ميون ملوڪ کان ماتلي
روانگي
توکي حال دِل جو ٻُڌايان يا نه؟
چئه پرين! سڀ ڪجهه سُڻايان يا نه؟
چئه پرين! مسيحا ٿي تون سگهندين؟
ڏِنل وَڍَ وقت جا ڏيکاريان يا نه؟
سموري هستي حِصا ٿي پئي آ،
حِصا حِصن سان مِلايان يا نه؟
تو ته آ ڀوگنائن جي رِڻ ۾ روليو،
او زندگي! توسان نِڀايان يا نه؟
زندگيءَ جي ڪھاڻيءَ جيڪا اوهان کي نثر جي سئو صفحن ۾ ڪري ٻُڌايان ها، غزل جي چئن بندن ۾ ٻُڌائي اٿم.
ڳوٺ ميون ملوڪ
’پنھنجي ڪھاڻيءَ ته غزل جي چئن بندن ۾ ٻُڌائيي پر اسان کي پنھنجي ڳوٺ جي باري ۾ به ٻُڌائي؟‘ سائين عبدالجبار نظاماڻي مونکان پُڇيو، ’جي سائين ضرور ٻُڌايان ٿو، ڳالھه شروع ڪريان ئي ڪريان تيستائين ادا امين کير پتيءَ چانھه ۽ گڏ بسڪيٽ به کڻي آيو. چانھه پيئندي ڪچھري به شروع آهي.
’سائين! هي ڳوٺ ميون ملوڪ جي نالي سان رجسٽرڊ ٿيل آهي، هِن ڳوٺ ۾ تقريبن 300 جي لڳ ڀڳ گهر آباد آهن، پھرين ته سڄي ڳوٺ ۾ صرف هِڪڙي ئي ذات هوندي هئي جوڻيجا، پر اِن کان اڳ ۾ شايد هِتي ميان ذات جا رهندا هئا، پوءِ آهستي آهستي ٻيون ذاتيون اچي هِن ڳوٺ ۾ آباد ٿيون، جنھن ۾ ڏيٿا، منڱڻھار، شيدي. ’ڳوٺ ۾ نُکون يا پاڙا ڪيترا آهن؟‘ سائين عبدالجبار چانھه مان بسڪيٽ ٻوڙيندي هِڪڙو ٻيو سوال ڪيو، ’سائين! ڳوٺ ميون ملوڪ ڪيترن ئي پاڙن ۾ ورهايل آهي، جوڻيجن جون نُکون يا اوڙڪ اُنھن جا الڳ پاڙا: جيئن سومر پوٽا، واڍاڻي، مُلاڻي، ننگراڻي، اُترادي، سنگراسي، اِهي ڇھه ئي پاڙا جوڻيجا آهن، اُن کان علاوه ڏيٿن جو پاڙو، منڱڻھارن جو پاڙو، شيدين جو پاڙو، ڪُل 9 پاڙن تي مشتمل هي ڳوٺ سوَين سال پُراڻي تاريخ رکي ٿو، هِن ڳوٺ ۾ چار مسجدون، ٻه مدرسا هِڪڙو گورنمينٽ پرائمري اسڪول، پنج ريزڪي دُڪان، ٽي مانڊڻيون، هِڪڙو سارين جو ڪارخانو، هِن وقت تائين موجود آهن‘.’پاڙا اُهي ئي ساڳيا آهن، يا ڪي نوان پاڙا وڌيا آهن؟‘ سائين پُڇيو، ’سائين! هي جيڪو شيدين جو پاڙو ۽ سنگراسين جو پاڙو ٻُڌايم اِهي ويجهي ماضي ۾ آباد ٿيا آهن، ۽ ها هاڻي هِڪڙو ريٻارين جو پاڙو به هِن ڳوٺ ۾ ئي سمجهو، اڳي ته ڳوٺ کان ٻاهر پري هو، پر ڳوٺ جي واڌ ويجهه ۽ ڦھلاءُ سبب ريٻارين جو پاڙو به ڳوٺ اندر اچي ويو آهي‘، ڪچھري به هلندي رهي ٿي ڳوٺ جا ماڻھو هٿ ملائن پيا، اُنھن سان به مِلون پيا، سائين منھنجو هِڪ شعر ٻُڌو:
هِن ڳوٺ جي ڳلين ۾ ننڍپڻ منھنجو رهي ٿو،
رُسڻ کِلڻ ۽ وري پرچڻ منھنجو رهي ٿو،
جواني مون گُذاري آ هُن شھر جي شور ۾،
اڄ ڀي وڻن ٻنين ۾ ٻاروتڻ منھنجو رهي ٿو.
’اقبال ميمڻ، مزمل صديقي، آفتاب ميمڻ، معاذ صديقي، ادا منظور سڀئي شعر تي داد ڏئي چوَن ٿا، ’هاڻي هلو هلي درگاهه تان حاضري ڀري اچون‘. سڀئي گڏجي اُٿون ٿا. ڪار ۾ سوار ٿي مخدوم امام جي مسجد ڏِسڻ لاءِ اوڀر طرف روانا ٿيون ٿا.
اقبال! ’هي اُترين هٿ تي جيڪا زمين آهن اِها سڀ غلام محمد عرف ماما ناٿو جوڻيجي جي زمين آهي جنھن کي ’ڪلٽري‘ جي نالي سان سڏيون ٿا، اُن ۾ ڪو تاريخي دڙو هو، شايد ڪو غرق ٿيل ڳوٺ يا شھر، ڪي وڏا چوَن ٿا ته اِها ميئن جي حويلي هوندي هُئي. ’ميئن جي حويلي‘ تي اتفاق ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته کوٽڻ کانپوءِ. اُن دڙي مان پُراڻن ٺڪرن جي ٿاوَن جا ٽُڪر، چانوَر، آڱار اِن نموني جون شيون مِليون هُيون. اسين ننڍا هئاسين، برسات وسي وڃڻ کان پوءِ انھيءَ دڙي تي ايندا هئاسين، سِڪا ڳولڻ يا ڪوڏ ڳولڻ، سِڪا ۽ ڪوڏ گهڻي وقت تائين هِتان مِلندا رهيا. هاڻي ته روڊ ٺھڻ کانپوءِ نه ته اُهي دڙا ۽ نه ئي ڪا نِشاني موجود آهي. بس هاڻي يا ته تاريخ ٿي ويو سڀڪجهه يا ته بس ڪجهه قصا ۽ يادون. کين پنھنجو هي شعر ٻُڌايان ٿو.
ميون ملوڪ ۾ هو مون ننڍپڻ گُذاريو،
شھر ۾ رهي نه ڪڏهن ڳوٺ مون وِساريو.
ڪلٽري جي دنگ تي پھچي، ميرواهه جي پٽڙي تي ڪجهه قدم اڳتي.
امام مخدوم نوحرح اُن جي ڪُني ۽ پنج وقت نماز
گاڏي کي پٽڙي جي پاسي کان ئي پارڪ ڪريون ٿا ۽ اندر اچون ٿا. سِج به هاڻي بِلڪل پنھنجا آخري پساهه کڻي رهيو آهي، مزمل کي چوان ٿو ’مزمل اِن کان اڳ جو اونداهي ٿي وڃي تون پنھنجو ڪم يعني فوٽوگرافي شروع ڪري ڇڏ‘ ۽ ايئن مزمِل فوٽوگرافي ڪرڻ لڳي ٿو.
