پهريون حصو
زور جنھن جي سان ٿين، ظالم سمورا پائمال.
ڊسمبر جو مھينو ھو، پاري جون لھرون، جيئن پاڻيءَ کي ڄمائي رھيون ھيون، تيئن وڻن جا پن به ساڙي ٿي ڇڏيائون؛ اھڙي ڪڙاڪيدار سيءَ ۾ زميندار ته پنھنجن محلن ۾ ستن سؤڙين ھيٺ سُتل ھئا، پر سندن انھن ھارين لاءِ سُک ڪونه ھو، جن جو اھڙين راتين ۾ پاڻيءَ جو وارو ھوندو آھي. گامون انھن بي شمار ھارين مان ھڪ ھو، جنھن جو اڄ عين عيد جي رات پاڻيءَ جو وارو ھو، ۽ ساريءَ رات جي اھڙي جان سوز محنت جو انعام کيس اھو مليو، جو اسر مھل سندس سؤٽ ڊڪندو آيو؛ چي ”ادا گامون، پاڻيءَ کي ھاڻي آءٌ ٿو ورايان، تون ڀڄ سيٺ ڏي؛ تنھنجي گھر واريءَ کي اوچتو ستين مھيني ۾ ويم جا سُور ٿي پيا آھن. گھر ۾ پائي به ڪانھي؛ سيٺ کان پئسا وٺي شھر مان ڪا ڦڪي ٻڪي ۽ ٻيون ضروري شيون آڻ، ته ڪو بِلو ٿئي.“
گامون بدحواس ٿي گھر ڏي ڀڳو. سندس نوَ ورني بُلَ کائي رھي ھئي؛ سندس ماسي ۽ ٻيون مايون کيس آٿت ڏيئي رھيون ھيون. گامونءَ کي ڏسندي ھنن گھربل چيزن جا نالا ٻڌايا، ۽ ھو سندس ڪنوار تي ھڪ حسرت جي نظر وجھي تڪڙو شھر ڏي وڃڻ لڳو.
چٽو صبح ٿي ويو ھو، جو ھو اچي شھر ۾ پھتو. ھو سڌو سيٺ جي دروازي تي آيو، ۽ سھڪندي سھڪندي دربان کي چيائين، ”ادا، سيٺ صاحب کي ڄاڻ ڪر، ته سندس سرڙيو ھاري گامون آيو آھي، ھن کي ساڻس ضروري ملڻو آھي.“
دربان ھڪ حقارت جي نظر وجھي چيس، ”چريو ٿيو آھين ڇا، ھن مھل سيٺ صاحب توسان ڪيئن ملندو؟“
گامونءَ چيس، ”ڀائو! منھنجي زال سخت بيمار آھي، مون کي ان لاءِ ضروري ڦڪيون ٻڪيون وٺڻيون آھن؛ ان ڪري ھن کي ڄاڻ ڪندين ، ته ضرور ٻاھر نڪرندو.“
دربان ھاڻي نفرت سان چيس، ”ھن مھل ڪير سيٺ کي ڄاڻ ڪندو؟ توکي خبر ڪانھي، ته پاڻ جيئن ڀليءَ ولايت مان موٽي آيل آھي، تيئن ھميشہ فجر نماز بعد اول وظيفو پڙھندو آھي، پوءِ قرآن پاڪ جو دؤر ڪندو آھي، پوءِ اشراق جي نماز پڙھي، ناشتو ڪندو آھي؛ ۽ ان کان پوءِ ئي ٻاھر ايندو آھي.“
”مگر ڀائو“ گامون ھاڻي نيزاريءَ سان چيو، ”ايتري ۾ منھنجي زال جو ته ناشتو بڻجي ويندو، تون کيس چوائي ته موڪل!“
”يَـرَ! اوھان ڄٽن سان ته مٿو کپائڻو آھي.“ دربان ھاڻي تِکو ٿي چيو، ”چيومانءِ نه، ته ھينئر حاجي صاحب سان ڪوبه ڳالھائي نه سگھندو؛ ان ڪري بڪ بڪ ڦٽي ڪري وڃي اوطاق ۾ ويھ، حاجي صاحب پاڻيھي اتي ايندو.“
گامون ھي ٻڌي وسامجي ويو، مٿي کي ڄڻ ته چڪر اچي ويس، ھو اتي ئي ويھي رھيو. ٿوري دير بعد ٻانھي اندران نڪتي، دربان ھن سان ڪجھ ڳالھائڻ ٿي چاھيو، ته گامونءَ تي نظر پيس، ھن ڪاوڙجي چيو، ”تون اڃا اتي ڇو ويٺو آھين، اوطاق ڏي نٿو وڃين”“
گامونءَ دک ڀريل آواز ۾ مائيءَ کي مخاطب ٿي چيو، ”امان! منھنجي زال کي اوچتو ستين مھيني ۾ ويم جا سور ٿي پيا آھن ۽ نھايت بي حال آھي. ھن لاءِ ڦڪيون ٻڪيون ۽ ٻيو ضروري سامان وٺڻو آھي. اسان وٽ پئسو بلڪل بنھ ڪونھي، تون سيٺ صاحب کي منھنجو احوال وڃي ٻڌاءِ.“
ٻانھي ھڪ عورت ھئي، عورت کي عورت جو قدر ھوندو آھي، ان ڪري ھوءَ دربان وانگر تيز ته ڪونه ٿي، پر کيس نماڻائيءَ مان چوڻ لڳي، ”ابا، حاجي صاحب جيستائين ’اشراق‘ نه پڙھي وٺندو آھي، تيستائين سندس ڪمرو ئي بند ھوندو آھي؛ پوءِ ڪيئن ڳالھائي سگھبو.“
”پر ادي.....“ گامونءَ اکين ۾ پاڻي آڻي ڪجھ چوڻ ٿي گھريو، ته دربان ڪڙڪو ڪري چيس، ”ميان! ھاڻي جي عزت کي ڪڙھين، ته وڃي اوطاق ۾ ويھ؛ نه ته ڪندوسانءِ عيد جي سڳوري ڏينھن بڇڙو!“
گامون ڀلا ڇا ڪُڇي، ماٺ ئي ماٺ ۾ وڃي اوطاق ۾ پھتو. عيد جو ڏينھن ھو تنھنڪري ھرڪو نوڪر انھي جي تياريءَ ۾ محو ھو؛ گامونءَ ڏانھن نه ڪنھن نھاريو، نه وري ھن ئي ڪنھن سان ڳالھايو، ماٺ ئي ماٺ ۾ مٿي کي ھٿ ڏيئي وڃي ويھي رھيو.
سج اُڀريو، ته ھن جي به خاموشي ٽُٽي؛ کيس آسرو ٿيو، ته ھاڻي حاجي صاحب ’اشراق‘ پڙھندو ۽ جلد ئي اوطاق ڏي ايندو، پر سج مٿي چڙھندو ويو، ۽ حاجي صاحب جو ڪو پتو ڪونه ٿي پيو. انھي تي ھن ڏاڍي اوسيئڙي مان ھڪ نوڪر کان پڇيو، ”ادا! سيٺ صاحب جي اچڻ ۾ اڃا گھڻي دير آھي؟“
نوڪر پنھنجي ڪم ڪندي وچان جواب ڏنو، ”ادا، اڃا ته ناشتي مان به واندو ڪونه ٿيو ھوندو.“
شوڪارو ڀري گامونءَ کڻي ماٺ ڪئي؛ اڃا ٿوري دير نه گذري، ته اوطاق وارن لاءِ ناشتو کڄي آيو؛ جيڪي خاص مھمان ھئا، تن لاءِ ڍاڪئون ڍڪجي آيا ھئا، پر عيد سبب خيرات طور ھارين ۽ نوڪرن جي مانيءَ تي به ڪجھ سَيون پيل ھيون، شايد ھن لاءِ به ..... ته ٻين معززن کي سوييون کائيندو ڏسي نظر نه ھڻن!
