پيش لفظ
مور ساگر جو هي ڪتاب پڙهندي منھنجي ذهن ۾ هي شعر اُڀري آيو.
سنڌو ديس مھان سڄڻو! سنڌو ديس مھان،
لاڙ، وچولو، اُتر، ڪڇ ڪراچي بندر،
هيڏو سارو جرٿر، ڪيڏو ڪوهستان سڄڻو!
سنڌو ديس مھان، سڄڻو..!
واقعي به سڄڻو! سنڌ مھان ۽ مقدس آهي، سندس هر رنگ اکين ۾ جوت جرڪائي ٿو، سندس وڻ، ٽِڻ، گُل، ٻوٽا، جبل، ميدان، دريا، ڪسيون، ڪاڇو، ٿر، بَر، ڪوهستان سڀ واکاڻ لائق آهن.
سندس مِٽي ماٿي لايان... چشمن چاهيان، سندس آبِ حيات جھڙي پاڻيءَ ۾ تڙڳان ته تَن توڙي مَن، اڇو ۽ اُجرو ٿي پوي... سندس سينو، جنھن ۾ مون کي هڪ ڏينھن ابدي آرامي ٿيڻون آهي، جيڪي ماءٌ جي هنج وانگر محفوظ پناهه آهي.
مورساگر جي زندگيءَ جا گُذاريل پَل جيڪي هُن سنڌو ديس مھان جي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن، شھرن ۽ ڳوٺن، جبلن ۽ جهنگن، ٿرن ۽ بَرن جا پنڌ ڪندي گُذاريا ۽ اُنھن کي وري سفري ساروڻين ۾ سھيڙي، سدائين جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
مور ساگر جا اِهي پنڌ اڃا جاري آهن ۽ هر پنڌ تان موٽڻ کانپوءِ هو سفري ساروڻيون لِکي، اسان کي پنھنجن تجربن ۽ مشاهدن کان آگاهه ڪري ٿو.
هي اُنھن سفري ساروڻين جو پھريون ڀاڱو آهي.
مورساگر پنھنجي اُنھن سفري ساروڻين جا ڪيترائي ڀاڱا لِکڻ ۽ اُنھن ۾ سڄي سنڌ کي محفوظ ڪرڻ گُھري ٿو.
مور ساگر جي لِکڻ جو اسلوب بي حد سادو، ۽ ڪِٿي ڪِٿي شاعراڻون پُڻ آهي. هِن ڪِتاب جو پھريون باب ”ميون ملوڪ کان ماتلي تائين“ ان شاعراڻي اسلوب جو بھترين مثال آهي، جنھن ۾ هو سفري ساروڻين سان گڏ پنھنجي ننڍپڻ، اسڪول ۽ ننڍپڻ جي سنگتين کي ساريندو هلي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ جِتي جِتي هو وڃي ٿو. اُتي جي ٿوري ٿوري تاريخ، جاگرافي ۽ شخصيتن بابت به بيان ڪندو ٿو هلي، جنھن سان اُنھن ڳوٺن، واهڻن، وستين ۽ هستين جي باري ۾ ڄاڻ پلئه پوي ٿي.
مور ساگر سان اُنھن سفرن ۾ جيڪي ساٿي ساڻ رهيا آهن، اُهي سڀ محبتي، ۽ سفر جا سُٺا ساٿي ثابت ٿيا، جيڪا ڳالھه سفر جي اهم ۽ بنيادي ڳالھه آهي، سفر ۾ ثمر ته کپي ٿو، پر هم خيال ساٿين جي هئڻ سان گهاريل وقت ۽ اهو سفر ۾ خرچيل ثمر سجايو ٿئي ٿو.
مور ساگر جا هِن ڪِتاب ۾ شامل سفر ۽ ايندڙ ڀاڱن ۾ شامل سفر ڄڻ ته منھنجي سامھون شروع ٿيا ۽ اڪثر سفرن تي اُسھڻ کان اڳ مون کي به ساڻي ٿيڻ جي صلاح هڻندا آهن، پر اتفاق سان اُنھن ڏينھن منھنجن پيرن ۾ اهڙا ته پيئڪڙا پئجي ويندا آهن. جو دِل چاهيندي به ساڻن سفر ۾ ساڻي ٿي نه سگھندو آهيان.