مسجد ڏانھن ايندي اقبال پُڇي ٿو؟ ’هي مسجد ڪيتري پُراڻي آهي اِن باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي؟‘ کيس ٻُڌايان ٿو: ’جتي پاڻ هِن وقت موجود آهيون اُن کي ’نالي چڱو قبرستان‘ سڏين ٿا، ۽ هيءَ مسجد هِن ڳوٺ کان به پُراڻي آهي، جنھن کي مخدوم نوحرح جي مسجد سڏين ٿا. هِن مسجد ۾ هر سال 23 ربيع الثاني تي سالياني پنج وقت نماز ٿيئي ٿي، ظھر نماز کان شروع ٿي، فجر تي ختم ٿيئي ٿي. هِن جي تاريخ به تمام پُراڻي آهي، اسان جڏهن 130 ورهين جي جهوني مينھون خان جوڻيجو کان پُڇيو ته اُنھيءَ اِهو ئي ٻُڌايو ته اسين ننڍڙا هئاسين، اسان هِتي اِها ئي مسجد ڏِٺي، پر اسان پنھنجي ابن ڏاڏن کان به اِهو ئي ٻُڌندا آيا آهيون ته اِها مسجد ۽ انھيءَ وقت کان اِها پنج وقت نماز به پڙهندا اچون.
مومن بلو پنھنجي ڪتاب Badin History Unfolds ۾ لِکي ٿو ته: ’اسان جڏهن هِن مسجد جي اڏاوت، سِرون، جيڪا مِٽي ۽ چُن استعمال ٿيل آهي، اِها ضلعي ٿرپارڪر جي ڀوڏيسر مسجد سان مُشابھت رکي ٿي، جي ايئن آهي ته ڀوڏيسر جي مسجد 1505ع ۾ ٺھرائي وئي هئي.
سائين عبدالجبار نظاماڻي، ديوار ۾ لڳل سِرن کي هٿ ڦيريندي چوَي ٿو: ’هن مسجد جي اڏاوَت ٻُڌائي ٿي ته هي مسجد ڪلھوڙن جي دؤر جي تعمير ٿيل آهي. عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي جيڪو تاريخ جي وڏي ڄاڻ رکي ٿو، ۽ آثارن بابت به کيس خبر پوَي ٿي، ’يعني 1700ع جي اڏاوَت آهي‘ آئون جواب ۾ کيس چوان ٿو.
بھرحال انھن ٻنھين جي راين کي ڏِسي چئي سگهجي ٿو ته سوَين سال پُراڻي آهي. مسجد جي ڇِت سڄي ڪاٺ جي ٺھيل آهي، اُن تي جيڪا گُلڪاري ٿيل آهي، داد لائق آهي، وچ واري ڪاٺ جي داسي تي ڪاريگرن جا ٻه نالا لکيل آهن، جيڪي شايد پوءِ جا لڳن ٿا، الله بچايو ۽ مِٺن گوپانگ. جن کي مزمل پنھنجي ڪاريگري سان ڪيمره جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتو. هن مسجد ۾ محراب هِڪڙو ۽ سوڙهو ٺھيل آهي، زمين کان تقريبن 6 فوٽن جي بُلندي تي آهي، انھيءَ ڪري هوادار به آهي، ٻاھر ڇپري نما ڪاٺ جي ڊزائن واري ڇِت نِڪتل آهي. جيڪا پُڻ ڏِسڻ جي قابل آهي. اسان سڀني اُن ڪاٺ جي نِڪتل ڇپري هيٺان بيھي گروپ فوٽو ڪڍايو. اقبال وارا هِتي پھريون ڀيرو آيا آهن، سائين عبدالجبار ته هِتي نماز به پڙهي آهي.
هِتي پري پري کان هزارين ماڻھو هر سال ايندا آهن، پنج وقت نماز پڙهڻ لاءِ، شروع ۾ چوَن ٿا ته هِتي ڪنھن به قسم جي ڪا اڏاوَت نه ٿي سگهندي هُئي، ڪو به ماڻھو هوٽل وغيره يا ڪو دُڪان اڏيندو هو ته اُن جي ڇِت هوا ۾ اُڏامي ويندي هُئي، پر هاڻي ته اُن جاءِ تي ميلو به لڳندو آهي، مِٺائيءَ جون بازارون، هوٽلون، جهولا به هوندا آهن، بس ڳائڻ وڄائڻ نه هوندو آهي. هِتي عورتون به هزارن جي تعداد ۾ اينديون آهن، انھن جي نماز جي لاءِ وچان ديوار اڏيل آهي، پڙهنديون اُهي به پنج وقت جماعت سان گڏ آهن. نماز جي پڙ کان ٻاهران ڪنڀار ٺڪر جي ٿانوَن وارا وڏي تعداد ۾ ايندا آهن، اِهي ڪنڀار به چوَن ٿا اُنھن ڏينھن کان ئي ايندا آهن، جو ماڻھو پري کان مسافر ٿي ايندا آهن، اُهي پاڻي ڀري رکڻ لاءِ دِلا مَٽ وٺندا هئا، ۽ وضو لاءِ ڪرا (لوٽا) وٺندا هئا.
اقبال پُڇيو ’مخدوم امامرح جي مسجد هِتي آهي ۽ سندس قبر ڪِٿي آهي؟‘ کيس ٻُڌايم، ڳوٺ کان اُتر طرف ڏيڍ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.
امام مخدوم نوحرح بابت به ڪيئي روايتون موجود آهن، هِڪڙي روايت آهي ته: امام مخدوم نوحرح جيڪو مدرسي ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هو، هڪ ڏينھن مدرسي ٻاهران ويٺو هو، هِن جون نظرون سدائين هيٺ هونديون هيون، اوچتو هِن جون نظرون مٿي کڄيون ته ڀرسان عورتن کي گُذرندي ڏِٺائين، شاگردن کان پُڇيائين ته اِهي عورتون ڪير هيون؟ شاگردن ٻُڌايو ته بيبيون سڳوريون هُيون، مخدوم نوحرح توبه توبه ڪري وڃي اندر ويٺو شاگردن کي موڪل ڏنائين پاڻ ٽانڊو ٻاري اُن ۾ لوهه جي سيخ وڌي، جڏهن تپي ڳاڙهي ٿي وئي، ته کڻي پنھنجي ٻنھي اکين تي رکيائين ته اکيون نِڪري ويون. ٻارھن مھينن کانپوءِ ساڳين ڏينھن هن وٽ هِڪڙا چار مھمان آيا، مخدوم کي چيائون هلي نماز پڙهائي، چيائين آئون نماز نٿو پڙهائي سگهان منھنجون اکيون ناهن، انھن چيس تون نماز پڙهائي اکيون ٿي وينديون، جيئن ئي نماز شروع ڪيائين ته نظر موٽي آيس. (ولاعلم)
جيئند مُلون
مسجد جي زيارت ڪري موٽياسين، ڏکڻ طرف هٿ جي اِشاري سان دوستن کي ٻُڌايان ٿو، ڳوٺ ميون ملوڪ جو قبرستان هي ئي آهي، اسان جا سڀ وڏا هِتي دفن ٿيل آهن. هِن قبرستان ۾ منھنجو والد، منھنجو هِڪڙو ننڍڙو ڀاءُ خالد جيڪو ننڍي هوندي بُخار سبب گُذاري ويو. ۽ ٻيا سڀ رشتيدار هِن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. هِن قبرستان ۾ پنھنجي وقت جو مشھور شاعر الھبچايو جوڻيجو ’جانب‘ بدينوي (جنم1925ع) به مدفون آهي.
