مھاتما گانڌيءَ جھڙن بزرگن جو رٿيل ستياگرھ وارو پروگرام ئي صحيح تسليم ڪيو ويو آھي، ڇونه اوھين به پنھنجي حُرن کي ھدايتون ڪريو، ته سمورا اچي پيش پون.“
”اسان ھدايتون ڪريون يا نه ڪريون، مگر ھيءُ ته ٻڌايو، ته اوھان ڀلا مھاتما واريءَ ڌُر جي انھيءَ پروگرام کي به ڇونه برداشت ڪيو؟ انھي جي تحريڪ جا سڀ اڳواڻ ڇو وڃي احمد نگر جھڙن قلعن ۾ قابو ڪيا اٿوَ؟“
”اھو ته ستياگرھ جو ڏاج آھي، انھي جي ئي وسيلي ته نيٺ ملڪ آزاد ٿي کين ملندو.“
پير صاحب گنڀير ٿي جواب ڏنو: ”صاحب بھادر، اھو غلط آھي، ته انھن ستيا گرھي طريقن سان ئي اوھين اسان جي ملڪ کي آزادي ڏيندا، ھڪ ھزار ھرڻ جيڪڏھن شينھن وٽ ڌرڻو ماري وھندا، ته شينھن جي ظلمن کان نجات ڪونه پائيندا، البت، اھي ھڪ ھزار ئي ھڪ- ھڪ ڀتر اڇلائيندا، ته ممڪن آھي ته ھن جون اکيون نڪري پون ..... مگر ھان، شينھن ته انھي ۾ ضرور خوش رھندو، ته اھي ھرڻ ڀتر اڇلائڻ بدران وٽس ڌرڻو مارين، ۽ پوءِ ھو رحمدليءَ سان کين اُھو ”سوراج“ بخشي، ته روزانو ٽي ھرڻ پنھنجي خوشيءَ سان پھچايا وڃن، پوءِ ٻيا ڀَل پيا مؤجون ڪن. يا وڌيڪ متارا ٿي کائڻ لاءِ لذيذ ٿيندا وڃن. سو اِھو ته ظاھر آھي، ته اوھين وڃڻ وقت حڪومت انھن ستياگرھين کي ئي بخشي ويندا، ھو ڀَل کڳيون ھڻن، ته مُلڪ اسان آزاد ڪرايو، پر اھو درحقيقت انقلابين جي ڊپ کان ئي آزاد ٿيل ھوندو.“
”خير ڪيئن به ھجي، اھي ته لٿي پٿي مُلڪ ھٿ ڪري ويندا، مگر اوھان وارن انقلابين کي آخر ڇا ھٿ ايندو؟“
”اھي وچ واري ڪجھ عرصي لاءِ اوھان جو بخشيل مُلڪ ضرور ھٿ ڪندا، پر آخرڪار ملڪ جي حڪومت تي قبضو وري به انھن انقلابين جو ٿيندو، جي مُلڪ جا سچا خيرخواھ ۽ محب ھوندا.“
”ڇا اُھي وري به ڪا خونريز ھلچل شروع ڪندا؟“
”جيءُ نه، اھڙيون ھلچلون سامراجين لاءِ ھونديون آھن، نه پنھنجن لاءِ؛ پنھنجن کان ته ووٽن وسيلي ئي واڳون ھٿ ڪبيون آھن.“
”ووٽن وسيلي؟“ لئمبرڪ ڪجھ حيرانيءَ مان چيو، ”ڇا عوام پنھنجي طاقتور حڪمرانن کي ڇڏي اھڙن انقلابين کي ووٽ ڏيندا، جن وٽ ڪجھ به نه ھوندو؟“
”انھن وٽ عوام جي خيرخواھيءَ جي لازوال دولت ھوندي.“
”انھن وٽ ’عوام جي خيرخواھيءَ‘ جي لازوال دولت ھوندي. اھي ’نقلي حڪمران‘ کين رڳو ڏٽا پيا ڏيندا، پر سندن حالت بلڪل نه سڌاريندا، ان ڪري نيٺ عوام کانئن بيزار ٿي ووٽ پنھنجن حقيقي نمائندن کي ڏيندا. والعاقبة للمتقين.“
”خير، اوھان جي مرضي، مان ته سمجھان ٿو ته حُر خواھ ٻيا انقلابي مفت ۾ پيا جانيون ڏين!“
پير صاحب کِلي چيو، ”لئمبرڪ صاحب! انقلابين جي اسان کي خبر ڪانھي، حُر پاڻ ٿا جانيون ڏين، يا کانئن اھي ظلم ۽ ستم سان کسيون پيون وڃن، سا ٻي ڳالھ آھي، پر آزادي ڪڏھن به خيرات ۾ ڪانه ملندي آھي.“
ڪڏھن ڪانه سُئي، ته ڪا سگھي گڏي سڄڻين!
”آزادي نڪا اوھان رومين کان کِلندي ڪُڏندي ھٿ ڪئي ھئي، نڪي آمريڪا وارن اوھان کان به منٿن ميڙن سان ھٿ ڪئي ھئي، آھي ڪو اھڙو مثال ، ته اوھان خود به ڪنھن کي کِلندي ڪُڏندي دوستيءَ ۾ آزادي ڏني ھجي؟
”خود اوھان جي ڀاءُ آئرلينڊ سان اوھان ڪھڙا ڀال ڀَلايا؟ انھي سان اوھان ڪھڙو شرافت جو ورتاءُ ڪيو، جو اڄ اسان وٽ شرافت جا سنيھا کڻي آيا آھيو؟ ماٺ ڪري وڃي پنھنجو ڪم ڪريو ۽ اسان لاءِ جيڪو ’ڪورٽ‘ جو ’ناٽڪ‘ بڻائڻو اٿوَ سو بڻائي پورو ڪيو، ھنن تِرن مان تيل ڪونه نڪرندو:
ٿي تنين سان ڏيٺ، موٽڻ جنين ميھڻو!“
لئمبرڪ صاحب ھاڻي بنا ڪجھ ڪُڇڻ جي اُٿي کڙو ٿيو.

اڃا پرھ ئي ڪانه ڦٽي ھئي، ته حيدرآباد سول اسپتال جي سول سرجن کي نوڪر اچي جاڳايو، سول سرجن ڀڻ ڀڻ ڪري اُٿيو، ۽ چيائين”ڪمبخت! توکي معلوم آھي، ته رات ڪيڏي مھل سُتو آھيان؟“
نوڪر آھستگيءَ سان چيو، ”صاحب! ھڪ وڏو ملٽري آفيسر ڪيترائي زخمي کڻي آيو آھي ۽ انھن مان گھڻن جي حالت نازڪ آھي.“
صاحب ٽَپ ڏيئي اٿيو، ھٿ منھن ڌوئي اسپتال ويو. زخمي لاريءَ مان لاھي آپريشن ٿيٽر وٽ رکيا ويا ھئا، ملٽريءَ وارن ڏي ته صاحب گھڻو خيال ڪونه ڪيو، ڇوته اھي سدائين پيا ايندا ھئا، ۽ ان وقت انگريزي ملٽري ڏانھن ھندو خواہ مسلم عوام کي دلي نفرت به پيدا ٿيل ھئي، پر ھڪ زخميءَ کي ڏسي ھو اچتو بيھي رھيو. ھڪ ارڙھن ورھين جي نھايت خوبصورت نازنين ملٽري لباس ۾ ھئي، جا اگرچه بيھوش ھئي، ڪپڙا رت سان ڀريل ھئس، پر مُنھن تي حُورن جھڙي مُرڪ ھيس، صاحب ملٽري آفيسر ڏي نھاري چيو، ”ھن ويچاريءَ سٻاجھڙيءَ نرس کي ڪنھن ڦَٽيو؟“
”سٻاجھڙي!“ آفيسر ٽھڪ ڏيئي چيو، ”ھن ئي معرڪي ۾ ھن پورا ويھ سپاھي ماريا آھن!“
”ھن؟“ صاحب بي اختيار چيو، ”نه نه، ھيءَ نازڪ بدن نازنين، ڪيئن ماڻھو ماريندي” وري مشڪي چيائين، ”ھن جا خنجرن جھڙا ڀرون، پنبڻين جا تير ۽ تارن جون دوناليون ضرور وار ڪنديون ھونديون!“
آفيسر کِلي چيو، ”صاحب! پاڻ سنڀالجو، ھيءَ ھڪ وڏي خونخوار نشانه باز آھي، بھترين ڳائڻي ۽ ناچڻي آھي، سندس حُسن، سندس فن، ۽ سندس جنگي مھارت، ٽيئي گڏجي اھڙا ته قھر برپا ڪن ٿا، جو اسان جي فوج جا ته لاھ ڪڍي ڇڏيا اٿس. ھن خوبصورت نانگڻ کان خبردار رھجو!“
”مگر ھيءَ آھي ڪير؟“
”ھيءَ مشھور حُرياڻي ’زينب‘ آھي، جنھن ۽ سندس ساٿين جي سرگرمين مجموعي طرح اسان جي فوج جا ھزار ماڻھو چٽ ڪيا آھن!“
”ھزار ماڻھو؟“ سول سرجن کان رڙ نڪري ويئي، انھيءَ مھل اوچتو زينب وڦلڻ شروع ڪيو، ”ھا ھا! ماريو.... فائر ڪريو.... انھن مردودن جو ھڪ- ھڪ فرد ماريو، جن سؤ سالن کان اسان جي سرزمين تي ناحق قبضو ڪيو آھي ..... شاباس شڪاري..... ساڄي طرف..... اھي ٿا ڀڄن..... ڏسجو ڪو جيئرو نه بچي..... ڀيڄ پاڳارا!“
”ڏسو ٿا، نامراد وڦلندي به پيئي جنگ ڪري!“ آفيسر جي آواز سول سرجن کي ڇرڪ ڏياري وڌو. ھو ھن جي ڪوئل جھڙي آواز ٻڌڻ ۾ اھڙو ته محو ھو، جو دل پئي چاھيس ته ھيءَ اڃا به وڦلندي رھي، ”پرميشور! تو ھن کي ڪھڙو نه دلفريب ڳلو ڏنو آھي!“ اڃا ڊاڪٽر اھو پئي سوچيو، ته ھن اکيون کولي چيو، ”آءٌ ڪٿي آھيان؟“
ھن جون اکيون کولڻ ۽ ڊاڪٽر جو بُت بڻجڻ! معلوم پئي ٿيو، ته سچ پچ ھنن رائفلن مان اھڙيون گوليون نڪتيون، جي دل ته نه، پر مغز ۾ وڃي کتيون. ھو وڏو ڊاڪٽر ھو، ولايت رٽرن ھو، نرسون ته عام طرح خوبصورت ئي ھونديون آھن، پر ھن ته انھن مان به چونڊ نرسون ڏٺيون ھيون، مگر ھھڙيون دلفريب اکيون ھن کي ڪڏھن به نظر نه آيون ھيون. آفيسر ٽھڪ ڏيئي کيس ڌونڌاڙي چيو، ”ڊاڪٽر صاحب! ھوش ۾ اچو، اھي حال رھيوَ، ته اوھين ھن جي آپريشن ڪيئن ڪندا؟“
ڊاڪٽر ڇرڪ ڀري شرمسار ٿي چيو، ”ڀائي، ھھڙو حسن ته جيڪر جانورن کي به مدھوش ڪري ڇڏي، مان ته انسان آھيان.“
”ڊاڪٽر صاحب! مان ھاڻي موڪلائيندس، جو محاذ تي وڃڻو اٿم. آءٌ وري به ھن کان خبردار ڪريان ٿو. نامراد جي پاسريءَ ۾ وڃي گولي داخل ٿي، ته به ان وقت ته لڙندي رھي، مگر ھينئر به پيئي ڏند ڪرٽي! اھو ھن جو حسن ئي ھو، جنھن کيس ھڪڙيءَ گوليءَ لڳ بعد وڌيڪ گولين لڳڻ کان بچايو ۽ اسان جا ڪي مؤجي آفيسر کيس جيئري گرفتار ڪرڻ جي ڌُن ۾ پاڻ گوليون کائي مرندا ويا!“
اھا حالت ڪا رڳي سول سرجن سان ڪانه ٿي، پر اسپتال جي عملي مان جنھن به ھن کي ٿي ڏٺو، تنھن سان اُھا ويڌن ٿي ٿِي! ۽ ٻيو ته ڇڏيو، پر حيدرآباد جي حُسن جي پارکن کان اڄ تائين اھا ’زينب لنگھي‘ ڪانه ٿي وسري، جنھن جي صرف ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ ھو ملٽري پھريدارن جي کِيسن کي پُر ڪري ڇڏيندا ھئا!
”ڊاڪٽر صاحب! ٻڌو اٿم ته سڀاڻي منھنجي آپريشن ٿيندي؟“ زينب پڇيو.
”ھا، اھا ته ضروري آھي، ڪافي سُين ۽ دوائن وسيلي تنھنجو جسم ھاڻي آپريشن لائق ٿيو آھي، نه ته ھن کان اڳ ڪجي ھا.“
”آپريشن ته خطرناڪ ھوندي!“
”ھا، پاسريءَ مان گولي ڪڍڻ ڪو کيل ناھي، مگر پياري ڇوڪري، تون ڪوبه فڪر نه ڪر، تون مون کي ٻچڙيءَ سمان آھين!“
اکين ۾ پاڻي آڻي زينب چيو، ”ڊاڪٽر بابا! جي ائين آھي، ته پوءِ منھنجي آخري اُميد پوري ڪندؤ؟“
”آخري ته نه چؤ ڌيءَ، ڀڳوان سڀ ڀلي ڪندو.“
”خير، اھو ته مالڪ کي منظور ھوندو، مون کي موت جو ته ڪو ڊپ ڪونھي، مگر ارمان فقط اھو اٿم ته اڃا گھڻا سامراجي جھنم رسيد ڪري نه سگھيس. ڊاڪٽر صاحب! ھھڙي خطرناڪ آپريشن وقت جيڪڏھن پنھنجا پيارا روبرو ھجن ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي!“
”مگر ڌيءَ“ ڇرڪ ڀري ڊاڪٽر چيو، ”اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ تون نه فقط جنگي قيدي آھين، پر خوفناڪ رڪارڊ به رکين ٿي.“
ٽھڪ ڏيئي زينب چيو، ”جنھن انگريزي حڪومت جا اڪثر فرد رشوت تي وڪامندڙ ھجن، تنھن ۾ ڪنھن فرد جو مون وٽ پھچڻ ڪا وڏي ڳالھ ڪانه آھي. ھينئر به ڪيترا منچلا شھري پھريدارن کي وڏيون رقمون ادا ڪري منھنجو ديدار ڪري پيا وڃن.“