ٻيا کائڻ لڳا، ته گامونءَ کي به صلاح ڪيائون، مگر گامونءَ کي گرھه ڳيھڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو، جڏھن سندس اکين اڳيان زال جي بُل کائيندي تصوير ٿي آئي، تڏھن ڇھ ئي ڇڄي ٿي ويس. ھڪ ٻه گرھه زھر مار ڪري ھو گرڙي ڪري اٿيو، ۽ ٻاھر نڪري سيٺ صاحب جي اچڻ جي واٽ نھارڻ لڳو.
تان جو جڏھين نوڪر ناشتي جا خالي ٿانوَ کڻڻ لاءِ آيو، تڏھن ھن نماڻائيءَ مان چيو، ”ادا سيٺ صاحب اڃا ٻاھر ڪونه آيو آھي؟“
نوڪر ھلندي جواب ڏنو، ”ڀائو، ھونئن ته ھن مھل اچي ويندو آھي، پر اڄ عيد جو ڏينھن آھي، ان ڪري شايد نه به اچي.“
”نه به اچي؟“ گامون ھڪ رڙ ڪري چيو، ”سو ڀلا ڇو”“ نوڪر سنجيدگيءَ مان جواب ڏنو، ”ادا اڄ ضرور نياڻيون سياڻيون عيد مبارڪ لاءِ جاءِ تي آيون ھونديون، ٻارڙا ڪپڙا ڪندا ھوندا؛ ھونئن به عيد جي ڏينھن ته حاجي صاحب ڪنھن سان ڪونه ملندو آھي.“
”پوءِ منھنجو ڇا ٿيندو؟“ گامونءَ نوڪر کي نيزاري ڪندي چيو، ”ادا! منھنجي زال کي اوچتو ستين مھيني ۾ ويم جا سور ٿي پيا آھن، ڏاڍي بري حالت اٿس، آءٌ ڦڪيءَ ٻڪيءَ لاءِ ڪي پئسا گھرڻ آيو آھيان، پر ھاڻي ڪيئن ڪريان!“
”ادا! اڄ سيٺ جو ملڻ ته مشڪل آھي، عيدگاھه واري واٽ جھلي بيھ، شايد سندس نماز ڏانھن وڃڻ وقت توسان ڳالھائي.“
گامون ھڪ شوڪارو ڀري عيد نماز واريءَ واٽ تي وڃي بيھي رھيو، سندس اکيون دروازي طرف ھيون......
ڪجھ دير گذري، ته سيٺ جي دروازي تي گوڙ متو. ”حاجي صاحب عيد مبارڪ!“ ”حاجي صاحب عيد مبارڪ!“ ”سيٺ وڏا عيد مبارڪ!“ جا آواز بلند ٿيا. سيٺ صاحب اڃا در کان ٻاھر نڪتو ئي مس ھو، ته فقيرن ۽ ٻارن جو غلغلو مچي ويو. سندس نُوراني صورت، سھڻي ڪَتريل ڏاڙھي، اکين ۾ سرمو، سفيد بوسڪيءَ جا ڪپڙا، انھن تي مديني شريف مان آندل ڀرت ڀريل جبو، ڪلھن ۾ به ڀليءَ ولايت جو ٺھيل ڀرت ڀريل رومال ھو. ھڪ ھٿ ۾ تسبي ۽ ٻيو ھٿ انھيءَ ريزي سان ڀرپور ڳوٿريءَ ۾ ھو، جا ساڻس گڏ خاص نوڪر کنيو پئي آيو. پاڻ ڪنھن کي پئسو ڪنھن کي ٽڪو، ڪنھن کي آنو ڪنھن کي ٻياني، ڏيڻ لڳو. ھجوم وڌندو ويو ۽ گوڙ به جيئن پوءِ تيئن گھڻو ٿي ٿيو. تان جو گامونءَ جي ويجھو اچڻ تائين ته قصو اھڙيءَ منزل تي اچي پھتو، جو حاجي صاحب کي چوڌاري نوڪر ڦري ويا، ته ھجوم ماڳھين کيس نه ڪيرائي وجھي. نوڪر اول وڏي آواز سان ”ھٽو“، ”ھٽو“، ”پري ٿيو“ چوڻ لڳا ۽ پوءِ ته ھٿ به ھلائڻ لڳا، ته حاجي صاحب مشڪندي چيو، ”نه بابا نه، ھنن کي نه چئو. اڙي بابا، ڀليءَ ولايت جو مقولو آھي، ته ”والله المعطي وانا القاسم“ اصلي ڏيندڙ ته اھو مولا پاڪ آھي، اسان جھڙا گنھگار بندا ته رڳو وراھيندڙ آھن.“ ۽ پوءِ وقار سان مُرڪندو ھر ڪنھن جي قسمت ۾ جيڪي ٿي آيو، سو کيس ڏيندو ٿي ويو، ۽ ماڻھو کيس دعائون ڪندا پئي ويا.
مگر فقيرن مان ڪن کي ھڪ دفعو ٿي مليو، ته ٻيو ڀيرو وٺڻ جي به ڪوشش ٿي ڪيائون؛ حاجي صاحب جي کي سڃاتو ٿي، تن کي مشڪندي ائين پئي چيائين، ”نه بابا نه، طمع چڱي ناھي. جيڪي مولا پاڪ ڏياري، ان تي قناعت ڪجي. ھن جا خزانا ڀرپور آھن، پر ھو پنھنجي حڪمت سان ئي انھن کي ورھائي ٿو.“
”صدق صدق!“ ”حاجي صاحب صدق!“ ڪھڙو نه اصحابي شخص آھي.“ ”ادا ڏاتار ڏئي ته ڀل ھھڙن کي ڏئي.“ ”واھه مَڙد واھه!“ اھي سڀ نعرا انھي عوام مان بلند ٿي رھيا ھئا، جو به ھاڻي حاجي صاحب جو ھم جلوس اچي ٿيو ھو.
ھيءَ حالت ڏسي گامونءَ جو ته ھوش ئي گم ٿيڻ لڳو. ڀلا ھينئر ھو ڪيئن وٽس پھچي ۽ ڪيئن کيس عرض ڪري؛ اول ته ھجوم واٽ ڪيئن ڏئي، پوءِ وري حاجي صاحب ٻُڌي ڪيئن، گامونءَ کي سَماءُ ئي نه پئي پيو، ته عرض ڪيئن ڪري. لاچار ٿي ھو انھيءَ اميد تي ھجوم سان گڏ ھلڻ لڳو ته من ڪو موقعو ملي. پر عيدگاھه تائين جلوس مورڳو گھڻو وڌي ويو ۽ گامون ڌِڪجي بنھ پوئتي وڃي پيو. تان جو حاجي صاحب وڃي عيد گاھه ۾ داخل ٿيو. سندس چؤ گرد ڪافي نمازي ھئا، فقراءُ ٻاھر رھجي ويئي ۽ گامون انھن کان به پوئتي.....