شينھن مُبو
ڳوٺ ميون ملوڪ کان موڪلائي اڌ ڪلوميٽر جو پنڌ ڪري آياسين رستي جي پاسي ۾ ئي قبرستان آهي جنھن کي ’شينھن مُبو‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. قبرستان جي وچ تي هِڪڙي وڏي قبر آهي، جنھن تي پَـڙَ پيل آهن، مٿان کان پکا ڏئي ڇانوَ ڪيل آهي. هِن قبرستان جي نالي جي مناسبت سان اِهو ٻُڌايو وڃي ٿو ته: هن جو اصل نالو ’مبارڪ شاهه‘ آهي، پر جيئن ته شينھن هِن جا مُريد آهن، جيڪي ٻارھين مھيني هِن تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن. تنھن ڪري هِن تي اِهو نالو ’شينھن مُبو‘ پيو اِها ڳالھه هاڻي آهي يا نه، پر اڄ کان ستاويھه اٺاويھه سال پھرين جي ڳالھه آهي، عبدالحڪيم جوڻيجو (منھنجو ٽيو نمبر وڏو ڀاءُ) جڏهن سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو ته بدين پوليس لائين مان ٽريننگ ڪري واپس موٽندو هو ته رات پئجي ويندي هُئس، رستو اِن قبرستان جي بِلڪل وِچان هوندو هو. هِڪ رات جيئن ئي موٽيو ته ڏِسي، قبرستان ۾ رڳو شينھن پيا هَلن، ’چيائين مون قرآني سورتون، دُعا ۽ درود پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا، هِڪڙو شينھن پاڻ ڏانھن ايندي ڏِٺم، جيئن ئي ويجهو آيو ته مون کي هوش ئي نه رهيو، زمين تي ڪِري پيس‘. اُن رات دير سان گهر پھتو ۽ پوءِ ٻه ڏينھن بُخار ۾ پيو هو.
سائين اسد الله گوپانگ
شيھن مُبو کان اڳيان آياسين ڳوٺ مِٺو خان گوپانگ کي ڪِراس ڪندي دوستن کي ٻُڌايان ٿو. ’هي پورو ڳوٺ گوپانگ برادريءَ جو ئي آهي، ٻي ڪا به ذات هِن ڳوٺ ۾ نٿي رهي. هِن ڳوٺ ۾ هِڪڙو پرائمري استاد رهي ٿو، ’سائين اسدالله گوپانگ‘ تمام لائق ۽ سُٺي ڄاڻ رکندڙ استاد آهي. پرائمري پنج ڪلاس سائين اسدالله گوپانگ وٽ پڙهيو آهيان. ٻيا به اُستاد هئا، عبدالجبار جوڻيجو، محمد بخش خاصخيلي، منصور ٿيٻو، نور حسن ٽالپر، پر سائين اسدالله يڪو ٻارھن تيرهن سال رهيو، سائين جو سياسي لاڳاپو رسول بخش پليجي جي پارٽي ’عوامي تحريڪ‘ سان هو، تنھن ڪري ٻين اُستادن کان وڌيڪ ڄاڻ هوندي اٿس، عوامي تحريڪ جو هاري اڳواڻ به وڏي ڄاڻ رکندو آهي. (اڳوڻا ڪارڪُن هاڻي وارا خبر ناهي)
رپ شريف شھر
سنگت کي صلاح ڪريان ٿو هلو ته اوهان کي رِپ جي چانھه پياريان، انڪار ڪن ٿا. ’چانھه نٿا پيون تون اسان کي اِهو ٻُڌائي ته هِن تي رِپ نالو ڪيئن پيو؟‘. هي رِپ قديم شھر آهي، ٿيٻن جو شھر سڏجي ٿو، رِپ تي اِهو نالو ڪيئن پيو، ڪي ماڻھو ڳالھه ڪن ٿا ته هِڪ واڃاڻي مائيءَ جو نالو ’رِپ‘ هو جيڪا ڏاڍي خوبصورت هئڻ سان گڏ تمام شريف ۽ عزتدار به هوندي هُئي، سندس حُسن جي ڪري ڪي ماڻھو کيس تنگ ڪندا هئا، ته لِڪ ڇپ ۾ اُتان کان نِڪري وري ڪنھن ٻي هنڌ وڃي وهندا هئا، ايئن ’رِپ‘ نالي سان ٻيا به ٻن جڳھين تي ڳوٺ يا شھر آهن. (ٻُڌل ڳالھه آهي) اُن مائي جي نالي پُٺيان، هِن شھر تي ’رپ شريف‘ نالو پيو. پر رِپ جي معنيٰ ڇا آهي اِها وري شاهه لطيف کان ٿا پُڇون!، شاهه لطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ 30 سُرن مان 21 نمبر تي هِڪڙو سُر آهي اُن جو نالو ’رِپ‘ آهي. سُر رِپ جو پھريون بيت:
گُوندَرَ ڪِئو، غَرَقُ، ماءُ! مُهجو ڄِندَڙو،
ڏُکويَنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌڙو.
اُتي رِپ جي معنيٰ ڏِنل آهي، ڪا وڏي آفت جنھن آفت جي اچڻ يا ٻُڌڻ سان ماڻھو جي دِل دَھلجي ۽ هينئون هارجي وڃي، اهڙي آفت کي ’رِپ‘ سڏيو ويو آهي، وڇوڙو ۽ درد اِهي به سڀ صورتون آهن، ’رِپ‘ جون:
گُوندَرَ هَٿ نه پيرَ، وِرِهُ مَنجهھين وَهَڻو،
ڪُڙهِ ۾ قَطارُون ڪيرَ، سُورَنِ لايا سيرَ،
مُون جِھِي گهاري ڪيرَ، هيڪَلِي رِيَ سَڄڻين؟
هن شھر ۾ ٿيٻن کان علاوه ڪجهه ٻيون به ذاتيون ويٺل آهن، جيڪي شھر جي آس پاس آهن، شھر ۾ صرف ٿيٻا ئي ويٺل آهي، آئون پنج سال هِن رپ جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو آهيان، اُنھن ڏينھن ۾ رِپ جي بازار جي ڀَل ڀلان هوندي هُئي، خاص ڪري چانھه جون هوٽلون سينگاريل هونديون هيون ۽ اُنھن تي هر وقت رش هوندي هُئي، ٻھراڙين جو مرڪزي شھر هو. بازار ۾ واڻيا به ويٺل هئا، جن جا وڏا دُڪان هوندا هئا. پر هاڻي موجوده وقت ۾ اِنھيءَ بازار جا بِلڪل نِشان به ناهن رهيا، اُتي گهر اڏجي ويا، دُڪان ۽ هوٽلون ٻاهر گرائونڊ تي ٽـڙيل پکڙيل صورت ۾ آهن جيئن ڏِسو پيا.
نه سي ووئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،
پَسيون بازاريون، هيئنڙو مون لوڻ ٿئي.