”پر تنھنجا دل گھريا به ته اشتھاري مجرم ھوندا؟“
”مون کي فقط ھڪڙي دل گھرئي جي ديدار جي سِڪ آھي، جو اشتھارين ۾ به چوٽيءَ جو درجو رکي ٿو.“
”پوءِ ڀلا ھن کي ھتي ڪيئن آڻي سگھبو؟“
”ھن جي آڻڻ جي ضرورت ئي ڪانھي.“ زينب مُرڪي چيو، ”ھو پنھنجيءَ زينب وٽ ڪٿان به اچي پھچندو، فقط اوھين کيس نه روڪجو.“
”نا ممڪن .... ھيڏي ساري پھري وچان ڪو اھڙو خوفناڪ حُر ھتي اچي وڃي، اھا اڻ ٿيڻي آھي!“
”منھنجي جيئندي لاءِ ڪابه ڳالھ نا ممڪن ناھي“..... زينب مُرڪي چيو، ”ڊاڪٽر صاحب، ھو ھڪ بھترين جاسوس آھي!“
”مان شرط ٿو رکان ته جيڪڏھن ھو ھتي پھچي ويو، ته منھنجا جيڪي به بئنڪ ۾ پئسا آھن سي سڀ کيس انعام ڏيندس!“
”اُھي پئسا ته اوھان جا ويا“ زينب ٽھڪ ڏيئي چيو، ”پر ڀلائي ڪري ڪابه اھڙي حيراني ظاھر نه ڪجو، جو مورڳو ھٿن سان پڪڙائي وجھوس!“
”جيڪڏھن ھو ھتي پھچي ويو“ ڊاڪٽر جوش مان چيو، ”ته مان انجام ٿو ڪريان، ته چڱي ڀلي ٿيڻ تي توکي به ھتان ڀڄائي کيس بخشي ڏيندس. چاھي انھيءَ ڪري منھنجي نوڪري ڇونه ھلي وڃي،چاھي مان جيل ۾ ڇونه وڃي پوان!“ زينب کِلڻ لڳي، ڊاڪٽر وري به ھن جي سادگيءَ ۽ خوش فھميءَ تان کِلي رھيو ھو، پر جڏھن آپريشن وقت ڪلورو فارم سونگھائڻ واري ڏانھن نھاري زينب کي ٻھڪندو ڏٺائين، تڏھن سندس ھٿ مان اوزار ئي ڪري پيا.
۽ پوءِ..... پوءِ ھن نيڪ دل ڊاڪٽر پنھنجو انجام مڪمل طور پاڙيو. ھيترن سارن ملٽري پھريدارن وچان..... زينب ھڪ ڪاري رنگ واريءَ ڀنگياڻيءَ جي ويس ۾ الوپ ٿي ويئي، ۽ اوترو ئي وقت انھيءَ ڀنگياڻيءَ جي ملم پٽي ٿيندي رھي، جيستائين ھو ٻئي محبوب کير ٿر جي پناھ گاھن ۾ نه پھچي ويا!
پر ايڏيءَ سرجوشيءَ..... ايڏي خرچ..... ۽ ايڏي خطري سان آزاد ٿيل مجاھدن کي به انھن پناھ گاھن ۾ آرام نه آيو ۽ بمصداق:
آءٌ ڪيئن سوڙئين سمھان، مون ور گھاري وِلھ،
کٿيريءَ تان کِل، عمر ڪج مَ اھڙي.

آءٌ ڪيئن سوڙئين سمھان، مون ور گھاري سڃ،
ور اباڻن سين اڃ، کھ شربت تنھنجو سومرا!
ٿورن ئي ڏينھن ۾ انھن ڪوھسارن ۽ پناھ گاھن کي الوداع چوندا ٻئي ھڪ ٻئي کان جدا ٿي وڃي محاذ تي پھتا.

10 وڳي رات جو لئمبرڪ جو اسسٽنٽ، نوجوان ڪارگل اڪيلو ئي اڪيلو جيل ۾ آيو. سنتريءَ کي پير صاحب جو ڪمرو کولي پري وڃڻ لاءِ چيائين، پوءِ دروازي وٽ بيھي چيائين، ”ڇا، ھڪ دوست جي حيثيت ۾ مون کي اندر اچڻ جي اجازت آھي؟“
پير صاحب مُرڪي اٿي چيو، ”دوستيءَ جا پنڌ ته پري آھن، پر ’انسانيت‘ سان ايندڙن لاءِ به اسان وٽ پوري مرحبا آھي!“
ڪارگل گرم جوشيءَ سان ھٿ ملائي ڪرسيءَ تي ويٺو. رسمي خوش خير عافيت بعد ھن گنڀير ٿي چيو، ”پير صاحب! اوھان جي اڄوڪيءَ گفتگو منھنجو آرام ڦٽائي ڇڏيو آھي. ڇا اوھين مھرباني ڪري مون کي اھا آگاھي بخشيندا، ته حُرن ريلوي لائين آخر ڇا لاءِ ڪٽي ھئي؟ جي گاڏي ڪيرائڻ مقصود نه ھو، ته پوءِ لائين ڇو ٿي ڪَٽيائون؟“
پير صاحب مُرڪي چيو، ”گاڏي ڪيرائڻ مقصود ھو ۽ ضرور ھو، پر اھا گاڏي نه!“
ڪارگل حيران ٿي چيو، ”پوءِ ڀلا؟“
”گاڏي اھائي ڪيرائڻي ھئي، جا ملٽريءَ سان ڀرپور ڪري، مکيءَ کي گھيرو ڪري بيگناھن کي مارڻ لاءِ ٿي موڪلي ويئي. پر بدقسمتيءَ سان ان جي انجڻ عين وقت تي خراب ٿي پيئي، ان ڪري لاھور ميل اڳ ۾ ڇٽڻ لڳو. ھيءَ اوچتي حالت ڏسي لاچار اسان جا غازي تڙ تڪڙ ۾ ان ۾ چڙھي ويٺا، ۽ سِر تريءَ تي رکي عين موقعي تي ڊرائيور کي چتاءُ ڏنائون، مگر جڏھن سمورو چرخو پيو اُبتو ڦرندو آھي، تڏھن ائين ئي پيو ٿيندو آھي، جيئن ھُن احمق ڊرائيور ڪيو.“
ڪارگل حيرانيءَ سان چيو، تڏھن چئبو ته فوج ته ھونئن به اوڏانھن وڃي ھا، پر لاھور ميل ڪرڻ ھڪ بھانو ٿي پيو مارشل لا لڳائڻ لاءِ؟“
”ٺيڪ سمجھيو اٿئي نوجوان آفيسر! اوھان جا سامراجي رھزن ھاڻي ٿي پيا آھن ڇِتا، سي پيا بيگناھن سان قھر ڪن؛ پوءِ سندن قھر آھن ’صحيح قدم‘ ۽ مجبور مظلومن جا بچاءَ جا قدم آھن ’رھزنيون‘!“
”مگر پير صاحب! ڇا اوھان اسان کي پنھنجي مُلڪ مان ڪڍائڻ لاءِ غازين جي فوج نه ٺاھي ھئي؟“
”بيشڪ ٺاھي ھئيسون ۽ علي الاعلان ٺاھي ھئيسون، اھا ڪا مخفي انقلابي جماعت ڪانه ھئي، اسان وٽ جيڪي به ھو، سو کُليو کُلايو ھو، ۽ کليو کلايو رھندو. اسين ماڻھن کي نيڪ ۽ محب الوطن بڻائي رھيا ھئاسون، ڪي رھزن تيار نه ڪيا ھئاسون. بلڪ تجربو شاھد آھي ته انھيءَ جماعت ۾ داخل ٿيڻ بعد ڪيترا رھزن به وڏا نيڪ بڻجي ويا، مگر اسان اڃا ڪوبه عملي قدم نه کنيو ھو، ته اوھان جي رھزنن کڻي اسان کي ٻوساٽيو، پوءِ انڌا ڌنڌ پيا قھر ڪن!“
”ڀلا، توھين اڳتي ھلي ڪھڙا قدم کڻو ھا؟“
”اھي ته حالتن موافق ھجن ھا. جيڪڏھن اوھان کي جرمنن کان اڃا به وڌيڪ شڪستون اچن ۽ (کِلي) جيئن ٻڌجي ٿو ته، اوھان جي ڪا بنھ اھم ھستي به ھينئر ڪراچيءَ ۾ اچي پناھگير ٿي آھي ۽ پوءِ اڃا باقي سندس خاندان به اچي پھچي، ۽ ھٽلر اوھان جي انگليند ۾ اچي چانھ پيئي؛ ته پوءِ اسين به ھتي بلڪل ھٿياربند لڙائي شروع ڪيون ھا،۽ اھا ڪار رڳي سنڌ ۾ ڪانه ٿئي ھا، بلڪ پٺاڻن ۽ بلوچن ۾ به ڀڙڪي ھا؛ ۽ اڃا به اھڙي صورتحال بڻي، ته ائين ئي ٿيندو، چاھي اوھان کڻي اسان کي ڌوڪي سان قيد ڪيو، پر مُلڪ سڄو ازخود منصور ٿي ويندو.
”مگر ھان، جيڪڏھن ائين نه ٿيو، ته پوءِ به ضرور اوھين ايڏا ڪمزور ٿي ويندؤ، جو لاچار ٿي مُلڪ آزاد ڪندؤ، پوءِ ان وقت ٿيندي ووٽن ۾ صفائي! ۽ (شوڪارو ڀري) جيڪڏھن اسان جا سنڌي ۽ ٻيا بدڪار ليڊر پنھنجن ڪُڌن ڪرتوتن جي نتيجن جي انديشن کان اوھان کي غلط صلاحون ۽ ڊپ ڏيئي، اسان جي بيگناھ غازين سان ھيءُ ظلم نه ڪرائين ھا، ته اوھين ڏسو ھا، ته اليڪشن ۾ ڪير ٿا ڪامياب ٿين!
”مگر اوھان ۽ اھي گڏجي جيڪي ظلم ٿا ڪريو، اُھي به آخرڪار ڪھڙا رنگ لائيندا، سي جيڪي اسان مان زندہ ھوندا، سي ڏسندا!
”۽..... ۽..... دنيا اھو ضرور ڏسندي ته نه فقط سنڌ ۾، بلڪ ساريءَ دنيا ۾ انھن کان ضرور حڪمراني کسبي، جي زاني، شرابي، رشوتي، عياش، ڌاڙيل، ظالم، ٺڳ ۽ ڪُپتيا ھوندا، ۽ اُھا آخرڪار انھن ئي شخصن جي ھٿ ۾ ايندي، جي وڏا نيڪ، عوام جا وڏا خيرخواہ ۽ محب الوطن ھوندا. ولعاقبة للمتقين قرآن پاڪ جو فرمان آھي ۽ اسان جو انھيءَ تي پورو ويساھ آھي. خود اسان جي جماعت ۾ به جيڪي بدڪار ھوندا، سي بيشڪ جوڳيون سزائون پائيندا. قانون قدرت جھڙو ٻين لاءِ آھي، تھڙو اسان جي جماعت لاءِ به آھي.“
ھاڻي پير صاحب مُرڪي چيو: ”خير، ڇڏيو انھن خشڪ ڳالھين کي، اچو ته طبيعت جو مزو بدلايون؛ اوھين شطرنج ڄاڻو؟“
ڪارگل مُسرت سان چيو، ”اھو ته منھنجو محبوب کيل آھي.“