جماعت شايد حاجي صاحب جي ئي انتظار ۾ ھئي، جيئن پاڻ اندر داخل ٿيو، ھڪدم خطبو شروع ٿي ويو. لائوڊ اسپيڪر لڳل ھو، ان ڪري خطبي جو آواز عيد گاھه کان ٻاھر به صاف پئي آيو. گامونءَ پنھنجي ڳوٺ ۾ اھڙو خطبو ڪڏھين ڪونه ٻڌو ھو، ڇوته اتي ته ڳوٺاڻو امام کُتبي جي بندي کڻي بيھندو ھو ۽ اول ڪجھ عربي اکر چئي پوءِ نھايت سُريلي آواز ۾ پڙھندو ھو:
ھڪ رات ۾ حضرت خليل،
ننڊ ۾ ڏٺو ھھڙو دليل،
قربان ڪر تون اسماعيل،
پنھنجو پيارو پٽ پسر!
پر ھتي جو عالم سڳورو عربيءَ جا ٿورا لفظ چوڻ بعد صاف سنڌيءَ ۾ وعظ ڪري رھيو ھو، جنھن ۾ سڀ کان اول ساڳي حضرت ابراھيم ۽ حضرت اسماعيل جي آکاڻي بيان ڪيائين. گامونءَ ان تي ته گھڻو توجھ ڪونه ڏنو، ڇوته اھا اڳي چڱيءَ طرح ٻڌل ھيس، پر ھن جا ڪن اوچتو کڙا ٿي ويا، جڏھن ڪن تي ”ھاري“ ۽ ”زميندار“ جا اکر پيس؛ مولوي صاحب چئي رھيو ھو:
”اڄ ڪلھ اسان جي ملڪ ۾ ڪي بدبخت ملحد اھڙا به ساماڻا آھن، جي چون ٿا ته زمينون زميندارن کان کسي ھارين کي ڏيو. ڀلا ڪو ڪمبختن کان پڇي، ته زمين جو مالڪ ڪير آھي؟ اڙي زمين ته ساري الله پاڪ جي آھي، ھو پاڻ ئي قرآن ۾ فرمائي ٿو، ته ان الارض الله يرثھا من يشاء من عبادي الصالحون يعني: سموري زمين الله پاڪ جي آھي، اھوئي پنھنجن صالح ٻانھن مان جن کي وڻيس، تن کي اُن جو وارث بڻائي ٿو.
۽ اھي اسان جا ھاري، جن کي ھي مُلحد انھن زمينن جا وارث بڻائڻ ٿا چاھين، انھن جاھلن ۽ بوزانن جا حال ڪھڙا آھن، سي ڪنھن کان لڪيل آھي!
”پوءِ ڀلا اھڙن بدبخت بدڪارن کي بڻائيندو الله پاڪ پنھنجي زمين جو وارث؟“
”اڙي زمين ڏئي ته ڀلي اسان جي حاجي صاحب جھڙن نيڪ انسانن کي ڏئي، جن جو ھر لمحو ذڪر خدا کان خالي نٿو گذري! اوھان کي خبر آھي حاجي صاحب جي حالت جي؟ ميان! کيس سندس والد يتيم ڇڏي ويو، ۽ سندس والدہ صاحبه جنڊ پيھي کيس پاليو ھو؛ پر الله پاڪ جي دائم يادگيريءَ سبب اڄ پاڻ لکن ڪروڙن جو مالڪ آھي، شل الله تعاليٰ اڃا به برڪت ڏئيس، سوين مسڪين کانئس پُرن ٿا، ڪيترن رنڙين، يتيمن ۽ مسڪينن جو اَجھو آھي؛ ڀلا جيڪڏھن اھڙن مردن مجاھدن کان سرڪار بيھي ملڪيتون کسيندي، ته پوءِ اُھي سوين سائل ڪيڏانھن ويندا؟ ڪير کين زڪواتون ۽ خيراتون ڏيندو؟ اھو مقدس فرض ڪيئن ادا ٿيندو؟ ان ڪري ته اسان جي وڏي ۾ وڏي عالم حضرت مولانا مودودي مدظله جو به فرمان آھي ته:
’جيڪڏھن سرڪار پورا پئسا ڏيئي زميندارن کان زمينون کسيندي، ته به اھو ناجائز آھي.‘
ھاڻي مولوي صاحب پنھنجو رخ ڦيرائي ڪليڪٽر صاحب ڏي ڪيو، جو اڄ حاجي صاحب جي خاص دعوت تي ھيڊ ڪوارٽر ڇڏي عيد ھتي ڪرڻ آيو ھو ۽ پھرينءَ صِف ۾ ھڪ ڀليءَ ولايت مان آندل مصلي تي ويٺل ھو؛ مولوي صاحب کيس مخاطب ٿي چيو:
” آءٌ اسان جي حاڪمن کان خاص طرح مطالبو ٿو ڪريان، ته اسان جي ملڪ مان ھنن ملحدن جا پير ڪڍي ڇڏيو، جي ھارين کي کاري زميندارن کان باغي ٿا بڻائين. اصل اھڙن مردودن کي ته ڪاري پاڻيءَ اماڻي ڇڏيو، ته وري نه موٽن....“
ڪليڪٽر صاحب مُشڪي رھيو ھو، حاجي صاحب مشڪڻ سان گڏ الحمدالله، الحمدالله به چئي رھيو ھو. مختيارڪار ٽوپيءَ کي ھيٺ مٿي ڪري کنگھي رھيو ھو، صوبيدار شھپر کي بار بار وٽي رھيو ھو، ۽ گامو....؟ گامو ھيءُ سڀ حرف ٻڌي وسميءَ ۾ پئجي رھيو ھو.... حاجي صاحب کي زمين انھي ڪري ملي آھي، جو ھو نيڪوڪار آھي.... ھاري کي بقول ھڪ حاجي صاحب ان ڪري نٿي ملي، جو ھو بدڪار آھن، سوئر آھن، شوم آھن، شيطان جا ڀائر آھن، ھتي ته سڄي حياتي جٺين لاءِ جيئندا پر قيامت ۾ به سڌا دوزخ ڏي ويندا...........
اوچتو ھن جي سوچن جو سلسلو ٽٽي پيو، جو پري کان سندس سؤٽ سُرھو سھڪندو اچي رھيو ھو........
”مصيبت پويئي، تون ھتي بيٺو عيدون ڪرين، ۽ ھوڏانھن پوئتي جي ڪا اون ئي ڪانه اٿيئي؟.....“
گامونءُ سُرھي ڏانھن نھاريو..... ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا.... ھن ڪڇڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زبان مان اکرئي نٿي نڪتس....