اسانکي هاڻي محمد اشرف ٿيٻي جي بنگلي ڏانھن وڃڻو آهي، شھر مان جيئن نِڪرون ٿا، منھنجي ذهن ۾ ماضي جي دَري کُلي پئي ٿي، غلام محمد گوپانگ جي هوٽل جنھن تي گئلري به هوندي هُئي، انڊين فلمون سڄو ڏينھن هلنديون هيون، اسان کي جڏهن رسيس ٿيندي هُئي ته اسان چانھه پيئندا هئاسين ۽ گيت مالا ٻُڌندا هئاسين ته مٿي گئلري ۾ وڃي وھندا هئاسين، ڇو ته سائين اسماعيل ٿيٻو، چوندو هو ته رسيس ۾ چانھه پي بسڪيٽ کائي، پڪوڙا جنھن کي جيڪو وڻندو هُجي، وٺي وري جلد اسڪول ۾ پھچندا وڃو، جي ڪنھن کي فلم تي ويٺل ڏِٺم ته انھيءَ جو خير ناهي. هيءَ هوٽل تڏهن ڪارو جمالي هلائيندو هو. چانھه به سُٺي ٺاهيندو هو. اسان جڏهن ڪاليج آياسين، تڏهن ڪاري جمالي وري پنھنجي هوٽل انھي هوٽل جي اولھه طرف ٺھرائي، اسين وري ڪاري جمالي جي اِنھيءَ نئين هوٽل تي ويھندا هئاسين. ڪاليج ۾ اسان ٽي دوست جوڙ ۾ هوندا هئاسين، عبدالطيف، محمود ۽ آئون، ڪاليج مان واپسي ۾ هِڪڙو دوست ڏهه روپيا ڏئي وي سي آر جي ڪيسٽ ڪِرائي تي کڻندو هو، هِڪڙو دوست هوٽل تي چانھه پياريندو هو، هِڪڙو دوست بسڪيٽ کارائيندو هو، اِها اسان جي روز جي عادت هوندي هئي. ڪاليج به پڙهبو هو، فلمون به ڏِسبيون هيون، چانھه بسڪيٽ به کائبا هئا. هونئن ته اسان پنج ڄڻا هئاسين هِڪ ئي ڳوٺ جا، الله بخش ۽ عبدالڪريم به، پر اُنھن ٻنھين جو الڳ جوڙ هوندو هو. پوءِ ڪاليج به پورو ٿيو، ته سڀ ٽِڙپکڙ ٿي ويا. محمود ۽ لطيف وڃي آرمي جوائن ڪئي، الله بخش هليو ويو رينجرس ۾، ڪجهه وقت کانپوءِ عبدالڪريم به هليو ويو آرميءَ ۾، باقي بچيو هِڪڙو محمد خان (مور ساگر) جيڪو اوهان سان گڏ آهي. ڪاش اُهو وقت اُهي ڏينھن موٽي مِلن پر ممڪِن ئي ناهي.
ڪَڻا منجهه کراڙ، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارؤن ڌار،
تيھان پو ٻيھار، ڪير مِلندو ڪِن کي.
(شاهه)
حاجي محمد اشرف ٿيٻو
هاڻي اسين محمد اشرف ٿيٻي جي بنگلي ۾ موجود آهيون. پھرين حاجي محمد اشرف ٿيٻي جو ذڪر ڪرڻ واجب ٿئي ٿو. لاڙ پَٽ ۾ جڏهن سخي مردن کي ساربو ته پھريون نالو حاجي محمد اشرف ٿيٻي جو ئي هوندو، تاريخ ۾ اهڙا سخي مرد تمام گهٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. هِن جي سخاوَت جا هن پَٽن تي رهندڙ پوڙها، اوهان کي ٿڌو ساهه ڀريندي (ڇا ته سخي مرد مجاهد هو) ٻُڌائيندا. ’دوستن پُڇيو هِن جي ڪا سخاوت مشھور؟‘
’هِن جي سخاوَت ڪا لِڪل ڇُپيل هُئي ڪونه ٻارھن ئي مھينا لنگر پيو هلندو هو، ۽ جڏهن کرن ۾ بٽايون ٿينديون هُيون ته تر جا سڀ غريب اچي اُن مان ڄڻ ته پنھنجو حِصو وٺندا هئا، مجال جو ڪنھن کي به روڪي، ٽوڪي يا انڪار ڪري.
ڳالھه ڪَن ٿا، ته: اُن وقت ڪو انگريز ڪليڪٽر هِن جو امتحان وٺڻ لاءِ پُراڻو ويس پھري فقير جي روپ ۾ آيو، چيائين ته مون تنھنجي سخاوت جو چرچو ٻُڌو آهي، آئون تمام غريب آهيان، مونکي مِينھِن جي واڙي مان هِڪڙي ڀلي مِينھِن ڏي ته ٻچن کي کير پياريان، گهوڙن جي طنبيلي مان ڀلو گهوڙو به ڏي ۽ اُن تي جيترو اَن کڻي سگهان اُهو به ڏي، هِن سخي مرد هڪ پَل لاءِ به نه سوچيو، پنھنجي ملازم کي سڏيندي چيائين ته هِن سوالي کي وٺي وڃي مِينھِن جي واڙي ۾، جيڪا پسند اچي اُها مِينھِن ڪاهي ڏينس، پوءِ گهوڙن جي طنبيلي ۾ ۽ پوءِ اَنَ جي کوڙي تي وٺي وڃينس، جيڪو کڻي سگهي، ڏينس. هي فقير ملازم سان گڏجي، مِينھِن جي واڙي، گهوڙن جي طنبيلي ۽ اناج جي کوڙي تان ٿي موٽي آيو، محمد اشرف کي چيائين سائين اوهان جيڪو ڏِنو اوهان جو قبول پيو، آئون ڪو فقير ناهيان، مون صرف اوهانجو امتحان ٿي ورتو. سلام آهي اوهانکي.
ٻي ڳالھه اِها به ٻُڌي آهي ته: جڏهن هندوستان ۽ سنڌ ۾ ڏُڪار آيو هو، ته هِن سخي مرد پنھنجي مئنيجر کي گهرائي چيائين ته پنھنجو جيڪو به اناج پيل آهي، ٽوٽل غريبن ۾ ورهائي ڇڏ.
ٽي ڳالھه اِها به آهي ته: هڪ ڀيرو ميرو نظاماڻي ڌاڙيل محمد اشرف ٿيٻو کي اغوا ڪرڻ جي نيت سان آيو هو، پر جڏهن هِن جي اوطاق تي پھتو، هلندڙ ننگر ۽ غريبن سان همدردي ڪندي ڏِسي واپس موٽي ويو.
ٽي ڳالھه اِها ته: ڪيڏانھن ويا پي ته ميرواهه جي موري (پُل) تان موڙ ڪٽيندي سندس ڪار هيٺ ڪُن ۾ ڪِري پئي، پوءِ جيستائين ڪار کي ٻاهر ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو ويو، تيستائين اندر محمد اشرف ۽ ساڻس گڏ ويٺلن کي ڪجهه به نه ٿيو. صحي سلامت ٻاهر آيا. ايئن کوڙ ڳالھيون هِن جي سخاوَت واري دؤر سان جُڙيل آهن. ۽ پنھنجي شعر تي ڳالھه پوري ڪريان ٿو.
غريبن جو جيڪو هِتي يار آهي،
خدا وٽ چوَن ٿا، عزتـدار آهي.