”ھن جھور پوڙھيءَ کي ڇو گرفتار ڪري آيا آھيو؟“ ملٽري آفيسر ڪڙڪي چيو، ”اسي پنجاسيءَ ۾ ته ھوندي؟“
”نه حضور! پوري نوي ۾ آھي!“
”ته پوءِ ڀلا، اھڙين ککن کي پڪڙڻ جو آخر ضرور ئي ڪھڙو؟“
”حضور! ھيءَ وڏي خطرناڪ عورت آھي، ھيءَ ’راڻي سعدان‘ آھي.“
”راڻي ڇا؟“
”ھيءَ ’بچو بادشاھ‘ جي بيگم ۽ ’شھزادي وريام‘ جي ماءُ آھي!“
”اوھ! آءِ سي! تون باغيءَ جي ماءُ آھين؟“
”باغي نه، بلڪ محب وطن!“
”پر انگريزن جو ته باغي آھي نه؟“
”صرف انھن انگريزن جو، جي ٻين جي وطن ۾ اچي ظلم زبردستيءَ سان کين غلام بڻائين ٿا. شھزادو وريام انگلينڊ ۾ ويٺل انگريزن جو دشمن نه آھي، نڪي انھن مان آھي جي پندرھن ويھن روپين جي لالچ تي وڃي ڪنھن به مجبور مُلڪ جي عوام جا سينا چيرين. باقي اھو ته ھر ڪنھن محب وطن تي فرض آھي، ته پنھنجي وطن مان ڌارين سامراجين کي ھر طرح جي ڪوششن سان تڙي ڪڍي.“
”بي سمجھ پوڙھي، ھيترا ماڻھو مارايا اٿوَ، ته به اڃا ھوش ٺڪاڻي نٿو اچيوَ؟
”مري ڪوبه ڪونه ويو آھي، وطن جي جھاد ۾ مرندڙ شھيد آھن ۽ شھيد سدا زندہ آھن. مرن اُھي ٿا جي انھن مجاھدن سان وڙھندي چئن پئسن جي لالچ تي ڪُتن وانگر گوليون ٿا کائين.“
”ته اجھو ٿا تنھنجي پُٽ کي به شھيد بڻايون. گرفتار ته ائين ئي ٿي چڪو آھي، ھاڻي سندس لاش کي به جلائي، رَک کي ھوا ۾ اڏائينداسون، ته توکي لاش به نه ملي.“
”شھيدن جو روح سدا زندہ آھي، خاڪي جسم کي چاھي ڪيڙا کائين، چاھي باھ ۾ جلائجي، ڳالھ ساڳي آھي. باقي جيڪڏھن منھنجي ھڪ پُٽ کي شھيد ڪيو ويو، ته ڪھڙي وڏي ڳالھ ٿي پيئي؛ مُلڪ مڙوئي منصور، ڪُھي ڪُھندين ڪيترا!“
”يعني ھيءُ جيڪي گرفتار پيا ٿين، سي سڀ وريام جھڙا باغي، فسادي آھن؟“
”وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙن کي بزدل ۽ ظالم ئي فسادي سڏيندا آھن، سچا حُر ۽ سچا غازي ڪڏھن به فساد ۽ بدڪاريءَ جا حامي نه ھوندا آھن. ڏٺوَ ڪو ھنن مان بزدل؟ ڏٺوَ ڪنھن جي پُٺ ۾ گولي؟“
آفيسر ڪجھ ٿڌو ٿي چيو، ”پوڙھي تون سچ ٿي چوين، پُٺ ۾ گولي ته بجاءِ خود، پر مان کي ’راڻي مريءَ‘ جو مقابلو ٿو ياد پوي، ته حيران ٿي ٿو وڃان. ھن کي پيٽ وٽ ايترا ته زخم رسيا، جو آنڊا به نڪري آيس، پر آندا ھٿن سان پيٽ ۾ وجھي به مقابلو پئي ڪيائين. سندس موت بعد به اسان جي بزدل سپاھين مان ڪو ڏانھنس نٿي وڌيو، ته متان ساھ ھجيس ۽ ڪنھن کي ڊز نه ڪري وجھي.“
”اھي ويچارا ڪٿان ٿا اھڙن بھادرن ڏي وڌي سگھن، جي ٿورن پئسن تي پنھنجي ديس ڀاين سان اچي ٿا وڙھن.“ ھاڻي راڻيءَ سپاھين ڏي منھن ڪري چيو، ”ڏسو ٿا اوھان جي ڪھڙي واکاڻ ٿي ٿئي؟ ڪُتن جي موت به مرو ۽ بزدل به سڏجو، ۽ اڃا ته آئيندہ نسل جون لعنتون به اوھان لاءِ رکيون آھن.“
سپاھيءَ ته کڻي ڪنڌ ھيٺ ڪيو، پر بيگ نالي ھڪ گورکائي جمعدار به اُتي بيٺل ھو، جو سنجھوري جو ويٺل ھو ۽ راڻي سعدان کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو ھو، سو آڪڙ سان چوڻ لڳو، ھاڻي لڙ لڙ نه ڪر راڻي صاحب، اھي ڊاڙون نه ھڻو، ته ڪير اوھان کي مانُ ڏئي. خبر اٿيئي ته تو وارو شھزادو صاحب خود مرشد مٿي شاھد بڻيو آھي؟“
”منھنجو پُٽ حلالي آھي، مون ڪو ھُن کي حرام مان ھٿ ڪونه ڪيو آھي، جو تو وانگر بلوچن کي لڄائيندو ۽ چئن پئسن جي لالچ تي ديس ڀاين جا خون ڪندو وتندو!“
”اجھو ٿا توکي حيدرآباد موڪليون، پوءِ وڃي روبرو ملي خبرون پڇجانس، ته سرڪاري شاھد بڻيو آھي يا نه!“
’ھونھ!‘ راڻي سعدان ٽھڪ ڏيئي چيو، ”مجاھدن جي رمزن کي ڀلا پيٽ جا غلام ڇا سمجھي سگھندا! ھجيئي ڪو مانُ، ته تون به اچي ڪورٽ ۾ بيھي ٻڌج، ته وريام ڪھڙي ٿو شاھدي ڏئي!“

”پير صاحب!“ مارشل لا ڪورٽ جي ججن جي ھيڊ کنگھڪار ڪندي چيو، ”توھان تي تھمتون آھن ته:
(الف) توھان انگريزن سان وڙھڻ لاءِ غازين جي فوج ٺاھي.
(ب) توھان انھن کي لُٽ مار، ٻار ساڙ، ريلون ڪيرائڻ، لاريون لُٽڻ، آفيسر مارڻ، ڍلون وصول ڪرڻ، وڳوڙ وغيره جا حُڪم ڏنا. ڇا توھان کي اُھي ڏوھ قبول آھن؟“
اُھو سڀ غلط آھي؛ اوھان ھي سمورو ٽڪساٽ فقط ھن لاءِ ٺاھي، ته اسان جي ڪوٽ ۽ بنگلن تي بمباري ڪري، انھن کي تباھ ڪيو، ته اتان اٽڪل ھڪ ارب روپين جي ملڪيت لُٽي اچو.“ پير صاحب بلڪل اطمينان سان جواب ڏنو.
”اسان جي بھادر فوجين اوھان جا ھڪ ارب روپيا ھرگز نه لُٽيا آھن، اسان اوھان جي ڪل چوڏھن ڪروڙن جي ملڪيت ئي ھٿ ڪئي آھي.“
”اُھا ته فقط اھا آھي، جا اوھان جا ظالم آفيسر ڪنھن به صورت ۾ ھضم ڪري نه سگھيا، باقي جيڪا ڦٻائي ويا، تنھن جو حساب ڪٿي؟“
”ڇا، اوھان غازين جي فوج نه ٺاھي ھئي؟“
”بلڪل ٺاھي ھئي سون؛ مگر بلڪل ائين، جيئن مسلم ليگ جو نئشنل گارڊ، ڪانگريس جا والنٽيئر ۽ راشٽريه جو شيوڪ دل وغيرہ.“
”ڇا، اوھان ھنن کي انگريزي آفيسرن تي حملي ڪرڻ جا حُڪم ڏنا ھئا؟“
”بلڪل نه؛ اسان ھنن کي وطن آزاد ڪرائڻ جا سبق ڏنا بيشڪ ڏنا ھئا، پر اڃا عملي پروگرام ڪوبه رٿيل ڪونه ھو. جيڪڏھن خود انگريزن طرفان ئي ڪو آزاديءَ جو پروگرام ٿي پوي ھا، ته پوءِ ته اسان کي وڌيڪ ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت ئي درپيش نه اچي ھا.“
”ڇا توھين گرفتاريءَ کان اڳ اُھي حڪم نه ڏيئي ويا ھئا، ته جيڪڏھن اوھان کي گرفتار ڪيو وڃي، ته پوءِ ساڙ ٻار، لُٽ مار، ۽ خونريزيون ڪيون وڃن؟“
”اھڙا غلط ۽ واھيات حُڪم ڪڍڻ مان جو وڙ ئي نه آھي؛ پر اسان جي غازين مان ڪنھن به نه اھڙو پروگرام ٺاھيو، ۽ نه عمل ۾ آندو. ھنن فقط اوھان جي رھزنن کان بچاءَ جو پروگرام ٺاھيو ۽ اُنھن ظالمن کي ڀُڃڻيون ڏنيون، جن جا ھٿ بيگناھن جي رت ۾ ٻڏل آھن ۽ جي عزتن جا لُٽيرا آھن.“
”چڱو، ته پوءِ ھڪ ھفتي بعد اھي شاھد پيش ڪيا ويندا، جي اوھان جا وفادار ساٿي ھئا، ۽ اوھان ھنن کي اھڙن پروگرامن جون ھدايتون ڏنيون، جن جون تھمتون اسين اوھان تي ھڻي رھيا آھيون. تيار رھجو انھن کي ڏسڻ ۽ آڏي پڇا ڪرڻ لاءِ!“
”اسين انھيءَ ناٽڪي مقدمه ۾ ڪوبه بھرو ڪونه وٺنداسون، جيڪڏھن اوھان کي واقعي انصاف ڪرڻو آھي، ته سڀ کان اول انھن پوائنٽن تي انڪواري ڪئي وڃي ته:
1. اسان جي گرفتاري صحيح ھئي يا غلط؟
2. غازين تي اول حملا اوھان شروع ڪيا، يا اول اوھان تي غازين طرفان حملا ٿيا؟
3. حُر ايراضيءَ ۾ جيڪي به پرامن، وفادار، نامريد ۽ سالم ھئا، تن سان اوھان جي فوجن ناحق ظلم ڇو ڪيا؟
4. اوھان اسان جي ڪوٽ ۽ بنگلي تي ڇالاءِ بمباري ڪئي؟
5. اسان جي خزاني لُٽڻ بعد غير جانبدار مشير ڇونه بيھاريا ويا؟
6. جيڪڏھن اسين به اھڙا شاھد پيش ڪريون جي:

• ثبوت ڏين ته اوھان اسان جي ڪيتري ملڪيت لُٽي آھي.
• اوھان غازين خواہ ٻئي عوام تي ناحق ظلم ڪيا آھن.
• اوھان عورتن سان نھايت وحشيانه ھلت ڪئي آھي، وغيرہ ته اُھي شاھد به ورتا وڃن.“

”اوھان جو گھرون ٻڌڻ ۽ انھيءَ بابت ڪجھ به تحرڪ وٺڻ جو اختيار فقط گورنمينٽ کي آھي، نه ڪه اسان کي؛ اسين صرف مقدمو ھلائينداسون، اوھان کي اُتي وھارينداسون، پوءِ چاھي بھرو وٺو، چاھي نه وٺو.“

اڄ صبح جو سويل ئي ينگ صاحب حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ آيو ۽ ھڪ خاص ڪمري ۾ اچي ويٺو. جيلر سلام ڪري اچي عرض ڪيو:
”حضور! وريام ۽ سندس والدہ سعدان، قاسم ۽ سندس پيءُ امام بخش، خان محمد سنجراڻي ۽ سندس ماءُ حاضر آھن.“
”وٺي اچونِ“
حُڪم موجب ڇھ ئي شخص حاضر ٿيا، ۽ ڇھن ئي جي چھرن تي اطمينان ھو. خان محمد ۽ قاسم بيحد ضعيف ھئا، مشڪل سان ھلي ٿي سگھيا، مگر اُھي به غمگين نه ھئا. باقي وريام ته اصل ٻھڪيو پئي ٻھڪيو. ينگ صاحب ھنن تي سرسري نگاھ وجھي چيو، ”فقيرن جي وھڻ لاءِ ڪرسيون آڻيو.“
يڪدم ڪرسيون اچي ويون، پر خان محمد ۽ قاسم انھن تي نه ويٺا، بلڪ زمين تي ئي ليٽي پيا. ينگ صاحب کين ھمدرديءَ جي لھجي ۾ چيو، ”مٿي ويھو ميان!“
خان محمد چڙ مان قميص پري ڪري چيو، ”ھيءُ جسم ڪرسيءَ تي ويھي سگھندو؟“
ينگ صاحب سميت ڏسندڙ سڀ وائڙا ٿي ويا، ھن کي ايترا ته ڏنڀ ڏنل ھئا، جو ھڏيون ۽ پاسريون به ڏسجي رھيون ھيون، انھي کان به بُري حالت قاسم جي ھئي، جنھن جي انگ انگ مان رت ۽ پون وھي رھيو ھو.
”اوھو!“ ينگ صاحب نھايت ھمدرديءَ جي لھجي ۾ چيو، ”اوھان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، اسان جو اھڙو حُڪم نه ھو؛ مگر اسان اوھان جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ھر طرح تيار آھيون، توھان جو مڪمل علاج ڪيو ويندو، اوھان کي وڏيون انعامون اڪرامون ڏنيون وينديون، اوھان جي زندگي سُڌري ويندي، جيڪڏھن.....“
”جيڪڏھن اسان پير صاحب تي ڪوڙيون تُھمتون ھڻون، ائين نه؟“
”بيوقوف آفيسر، جيڪي شخص ھھڙا ظلم سھي سگھن ٿا، تن کي به پنھنجو ھٿيو بڻائڻ جي اُميد ٿو رکين؟ آءٌ مرشد جو قسم کڻي سچ ٿو چوان، ته جنھن مھل لوھ گرم ڪري منھنجي جسم تي رکندا ھئا، ته مون کي ٿڌڪار محسوس ٿيندي ھئي. “ خان محمد چيو.
آفيسر ھاڻي امام بخش ڏي منھن ڪري چيو، ”پوڙھا، توکي به پٽ جي حالت تي رحم نٿو اچي، تون به نٿو سمجھائينس؟“
امام بخش پُٽ ڏي منھن ڪري چيو، ”پُٽ! ڪھڙو خيال اٿئي؟“
قاسم مُشڪندي چيو، ”بابا! مون کي روزانو خواب ۾ شھيد ڏسڻ ۾ ايندا آھن، جي دعوت پيا ڏيندا آھن ته ڪڏھن ٿو اچين؟ ھيءُ ته مون کان غداري ٿا طلب ڪن، پر جيڪڏھن بنا شرط شروط آزاد ڪن ته به آءٌ خوش نه آھيان. مون کي ته صرف شھادت حاصل ڪري، سنگتين جي سٿ ۾ وڃڻ جي تمنا آھي.“
پوڙھي پيءُ بي اختيار اٿي کيس ڀاڪر پائي نراڙ چُمي چيو، ”صد ھزار رحمتون ھجنئي، مون ڀل توکي ڄائو!“
”او ظالم پوڙھا!“ ينگ صاحب تيز ٿي چيو، ”تو به پُٽ تي رحم نه ڪيو؟ تو به کيس نيڪ صلاح نه ڏني؟“
”منھنجي کيس اھائي نيڪ صلاح آھي ته آخري پساھ تائين ثابت قدم رھج.“
”انشاءَالله تعاليٰ“ قاسم وڏي اُمنگ سان چيو.
ھاڻي ينگ صاحب خان محمد جي والدہ کي چيو، ”پوڙھي! تون ته پنھنجي جگر جي ٽڪري تي رحم ڪر!“
ماءُ- پُٽ ڏي ڏسي گنڀير ٿي چيو، ”پُٽ! توسان ته وڏا ظلم ڪيا اٿن!“
”امان، مون سان ڪي به خاص ظلم نه ٿيا آھن، منھنجي ٻين ساٿين ساڻ ته ھنن رھزنن ايڏا ته ظلم ڪيا آھن، جنھن جي ڳالھ ئي نه پڇ؛ ھنن کي وحشيانه مارون ڏيئي ھڏ گُڏ ڀڳا اٿن، لارين ۾ ٻڌي لاريون ڊوڙايون اٿن، ڪتا بڇايا اٿن ۽ ٻيو به الائي ڇا ڇا ڪيو اٿن، تڏھن به ھو نه مڙيا. مون کي به اھا ئي دعا ڪر، ته ڌڻي تعاليٰ پڇاڙيءَ تائين ايمان سلامت رکيم!“
”آمين! پُٽ، آمين! تو بيشڪ منھنجي ٿڃ جو حق ادا ڪيو.“

ينگ صاحب ھاڻي راڻي سعدان ڏي مُھاڙ ڪري چيو، ھنن ته پنھنجي پُٽن تي رحم نه ڪيو، مگر تون ته ڪر!“
”ھيءُ سرڪاري شاھد ته بڻجي چڪو آھي، ٻيو اڃا ڇا ڪري؟“ راڻيءَ گنڀير ٿي چيو.
”ھيءُ وڏو مڪار آھي.“ ينگ چيو، ”خبر اٿيئي ته ڪورٽ ۾ ڇا ڪيو اٿس؟“
”ڇا وري ڪيو ھوندائين، ڪوبه بم ته وٽس ڪونه ھو، جو اڇلايو ھوندائين.“
”بم کان به وڌيڪ“ ينگ صاحب چيو، ھيءُ وڏي طمطراق سان ڪورٽ ۾ آيو، اسان پير صاحب کي آڏو پردو ڏنو ھو، ته متان سندس رعب سبب، شاھد ٺيڪ طرح شاھدي نه ڏين، پر اچڻ شرط ھن آواز ڏنو: ”پردو پري ڪيو، مان پير کي سڀ ڳالھيون منھن تي مڃائيندس، مان ڪو ھن کان ڊڄان ٿو ڪيئن؟“
اسان به ڀنڀلجي کڻي پردو پري ڪيو، ته ڊوڙي وڃي سندس پير چميائين، ۽ چيائين، ”آخري مراد حاصل ڪيم، ھاڻي ٻيو ڪجھ به نه کپيم!“
وريام ھيءُ سڀ وقت مُشڪي رھيو ھو؛ راڻي سعدان ڊوڙ پائي کيس ڀاڪر وجھي، چمي ڏيئي چيو، ”سچ؟ منھنجا سڀاڳا پُٽ! تو اھا نعمت به حاصل ڪري ورتي؟ تو بيشڪ منھنجي ٿڃ ملھائي، تو بيشڪ پنھنجي بھادر بابي جو شان بلند ڪيو.“
ھاڻي ينگ صاحب چڙي پيو، ”وٺي وڃو ھنن ڪمبختن کي، وڏا احمق آھن ھي!“
قيدي ۽ سندن مائٽ سڀ خوشيءَ مان ٻھڪندا ٻاھر نڪتا!

”توھان جو ابتدائي بيان پڙھي، مان ته حيران ٿي ويو آھيان پير صاحب! ڪارگل چيو، ”ڇا اھو سڀ سچ آھي؟ ڇا سچ پچ اوھان جي ھڪ ارب روپين جي ملڪيت لُٽي ويئي آھي؟“
”ٻيو تڏھن ڪو ڪوڙ به ھو ڇا؟“ پير صاحب مُرڪي چيو، ”ڇا تون اڃا تائين مون کي پروڙي نه سگھيو آھين دوست؟“
”پير صاحب! اسان جا ڪورٽي سرشتا اھڙا آھن، جو وڌاءَ کان سواءِ قصو ٺھندو ئي نه آھي؛ ممڪن آھي ته انھن کي خيال ۾ رکي اوھان وڌاءُ ڪيو ھجي..... پر....“ ڪارگل ڪجھ طنز مان چيو، ”گستاخي معاف پير صاحب! ھڪ سوال پڇان؟“
”ڀلي پڇ، بلڪ ھڪ نه، پر ٻه، ٻه ڇو، کڻي پنج پُڇ!“
”پير صاحب، پھريون سوال ھيءُ، ته آخر اوھان ايتري ملڪيت گڏ ڪري ڇو رکي، جڏھن ته اوھان جي قرآن پاڪ ۾ انھيءَ جي سخت منع آھي؛ ۽ ٻيو ته آءٌ اوھان جي چھري تي ڪو ارمان يا ڪا پريشاني ته ڏسان ئي ڪونه ٿو، جنھن جي ايڏي ساري ملڪيت لُٽجي، تنھن کي ڪو غم ته ھئڻ گھرجي نه؟“
”ٻئي سوال دراصل ھڪ آھن.“ پير صاحب مُرڪي چيو، ”مان ڪڏھن به انھيءَ ملڪيت کي پنھنجي نه سمجھيو آھي، مان انھيءَ مان ڪَک به پنھنجي لاءِ نه خرچيو آھي، نه خرچڻ جو ارادو ئي رکيو ھوم. شايد توھين انھيءَ کي وڌاءُ يا نقلي سمجھو، پر اِھا حقيقت آھي، ته مان پنھنجي گذر لاءِ پوک به ھٿ سان ڪندو آھيان. اھا سموري ملڪيت ھڪ قومي بيت المال ھو، ۽ مان صرف محافظ ھوس، پوءِ ڀلا انھيءَ جي لُٽجڻ تي مان کي ڇو ارمان ٿئي، جڏھن اھا مان جي ملڪيت ھئي ئي ڪانه! ۽ وڏي ڳالھ ته، ڏک ته تڏھن ٿئي، جڏھن جڏھن اسان جو مُلڪ سڃو ھجي، اسان جو ملڪ خدا جي فضل سان نھايت سکيو ستابو آھي، جيڪڏھن رشوتي ۽ زيان خور آفيسرن کي ھٽايو يا سڌو ڪيو وڃي ته اسان جي بجيٽ جيڪر ڏھوڻي ٿي وڃي؛ پوءِ اھڙن ڊڀن کي جيڪڏھن ڪي گڏھ کڻي چَرندا، ته آخر ڪھڙو ڏُک ڪبو؟ گڏھ ھليا ويندا ۽ ڊڀ وري مورجي پوندا! رُت کري آھي، ڪا ڄمار ڪانه کري آھي.“ پير صاحب ٽھڪ ڏيندي چيو، ڪارگل حيران ھو!
پير صاحب وري به کِلي چيو، ”اوھان جي وڏن ته آمريڪا کي به گھڻو ئي ڦريو کاڌو، پر اڄ آمريڪا زور آھي يا اوھين؟ بلڪ رڳي آمريڪا ڇا، جن به ملڪن کي اوھين خواہ ٻيا سامراجي ڦري کائي نيٺ آزاد ٿا ڪريو، سي ڪي وانجھ عورت وانگر ته نه آھن، جو وري ڦَر نه ڏين، اسان جي ڌرتي مالا مال آھي!“

