ناول

سانگھڙ

”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ شاهنواز سومري صاحب ڪئي آهي.
Title Cover of book سانگھڙ

تعارف

ويڙھاڪ ۽ بيباڪ محمد عثمان ڏيپلائي ھڪ سچي سنڌيءَ جي علامت آھي. محنت سندس ڏاج ھئي ۽ محبت سندس ميراث. ڀري ڪاغذن جي بوڇڻ ۾ٻڌي، پيرسن پيادل، گرميءَ ۽ سرديءَ کان بي نياز، سنڌي ادب جو ھي دادلو ۽ انوکو قلم ڪار، پنھنجي پٺيان عقيدت مندن جو ھيڏو سارو ھجوم ۽ بي بھا ادبي سرمايو ڇڏي ويندو، سا ڄاڻ شايد پوريءَ طرح کيس به ڪانه ھئي. پورھيت ھو. نوان رستا، نيون راھون، نيون روايتون جوڙيندو ھو. وِت آھر رتُ ولوڙي، جھڙي پَرِ ٿي سگھيس، سنڌي سماج کي سجاڳ ڪرڻ جا جتن ڪيائين. ڪنھن تي ڪونه ڀاڙيائين، ۽ نه وري آسائشي حياتيءَ کي ترجيح ڏنائين. مزدور به پاڻ ته مالڪ به پاڻ. پاڻ لکيائين، پاڻ ڇپيائين، پاڻ ئي وڪيائين. ليکڪ، پرنٽر، پبلشر توڙي ھاڪر، مطلب ته ھن جاکوڙيءَ کان جيڪي پڄي سگھيو سو اڪيلي سِر نروار ٿي پاڻ ئي ڪيائين. سنڌي ادب ۾ خاص طور ۽ سنڌي معاشري ۾ عام طور اھڙو مثال ڪو ورلي ملندو، جنھن ۾ ھڪ سادي سودي ۽ بي سروسامان انسان ايتري جدوجھد ٻن ھٿن ۽ ھنيانءَ جي ڏڍ تي ڪئي ھجي. اڄ جيڪڏھن ھُو (Legend) آھي ۽ بلند مقام والاريو بيٺو آھي ۽ ھند ۽ سنڌ سندس محنتن جي معترف آھي، سو به ان ڪري جو ھن اڏول ۽ اٽل انسان ھڪ نيڪ مقصد خاطر نه ڏينھن ڏٺو نه رات، نه واءُ نه مينھن، نه گرمي نه سردي؛ ھڪ سوداءَ کي ساڀيان بنائڻ خاطر پنھنجو پاڻ وساري ڪُل جي ڀلي لاءِ سرگرم ٿي ويو. نه انگريز جي پرواھ، نه ڪٽر مذھبين جو فڪر ۽ نه وري پير پرستن، وسوسن وڪوڙيلن، جاھلن جو خوف. سماجي سڌارڪ اھڙائي ٿيندا آھن. مضبوط ۽ بھادر قومون ائين ئي جڙنديون آھن. انقلاب جا اڻانگا رستا ائين ئي ھموار ٿيندا آھن. سنڌ ۾ آيل موجودہ سجاڳيءَ جي لھر جي پيڙھ ڏيپلائيءَ رکي. ون يونٽ کان ويندي ڪالا باغ جي ڇِتي مخالفت جي پويان ڀلي ٻيا به ڪيترائي ذھن ڇونه ھجن، ڏيپلائي کي نظرانداز ھرگز نٿو ڪري سگھجي.
”سانگھڙ“ صرف ناول ئي نه، سنڌي تھذيب، تمدن ۽ تواريخ جو ھڪ اھم باب پڻ آھي. وقت سان گڏوگڏ ان جي اھميت وڌيڪ اجاگر ٿيندي وڃي. ڪھڙو ادبي محقق يا مبصر ھن ناول کي سنڌي ڪلاسڪ جو درجو ڏيڻ کان ڪيٻائيندو؟ ڪير ڪندو انڪار ”سانگھڙ“ جي اھميت ۽ افاديت کان؟ سچ پچ ته ”زينت“ کان پوءِ ”سانگھڙ“ ئي سنڌي ناول جي سڃاڻ آھي. گذريل ٽن پيڙھين کان ھن ناول کي وري وري پڙھيو ويو، ساراھيو ويو ۽ ساھ سان سانڍيو ويو. سندس اھميت ان مان به ظاھر ٿئي ٿي ته ھن ادبي ڪارنامي، بعد ۾ ايندڙ قلمڪارن کي اُتساھيو. نسيم حجازيءَ جي شيدائين کي پنھنجي ٻوليءَ ڏانھن راغب ڪرڻ ۽ سندن علمي اڃ اُجھائڻ صرف ڏيپلائيءَ جو ڪمال آھي. ادبي جادوگر ھو. ڪمپيوٽر جو قلم ھوس. ڊراما، ناول، افسانا، مضمون ۽ ڪالم سندس آڱرين جي پورن مان آبشارن جيئن وَھي ھلندا ھئا. پڙھندڙ حيران ھوندا ھئا ھن ادبي پالوٽ تي. مٿان وري سادگيءَ جي انتھا اھا ته ڪڏھن به پنھنجي واتان نه پنھنجي واکاڻ ڪيائين ۽ نه وري ڪڏھن احسان جتايائين. علمي ادبي حَلقن ۾ مانُ ۽ مرتبو ملندو ھو ته ڏيکاري اھڙي ڏيندو ھو ڄڻ اھو سڀ ڪجھ ڪنھن ٽئين ماڻھوءَ لاءِ چيو پيو وڃي.
اھڙي گڻائتي انسان جي لکتن کي سانڍڻ ۽ سانڀڻ جي ذميداري ته اسان سڀني جي ھئڻ گھرجي. انھن ادارن جي، جيڪي سنڌي عوام جي پئسي تي پلجن ٿا ۽ صرف ان قسم جي ڪارڪردگيءَ لاءِ جوڙيا ويا آھن، جن جي بِلي سنڌي ادب کي سھيڙڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جا اختيار آھن. اھم ۽ احترام جوڳين شخصيتن کي خراج پيش ڪرڻ ۽ سندن زندگيءَ جي مختلف پھلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، مٿن تحقيق ڪرائڻ، سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪوٺائڻ جو ڪم پڻ انھن ادارن جي ذمي آھي. واقعات ٻڌائن ٿا ته مذڪورہ ادارا پنھنجين ذميدارين تي پورا نه لٿا آھن. ھر عھديدار پنھنجو ۽ پنھنجي عزيزن قريبن جو قد وڌائڻ لاءِ قومي پئسو خوب لُٽايو آھي پر حقدارن کي حق پلئه نه وڌو آھي.
بھرحال، جسُ آھي ڏيپلائي صاحب جي لائق فرزند محمد علي ڏيپلائيءَ کي، جنھن پنھنجي والد محترم جي لکڻين کي وقت بوقت ٻيھر ڇپائي ۽ ورسيون ملھائي، سندس ياد تازي پئي رکي آھي. ”سانگھڙ“ جو ھيءُ ايڊيشن پڻ سندس ئي ڪاوشن جو نتيجو آھي.
ھن ڇاپي ۾ ناول کي ٻيھر ايڊٽ ڪري، منجھانئس اڻ لاڳاپيل يا طويل حصا ڪڍي، مختصر ۽ جامع صورت ۾ ڇَپايو پيو وڃي، جيڪا سنڌي ادب ۾ ھڪ نئين پر تعريف جھڙي روايت جي شروعات چئبي. ھڻ ھڻان ۽ ڀڄ ڀڄان جي ھن وايو منڊل ۾، جتي ماڻھن کي مٿي کنھڻ جي به فرصت ڪانھي، اتي تفصيلي ادبي تخليقن کي وقت ڏئي واندڪائيءَ سان پڙھڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آھي. بي انتھا شوق جي باوجود مان جڳ مشھور ناول War and peace جي مڪمل متن کي اڄ تائين پڙھي نه سگھيو آھيان. ساڳيو حال دنيا جي ٻين اھم شاھڪارن جو پڻ آھي. ان لاءِ مغربي دنيا گھڻو اڳ سھڻي ۽ سيبتي اختصار جي راھ ڳولي ڪڍي ھئي. اھو طريقو ايترو ته مقبول ٿيو جو اڄ اوھان کي تقريباً ھر شاھڪار Abridged صورت ۾ ملي ويندو، جنھن ۾ لِکت جو روح برقرار رکيو ويندو آھي ۽ اھي حصا جي قدري غير واسطيدار يا وڌيڪ تفصيلي ھوندا آھن، سي الڳ ڪيا ويندا آھن. مون کي محمد علي صاحب جي اھا ترڪيب ڏاڍي وڻي آھي ۽ اميد ته عام پڙھندڙ پڻ ھن عظيم ناول جي Abridged ڇَپائيءَ کي پسند ڪندا.

قمر شھباز