”ميان! نياڻي ته خير سان ڄمي پيئي آھي، پر ماءُ- ڌيءَ ٻنھي جي حالت تمام بُري آھي، ٻئي ڦٿڪي رھيون آھن، ھِتان ھُتان پِني سِني ڳوٺاڻيون ڦڪيون ستيون ته ڪيون اٿئون، پر..... “ لڙڪن جون ڌارون گامونءَ جي اکين مان وھي سندس ننڍڙيءَ ڏاڙھيءَ تي اچي پھتيون، جتان ھي نيسارا وھي ھليا ھئا، اتان چھري تان ڌوڙ به صاف ٿي ويئي ھئي.
”اوھ! مون سمجھيو..... اڄ عيد سبب حاجي صاحب توسان اڃا تائين ملي نه سگھيو آھي، ائين نه؟..... پر عيد نماز تي ويندي ويندي ته عرض ڪرين ھا نه؟“ سرھي سھڪندي چيو. گامونءَ جا لُڙڪ ساڳيءَ طرح وھي رھِا ھئا، ۽ ھاڻي ته انھن جا ڦڙا ڏاڙھيءَ مان به ڪِرڻ لڳا ھئا.... ھن جو آواز نٿي اُڪليو، ھن فقيرن ڏانھن اشارو ڪيو.....
”ھان، تڏھين توکي انھن فقيرن وجھ نٿي ڏنو؟ پر ھھڙين مھلن ۾ به ڪو وجھ جو انتظار ڪبو آھي؟ ائين جي اسين سرڙيا ھاري صبر سان بيھون، ته پوءِ اسان جو اوھي نڪو واھي.... ميان آءٌ توکي ڇا ٻڌايان، ته پوئتي ڪھڙي حالت آھي..... انھن لڙڪن لوڙن مان ڪجھ به نه ورندو، مون سان ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي بيھ. حاجي صاحب اجھو ٿو نڪري...... تون اڃا الڙ آھين، ڏس ته آءٌ توکي ڪيئن ٿو ھن کان گھرڻ سيکاريان!“
خطبو پورو ٿيو، ته سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڳلي ملڻ لڳا، مگر جيئن ٻين شاھوڪارن طرف توجھ گھڻي ھئي، تيئن حاجي صاحب ۽ ڪليڪٽر صاحب تي ته ماڻھو ٽٽي پيا؛ سمجھڻ ۾ ائين ئي پئي آيو، ته نڪي انھن جھڙو ڪو ديندار ملڪ ۾ آھي، نڪي ھنن سان عيد مبارڪ نه ڪبي، ته ڪا عيد ئي سجائي ٿيندي.
ھيءُ ھجوم عيدگاھ اندر ته ايڏو ھو، جو حاجي صاحب ۽ ڪليڪٽر صاحب جو ٻاھر نڪرڻ ئي محال ھو؛ ان ڪري لاچار صوبيدار صاحب کي پنھنجي فرض ادائي ڪرڻي پيئي، ۽ ھن کي ٻاھر آڻڻ ۾ نيٺ ڪامياب ٿي ويو. ھاڻي سُرھي کي اميد ٿي، ته جيئن ئي حاجي صاحب در کان ٻاھر نڪرندو، آءٌ يڪدم کيس عرض ڪندس. ان ڪري گامونءَ کي ٻانھن کان وٺي در وٽ بيھي رھيو.
پر اڃا حاجي صاحب در وٽ آيو ئي مس، ته فقيرن جي اھڙي رش ٿي ، جو سُرھو ۽ گامون ته الائي ڪيڏانھن ڌِڪجي ويا، ھنن اٻوجھن نه ڪڏھين شھر جي عيد ڏٺي ھئي ۽ نه فقيرن جو ھجوم، ھنن ڀانيو ته بس در وٽ ئي کيس عرض ڪنداسون ته حاجي صاحب بيھي رھندو.
مگر فقيرن جو ھجوم ڪو بي معنيٰ ڪونه ھو، حاجي صاحب ھڪ وڏي ريزي ۽ پئسن جي ڳوٿري ڪليڪٽر صاحب اڳيان جھلي ۽ ڪليڪٽر صاحب به پرايو مال ڏسي فقيرن ۾ ائين پئي اڇليندو ويو، جو ڄڻ ته برسات پئي وسي. ڌن لٽيو کٽيو وڃي، پر حاجي صاحب کي ھن صورت حال جي خبر ھئي، سو پوري ھزار رپين جو ريزو ۽ پئسا کڻائي آيو ھو. اڃا ھڪ ڳوٿري پوري ئي مس ٿي، ته ڪمدار صاحب کڻي ڪليڪٽر صاحب اڳيان ٻي جھلي. ڪليڪٽر صاحب به مشڪندو ورھائيندو رھيو ۽ حاجي صاحب به تماشي تي مُرڪندو سبحان الله سبحان الله چوندو پئي آيو. موٽرون ته ٻنھي جون ٻاھر بيٺل ھيون، پر پئسا کُٽن، ته ھو به واندا ٿي چڙھن. تان جو صورتحال اھا بيٺي، جو ٻئي ڄڻا بمعه ھجوم جي پيادا ئي پيادا اچي صاحب جي اوطاق تي پھتا.
سُرھي ۽ گامونءَ گھڻي ڪوشش ڪئي، ته کيس ويجھا ٿيون؛ پر سواءِ لتن ۽ مُڪن ۽ پوليس جي ھنٽرن جي ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿين.
آخر جڏھن حاجي صاحب ۽ ڪليڪٽر اوطاق اندر گھڙيا، تڏھن پوليس ھجوم کي ھٽايو ۽ انھي سان گڏ ھو به ڌِڪجي ويا.
¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬¬_______________________
ھاڻي ته قصو ھو ’چاري چؤگانن ۾، واھيت ڪن وزير‘ ڪليڪٽر صاحب اندر ھجي، ته ٻاھران ڪير وڃي سگھي؛ ڇاڪاڻ ته ڪليڪٽر صاحب جي پھچ کان اڳ دسترخوان وڇائجي چڪو ھو، ڀلا اھڙيءَ مھل ڪنھن بکايل کي اندر ڇڏي مھمانن ۽ ميزبانن کي نظر ته ڪانه لڳائڻي ھئي.
ھو ٻئي ھڪٻئي ڏي ڏسندا شوڪارا ڀريندا رھيا، تان جو جڏھن دعوتِ عيد کان واندڪائي ٿي، بچيل طعام نوڪر چاڪر جي کائڻ لاءِ ورانڊي جي ھڪ ڪنڊ ۾ پھتو، تڏھن ڪنھن نوڪر گامونءَ کي سڃاڻي چيو، ”ادا اچو، ماني کائو.“
ورانڊي ۾ پھچي سرھي نڪا ڪئي ھم، نڪا تم، گامونءَ جي ٻانھن وٺي بيڌڙڪ وڏي ڪمري ۾ گھڙي ويو ۽ چيائين، ”او حاجي صاحب، خدا جي واسطي ٻن جانين کي مرڻ کان بچايو!“
ڪليڪٽر صاحب ھيءَ اوچتو رڙ ٻڌي حيران ٿيڻ لڳو ۽ حاجي صاحب ته پريشان ٿي پيو؛ ڪھڙو نه سھڻو موقعو ھو، ڪليڪٽر صاحب سان ڳالھ ٻولھ ڪري، وٽانئس ڪن ڪمن ڪڍڻ جو: آخر سندس دعوت تي جيڪي ھزارين روپيه خرچ ٿي چڪا ھئا، تن جي ڦل وٺڻ جو ته وقت ئي اھوئي ھو، جو ڏاھا به چوندا آھن، ته ”جن جي ماني تن جي ڪاني!“
”توبھ، توبھ!! ماڻھو به ڪھڙا نه جھنگلي آھن! نه ڏسن مھل نه ٽڪ ٽاڻو.... ڇاھي ڙي، ڇا جو گوڙ کڻي مچايو اٿوَ؟“ حاجي صاحب تيز ٿي چيو.