”اسان کي توھان جي رپورٽ نامڪمل ۽ مشڪوڪ لڳي ٿي. توھان سڄي ڪوشش انھيءَ لاءِ ورتي آھي، ته جيئن پير صاحب کي ضرور ڦاسي ڏني وڃي، مگر اسين ملڪه معظم جي سرڪار کي پنھنجي رپورٽ موڪلڻ کان اڳ اھو ضروري سمجھون ٿا، ته پير صاحب بنا ڪنھن دٻاءَ جي، مڪمل آزاديءَ سان پنھنجو جوابي بيان لکي، اسان ڏي موڪلي، اسين مسٽر ڪارگل تي انھيءَ بابت پورو اعتماد رکون ٿا- وائسراءِ ھند“
جڏھن اھو اطلاع پير صاحب کي ڪارگل کان پھتو تڏھن پاڻ کِلي چيائون، ”۽ اسين وري اوھان تي اعتماد رکون ٿا، لکو، جيڪي اسين لکايون“:
”جيئن ئي مان ھوش سنڀاليو آھي، مان کي سامراجي غلاميءَ کان نفرت پئي رھي آھي. مان اوھان جا آفرين ناما ھٽايا، اوھان جا لقب ۽ تحفا وٺڻ کان انڪار ڪيو، اوھان جون ڏنل تڪليفون برداشت ڪندو اڳتي وڌندو رھيس. جيئن ئي مناسب موقعو ھٿ آيو، مان غازي تحريڪ کي زندہ ڪيو، ھنن کي ھڪ، نيڪ ۽ سرفروش بڻايم.
”مان ڪوبه مخفي پروگرام نه ٺاھيو ھو، نه پنھنجي مراد مخفي رکي ھئم. اسان جي منزل مقصود ”وطن جي آزادي“ ھو ۽ رھندو، چاھي اسان زندہ رھون يا نه رھون، پر اسان جي جماعت پنھنجو وطن آزاد ڪرائيندي ۽ ضرور ڪرائيندي؛ اھو اسان جو حق آھي، ۽ اسين پنھنجو حق ضرور حاصل ڪنداسون.
”اسان کي پنھنجو حق، پنھنجي ئي طاقت سان وٺڻ جو ارادو ھو، آھي ۽ رھندو. اسان ڪنھن به غير ملڪي طاقت جو سھارو نه ڳوليو آھي، ۽ نه ڪڏھن ڳولينداسون، ڇاڪاڻ ته تاريخ جو ورق ورق شاھد آھي ته جيڪا به قوم، ھڪڙن کان آزادي حاصل ڪرڻ خاطر ٻين جو سھارو، ڳولي ٿي، سا وري ضرور نئين غلاميءَ ۾ ڦاسي ٿي. ۽ ٻيا ته ڇڏيو، پر خود ڀلي زماني ۾ جڏھن مديني جي انصارن، يھودين سيٺين جي تسلط کان پاڻ بچائڻ خاطر مڪي جي قريشين جو سھارو ڳوليو، کين ھر طرح جون مددون ڪيون، ملڪيتن جا حصا ته ڇڏيو، پر زالن مان حصي وراھڻ جون به آڇون ڪيون، ته به، سرور ڪائنات صلعم جي سخت پارتن ھوندي به کين حڪمرانيءَ کان محروم ڪري ھميشه لاءِ قريشين جو ماتحت بڻايو ويو؛ تنھن ڪري اسين ته قديم سنڌي پھاڪي ’ٻَرُ، ته ٻانھا ٻَرُ‘ جا ئي قائل آھيون؛ مگر اڃا اسان اھو حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه عملي قدم نه کنيو ھو، ته اوھان اسان تي اڳواٽ ئي نھايت وحشيانه انداز ۾ ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، اوھان بيڪسن جا گھر ۽ ڳوٺ جلايا، ڍور ماريا، زمينون کسيون، ٻار، ٻڍا، جوان، نوجوان ڪُٺا، عورتن سان وحشيانه ھلتون ڪيون ۽ عوام جون خواہ اسان جون ملڪيتون لُٽيون، اسان جا بنگلا ۽ ڪوٽ ڀڳا. اھو سڀ ڪجھ سھندي به اسين پنھنجي ’بنيادي انساني حق‘ تان دست بردار ھرگز نه ٿينداسون، ’وطن- يا- ڪفن‘ اسان جو پروگرام رھندو، پوءِ چاھي اھو ڪڏھن به ڪامياب ٿئي!“

”مبارڪ ھجي پير صاحب..... اڄ توھان خلاف سازشون ڪندڙ اسان جو ھڪ گبر سي. آءِ. ڊي دھليءَ کان ڦلھو منھن کڻي واپس آيو آھي ۽ چوي ٿو ته وائسراءِ صاف صاف لکيو آھي ته، ’پير صاحب کي ڦاسي ھرگز نه ڏني وڃي‘!“
”پوءِ انھيءَ ۾ ڪھڙي مبارڪ چئبي؟“ پير صاحب کِلي چيو، ”اسان جو ايمان آھي، ته زندگيءَ جو ھڪ وقت مقرر آھي ۽ اھا ان وقت کان اڳ ھرگز ختم ٿي نٿي سگھي، ۽ نڪي انھي وقت کان پوءِ وڌي سگھي ٿي. منھنجا دوست! سچ ٻڌاءِ، تو ڪڏھن مان کي زندگيءَ سان پيار ڪندڙ ڏٺو؟“
ڪارگل وسو ٿي ويو ۽ گنڀير ٿي ھن شير مرد ڏي ڏسڻ لڳو. پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، ”اڃا ڇا ٿو ڏسين، اھي سازشي ڪُتا ڪي صبر ڪري نه وھندا، پنھنجا ھر قسم جا زور ھلائي سمجھدار وائسراءِ جي راءِ کي ضرور رد ڪرائيندا، پوءِ انھيءَ مھل مان جو چھرو ڏسج نه!“
۽ پوءِ..... پوءِ آخرڪار ائين ئي ٿيو، جيئن پير صاحب ٿي سمجھيو؛ بادشاھ سلامت پنھنجي ”خاص سي. آءِ. ڊين“ جي راءِ کي وڌيڪ وزن ڏنو ۽ سنڌ جي سر زمين تان ھن مستقل خطري کي دفع ڪرڻ ئي مناسب سمجھيو؛ ھن حُڪم ڏنو ته پير صاحب کي ڦاسي ڏني وڃي ۽ سندس صاحبزادہ اسان وٽ ”تربيت“ حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليا وڃن.

19- مارچ 1943- رات
”دوست! اڄ ڇو دير ڪري آئين؟“ پير صاحب مشڪندي چيو.
پير صاحب جي مُشڪ خواه اطمينان ڏسي ڪارگل صاحب حيرانيءَ مان چيو، ”پير صاحب! ڇا، اوھان اڄ آخري رات به شطرنج جي مُوڊ ۾ آھيو؟“
”دوست! زندگيءَ تي ته ھونئن به ڀروسو ڪونھي“ پير صاحب ساڳئي اطمينان سان چيو، ”مگر اسان جنھن راھ ۾ قدم رکيو، اُن راھ جو ڏاج ئي اُھو آھي، ته ھر رات کي آخري رات سمجھيو وڃي. پوءِ جڏھن اسين ڪلھ رات شطرنج جي مُوڊ ۾ ھئاسون، ته اڄ اھو موڊ ڇو ڦٽايون؟“
ڪارگل شطرنج تي ويٺو، اھا راند ھميشه جي دستور موجب آڌيءَ رات تائين ھلي. ڪارگل کي شڪ ھو، ته پير صاحب طرفان ھيءَ بناوٽ آھي، پر راند جو رُخ انھيءَ گُمان جي ترديد ڪري رھيو ھو، ڇوته پير صاحب ته بازين تي بازيون پئي کَٽيون! موڪلائڻ وقت ڪارگل نھايت سوز ڀرئي لھجي ۾ چيو، ”پير صاحب! ڇا ھڪ دوست جي آخري التجا پوري نه ڪندا؟“
”چؤ دوست! بيشڪ چؤ؟“
کيسي مان ھڪ ڪاغذ ڪڍي ڪارگل چيو، ”ھن تي دستخط ڪريو!“
ڪاغذ کي پڙھندي پير صاحب مُرڪي چيو، ”اُھو واپس رک دوست، اھڙن معافي نامن تي دستخط ڪرڻ وارا ڪڏھن به ھھڙيون تحريڪون ھلائي نٿا سگھن؛ اھڙين واءُ سان وِسامندڙ شمعن جي چؤگرد اھڙا پروانا ڪڏھن به گڏ ٿي نه سگھندا آھن!“
مگر ڪارگل کي اڃا به سورھن آنا يقين نٿي آيو. ھاڻي ھو ظاھر ۾ ته موڪلائي ويو، پر مخفي طرح واپس اچي پير صاحب جي روئدا ڏسڻ لڳو. ھن کي گھڻي قد گمان ھو، ته پير صاحب کي ھن بعد ڪم از ڪم ننڊ ڪانه ايندي؛ پير صاحب ته ٿوري دير بعد ھميشه وانگر اطمينان جي ننڊ ۾ محو ٿي ويو ۽ اُن بعد دستور موجب 4 وڳي اُٿيو، غسل ڪري نھايت اطمينان سان تھجد پڙھيائين، ذڪر اذڪار ڪيائين. ايتري ۾ شھادت جا ٽڪيٽ ڏيندڙ به آيا، پير صاحب کِلندو مُشڪندو انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ آخري وقت تائين اھا مُشڪ قائم رھي.
ھاڻي ڪارگل صاحب وڌي نھايت عزت، احترام ۽ رَقت سان سلام ڪري چيو، ”محترم دوست! اڄ تنھنجو وطن آزاد آھي، جيڪو وطن ھھڙن شيرن کي پيدا ڪري، سو ھاڻي گھڻو وقت غلام رھي نه سگھندو!“
پير صاحب جي شھادت بعد خاص خاص خليفن کي سڏائي سندن آخري ديدار ڪرايو ويو، جنھن مان اصل مقصد اھو ھو ته ھنن کي سندس شھادت جي پَڪ ٿئي، مگر پير صاحب جو مُشڪندڙ، مطمئن ۽ شادب چھرو ڏسي، سڀني کي اھوئي گُمان ٿيڻ لڳو، ته پير صاحب کي شھيد نه ڪيو ويو آھي، بلڪ صرف سُيون لڳائي بيھوش ڪيو ويو آھي؛ ۽ اُھو گُمان ڦري يقين جي صورت وٺڻ لڳو، جڏھن سامراجين کين اُتي دفن ڪرڻ بدران ڪافي مفاصلو پري سمنڊ ۾ ڪنھن ٻيٽاريءَ ۾ وڃي دفن ڪيو.
پوءِ ورھين جا ورھيه اھوئي خيال قائم رھيو، ته پير صاحب جن آفريڪا ۾، يا ڪنھن سامونڊي ٻيٽاريءَ ۾ نظربند آھن..... ۽ اڃا تائين مُريدن معتقدن جي وڏي حصي جي دِل تي اھوئي خيال ڄميل آھي.