مور ساگر جون هي سفري ساروڻيون پڙهي، مون کي پنھنجو پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو آهي. لڳ ڀڳ مون کي به سڄي سنڌ گُھمڻ ۽ ڪنھن حد تائين ڏِسڻ جو به موقعو مِليو. خاص ڪري ’سنڌي ادبي سنگت سنڌ‘ جي سيڪريٽري جنرل واري ٻن سالن ]2010-2008[ جي دوران ڪيترن ئي شھرن، ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن کي ڏِسڻ ۽ ڪيترين ئي پُر بھار ۽ پُرماڻڪ هستين سان مِلڻ ۽ ساڻن رهاڻيون ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪيترائي مشاهدا ماڻيم ۽ تجربا پلئه پيم، پر مون کي اُهي ڪڏهن به لِکڻ، نوٽس وٺڻ يا ڊائريءَ ۾ درج ڪرڻ جو خيال نه آيو. جيتوڻيڪ اُنھن ئي ڏينھن سنگت پبليڪيشن جي هِڪ پرچي ۾ ڇپيل منھنجون اسلام آباد جون سفري ساروڻيون ”سدائين سفر ۾“ پڙهي، سائين محمد ابراهيم جويي ڏاڍي پيار ۽ پنھنجائپ مان اُنھن جي واکاڻ ڪندي چيو هو ته ”جيئن الھه بچائي يار محمد سمي، ٿر ۽ ڪوهستان جا سفر ڪري اُنھن جا سفرناما لِکيا، تيئن تون سنڌ جي ٻين علائقن جا سفر ڪري، ماڻھن سان ڪچھريون ڪري اُهي قلمبند ڪر.“
هِن ڪِتاب ”جي مون گھاريا پنڌ ۾“ مور ساگر جا نوَ پنڌ شامل آهن، جن ۾ هو ڪِٿي ڪِٿي نھايت دِلچسپ جملن جي ذريعي ڏاڍا خوبصورت رايا به ڏي ٿو ته پنھنجي ڳالھه به ڪري وڃي ٿو. جيئن مڪلي جو سفر ڪندي لِکي ٿو، ”ظالم کان پاسو چڱو، جيئري، ته مُئي به“، يا ”بادشاهن توڙي ظالمن سان مڪلي قبرستان ڀريو پيو آهي“. يا وري ”اسان جي ڪراچي“ ۾ جناح صاحب جي مزار گُھمندي لِکي ٿو، ”اهو به هِڪڙو ڪمال آهي. مرڻ کانپوءِ هيڏي حفاظت، ۽ جڏهن زنده هو ته...“ جنھن مان سندس اشارو اُن کٽارا ايمبولينس طرف آهي، جيڪا مُلڪ جي باني ۽ پھرينءَ گورنر جنرل کي ماريپور ايئرپورٽ تان کڻي گورنر هائوس تائين ايندي، اڌ پنڌ ۾ خراب ٿي پئي ۽ ڪيتروئي وقت رستي تي بيٺي رهي. پر اُن سڄي عرصي ۾ ڪنھن به اها خبر به نه ورتي ته گورنر جنرل کي کڻي ايندڙ ايمبولينس گورنرهائوس پھچڻ ۾ دير ڇو ڪئي يا ڪِٿي پھتي آهي...؟
ڪراچيءَ جي ئي سفر ۾ مور ساگر ڪراچي ۾ ٺھيل ’بلاول پارڪ‘ جي خوبصورتيءَ کان متاثر ٿي لِکي ٿو ”شھيد راڻي جي موڀي پُٽ بلاول جي نالي پٺيان ٺھيل هِن پارڪ ۾ ويٺي سوچيم پيپلزپارٽي ڪرپشن ضرور ڪئي هوندي، شروع کان اڄ تائين سڀئي پارٽيون ڪرپشن ڪنديون آيون آهن، پر سنڌ ۾ جيڪي به ڪم ٿيا آهن، اُهي سڀ هِن پارٽي جي کاتي ۾ اچن ٿا، هِن وقت جنھن شھر ۾ وڃو توهان کي بھترين پارڪ ٺھيل مِلندا. سو جڏهن به، جنھن به شھر ۾ ٿڪ ڀَڃڻ لاءِ يا ذهن کي سڪون ڏيڻ لاءِ اوهان جڏهن به جنھن به پارڪ ۾ ويندا، اُهو گھڻو ڪري هِنن جو ٺھرايل ملندو. پوءِ به گھڻي تنقيد هنن تي ٿئي“. برابر مور ساگر جي ڳالھه روپئي جي ويھه آنا درست، اُنھن پارڪن سان گڏ لڳ ڀڳ هر شھر ۾ فائبر جا منارا ٺھرائي انھن تي الله جا بابرڪت نالا لکرائي ”الله والاچوڪ“ قائم ڪيا ويا آهن. ڪھڙو ڪافر اُنھن جو انڪار ڪندو.
ٻي پاسي ڪرچات، مڪلي، ڪُنريءَ ۽ نئون ڪوٽ جي سفرن ۾ سنڌ جي سياحت قلعن ۽ ڪوٽن جي تباهه حاليءَ جو به ذڪر ڪري ٿو. حڪومت ته ساڳئي پارٽيءَ جي آهي. اڄ ئي هنن سٽن لکندي منھنجي نظر مان، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ ميرٽ جي لتاڙ جو نوٽس وٺندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ان جو امتحان پنھنجي نگرانيءَ ۾ ڪرائڻ جو آرڊر جاري ڪيو آهي. ترقي کي مڃجي يا تنزلي ۽ ادارن جي تباهي جي پَچار ڪجي؟.
مور ساگر جي ”حيدرآباد جي هوائن ۾“ جو سفر پڙهي مونکي پنھنجون حيدرآباد جون رولاڪيون ياد اچن ٿيون ۽ انھن رولاڪين کي قلمبند ڪرڻ جي خواهش اُڀري اچي ٿي.
مور ساگر جي زندگيءَ جا پَل جيڪي هِن پنڌ ۾ گُذاريا آهن ۽ اسان کي اُنھن ۾ هِن ڪِتاب جي ذريعي، ڄڻ پاڻ سان گُھمائي ٿو، اِها اڄوڪي دؤر جي تاريخ آهي، جيڪو مستقبل جو دستاويز بنجي ويندو. جيئن ابنِ بطوطه، مارڪو پولو، لطف الله ۽ ٻين جا لِکيل مختلف علائقن جا سفر ناما.
يوسف سنڌي
12 نومبر 2020
ذيل پاڪ حيدرآباد.