”حاجي صاحب!“ سرھي عرض ڪيو، ”ھيءُ تنھنجو سرڙيو ھاري ’گامون‘ آھي، ھن جي زال کي اوچتو ستين مھيني ۾ سور ٿي پيا ۽ ھي اَسر کان وٺي تو وٽ ڦڪيءَ ٻڪيءَ جي خرچ لاءِ آيل آھي، پر تون ملي نه سگھين.....“
”ھون، سو اسان اوھان جي ھر خرچ جو ٺيڪو کنيو آھي نه! اول شاديءَ جو خرچ ڏيون، پوءِ کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو ڏيون، پوءِ وري اھي روزمرہ جا ٽاڻي ڪُٽاڻي رينگٽ به سَھون؟“
”پر حاجي صاحب! ڀلا غريب سرڙيو ھاري توکان نه گھرندو، ته پوءِ ٻئي ڪنھن کان گھرندو؟“
حاجي صاحب ايترو ٻڌي خفي ٿي چڪو ھو، ھاڻي کيس صبر اچي نه سگھيو، ۽ تيز ٿي چيائين، ”پوءِ طاقت نه ھجيوَ ته، شادي ڇو ٿا ڪريو؟“
خدا ڄاڻي، گامونءَ ۾ ڪٿان طاقت اچي ويئي، جو ڀڙڪو کائي چوڻ لڳو، ”۽ اھا ڪا ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪنواري ٿي ڪنھن کي قسمت سان ھٿ اچي، سا به رئيسن ۽ ھن جي ڪمدارن لاءِ ڇڏي ڏيون؟“
ھي لفظ نه ھئا، ڄڻ ڪو بم گولو ھو، معلوم ٿئي ٿو ته تِير ڪو بنھ نشاني تي وڃي پھتو ھو، ڇوته حاجي صاحب به پيريءَ ۾ ھڪ خانداني ھاريءَ تي قياس آڻي سندس نوخيز نينگرءَ سان شادي ڪري ورتي ھئي. ماڻھن پئي چيو ته سندس ولي عھد جي به ڪنھن ڪنواريءَ تي اک آھي، ۽ ڪمدار صاحب وٽ ته ھڪ ٻه سريتون ھجڻ لازمي ھو؛ سو حاجي صاحب جھڙو نھايت رحم طبيعت ماڻھو به باھ ٿي چوڻ لڳو، ”چپ ڪر ڪميڻا، حرام خور! ڳالھائين ڪٿان ٿو؟“
”حرام خور اُھي آھن، جي ٿڌين ڇانون ۽ سوڙين ھيٺ سمھي، انھن جي ڪمائي ٿا کائين، جي پاري ۾ ٿا جھاڳين ۽ ۽ لُڪن ۾ لُنڊيون ٿا لتاڙين!“ گامونءَ طيش مان چيو.
حاجي صاحب ھاڻي وڌيڪ سھي نه سگھيو ۽ ڪليڪٽر جي روبرو ئي ھڪ ڀرپور چماٽ وڄائي ڪڍيائينس. ھن گوڙ تي صوبيدار، پوليس وارا ۽ ڪمدار به اندر اچي ويا، ھو يڪدم گامونءَ کي ڄُنڊن مان جھلي گھلي ٻاھر ويا. سُرھو جھانديدہ ھو، ھن کي معلوم ھو ته، ”ڪڇڻ ڀيڻي نه ڪا بلڪل، بزرگن سربلندن سان.“ تنھن بي اختيار پٽڪو لاھي صاحب جي پير تي رکي چيو، ”حاجي صاحب رحم!!“
”رحم ڪريان؟ ھھڙي بدمعاش تي؟ نالائق تي..... “
”سائين!“ ھٿ ٻڌي سُرھي چيو، ”اوھان کي حالتن جي خبر نه آھي، ھيستائين سندس زال ۽ ڪِڪي مري به چڪيون ھونديون، ھاڻي ته دوائن لاءِ نه، پر ڪفن لاءِ پئسن جي ضرورت ھوندي. خدا جي واسطي پنھنجي پاڻ کي ڏسو.“
”مري ويون ھونديون ته وڌيڪ چڱو؛ ڄٽ جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا؛ اھڙن گستاخن، نمڪ حرامن ۽ احسان فراموشن لاءِ اسان وٽ پائي به ڪانھي. ھيءَ ڪا فضيلت آھي....“ حاجي صاحب کي ھاڻي سھڪو اٿي ويو، ھو بُت ۾ تمام ٿُلھو ھو، ان ڪري کيس بلڊ پريشر جي بيماري شروع ٿي ويئي ھئي. کيس ڊاڪٽر گھڻو منع ڪندا ھئا، ته سڻڀ نه کاءُ، چانور نه کاءُ، مگر ھي چوي ته پوءِ جِي ڇا ڪبو؟ ڀلا الله تعاليٰ ھيتري جيڪا ملڪيت ڏني آھي، انھي جو اھو شڪرانو به ادا نه ڪريون جو سندس نعمتون خوب کائون؟
۽ پوءِ اھو انھن نعمتن جو ئي تاثير ھو، جو اڄ جڏھن غصو تيزيءَ تي اچي ويو، تڏھين سھڪو شروع ٿي ويو ۽ ھو دل کي ھٿ ڏيئي پلنگ تي ڪري پيو. ٻئي طرف وري پنج اٺ پوليس وارا اندر اچي ويا ، جي سُرھي کي ٻاھر گھلي ويا.
اھو چڱو ٿيو، جو سرھو ٻاھر نڪتو، ۽ ڊوڙي وڃي عزرائيل جي ايجنٽن کان گامونءَ کي ڇڏايائين، نه ته ھو ھن نڌڻڪي جوان جي اھڙي مرمت ڪري رھيا ھئا، جو پنجن ستن منٽن ۾ پورو ٿي وڃي ھا، ۽ ”عيد جي ڏينھن گھڻو کائي ڦاٽي مرڻ“ جي رپورٽ تيار ٿي وڃي ھا. پر سرھي اھڙا ته واسطا وڌا، زاريون گيسيون ڪيون، جو پوليس وارا به ٿڌا ٿي واپس بنگلي ڏي ھليا ويا.
سرھو وڌي گامونءَ وٽ پھتو؛ گامون کي بيھوش ڏسي ھو وڌي بنگلي مان پاڻي کڻي آيو ۽ اچي مٿس ڇڻڪاريائين؛ ھن اکيون کوليون، سندس سَنڌ سَنڌ سُور ڪري رھيو ھو، پر تعجب اھو، جو اکين ۾ ھڪ لُڙڪ به ڪونه ھئس.