ھن ڪم کان واندي ٿيڻ بعد انگريزن پير صاحب جي ٻن صاحبزادن کي لنڊن ڏي موڪلي ڏنو، جتي ظاھر ۾ تعليم و تربيت جو بھانو بڻايو ويو ۽ باطن ۾ نظربندي ھئي.
انھيءَ سان گڏ نالي ماتر ”مارشل لا“ ختم ڪري، ان کان به وڌيڪ طاقت وارو ”حُر ائڪٽ“ لڳايو ويو ۽ فوج سان گڏ ”سنڌ پوليس رائفل“ (ايس. پي. آر) قائم ڪري، ساڻن ساڳيون چڪريون برقرار رکيون ويون. سندن زمينن تي ٻاھرين ماڻھن کي قبضا ڏنا ويا، سندن ٻارڙن کي ”حُر اسڪول“ جي نالي ۾ ھڪ اھڙي قيدخاني ۾ بند ڪيو ويو، جتي ساڻن ھر طرح جا ظلم ۽ تعديون ٿينديون ھيون.
انھن خونريزين سان گڏوگڏ گرفتارين ڪرڻ ۾ ڪوبه سَنڌو سيڙھو، ڪابه حد بندي ڪانه رھي. انگريزي ملٽري ۽ پوليس تمام گھڻو وڌائي ويئي، ھنن کي سڄيءَ سنڌ ۾ جتي ٿي وڻيو، اُتي جي ماڻھن کي ”حُر“ ٺھرائي ٿي گرفتار ڪيائون. ساڻن مقابلا ڪندڙ ته فقط اھي غازي مَرد ھئا، جن جا سر ھميشه تريءَ تي رکيل ھوندا ھئا ۽ اُھي ماريندا به ھئا، ته مَرندا به ھئا؛ باقي ٻيا ويچارا ڍورن وانگر تاڻجي پيا ڪئمپن ۽ جيلن ۾ سٿبا ھئا ۽ اندازو آھي، ته انھن گرفتار ٿيلن ۾ 30- 40 ھزار ته رڳو عورتون ھيون. انھن عورتن ۾ جيئن ته حقيقي حُرياڻيون ۽ خاص ڪري غازياڻيون تمام ٿوريون ھيون، ان ڪري باقي عورتن سان ڪامورا عياشيون ڪندي، لڄون لُٽيندي بي انداز وحشيانه سُلوڪ ڪندا ھئا. خود ھڪ وڏي انگريز آفيسر جي اھڙي ظلم جي خلاف، ان وقت جي ھڪ ننڍڙي غازيءَ ”محمد رحيم مھر“ (موجودہ ايڊيٽر الفقراء) ھڪ عجيب و غريب احتجاج ڪيو؛ محمد رحيم جو والد محمد فقير مھر ان وقت حُرن ھٿان بلڪل غلط فھميءَ سان شھيد ڪيو ھو، ان ڪري انگريز وري ھن سان ھمدردي پيا رکندا ھئا ۽ ھو اڃا، ھو به ڇوڪرو؛ ان ڪري کيس بي ضرر سمجھي ھر ھنڌ بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي اچڻ وڃڻ به پيا ڏيندا ھئا؛ سو ھڪ رات جو ڇا ٿو ڪري، جو لئمبرڪ ويٺي ڪاغذن جو ڪم پئي ڪيو، تيز روشنيءَ وارو گولو ٻري رھيو ھو، مگر محمد رحيم سندس ميز تي ھڪ ننڍي ميڻ بتي رکي، تيلي ھڻي، ان کي روشن ڪرڻ لڳو. لئمبرڪ ڇِرڪ ڀري چوڻ لڳو، ”ھان، ھان، ڇوڪرا! ھيءُ ڇا ٿو ڪرين؟“
”روشني ٿو ڪريان صاحب، ٻيو ڇا ٿو ڪريان، آخر اونداھ لاھڻ لاءِ به ڪجھ ته ڪبو نه؟“
”مگر ھيءُ ھيڏو سارو ٻرندڙ گولو تون ڏسين ئي ڪونه ٿو؟“
لئمبرڪ صاحب ڇِرڪ ڀري ھن کي ڏٺو، ۽ انگريزي دستور موجب ھن کي ته پاڳل سڏي جيل موڪليو ويو، پر لئمبرڪ پوري ڪوشش ڪرڻ لڳو، جيئن ڪم از ڪم انگريز آفيسر انھن ڪُڌن ڪمن کان پري رھن؛ باقي ديسي ڪميڻن کي روڪڻ ته ھن جي به طاقت کان ٻاھر ھو، ڇو ته اھي اُھي ھئا، جن حُر ائڪٽ جي آڙ ۾ گرفتارين جي ڌُم مچائي ڏني. جيڪو به پئسي وارو ٿي ڏٺائون، اُن کي گرفتاريءَ جو ڊپ ڏيئي ٿي پئسا ڦريائون. پوءِ رڪارڊ جي خانه پُريءَ لاءِ وري انھن اٻوجھن کي ٿي بند ڪيائون، جيڪي ڪجھ به ڏيئي نٿي سگھيا. ھنن ڪميڻن ديسي ڪُتن جيڪي ظلم سنڌ جي عوام سان ڪيا، تن جا داستان ته اڃا ھاڻ ميدان اشاعت ۾ ايندا. ’منھنجا ڪتاب، ملھار فقير جا ڪتاب، سابق ليفٽيننٽ وليداد خان گولا انداز جا مضمون، حڪيم محمد يعقوب جا مضمون، متفرق اخبارن جا ايڊيٽوريل، سڀ گڏجي به اڃا ابتدائي حيثيت رکن ٿا، مفصل داستانن جو دور اڃا ڪجھ وقت گھري ٿو.‘
ھاڻي بد دماغ انگريزي آفيسرن طرفان اھا مھم چالو ٿيڻ لڳي، ته پير صاحب جي گاديءَ تي سندس خاندان مان ڪو اھڙو ھٿ ٺوڪيو ڇاڙتو وھارجي، جو ھر زندہ، خود دار ۽ محب الوطن حُر جو خاتمو ڪرائي ڇڏي. انھي لاءِ ھنن ڪي ڇاڙتا تيار به ڪيا، پر انھن کي پاڻ به ڊپ ٿيڻ لڳو ته خبر ناھي ته حُر ڇاڪن؛ سو کين مشورا ڏنائون، ته گادي قائم ڪرڻ کان اڳ جن نظربندن کي اسين چئون، تن کي ماريو وڃي. انگريزن اُھا ڳالھ مڃي کين جيلن ۽ ڪئمپن ڏي موڪليو، مگر اڃا به حرن جي ھيبت مٿن ايڏي ڇانيل ھئي، جو کُليو کُلايو نه، بلڪ برقعو ڍڪي ايندا ھئا. پوءِ جنھن ڏي اشارو ڪندا ھئا، سو يا ته ڦاسيءَ چڙھي ويندو ھو، يا ڊز ٿي ويندو ھو. پوءِ ھنن اشارن جي آڙ ۾ ڪيترائي اھڙا شخص به مارجي ويا، جن پاڻ تي ڪڏھن حُرن جو پاڇو پوڻ به نه ڏنو ھو.
ھونئن ته انگريز آفيسر اھڙين شڪايتن تي ڌيان ڪونه ڏيندا ھئا، پر جڏھن اھڙي ھڪڙي برقعه پوش حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ھڪ قيديءَ تي به وڃي ھٿ رکيو، جو حر تحريڪ کان گھڻو اڳ جو سزا يافته ھو. تڏھن ھنن برقعه پوشن جي قلعي کُلي پيئي ۽ اُھو انڌا ڌنڌ قتل عام ته بند ٿيو؛ مگر ھاڻي وري آفيسرن سَچن حُرن جي پرک جا ٻيا رستا ايجاد ڪيا. کپري تعلقه ۾ ھڪ ھنڌ ڪافي شخص قيد ڪري ڪئمپ لڳائي ويئي. ھڪ پاڻيءَ جي مَٽ تي ڇل رکي سڀني قيدين کي حُڪم ٿيو، ته ھن مان پاڻي پيئو. جيئن ته ھڪ شخص جي پاڻي پيئڻ بعد اھا ڇل مَٽ ۾ ٻوڙي ٻئي شخص ٿي پاڻي پيتو، ان ڪري گويا مَٽ ۾ اوبارو پئي داخل ٿيو ۽ فرق وارا گڙنگ حُر ھر حالت ۾ غيرن جو اوبارو پيئڻ حرام سمجھندا آھن، ان ڪري انھن اُھو پاڻي پيئڻ کان انڪار ڪيو.
آفيسرن طرفان تنبيھ ٿين ته اھو پاڻي پيئو، نه ته ڊز ڪيا ويندؤ، مگر جڏھن ھنن اُنھن دڙڪن تي ڪوبه ڪن نه ڏنو، تڏھن کين لائن ڪري بيھاريو ويو، ۽ جنھن به مَٽ مان پاڻي پيئڻ کان انڪار ڪيو، ان کي ڊز ٿي ڪيو ويو، پر تڏھن به بمصداق:
اڳيان اڳين وٽ، پوين سِر سنڀايا!
ھڪڙا ڊز ٿيندا ويا، ته ٻيا انڪار ڪري ڊز ٿيڻ لاءِ تيار ٿيندا ويا. آفيسر حيران ٿي ھڪڙي کان پڇيو ته ”آخر توھين ھيءُ آپگھات ڇوٿا ڪريو؟“ ته ھڪ حُر جواب ڏنو، ”جان ڏبي پر ايمان ڪونه ڇڏبو!“
پوءِ اھڙيون حالتون ڏسي انھن ھٿ ٺوڪين خود ئي جان پياري سمجھي گاديءَ تي وھڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