حاجي محمد اشرف ٿيٻي جو بنگلو
بنگلو هِڪ شاندار اڏاوَت جو اُهڃاڻ لڳي رهيو آهي، هِن بنگلي بابت ممتاز ٿيٻي سان ڪچھري ٿي، ۽ ڪتابن ۾ به پڙهيم، ڊاڪٽر عزيز ٿيٻي سان پُڻ بنگلي بابت ڪچھري ٿي. ته هي بنگلو تقريباّ ڏيڍ ٻه سئو سال پُراڻو ٻُڌايو وڃي ٿو، جيڪو محمد اشرف ٿيٻي جي والد حاجي مير محمد ٿيٻي ٺھرايو هو، جيئن ته اُن وقت مٽيريل پري کان ايندو هو، سو به ٻيڙين ذريعي. بنگلي ٺھڻ ۾ به ڪافي وقت لڳو هو. هِن بنگلي تي اُن وقت ۾ 90 هزار خرچ آيو هو. بنگلي ۾ ڪُل 8 بيڊ روم آهن، وچ تي هِڪڙو وڏو ڊرائنگ هال آهي، هِن بنگلي جي اڏاوَت اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ۽ سھڻي نموني ڪئي وئي آهي، جو جيڪڏهن بجلي نه به هُجي پوءِ به گرمي محسوس نه ٿيندي، ڇِت تمام مٿي رکيل آهي، ڇِت ۾ بھترين ڪاٺ جا پٽا ۽ ڪاشيءَ جا ٽائلس استعمال ٿيل آهن، ٻاهر اڱڻ (ويرانڊي) ۾ چؤطرف ڪاٺ جي سنھي پٽين سان ڪِراس ۾ ننڍن ننڍن سوراخن سان سھڻي نموني سان دروازا ۽ دريون ٺھيل آهن، اُنھن منجھان هوا جڏهن گُذري ٿي ته ٿڌي هوا جو احساس ڏياري ٿي. هن بنگلي ۾ هِڪڙو ڊرامو ”بدنصيب ٿري“ جي به ڪجهه رڪارڊنگ ٿيل آهي، جيڪو ڊرامو محمد اسماعيل عرساڻي جو لِکيل آهي پي ٽي وي تان نشر ٿيو هو.
هِن وقت رئيس علي احمد ٿيٻو بنگلي جي سار سنڀال ڪري ٿو، جيڪو رئيس محمد اشرف ٿيٻي جو پوٽو ۽ رئيس ٻُڍي جو پُٽ آهي، رئيس علي احمد ٿيٻو ٻه ٽي سال پھرين هِن کي ساڳين پُراڻي حيثيت ۾ رپئرنگ ڪرائي آهي، اِن سان بنگلي جي خوبصورتي اڃا به ٻيڻي ٿي وئي آهي.
هاءِ اسڪول رِپ
جڏهن بنگلو گُهمي ٻاهر آياسين ۽ رپ شھر جي اوڀرندي دنگ تي آخر ۾ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ڏانھن اِشارو ڪندي دوستن کي ڪجهه يادگيريون ٻُڌايم. ’هِن اسڪول ۾ آئون ڇھين کان ڏهين تائين پڙهيو آهيان، پر جڏهن مون ڇھين ۾ داخلا ورتي هُئي ته ڪجهه مھينا آئون اسڪول جي پُراڻي بلڊنگ ۾ پڙهيو هئس، جِتي هن وقت جمالين جا گهر آهن، پھرين هاءِ اسڪول اُتي هوندو هو، اُن کان پوءِ جڏهن نئين بلڊنگ منظور ٿي ته پوءِ هِتي ٺاهي وئي. انھيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي بلڊنگ 1990ع ۾ مڪمل ٿي هوندي. مون مئٽرڪ 1994ع ۾ ڪئي آهي. جڏهن ڇھين ۾ آيو هئس، اُن وقت هِن رپ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر سائين علي بخش ٽالپر هوندو هو، بلو ڪلر جي ياماها موٽر سائيڪل تي پيروءَ کان رپ تائين ايندو هو. اُن کانپوءِ سينئر ماستر سائين محمد اسماعيل ٿيٻو ئي هِن اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، سائين به هِن وقت رٽائر ڪري چُڪو آهي.
اسان جوڻيجن سان ٻه اُستاد ڪڏهن نه ٺھيا، سبب خبر ناهي ڇا هو، اسڪول تي ڪنٽرول به اُنھن جو هوندو هو. جيتوڻيڪِ ايئن به نه هو ته اسين پڙهڻ ۾ ڪي جڏا هئاسين، اسان لطيف، محمود ۽ آئون ٽيئي هوشيار هوندا هئاسين. اٺين ڪلاس ۾ پُھتاسين، تڏهن علي واهه جو الھجڙيو جوڻيجو بدلي ٿي آيو، سماجي اڀياس پڙهائيندو هو، هِڪ ڏينھن فري پيرڊ ۾ ڪچھري ڪندي پُڇيائين ’اوهان جوڻيجا آهيو ته هوشيار پوءِ نمبر نه ٿا کڻو ڇو؟‘، چيوسين ’سائين اِها راز جي ڳالھه آهي، مئٽرڪ ۾ ڏِسجو‘، چيائين ’پر هِن سال اٺين ۾ اوهان مان ڪنھن به هِڪ کي نمبر کڻڻو آهي‘، چيوسين ’سائين، اسين ته نمبر کڻنداسين پر نمبر مِلندو نه‘، چيائين ’ڇا مطلب؟‘ چيوسين ’مطلب امتحان ۾ ڏِسي وٺجو‘، امتحان ٿيو، اُهي ئي ساڳيا جيڪي هر سال نمبر کڻندا آيا، سائين چيو، ’ڇو اوهان نمبر نه کنيو؟‘، چيوسين ’سائين نمبر ته اسانجو آهي، پر وٺي ڪير ڏي‘، چيائين ’اِها ڳالھه آهي ته آئون ڪاپيون وري ٿو ٻيھر کولرايان‘، وڏي ضد ۽ بحث کان پوءِ سائين اسماعيل اجازت ڏِني ڪاپيون کولڻ جي، ڏِٺائين ته مِليل مارڪن جي حِساب سان پھريون نمبر منھنجو، ٻيو لطيف جو هو، چيوسين ’سائين هاڻي خبر پئي ته اسان سچ ٿي ڳالھايو‘، پوءِ سائين الھجڙيو ٿورو جذباتي ٿي ويو، چيائين ’اِها ته سراسر ناانصافي آهي‘، اسان کيس چيو، ’سائين ڇڏيو کڻي ڪو فائدو ناهي‘.
ڳوٺ ڇَـتو جوڻيجو
رِپ کي ڇڏي پٿريلي رستي تان پنڌ ڪندي پيرو ڏانھن اچون ٿا، پيرو تي پُھچڻ کان پھرين هِڪڙو ڳوٺ آيو، ’سنگت! هي منھنجو ٻيو ڳوٺ آهي‘، ڳوٺ ڇَتو جوڻيجو. زندگيءَ جو ڪجهه حِصو منھنجو هِن ڳوٺ ۾ به گُذريو آهي، هِن ڳوٺ مان ئي مون شادي ڪئي، هي ڳوٺ ميون ملوڪ کان تقريبن ستن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هِن ڳوٺ ۾ به تقريباّ ٻه اڍائي سئو گهر ٿي ويندا، هِتي رهندڙ ذاتيون جوڻيجا، پاڙها، خاصخيلي، اعواڻ، ڪولھي آهن. هِن ڳوٺ ۾ هِڪڙو پرائمري اسڪول، پڪي ٺھيل مسجد، عيد گاهه، پيٽرول پمپ، رائيس مِل، ڪارخانو، ٽي ريزڪي دُڪان، پنڪچر جو دُڪان. ڳوٺ ۾ سِرن جون ٺھيل پَڪيون بونڊريون، جيڪي اين آر ايس پي جي تعاوَن سان ٺاھيون ويون آهن. منھنجو وڏو ڀاءُ محمد عثمان ۽ عبدالحڪيم به هِن ئي ڳوٺ ۾ رهن ٿا. منھنجو گهر ۽ گهر ۾ ننڍڙي لائبريري به هِن ئي ڳوٺ ۾ موجود آهي. گهرن جي سامھون ٻنيءَ جي وِچ ۾ جهوپڙا اڏيل اوطاق جنھن جي اڳيان ’ڪونوڪارپس‘ جا وڏا وڻ ۽ اُنھن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ سنگت کي پاڻيءَ چانھه پياري، ڪچھري ڪئيسين.