سرھو کيس ٽيڪ ڏيئي اٿارڻ لڳو، سامت ۾ اچڻ تي ھو اٿي بيٺو ۽ سرھي جي ڪلھي تي ھٿ ڏيئي ھلڻ به لڳو. ڪجھ اڳڀرو وڌيا، ته حاجي صاحب جو ڪمدار اچي رسين؛ ھن جي ھٿن ۾ ڏھن ڏھن جا ٻه نوٽ ھئا، گامونءَ ڏي ھٿ وڌائي چيائين، ”وٺ ڙي، ھڪڙي اڻ ھوند ٻيا افعال بڇڙا؛ وري به آفرين آھي حاجي صاحب کي، جنھن کي قياس اچي ويو.“
نوٽ وٺي گامون اھي مروڙي کڻي منھن ۾ ھنيس ۽ جھڙو آواز نڪري سگھيس، اھڙو ڪڍي چوڻ لڳو، ”اھي واپس وڃي تنھنجي قياس مند حاجي صاحب جي منھن تي ھڻ؛ اسان سان جيڪي ٿيڻو ھوندو، سو ٿي چڪو ھوندو؛ پر خداءِ قھار ڪندو، ته ڪنھن ڏينھن اسين به اھي ڪسرون ساري ڪڍنداسون.“
”ھونھ، مڙس جي ٽيڙھي ته ڏسو“ ڪمدار نوٽ کڻندي چيو، ”ھڙ سکڻي، آڪڙ گھڻي، اڃا شايد دل تي جوتا ڪين مليا اٿس.“
ٽَپ ڏيئي گامونءَ کڻي ڳچيءَ مان ورتس ۽ سرھي جا ھٿ نه پونس ھا، ته شايد گامونءَ جي گھوگھي سان ڪمدار جي به عيد ٿي وڃي ھا. ڪمدار جي ھٿ مان نوٽ کڻي ھن ھٿ ٻڌي چيو، ”ڪمدار وڏا، خدا جي واسطي معاف ڪر، ھيءُ اڄ ھوش کان خطا آھي.“
”ته داخل ڪريوس نه پاڳل خاني ۾، ڪالھ ئي ڪوٺڙي خالي ٿي آھي.“ ڪمدار ڪپڙا ڇنڊيندو دڙا ھڻندو ھليو ويو ۽ سرھو ڪنھن به ڪڇڻ بنا گامونءَ کي ڳراٽڙي پائي شھر ڏي وٺي ھليو، پر اڃا بازار جي منھن تي مس پھتا، ته سامھون ھڪ ھاري تڪڙو تڪڙو اچي رھيو ھو، اوڇنگار ڏيئي ھن گامونءَ کي چيو، ”واھ جو ڦڪي ٻڪي وٺي آيو آھين، تون عيد جي طعامن تي وھي رھين ۽ ھو ويچاريون ٻئي ڦٿڪي ڦٿڪي پوريون ٿي ويون!“
سرھي جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا، پر گامونءَ جي اکين مان ٽانڊا وسڻ لڳا؛ ھو گجگوڙ ڪري چوڻ لڳو، ”مون کي قسم آھي انھيءَ ذوالجلال جو، جو نمرودن کي مڇرن کان مارائي ٿو؛ ته انھيءَ حاجي صاحب کي سندس ڊگھي ڏاڙھيءَ مان وٺي، گھلي اچي انھن نڌڻڪيون ٿي مرندڙن جي قبرن تي ذبح ڪندس؛ ھنن کي ڪڏھن ڪو مڙس ته گڏيو ئي ڪونھي!“
ھو کانئن پاڻ ڇڏائي جھنگ منھن ڪرڻ لڳو، ۽ سرھو ويچارو ڀريل دل سان ڪنڊيءَ کي چوڻ لڳو:
”ادا، ھيءُ ته وڃي ڪو ’بچو بادشاھ‘ بڻبو؛ پر پاڻ ته ھلي ڪا جوڙي پوتي جي ڪريون.“
عيد جي ڏينھن، دڪان سڀ بند، ڀلا اڄ سڳوري ڏينھن دڪان ڪير کولي؛ ڪنٽرول جو زمانو، ڪپڙو ته ڪٿي ملڻ جو ھونئن ئي پتو ڪونه ھو، پر انگريز سرڪار رحم فرمائي ھر ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪفن جي ڪپڙي جا خاص دڪان کولايا ھئا، ان ڪري ھنن به ڪفن جي دڪان واري سيٺ جي پڇا ڪئي. ڏَس ملين ته، ”جنھن سيٺ کي ڪفن جي ڪپڙي جو ليسن مليل آھي، اھو به ھڪ حاجي صاحب آھي ۽ ڏاڍو ڀلو ماڻھو آھي؛ سندس گھران وڃي سڏ ڪندا ته مانيءَ تان به اٿي ايندو.“
۽ سچ پچ ٿيو به ائين، اھو حاجي وليڏنو خان اڃا مانيءَ تي مس ويٺو ھو، ته ٻاھران سرھي اچي سڏ ڪيس، ”آيو ڀائو آيو“ چئي ھو ٽَپ ڏيئي اٿيو؛ سندس ننڍي پُٽ چيو، ”بابا، ماني ڇڏي ڪيئن ٿا ٻاھر وڃو؟“ ته وڏي وقار سان جواب ڏنائين، ”نه بابا نه، پھرين خلق خدا جيءَ جو ڪم، پوءِ ماني؛ ضرور ڪو ويچارو اڙيات ھوندو.“
حاجي صاحب ھلڻ لڳو ۽ سيٺياڻي جي چَپن تي ھڪ معنيٰ خيز مُسڪراھٽ اچي ويئي؛ پٽ کي آھستي آھستي چوڻ لڳي، ”پٽ! بابھين اڄ ھيستائين ڪابه خلق خدا جي خذمت ڪانه ڪئي آھي، ھن کي ماني تڏھين ئي وڻندي، جڏھن اھو ثواب کَٽي ايندو!“
ٻاھر نڪري ھن سُرھي کي مخاطب ٿي چيو، ”ادا عيد مبارڪ! ڪريو خبر، ھن مھل ڪيئن اچڻ ٿيو.“
”سائين عيد جون مبارڪون آھن اوھان شھرين لاءِ، اسين ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ته سدائين سور مبارڪ ۾ پورا ھوندا آھيون.“ سرھي نھايت ڏکويل لھجي ۾ جواب ڏنو.