”سو تون وري به اچي پھتئينءَ!“
ڊاڪٽر جڏھن ھڪ سخت زخمي مريض عورت جي ڦَٽن سان ڀريل چھري تان سڀ پَٽيون لاھي ورتيون ته ڇِرڪ ڀري چيائين.
”پوءِ ڇا ڪريان ڊاڪٽر صاحب! اوھان ته اسان کي کير ٿر جي ڪوھسارن ۾ آرامگاھون ھٿ ڪري ڏنيون، پر اسان سان ته اُھا حالت ھئي جو:
چوڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا،
ستي سنڀارن جا، پيم ڪن پڙاءُ،
وھڻ مون نه وڙاءُ، سڻيو جھانءِ، جھِڄي ھنيون!
”پوءِ ڀلا تنھنجو گھوٽ؟“ڊاڪٽر سوال پڇيو.
”ڊاڪٽر صاحب!“ اکين ۾ پاڻي آڻي زينب چيو، ”ڊاڪٽر صاحب! اڄ اھو اھڙو قابو آھي، جو اوھان جي ھن آپريشن وقت ڪنھن به صورت ۾ پھچي ڪونه سگھندو، پر.....“ پر زينب لُڙڪ اگھي ٽھڪ ڏيئي چيو، ”پر ڊاڪٽر صاحب! ھن اھڙا ته زبردست ڪارناما ڪيا آھن، جو منھنجو روئڻ ته سراسر غلط آھي؛ ھڪ دفعي سِکن جي رجمينٽ سان لڙائي ڪندي سندن ليفٽيننٽ لانگورٿ کي نه فقط ڊز ڪري ڇڏيائين، پر پاڻ به کين ھٿ اچي نه سگھيو. انگريز ڪمانڊر ميجر نارٽن کيس چئلينج ڏنو، ته ھن آفيسر جي انتقام طور توکي مان پنھنجي ھٿن سان شوٽ ڪندس، ته ھن وري کين چئلينج ڏنو ته آءٌ توکي ھر حالت ۾ شوٽ ڪندس.“
”ڀلا پوءِ.....؟“ ڊاڪٽر حيرت مان پڇيو.
”پوءِ ڊاڪٽر صاحب! ھن دلير، ھن سنڌ جي سورمي جون ڪھڙيون ڳالھيون ڪريان! سخت معرڪا ڪندي، اٿاھ انگريزي فوج ۽ بي شمار ديسي غدارن ھٿان، ھو اٽڪل ٽيھارو بھترين غازين سميت گرفتار ٿي ويو ۽ سڀئي ميجر نارٽن وٽ شھدادپور ڪئمپ ۾ اچي پيش پيا.
ھٿن ۾ ھٿڪڙيون..... پيرن ۾ ٻيڙيون..... سخت پھري ھيٺ غازي لائين ۾ بيھاريا ويا ۽ ميجر نارٽن ريوالور کڻي اچي بيٺو:
”ٽم حر ھي؟“
”ھان صاحب ھي!“
”ڊز رکيو آھي!
”ٽم حر ھي؟“
”جي صاحب ھي!
ڊز..... ٻيو به رکيو آھي!
’اڳيان اڏين وٽ پوين سر سنباھيا‘
ڊز..... ٽيون به رکيو آھي!
’پسي لھس نه لُڇيا، سڙيا اتي سچ!‘
اجھو چوٿون به.....!
انھن ”ھان صاحب“ ۽ ”ڊز- ڊز“ جي آوازن ۾ صاحب بھادر اڳتي وڌندو ويو، جڏھن پھرينءَ لائين جي اڌ تي پھتو ته اوچتو ٻيءَ لائين مان ھڪ قيدي وڌيو، بجليءَ جي ڦڙتيءَ وانگر صاحب جي اردليءَ جي رائفل کسي کڻي جو ڊز ڪرائي نارٽن صاحب کي، ته صاحب به ڊز رکيو آھي!
”تم جِيندو ھي؟“
”ھان صاحب!“
”تمني اپنا قول پورا ڪرديا! آفرين!“
ڪئمپ ۾ ھلچل مچي ويئي. سپاھين جا انبوھ گڏ ٿي ويا. نارٽن صاحب مُرڪندي جيئندي ڏي ھٿ وڌايو، سندس ھٿ ھٿ ۾ وٺي ھڪ ھڏڪي ڀري جان ڏنائين ۽ جان ڏيڻ بعد به سندس چپن تي مُرڪ ھئي؛ شايد ھن ڪري، ته ھڪ بينظير بھادر ھٿان گولي کاڌم ۽ سندس ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي جان ڏني اٿم! ۽ سچ ته دلير دشمن ڪن نصيب وارن کي ھٿ ايندا آھن!
”۽ پوءِ.....“ زينب لُڙڪن سان گڏ مُرڪندي چيو، ته ”باقي رھيلن جي ڊز ڊز به بند ٿي ويئي، پر ھاڻي سڀ سينٽرل جيل ۾ آھن، ۽ يقيناً کين ڦاسي ايندي! مگر ڊاڪٽر بابا.....“ زينب سُڏڪو ڀريندي مُشڪندي چيو، ”مون کي جيڪڏھن چڱي ڀلي ڪري پوءِ ھن دفعي اھو انعام ڏيارين، جو آءٌ ھار سينگار ڪري شاديءَ جا ڪپڙا پائي، گيتن ۽ ڳيچن سان ھن مجاھد جو لاش کڻي اچان، ته ڪيڏي نه مراد ماڻيان!“
”انشاءالله! رک ڀڳوان تي ٻچڙي!“
ڊاڪٽر بي اختيار کڻي سندس نراڙ تي چُمي ڏني!

حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڦاسي گھاٽ جي پٺئين طرف کان اڄ بيل گاڏين جو ھڪ عجيب وغريب جلوس نڪري رھيو آھي، ھنن ڍڳن کي ڇيريون ۽ گھنگھرا پاتل آھن، سندن سنڱن کي لال رنگ ڏنل آھي، ۽ بيل گاڏين کي ساڳيو ڳاڙھو رنگ.

ھيءَ پھرين گاڏي آھي، انھي ۾ ھڪ ھار سينگار ۽ عمدن ڪپڙن سان ويٺل 90 ورھين جي پوڙھي راڻي سعدان آھي، جنھن جي گوڏي تي سندس بھادر شھزادي وريام جو مُشڪندڙ لاش آھي ۽ پويان ڍولڪن سان ڳيچن واريون، اوھو، ھن ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سچ پچ ھڪ پدمڻي ڪنوار ويٺل آھي، جا شاديءَ جا ڪپڙا پائي، سورھن سينگار ڪري سمورا زيور پائي پنھنجي ھنج ۾ پنھنجي بھادر گھوٽ جي مُرڪندڙ منھن کي اُڀو ڪري رکي ويٺي آھي، کيس ڏسي سندس ڌرم پيءُ ڊاڪٽر ڌرمداس خوشيءَ سان ٻھڪي، ”زينب زنده باد!“ جو نعرو لڳايو!
۽ باقي گاڏيون به ساڳيءَ صورت ۾ ھيون!
14- آگسٽ 1948ع
اڄ مکيءَ جي ھڪ کُلئي ميدان تي ھڪ وڏو جلسو منعقد ٿيو آھي، ھن جلسي ۾ جيترو ٿي سگھيو آھي اوترا گھڻي ۾ گھڻا ڪارڪن گھرايا ويا آھن، ايتري قدر، جو سواءِ ڪنھن لاچاري عذر جي ٻيا سڀ وڏا ڪم ڪندڙ يا سندس عيوضي اچي موجود ٿيا آھن.
اڄوڪي جلسي کي راز ۾ رکڻ جو ڪو خاص انتظام به ڪيل نه ھو؛ ان ڪري ڪو ھيڪڙ ٻيڪڙ سرڪاري جاسوس به شامل ٿي ويو ھو.
جيئن ته اڳواڻ مان ڪيترا شھيد ٿي چڪا ھئا، ان ڪري اھي سڀ ته شامل نه ٿي سگھيا ھئا، جي سڀ کان پھرين بجيٽ اجلاس ۾ شامل ٿيل ھئا، پر تڏھن به زينب، گامون، سيٺ سڳنو مل، رحيم ھنڱورو ۽ ٻيا ڪافي اڳواڻ شامل ھئا.
انھي بعد سردار تقرير ڪئي:
دوستو! ساٿيو!، ڀائرو!
اڄوڪو ڏينھن اسان جي ملڪ جي تاريخ ۾ اھم آھي، جو تقريباً ڏيڍ سؤ سالن جي ڪوششن بعد اسان جو ملڪ فرنگين جي غلاميءَ کان آزاد ٿيو آھي ۽ اڄ کان سندس باشندا کيس سُڌارڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جون ڪوششون پنھنجي ھٿان ۽ پنھنجيءَ مرضيءَ سان ڪندا ۽ پنھنجو مستقبل پاڻ ٺاھيندا.
انھي ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته اڃا به مغربي طاقتن جا چنبا ھن ۾ کُتل آھن، مگر ھاڻي انھن جي حيثيت اھڙي آھي، جيئن ڪو ڏند اُلڙي چڪو ھجي ۽ کيس ھر حالت ۾ نڪرڻو ھجي؛ پوءِ چاھي کيس ڇِڪ ڏيئي، ايذاءَ سھي، ڪجھ رت وھائي ڪڍجي؛ چاھي ھو آھستي آھستي پاڻيھي وڃي ٻاھر پوي، پر بھرحال ھن جي پاڙ ھاڻي پٽجي چڪي آھي.
عزيزو!
آزادي ھڪ برسات مثل آھي، جا جڏھن ايندي آھي، تڏھن اگرچ ڪجھ تڪليفون، ھوائون، گوڙون، کنوڻيون ۽ گپون چِڪون گڏ کڻي ايندي آھي، پر مطلع صاف ٿيڻ بعد ھرڪو شخص آباديءَ جي ڪم ۾ محو ٿي ويندو آھي. ڪجھ وقت بعد سُڪل زمين تي فصل جي لھڪار لڳي ويندي آھي ۽ ملڪ ۾ شادابي اچي ويندي آھي.
چالاڪ انگريز، اسان جي ملڪ ڇڏڻ کان اڳ اھڙو ماحول پيدا ڪيو ھو، جو ھندو مسلم فساد ڪافي تعداد ۾ ٿي رھيا ھئا ۽ ھاڻي به خبر ناھي ھن ڪھڙي بازي کيڏي ھجي، مگر اسان جو فرض اھوئي آھي ته پنھنجي ملڪ کي ھر طرح جي فسادن کان پري رکي امن قائم ڪريون ۽ سُڌاري ۽ واڌاري جون ڪوششون ڪريون.
اسين پنھنجي سڀني ساٿين کي پُرزور ھدايت ٿا ڪريون ته سنڌ جي ھندن جي ٻچي ٻچي جي ھر طرح حفاظت ڪريو ۽ ڪنھن به طرح سندن وار ونگو ٿيڻ نه ڏيو. ڪي تعصبي طاقتون اھي شرارتون ضرور ڪنديون، ته ھنن کي نقصان رسايا وڃن ۽ سندن ملڪيتون کسيون وڃن؛ مگر جماعت جي ھر فرد لاءِ لازم آھي، ته ھو اھڙين شرارتن کان ھندو ڀائرن کي بچائين.
اسان کي ھي خطرو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪي شخص ڪھڙن به روپن ۾، بلڪ خود ھندن منجھان ئي، اھڙيون تحريڪون اُٿاريندا، ته ھندن کي ھتان لڏائي ڀارت موڪليو وڃي. افسوس آھي، جو اسان جي معلومات ايڏي وسيع ناھي، جو اسين يقين سان چئي سگھون، ته ھندن لاءِ ھتي رھڻ چڱو ٿيندو يا ھندوستان وڃڻ؛ ان ڪري اسين نڪي کين وڃڻ لاءِ ھمٿائينداسون،؛ نڪي وھڻ لاءِ؛ البت اسان اھا ڪوشش پوري جانبازيءَ سان ڪنداسون، ته جيڪي به ھندو ھتان وڃن، سي خير سلامتيءَ سان روانا ٿين ۽ جيڪي ترسن، تن جي حفاظت ڪئي وڃي. اسين ”ھندو مسئلن“ جو کاتو ھاڻي پنھنجي ساٿيءَ غازي سڳني مل جي حوالي ڪري، کيس ڪاميابيءَ سان ھلائڻ لاءِ جان ٽوڙ ڪوشش ڪرڻ جي ھدايت ڪريون ٿا ۽ سڄيءَ جماعت جي ماڻھن کي پرزور لفظن ۾ حڪم ٿا ڏيون، ته ھو انھيءَ باري ۾ سيٺ سڳني مل سان پورو ساٿ ڏين.
اڄ کان وٺي اسان جي ”سانگھر سرڪار“ مڪمل طور تي سماپت ٿي. سندس جيڪو اثاثو بچيل آھي. اھو اسين ڪنھن نه ڪنھن طرح سان پنھنجي قومي خزاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏينداسون؛ اسين پنھنجي قومي حڪومت جي ھر ھڪ قانون جي پوريءَ طرح پائبندي ڪنداسون. اسين پنھنجي سرڪار جو ھر ھڪ حُڪم، چاھي انھيءَ جي مصلحت اسان جي سمجھ ۾ پوريءَ طرح نه اچي، ته به دل و جان سان مڃينداسون. سندس ھرڪو محصول، بنا ڪنھن ڪُپت ڪرڻ جي ادا ڪنداسون. سندس ھر ھڪ ڪاموري سان تعاون ڪنداسون، کين وقت به وقت نيڪ مشورا ڏيندا رھنداسون ۽ سندن ٿوريون گھڻيون ڏاڍايون به ھن اُميد تي پيا برداشت ڪنداسون، ته ھاڻي ھو ”پنھنجا“ آھن ۽ پنھنجن کي نيٺ سڌاري سگھبو.
اسين پنھنجي مُلڪ جي دوست ملڪن سان دوستي رکنداسون ۽ دشمنن سان دشمني؛ چاھي اسان جي اڳواڻ جي بڻايل دوستيءَ دشمنيءَ جي پاليسي اسان کي پوري طرح سمجھ ۾ نه ايندي ھجي؛ پر اسين انھيءَ مشھور مقوله- ”اسان جو وطن- صحيح يا غلط- مگر اسين ھر حالت ۾ ھن جا وفادار آھيون“ تي عمل ڪندا رھنداسون، ۽ پوري ڪوشش ڪندا رھنداسون ته اھو سر بُلند رھي....
”جناب صدر!“ رحيم ھنڱوري وچان آواز ڏنو، ”مون کي ۽ منھنجي ڪِن ساٿين کي اوھان جي تقرير سخت صدمو رسايو آھي، جيستائين اسان تي ”حُر ايڪٽ“ لڳل آھي ۽ اسان تي پوليس خواہ فوج جون مصيبتون ساڳيءَ طرح برقرار آھن، ۽ جيستائين حڪومت اسان جي مرشد جي گادي وري قائم نه ڪئي آھي، ۽ انھيءَ سان باقاعدہ ٺاھ نه ڪيو آھي، تيسين تائين اسين نڪي ساڻس وفادار ٿي سگھون ٿا ۽ نه خيرخواھ. اسين اھو ھڪ طرفو ٺاھ قبول ڪري نٿا سگھون.“
سردار جواب ڏنو، ”اسان جو اڳواڻ ۽ حڪمران ھينئر جناب ”محمد علي جناح“ سنڌي آھي، جنھن کي قوم طرفان ”قائد اعظم“ جو خطاب مليل آھي. مسٽر جناح اسان لاءِ اڻ واقف نه آھي، ھو جماعت خواھ پير صاحب جن جو قانوني مددگار پئي رھيو آھي ۽ اسان جو دلي خيرخواھ آھي. اسان کي ھن تي مڪمل اعتماد آھي، ۽ اسان کي يقين آھي، ته ھو رفته رفته اسان جون سڀ مشڪلاتون حل ڪندو. پر ٻيءَ ڪنڌي به پنھنجن سان وڙھبو نه آھي، بلڪ حجت ۽ صلح سان ئي سڀ ڪجھ حاصل ڪبو آھي، سامراجين سان وڙھڻ جا طريقا ڪڏھن به پنھنجي آزاد مملڪت لاءِ ڪم نه آڻبا آھن.
”مگر اسين ڪنھن به حالت ۾ اوھان سان شامل راءِ ٿي نٿا سگھون.“
”تڏھن اسين اوھان کي عرض ڪنداسون، ته مھرباني ڪري اسان جو گروپ ڇڏي وڃو، اڄ کان وٺي اسان جي راھ عمل جدا ۽ اوھان جي جدا؛ تجربو ثابت ڪندو ته ڪير صحيح آھي.“
رحيم ۽ سندس ساٿي ٽَپ ڏيئي اُٿي کڙا ٿيا ۽ ھن چيو، ”چڱو تڏھن الوداع، اميد ته توھين اسان کي پنھنجين ڪارگذارين ۾ آڏو نه ايندا.“
”رواجي حالتن ۾ نه، پر جتي به پاڪستان جي مفاد سوال اُٿندو، اُتي جيڪڏھن توھان جي اسان سان ٽڪر ٿي، ته اسين ضرور آڏو اينداسون. اسان کي ھن وقت پنھنجو وطن سڀ کان پيارو آھي، اسان جو نعرو اھوئي آھي ته:
قربان توتان جان و تن، اي دلربا وطن!
آباد ۽ شاداب رھين شل سدا وطن!