پيرو ٽيشڻ (پيرولاشاري شھر)
رات جي وقت سڀني کي وٺي آياسين پيروٽيشڻ (اسٽيشن) تي چانھه پيئڻ لاءِ، چانھه پيئندي ڪچھري دوران دوستن کي پيرو اسٽيشن بابت ٻُڌايان ٿو. ’موجوده وقت سڀني ڳوٺن ٻھراڙين جو هي مرڪزي شھر آهي، ڪاروبار جي حوالي سان به هِتي بھترين ڪاروبار ٿئي ٿو، مون پيرو کي اُن وقت به ڏِٺو هو جڏهن صرف هِڪڙي ڪئبن هوندي هئي ماڻڪ جوڻيجو جي، هِڪڙي ڀاڄي جي پِڙي هوندي هئي حاجي حبيب جوڻيجو جي، اِهي ٻه اچي ويٺا هئا، پھريان ماڻھو پيرو جا بنياد اڏيندڙ اِهي ئي هئا. پيرو جو جيڪو شھر هو، اُهو ريلوي اسٽيشن وٽ هوندو هو.
’ڀلا پيرو اسٽيشن نالو ڪيئن پيو؟ اقبال مونکان پُڇيو‘ ٻين شھرن وانگر هِن تي به نالو پوَڻ واري ڪھاڻي اِيئن آهي ته: هِتي اسٽيشن جڏهن قائم ٿي هئي، تڏهن اسٽيشن جو ڪم شروع ٿيو، ته اُهي جيڪي آفيسر يا انجنيئر آيا هئا، اُنھن سان گڏ پوليس آفيسر به شايد، ته ٻھراڙي جا ماڻھو اڳي پوليس واري کي ڏِسي پري کان ڀڄي ويندا هئا، سو هِنن کي ڪاغذن ۾ اُن وقت نالو به لِکڻو هو، پر ماڻھو به ڪو موجود نه هو، هڪڙو آلوڀولو همرا هِنن جي پاسي ۾ بيٺو هوندو هو، اُن کان پڇئون ’ڀلا تنھنجو نالو ڇا آهي؟‘، ٻُڌايائين ’پيرولاشاري‘، پوءِ نالو سرڪاري رڪارڊ ۾ به لِکي ڇڏيئون پيرولاشاري. اسٽيشن ٺھڻ کانپوءِ اُتي آهستي آهستي شھر قائم ٿيو، جيڪو هاڻي اُتي نه شھر رهيو نه شھر جو ڪو نشان، بس ريلوي اسٽيشن ضرور آهي يادگار طور بيٺي آهي. پيرولاشاري بابت وڌيڪ معلومات مون هِتي جي صحافي ۽ شاعر دوست ذوالفقار خاصخيلي کان ورتي آهي، جنھن ڪنھن وقت هِن اسٽيشن جي اسٽوري شام اخبار ۾ لِکي هُئي، ٻُڌايائين ته ’مون هِن اسٽيشن جي ملازم نظرلاشاري کان معلومات ورتي آهي، ذوالفقار ٻُڌايو ته:
1908ع ۾ هي اسٽيشن قائم ٿي، هِن اسٽيشن جو پھريون اسٽيشن ماسٽر محمد انور پاشا هو، هِتي ڪانٽي تي چار ملازم هوندا هئا، هِڪڙو پٽيوالو، هِڪڙو سوئپر، اُنھن جي رهائش لاءِ 8 ڪوارٽر ٺھيل هئا، ۽ ٻُڌايائين ته شروع وارن ڏينھن ۾ روزانه 10 هزار آمدني هوندي هئي، صرف هِن اسٽيشن جي. هِن اسٽيشن کي 1996ع ۾ بلڪل رڪارڊ مان به ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪوارٽر ٽوڙي سِرون ڪڍيون ويون، صرف اسٽيشن بيٺل آهي.
موجوده پيرو شھر جي عمر چئي سگهان ٿو ته اٺاويھه ٽيھه سال کان مٿي نه هوندي. هِن وقت پيرولاشاري ۾ ضرورت جي هر شئي موجود آهي، پنج ڇھه ڪلينڪون به آهن، بھترين هاءِ اسڪول، پرائمري بوائز، پرائمري گرلس اسڪول، مڊل اسڪول، ٻه پيٽرول پمپ، چار سارين جا ڪارخانا، هِڪڙي وڏي جامع مسجد ’جيڪا موجوده وقت انتھائي خوبصورت، ڪُشادي ٺھرائي وئي آهي، اِن جاءِ تي جيڪا پُراڻي مسجد هُئي‘ بلڪل ننڍڙي مسجد اُن ۾ به نماز پڙهي هيم.
شاهه گُهريو جي مزار
پيرو شھر کان اوڀر جي طرف لنڪ روڊ نِڪري ٿو، جنھن کي شاهه گهريو روڊ چيو وڃي ٿو، هِتان کان تقريباّ چار ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پري کان ئي نظر اچي پئي شاهه گهريو جي درگاهه. هِن درگاهه تي پھريون ڀيرو آئون ڪامريڊ غلام مصطفيٰ جوڻيجو ۽ ذوالفقار خاصخيليءَ سان گڏ ويو هُئس. هيءَ درگاهه ٻين درگاهن جيان ئي هُئي، هِن تي به هر سال ميلو لڳندو آهي، ميلو ڪڇي برادري لڳائيندي آهي، شاهه گُهريو جا مريد تقريبن ڪڇي آهن، جيڪي ڪراچيءَ مان گاڏيون ڀري اچن ٿا، مرد توڙي مايون، نوجوان سڀ اچن ٿا هر سال هِن ميلي تي. هِن درگاهه جو گادي نشين سيد علي اڪبر شاهه آهي. اسين ٽيئي دوست اڳتي وياسين ميان موسيٰ سان مِلڻ.
ميئنءَ موسيٰ جي مزار
شاهه گُهريو جي مزار تان ٿي پوءِ ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي وياسين، هِن روڊ مان هِڪڙو ٻيو لِنڪ روڊ نِڪري ڳوٺ مِرزو خان دلواڻي وڃي ٿو، هِن لِنڪ روڊ تي ڳوٺ جي ويجهو اولھه طرف دڙي تي ميئن موسي جي مزار قائم آهي. هيءَ مزار مٿي دڙي تي اوچائي تي ٺھيل آهي.