”ادا، شھري ويچارا به سڀ سُورن سان ڀريا پيا آھن، ڏسڻ جا وڏا، اندر جا جڏا.“ حاجي صاحب رِقت آميز آواز ۾ چيو، ”شال ڌڻي پاڪ پنھنجي حبيب جي صدقي سڀني انسانن کي سورن کان نجات ڏياري.“ (سنجيدگي ڏيکاري) مانيءَ تان اٿي آيو آھيان.“
روئڻھارڪي آواز ۾ سرھي چيو، ”سائين، ڪفن جو ڪپڙو گھرجي.“
حاجي صاحب ھڪ بناوٽي اوڇنگار ڏيئي چيو، ”انا لله و انااليہ راجعون، شال الله تعاليٰ عيد جي ڏينھن ماتم کان پناھ ڏئي؛ پر ڀائو، ھنن ڪامورن جا ڪم ته ڏسو، حڪم ڪڍيو اٿن، ته موڪل جي ڏينھن دڪان اصل نه کوليو وڃي. ڀلا پڇو ته ھنن کان، ته پاڻ ته موڪلون ڪن ٿا، مگر حضرت عزرائيل عليه السلام ته انھن موڪلن لاءِ ٻَڌل ڪونه آھي، پر..... ھو به ڇا ڪن، جي دڪان کولڻ جي موڪل ٿا ڏين، ته کين به ٿيون آفيسون کولڻيون پون، آخر پرمٽون ته پاڻ ئي ڪڍندا آھن نه!“
”سو پرمٽ کانسواءِ ڪفن به ڪونه ملندو ڇا؟“ ڪنڊي نماڻو منھن ڪري پڇيو. حاجي صاحب چيو، ”ادا، انگريز سرڪار جي انھي سختيءَ ته ھيڪاري اسان کي آزار ۾ وجھي ڇڏيو آھي، ڀلا ڪو کانئن پڇي ته پرمٽ ملڻ ۾ جيڪا دير مدار ٿئي ٿي، ان جو به ڪو بِلو ڪريو ٿا! (شوڪارو ڀري) ادا سرڪار به ڇا ڪري، ماڻھن جا قلب اھڙا ڪارا ٿي ويا آھن، جو چون ٿا ته سکر ضلعي ۾ ھڪڙي تعلقي جي آدمشماري آھي اسي ھزار ۽ ڪفن جو ڪپڙو ھليو آھي ٻياسي ھزار ماڻھن جو؛ اسان جي واپارين جا اھي افعال آھن، تڏھن ته سرڪار به پرمٽ سسٽم کوليو آھي. ڪردني خويش، آمدني پيش!“
”پوءِ ڀلا سائين اسان جو ڪھڙو بِلو ٿيندو؟“ سرھي چيو- ”ادا!“ ڏاڍي سٻاجھي آواز سان حاجي صاحب چيو، ”آءٌ ته اڄ جي ڏينھن دڪان کولڻ کان لاچار آھيان، جو خود ڪُنجي به انسپيڪٽر صاحب وٽ رھندي آھي. پر جي دڪان کليل ھجي به کڻي، ته به پرمٽ کان سواءِ ڪپڙو ڪيئن ڏيئي سگھبو!“
سرھو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، پر اوچتو ڪنڊي ڀڙڪو کاڌو. ”حاجي صاحب، مون کي خبر آھي ته اوھين ھميشہ خلق خدا جيءَ جو ڀلو ڪندا آھيو؛ اسان وٽ فقط ھي ويھ روپيه آھن، ٻيو پئسو به ڪونھي؛ مھرباني ڪري ڪنھن به ھنڌان، انھن جو ڪپڙو، ڪيترو به ھٿ اچي، ته اسان کي آڻي ڏي؛ اھو خدا ڪارڻ جو ڪم ھينئر ڪرڻو اٿيئي، مائي ويم ۾ گذاري ويئي آھي، ۽ پاڻ ۽ ٻارڙو دير اصل سھي نٿا سگھن.“
”گھوريس خدا جي نالي تان.“ چئي حاجي صاحب پئسا ھٿ ۾ وٺي ھنن کي اتي بيھڻ جو اشارو ڏيئي پاڻ وڌيڪ ائين چوندو ھلڻ لڳو، ”وڃي ٿو ڪا جھوت ڏيان؛ خدا مالڪ آھي، ڪونه ڪو بِلو ٿي پوندو.“
اڌ ڪلاڪ بعد حاجي صاحب پگھرجي موٽيو؛ ھو به ٿُلھو ھو، ان ڪري ھلڻ سبب سھڪي رھيو ھو. ”وٺو ادا، ڏاڍن مشڪلن سان ھيترو ھٿ ڪري سگھيو آھيان، ڪپڙو سنھو آھي، پر ’انشاءالله تعاليٰ‘ پورو ٿي ايندو؛ ھاڻي خدا حافظ، ڀلي ڪم ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي.“
ائين چئي تمام تڪڙ مان ڪپڙو ھنن جي ھٿن ۾ ڏيئي اندر وڃي در ٻيڪڙيائين. سرھي ۽ ڪنڊيءَ ڪپڙي ڏانھن نھاريو، ھي اُھوئي بافتو ھو، جو بنھ غريب ماڻھو مھارين لاءِ ڪم آڻيندا آھن، ۽ زور سان آڱر ھڻجي ته اندر ھلي وڃي پر ان وقت انھي کي به غنيمت سمجھي ھو ھلڻ لڳا.
ٻئي ڏينھن صبح جو حيدرآباد جي ھڪ اخبار جي مٿان ئي مٿان وڏن اکرن سان ھڪ خبر ھئي:
ٽنڊي آدم ۾ حُرن جو فساد،
ڪليڪٽر صاحب جي دخل سبب خوشگوار نتيجا،
صورت حال تي وڌيڪ ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت.
ٽنڊو آدم 23- (اسان جي خاص نمائندي وٽان) اڄ عيد جي ڏينھن ھتي ھڪ عجيب واقعو ٿيو، شھر جي مخير ۽ نيڪ دل سيٺ حاجي محمد عارب ھن عيد ۽ ناتال جي گڏيل موقعي تي ڪليڪٽر صاحب کي خاص دعوت ڏني ھئي، ۽ پاڻ ٻئي عيد نماز تي گڏجي آيل ھئا. آس پاس جي حرن ھڪ وڏي سازش بڻائي، ڪن مٿي ڦريل فسادين کي موڪليو، جن عين عيدگاھ جي در تي فساد جو منصوبو بڻايو؛ پر اتي ماڻھن جي سخت ھجوم ۽ شھر جي لائق صوبيدار شھمير خان جي زبردست انتظام سبب ڪو داءُ لڳي نه سگھين؛ انھيءَ ھوندي به انھن فسادي حُرن مان ٻه حاجي صاحب جي ھارين جي روپ ۾ عين انھي وقت اوطاق اندر داخل ٿي ويا، جڏھن ڪليڪٽر صاحب ۽ حاجي صاحب ماني کائي رھيا ھئا.
ھنن فسادين ڪليڪٽر صاحب جي روبرو حاجي صاحب کي گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ ان کان پوءِ سندس ڪمدار تي به خوني حملو ڪيو، مگر صوبيدار صاحب جي سٺي انتظام سبب ھنن جو منصوبو نا ڪامياب ٿيو ۽ اگرچه ھن ته مٿن سخت ڪاروائي ٿي ڪرائي، پر حاجي صاحب جي درياھ دلي ۽ غريب پروريءَ سبب کين ڇڏي ڏنو ويو.
واضح رھي، ته ھيءُ سمورو علائقو حُرن جو آھي ۽ ھو ھميشہ کان فسادي، جھڳڙالو ۽ سازشي آھن. ھو سدائين برٽش سرڪار ۽ سندس خير خواھن سان پيا جھڳڙندا آھن. چيو وڃي ٿو، ته سندس موجودہ پير ته خاص طرح انگريز سرڪار جو وڏو دشمن آھي ۽ سندس اھڙين ڪارواين ڪري اڳ به سرڪار مٿس باقائدہ ڪيس ھلايو ھو؛ انھي ڪيس ۾ ميان جناح صاحب ڏاڍا ھٿ پير ھنيا، پر سرڪار نامدار سندس ھڪ به نه ٻڌي ۽ پوريءَ عدالتي ڪاروائيءَ سان کيس ڏھ سال جيل ڏنو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته پير صاحب جون جيل ۾ ئي ڪن انقلابي ليڊرن سان ملاقاتون ٿيون ھيون ۽ اتان ئي انگريزن خلاف ڪن انقلابي ڪارواين جا سبق وٺي آيو آھي. ھو پنھنجن پوئلڳن وسيلي اھڙيون خطرناڪ ڪاروايون ڪري رھيو آھي، جنھن مان برٽش سرڪار جو انتظام ڪمزور ٿئي ۽ ھن جا مريد خاص طرح ھندو سيٺين کي ڦُري سگھن.