”وطن اسان کي به پيارو آھي.“ رحيم چيو، ”مگر جمھوريت ۾ ”وطن“ ۽ ”سرڪار“ ٻه الڳ چيزون آھن. اميد ته توھين به اسان کي ”وطن“ سان غداري ڪندي نه ڏسندؤ؛ البت ”سرڪار“ سان تيستائين ضرور اختلاف ڪندا رھنداسون، جيستائين ھن اسان تان سامراجين جو برپا ڪيل ظلمي سرشتو دفع نه ڪيو آھي.
”روم ھڪ ڏينھن ۾ ڪونه ٺھيو ھو، ھڪ نئين آزاد ٿيل حڪومت کي ڪئين مشڪل مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو؛ آھستي آھستي سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو. اسان جو وطن جي محبت ۾ بنا شرط و شروط ھٿيار ڦٽا ڪرڻ به سڀني مشڪل مسئلن کي آسان ڪرڻ لاءِ وڏو مفيد وسيلو ٿيندو“
”خير اوھين پنھنجيون ڪوششون ڪريو ۽ اسين پنھنجيون؛ وقت پاڻھي اڇا ڪارا پڌرا ڪندو.“
”چڱو ماشاءالله!“
”ماشاءالله!“ رحيم ۽ سندس مختصر گروھ اٿي ھليو ويو.
سردار وري سلسله ڪلام جاري رکيو.
”پنھنجي وطن سان ھر طرح وفادار ۽ سندس خير خواہ رھڻ سان گڏ، اسان جي ھر وقت اھا ئي ڪوشش رھندي، ته وطن جي ھر شخص کي آھستي آھستي ”بنيادي انساني حق“ ميسر ڪري ڏنا وڃن، ڇوته اسان خواہ دنيا جي سمورن مدبرن جو اھو متفقه رايو آھي، ته ڪوبه شھري پنھنجي وطن جو صحيح طرح سان سُڌارو ۽ واڌارو تڏھن ڪري سگھندو، جڏھن ھو پنھنجا ”بنيادي انساني حق“ حاصل ڪري، ابتدائي مشڪلاتن کان نجات حاصل ڪندو، اھي بنيادي حق ٿورڙن لفظن ۾ ھيءُ آھن ته ھر انسان کي:
اٽو،
لٽو،
اجھو،
امن،
انصاف،
روزگار،
تعليم،
علاج،
خيالن ظاھر ڪرڻ جي آزادي،
تفريح،
۽ پِيريءَ جو آرام

حاصل ھجن. جيڪڏھن ڪنھن به انسان کي اُھي حق حاصل نه آھن، ته پوءِ ھن ۽ ڍور ۾ ڪو فرق ڪونھي؛ مگر اُھي حق مھيا ڪري ڏيڻ ڪو چرچو ناھي، ڪو کيل ناھي، خصوصاً اسان جي آزاد مُلڪ لاءِ ته اھي نھايت مشڪل آھن، مگر اسان کي به معلوم آھي، ته روم ھڪ ڏينھن ۾ ڪونه ٺھيو ھو، سو اسان جو مُلڪ به، اھي حق ھڪدم ڏيئي نه سگھندو، پر اسين صرف اھو گھرون ٿا، ته ھو اول پنھنجي منزل مقصود ته اھائي بڻائي؛ پوءِ آھستي آھستي انھي منزل ڏي وِک وڌائيندو وڃي.
ھاڻي ھيءُ پناھ گاھون، ھيءُ مرڪز اڄ کان سڀ ختم آھن؛ البت انفرادي طور ھر ڪنھن کي پنھنجو خواہ ٻين ساٿين جي بچاءُ جو بندوبست تيستائين ضرور رکڻو پوندو، جيستائين ڪه حڪومت اسان تان پابنديون لاھي، اسان جي مرشدن جي گادي وري قائم ڪري.
چڱو الوداع، خدا تعاليٰ شل سڀني جو نگھبان ھجي!
”خدا حافظ!“
”پاڪستان زندہ آباد!“
”سنڌ سدا آباد!“
”ڪُل عالم جو خير!“
”انسانيت شاد آباد!“
جا نعرا بُلند ٿيا.

ھيءَ نواب شاھ اسٽيشن آھي، ھتي مھاجرن جي ھڪ ڀريل ٽرين اچي پھتي آھي، جي نھايت بُريءَ حالت ۾ آھن. ھو بي تحاشا اسٽيشن جي ڀر ۾ لڳايل ڪئمپ ۾ پھتا. سندن استقبال لاءِ ڪجھ غير سنڌين سان گڏ تمام گھڻا سنڌي ھئا، جن سندن ايڏي ته مرحبا ۽ خدمت ڪئي، جو ھو نھايت مشڪور ٿيا، پر ٻن ڏينھن بعد ھڪ پڙھيل مھاجر ڪنھن ڪم سان جو ڪئمپ کان ٻاھر نڪتو ته دروازي وٽ ھڪ بورڊ ڏٺائين:
”حُر جماعت کي طرف سي مھاجر ڀائيون کو آج اور کل کا کھانا کھلايا جائيگا“
اُھي اکر پڙھڻ شرط ھن جون مٿيون مٿي ھيٺيون ھيٺ، يڪدم ڪجھ ٻين کي به سڏيائين. سڀئي پريشان ٿيندا سھڪندا ڊاڪٽر صوفي ۽ ٻين منتظم ڪامورن سان ملي چوڻ لڳا، ”صاحب! ھيءُ ڪھڙو غضب ٿو ڪيو وڃي؛ اسان کي خوفناڪ حُرن جي ماني ٿي کارائي وڃي؟“
ڊاڪٽر صوفي کِلي پيو، ۽ چيائين ”توھان ڪڏھن حُر ڏٺا آھن؟“
”نه صاحب! خدا رکي پناھ ۾؛ شل ھنن وحشين، لُٽيرن، رھزنن ۽ خونين کان ڌڻي بچائي!“
ڊاڪٽر ۽ ٻين ڪامورن جا ٽھڪ نڪري ويا. کلندي کلندي ھن پڇيو، ”گذريل ٻه ڏينھن جيڪي سنڌي ڀائر اوھان جي خدمت ڪري رھيا آھن، تن بابت ڪھڙو خيال اَٿوَ؟“
”اُھي؟.... اھي ته صاحب ڪي رحمت جا فرشتا آھن، اسان جا ته عزيز به جيڪر اھڙي خدمت نه ڪن!“
ڊاڪٽر وري به کِلندي پڇيو، ”۽ ٻه ڏينھن جيڪا ماني کاڌي اٿوَ، اُھا ڪھڙي ھئي؟“
”اُھا؟.... اھا ته صاحب ڏاڍي لذيذ ۽ ڏاڍي صحت بخش ھئي!“
”اُھا ماني به حرن جي ھئي، ۽ اُھي خدمتگار به حُر آھن!“
”ڇا اُھي حُر ئي آھن، جي اسان کي مانيون کارائي خدمت ڪري رھيا آھن؟“ مھاجرن حيرانيءَ مان پڇيو.
”ٻيو نه ته!“ ڊاڪٽر کِلي چيو، ”اھو بورڊ ته ٽيون ڏينھن لڳايو ھوسون، اوھان جي نظر اڄ پيئي آھي!“
”مگر صاحب!! مھاجرن چيو، ”اسان ته ھندوستاني اخبارن ۾ اھوئي پيا پڙھندا ھئاسون ته، حُر اھڙا ته ڌاڙيل، خوني، رھزن آھن، جو سندن رھزنين کي ختم ڪرڻ لاءِ ئي سلطانه ڊاڪوءَ وارو ينگ صاحب ٿو گھرايو وڃي!“
”بس اُھي اٿوَ حُر!“ ڊاڪٽر صاحب گنڀير ٿي چيو، رھزن سمجھو يا شريف سمجھو؛ ماني ته سندن اوھين کائي چڪا!“
”صاحب! ھي ته وڏا نيڪ نمازي ۽ ھمدرد انسان آھن. ھنن سان ته اسان جي دوستي تا زندگي قائم رھندي!“