درگاهه پير تاج الدين ’شاهه طريل‘
ميئن موسي جي حاضري کانپوءِ ’شاهه طريل‘ درگاهه تي وياسين، جيڪا ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي هُئي، هيءَ درگاهه به يونين ڪائونسل پيرولاشاري ۾ ئي آهي. هِن درگاهه تي اسماعيلي خواجه ايندا آهن، ۽ سار سنڀال به اُهي ڪندا آهن، درگاهه جي دروازي تي لکيل آهي، ’پير تاج الدين شاهه طريل‘، درگاهه اندران ڏِٺيسين ۽ هِتي اسماعيلي خواجن جو جماعت خانو به ٺھيل آهي، ته ننڍڙي مسجد به اڏيل آهي، مُسافر خانو به موجود آهي. هيٺ پوري فرش تي ماربل لڳل آهي، اُن ۾ پري پري وچ تي ماربل جي ئي گيڙو ڪلر جا گُل به لڳل آهن. هي درگاهه 800 سئو سال پُراڻي ٻُڌائي وڃي ٿي. مارچ مھيني ۾ هِتي هر سال ڏھاڙو به ملھائيندا آهن.
اوٺڪي دڙو
پيرو شھر کان ڪجهه قدم اڳتي، مين روڊ تي اُتر طرف اوٺڪي دڙو آهي. هي آثار به سنڌ جي ٻين کوڙ آثارن جيان بي ڌيانيءَ جي ور چڙهي ختم ٿي رهيا آهن، بدين حيدرآباد مين روڊ تي پيرو شھر جي ڀر ۾ ريلوي اسٽيشن پيرولاشاريءَ جي اُولھه طرف، وڏي ايراضي تي پکڙيل هِن تاريخي دڙي جي اڌ ۾ هِتي رهندڙ مقامي ماڻھن قبرستان قائم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ وِچ کان وري سرڪار مين روڊ ڪِراس ڪرايو آهي، ايئن هِن تاريخي ورثي سان مقامي ماڻھن ۽ سرڪار مِلي ڪري گهٽ نه ڪئي آهي. هِن اوٺڪي دڙي مان به محمد سومار شيخ جي وقت ۾ ڪافي پُراڻيون شيون مِليون هيون، جيڪي لاڙ ميوزيم ۾ رکيل آهن. اسان جو سفر اڳتي... ماتليءَ ڏانھن مُنھن.
روشن شاهه قبرستان
دلواڻي موڙ کان مين روڊ مان هِڪڙو رستو اوڀر طرف نِڪري ٿو، جنھن کي تلھار جو باءِ پاس به چئي سگهجي ٿو، اڳيان ريل جي پٽڙي ڪِراس ڪبي ته موڙ وٽ هِڪڙو مقبرو نظر اچي ٿو، اُن مقبري تي آياسين، فوٽوگرافي ڪئيسين، هِن مقبري جي تاريخ لاءِ مِلون ٿا عبدالشڪور کتري سان:
’هي سيد اصل اُچ شريف مُلتان جو هو، تلھار جي اسماعيلي آغا خاني خواجن وٽ ايندو رهندو هو، هِڪ ڀيري هِتي تلھار ۾ هوندي ئي رضا الاهيءَ سان سندس وفات ٿي ته روشن شاهه کي هِتي تلھار ۾ ئي دفن ڪرڻ لاءِ مُلتان ۾ رهندڙن جي وارثن سان خواجن جڏهن ڳالھايو، ته اُنھن راضپي سان گڏ هِڪڙو شرط رکيو ته اُن جي مقبري تي هر سال ڏھاڙو ملھائيندا. اُن ۾ ملاکڙو ڪرائيندا، هِنن شرط قبول ڪيو، هاڻي هر سال 14 فيبروري تي ملھايو وڃي ٿو، ۽ ملاکڙو به ٿئي ٿو‘.
گُل شاهه جو مقبرو
ٿورو اڳيان اينداسين تلھار شھر اچڻ کان پھرين مين روڊ جي اولھه طرف نِھار ڪبي ته هِڪڙو اڇي رنگ جو مقبرو نظر ايندو، چوَن ٿا اِهو گُل شاهه جو مقبرو آهي. سائين عبدالشڪور کتري ٻُڌايو.
تلھار شھر
پيرو کان صرف ڏهه يا ٻارھن منٽن جو فاصلو آهي تلھار شھر جو، پر اسين سفر در سفر، جا مُسافر گُهمندا ڦِرندا تلھار شھر پُھتاسين.
هِن شھر ۾ مون پنھنجو نالو ڇڏيو آهي، هِن شھر سان منھنجو پُراڻو تعلق به آهي، هِتي ’مور پرنٽنگ پريس‘ قائم آهي، جيڪا منھنجي ئي نالي ’مور‘ سان رجسٽرڊ آهي، ڪنھن وقت ۾ وڏو ڀاءُ محمد عثمان ۽ ادا عبدالحڪيم ’مور پريس‘ هلائيندا هئا، عبدالحڪيم ويو سنڌ پوليس ۾ ته پوءِ پريس سئوٽ مير حسن ۽ ديدار ميمڻ جي حوالي ڪئي، آئون تڏهن ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس. في الحال ايترو ئي.
تلھار جي تاريخ جي حوالي سان روايت ٻُڌائي ٿي ته: ’تلار‘ عورت جو نالو جنھن جي ٻي صورت تلھار ٿيو. ٻي روايت آهي ته: ’تلاءُ‘ جي ڪپ تي شھر آباد ٿيو، اڳتي هلي تلھار ٿي ويو. تحقيق ڪرڻ وارن ايئن لِکيو آهي ته گوتم ٻُڌ جا وِهار (تعليمي مرڪز) قائم هوندا هئا، جنھن ۾ تعليم ڏِني ويندي هئي، ڪُن وِهار، بن وِهار، تل وِهار، ڪُن ۽ بن وِهار مان ’ڀنڀور‘ بڻيو، تِل وِهار اڳتي هلي ’تلھار‘ ٿيو. هر شھر جي نالي واري عجيب ڪھاڻي هوندي آهي. هِن تلھار جي شھر ۾ منھنجا ڪجهه دوست به رهن ٿا. هوائن ۾ هٿ لوڏي کين سلام.
تلھار ۾ رهندڙ دوست
سائين حنيف ٽالپر جنھن وٽ هاءِ اسڪول رپ ۾ پڙهيو هئس، هِن ئي شھر ۾ رهي ٿو، پيارو آصف جمالي آزاد نظم جو خوبصورت شاعر، محمد صديق ٿيٻو سُٺو صحافي، ظھيرالدين بابر جنھن سان ڇھين کان مئٽرڪ تائين گڏ پڙهيس، اُن جو وڏو ڀاءُ قمرالدين ٿيٻو، اُهو به هاءِ اسڪول رپ ۾ ٽيچر هو، هِتي تلھار ۾ رهن ٿا، ڊاڪٽر قمرالدين ٿيٻو، پيارو طارق جمالي جنھن جو پرائيويٽ اسڪول به آهي، ابراهيم کٽي، محبوب فراز ميمڻ، (مور پريس) ۽ ٻيا به کوڙ دوست آهن.