ڄاڻو حلقن جو خيال آھي، ته اھڙين ڪارواين جي اھا اڃا ابتدا آھي. ھن جنگ جي زماني ۾ ڪليڪٽر صاحب جو لحاظ رکي انھن فسادين کي ھرگز ڇڏڻ نه گھربو ھو، جڏھين ته سندس ئي روبرو اھو فساد ٿيو ھو. ان طرح ھنن کي ڇڏڻ سبب ھنن جا مَن وڌي ويندا ۽ نتيجا نھايت خراب نڪرندا.
ٺيڪ ٽين ڏينھن وري ڪراچيءَ جي ھڪ اخبار ۾ ھن طرح خبر آئي:
”ٽنڊي آدم جي ھندن جون نيون شرارتون،
مسلمانن خلاف سرڪار کي ڀڙڪائڻ،
سرڪار ۽ ھندو ڀائرن کي نيڪ صلاح.
ٽنڊو آدم 25- (اسان جي اسپيشل عيوضيءَ وٽان) معلوم ٿيو آھي ته حرن واريءَ ايراضيءَ جي رھاڪو ھندن خاص طرح اتي جي غريب ۽ اٻوجھ مسلمانن کي برباد ڪرڻ لاءِ پنھنجي غليظ پروپيگنڊا جو آغاز ڪيو آھي.
واقعات ھن طرح چيا وڃن ٿا، ته عيد جي ڏينھن ٽنڊي آدم جي ھڪ زميندار سيٺ حاجي محمد عارب جي ھڪ سرڙئي ھاريءَ جي زال کي ستين مھيني ۾ اوچتو ويم جا سور ٿيا ۽ ھو حاجي صاحب کان پئسا گھرڻ آيو. عيد سبب حاجي صاحب سان ملاقات ٿي نه سگھين، نازڪ حالات سبب پوئتان وري ٻيو ھاري به آيو، ھنن کي ٻيو موقعو نه ملڻ سبب ھو لاچار ڪليڪٽر صاحب جي روبرو وڃي حاجي صاحب وٽ پھتا؛ ڏکويل ھاري جوش ۾ حاجي صاحب کي به ڪجھ چئي ويٺو، مگر حاجي صاحب پنھنجي وسيع القلبيءَ ۽ حسن اخلاقيءَ سبب اھو سڀ ڪجھ برداشت به ڪيو ۽ کيس ويھ روپيا به ڏنا.
پر ھندن طرفان اخبارن ۾ ھن معمولي واقعي کي اھڙو ته مروڙي سروڙي ھائُو کڻي بڻايو ويو آھي، جو ڄڻ ته ڪو وڏو اُڀ ڦاٽي پيو آھي؛ ۽ ھو سانتيڪا ھاري، جيڪي ڪنھن به صورت ۾ پير صاحب پاڳاري جا نه مريد آھن نه معتقد، تن کي ھرو ڀرو حُر ھُلائي، کڻي سمورن حرن خواہ پير صاحب پاڳاري خلاف سرڪار کي ڀڙڪايو آھي.
انھي ۾ شڪ ڪونھي، ته موجودہ پير صاحب پاڳارو سيد حاجي صبغة الله صاحب ھڪ انقلابي ۽ اصلاحي دل و دماغ رکندڙ آھي. ھن جو مطالع ايڏو ته وسيع آھي، جو صرف ٻارھن ورھين جي عمر ۾ پاڻ پنجن لکن مُريدن جي اڳواڻيءَ جي تخت تي ويٺو آھي، مگر سڀ کان پھريون اھوئي ڪم ڪيائين، جو بنگلي مان انگريزن جا آفرين ناما غلاميءَ جون نشانيون سمجھي لھرائي ڇڏيا، ۽ کيس به سرڪار طرفان لقبن جي آڇ ٿي ته ھن جواب ڏنو ته اسان کي پنھنجو لقب ”پير پاڳارو“ ئي ڪافي آھي.
۽ اھا به حقيقت آھي ته پوءِ انگريزن طرفان خاص سندس طاقت کي ڪمزور ڪرڻ خاطر ڪوڙا سچا الزام لڳائي، کيس سزا ڏيئي، دور دراز جيلن ۾ رکيو ويو ۽ اتي ڪافي ورھيه سندس ملاقاتون سياسي قيدين سان رھيون، ان ڪري پاڻ دنيا جي سياسي حالتن مان خوب واقف آھي.
مگر انھي جي معنيٰ اھا ڪانھي، ته پاڻ ڪو ملڪ ۾ وڳوڙ وجھڻ گھري ٿو؛ پر ان جي بر خلاف پير صاحب جو ته اھوئي عقيدو آھي، ته جيڪڏھن قلم يعني ووٽ وسيلي اقتدار حاصل ڪري سگھجي ٿو، ته پوءِ وڳوڙي ڪاروايون ڪرڻ بلڪل غلط آھي، ۽ پنھنجي ملڪ ۾ پاڻ خواہ جماعت جو اقتدار حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪي گناھ به ڪين آھن، آخر ٻيا پير صاحب خواہ مسلم- ھندو اڳواڻ به ائين ئي ڪن ٿا.
جنھن صورت ۾ نواب شاھ جو ڪليڪٽر صاحب پاڻ سرزمين تي موجود ھو، انھي حالت ۾ ھن جيئن مناسب سمجھيو، تيئن ڪيو؛ پوءِ آخر ھندو ڀائرن کي ڇو اچي گھوڙ ولوڙ پيو آھي، جڏھن ته ھنن جو ھن ڳالھ ۾ نڪو واسطو نڪو مطلب.
اسين جيئن سرڪار کي توجھ ٿا ڏياريون ته اھڙين شرارتي ڪارواين کي ٻنجو ڏئي؛ تيئن ھندو ڀائرن کي به آگاھ ٿا ڪريون ته ھو خواہ مخواہ مسلمانن کي پنھنجو دشمن بڻائڻ جون ڪوششون نه ڪن؛ ھي جنگ جو نھايت نازڪ زمانو آھي، سنڌ ۾ ھندو مسلمان ڀائرن وانگر رھن ٿا، حرن جا لاڳاپا به ھندو زميندارن، سيٺين ۽ عوام سان اھڙا ئي آھن، جھڙا مسلمانن سان؛ بلڪ حر جماعت ۾ خود ھندو به شامل آھن ۽ پير صاحب جا باقائدہ مريد آھن؛ پوءِ ھروڀرو ڳالھ کي ڳالھوڙو بنائي، ھنن شرارتن اٿارڻ جو آخر ڪھڙو ضرور پيو آھي ۽ انھن مان ھندو ڀائرن کي ڪھڙو فائدو پھچندو.
––––––––