عبدالشڪور کتري پُڻ هِن تلھار شھر جو رهندڙ آهي، عبدالشڪور سان وري هِڪ لِيکڪ وارو ناتو به آهي، پاڻ ’تلھار جي تاريخ‘ ڪِتاب لِکي تمام وڏو ڪم ڪيو اٿس. هونئن ته پيشي جي لحاظ کان واپاري به آهي، زميندار به آهي، پر ڪتاب پڙهڻ واري ذوق هِن کي ليکڪ بڻائي ڇڏيو، ذوق ڀلي ڪھڙو به هُجي ماڻھو کي تاريخ ۾ ڪنھن نه حوالي سان ٿوري ئي صحي جڳھه ضرور ڏياريندو آهي، انسان جي هونئن به زندگي آهي ئي ڪيتري پنجاھه کان سٺ سال هاڻي دنگ آهي، اُن ۾ ڪو به تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪري ٿو وڃي ته تاريخ ۾ هو امر ٿي وڃي ٿو، باقي ته هزارين ماڻھو ڄميا، وڏا ٿيا، گهمي ڦِري کائي پي روانا ٿي ويا، ڪنھن کي ياد به ناھن. پر هزارين سال اڳ به جيڪڏهن ڪو يادگار بنگلو، ڪا يادگار درگاهه، ڪا مسجد جوڙائي ويو، ڪو عام کي فائدو رسائيندڙ ڪِتاب لِکي ويو، سو نسل در نسل ياد رهندو، ۽ اُنھيءَ کي ياد ڪبو رهبو. جيئن مونکي تلھار بابت معلومات گُهربل هئي، ته مون سڀني دوستن مان جنھن سان رابطو رکيو، سو عبدالشڪور کتري ئي هو.
حيدر شاهه جي درگاهه
تلھار شھر مين اسٽاپ کان اڳتي ڪِراس ڪريون ٿا، دُڪانن جي پويان ريل جي پٽڙي جي پاسي ۾ هِڪڙو پُراڻو قبرستان ۽ اُن ۾ درگاهه نظر اچي ٿي، ’هي ’حيدر شاهه‘ جي درگاهه آهي‘.عبدالشڪور کتري ٻُڌايو. اسين هاڻي وري به مين روڊ تي چڙهياسين ۽ اڳتي جو سفر شروع.
چيتن ڀڳت يا چيتن ناٿ جو مقبرو
تلھار شھر کي جيئن ئي ڇڏيوسين، اڳيان ميرواهه آيو، اُن تي اڏيل پُل کي ڪِراس ڪيوسين، ٿورو اڳيان روڊ اُتر طرف موڙ مُـڙي ٿو، اُنھي موڙ مان اولھه طرف ننڍڙو ڪچو رستو لھي ٿو، هيٺ سِڌو اڳيان هِڪڙي مقبري ڏانھن وڃي ٿو.
هِن جي تاريخ لاءِ مِلون ٿا عبدالشڪور کتري سان، عبدالشڪور ٻُڌايو ته ’هن کي چيتن ڀڳت يا چيتن ناٿ به چون ٿا، اُن جو مقبرو آهي، واڻيا هِن تي هر سال ڏيھاڙو ملھائن ٿا، هي سِلسِلو ويجهڙ ۾ گُذريل پندرھن ويھه سال پھرين کان شروع ٿيو آهي، سڀ کان پھرين تلڪ مل جيڪو ڀُڳڙا وڪڻندو هو. اُڻ جو پيءُ هِتي سار سنڀال رکندو هو، اُن کان پوءِ وري آسو مل آيو. سائين اڳتي ٻُڌايو ته ڪو ميگهواڙ آهي، جنھن ٻُڌايو ته هِتي هڪڙو اسٽيشن ماسٽر جهمٽ مَل هوندو هو، اُن جي خواب ۾ آيو ته: آئون گرو ۽ منھنجو چيلو، اسان پاڻ کي جيئري ئي هِتي دفن ڪيو هو، جڏهن هِتي جهنگ هوندو هو، تنھن ڪري هاڻي اسان جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي، اسان تي ڏھاڙو ملھايو وڃي، اُن کانپوءِ واڻيا هِن تي هر سال ڏھاڙو ملھائيندا آهن، ۽ ڀت جون ٻه ٽي ديڳيون لاهيندا آهن.
ابن شاهه جي درگاهه
اسين وري ٻيھر آياسين مين روڊ تي، روڊ وارو موڙ مُڙي اڳتي اچون ٿا ته پِڙي جو پَٽ نظر اچي ٿو. هِتي تمام وڏي مال پڙي لڳي ٿي ۽ الاهي وقت کان وٺي. اڳيان حاجي خان اسٽاپ ڪِراس ڪريون ٿا ته ’فتح خان اسٽاپ‘ اچي ٿو، هِنن ٻنھي اسٽاپن جي وچ تي گاڏيءَ کي بريڪ ڪريون ٿا، اُتر طرف روڊ کان ڪچي بونڊري لھي ٿي، سامھون ئي درگاهه آهي، هيءَ ’ابن شاهه‘ جي درگاهه ٻُڌائي وڃي ٿي. جيڪا پُڻ هاڻي ويجھي عرصي پندرھن ويھه سال کان ئي شروع ٿي هوندي، هاڻي وري ڪجهه سالن کان ته هِتي ميلو به لڳندو آهي.
ڊوڪيا واهه
هي ٻھراڙيءَ جو شھر آهي، مين روڊ جي ٻنھين پاسن کان ڪجهه دُڪان هوٽلون وغيرهه آهن گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول به روڊ جي ڀر ۾ ئي آهن، ۽ هِڪڙي سُٺي مسجد به ٺھيل آهي، روڊ جي ڀر ۾، پرائمري اسڪول سان لڳ، روڊ ڀر ۾ هئڻ ڪري ڪيترا ڀيرا مون هِتي نماز به پڙهي آهي. هِتي جو دوست ’تاج سنڌي‘ جيڪو شاعر، ليکڪ ۽ صحافي آهي، اُن سان ملاقات ٿي ٻُڌايائين ته: ’هي واهه يا شاخ انگريز دؤر ۾ نِڪتو هو، هي نالو به ڪنھن انگريز جو آهي، ’ڊوڪيا‘ اُن نالي پويان هي اسٽاپ سڏجڻ لڳو، اصل ۾ هي ڳوٺ جمال الدين لاشاري آهي، ۽ هي يونين ڪائونسل به آهي، جنھن جو هِن وقت چيئرمين منھنجو والد صاحب حاجي عبدالڪريم لاشاري آهي‘.تاج سنڌي سان ڪچھري ڪري کائنس موڪلايوسين.
متارو هوٽل، متارو اسٽاپ
ڊوڪيا واهه کان ٿورو اڳيان موڙ مُڙي اُتر طرف آياسين، ’متارو اسٽاپ‘، اڳي متارو هوٽل سڏبو هو. هِتي متاري نالي همراه جي هوٽل هوندي هُئي، اُن جي چانھه ڏاڍي مشھور هوندي هئي، مسافرگاڏيون بيھاري چانھه پيئندا هُئا، هاڻي نه رهيو آهي، متارو نه اُها هوٽل، نه اُها چانھه، بس سندس نالو بچيو آهي، جنھن سان هي اسٽاپ مشھور آهي. هِتان کان اولھه طرف ويندڙ رستو، خاصخيلي آئل فيلڊ، ڪڙيو گهنور، راهوڪي ۽ گولاڙچي تائين وڃي ٿو. هِتي پوليس پڪٽ (چؤنڪي) به ڪافي عرصي کان اڄ تائين قائم آهي.
شاهه واهه ، ڪنبير شاهه جي درگاهه
هاڻي اسين پُھتا آهيون، شاهه واهه اسٽاپ. هي به ٻھراڙي جو اسٽاپ وارو شھر آهي، مين روڊ تي، هِتي سيال پيٽرول پمپ به آهي، ڪجهه هوٽلون ۽ دُڪان آهن. هِن اسٽاپ کان ٿورڙو اولھه طرف هيٺ لِنڪ روڊ تي لھي اڳتي وياسين، اڳيان هِڪڙي درگاهه تي پُھتاسين. هي درگاهه ’ڪنبير شاهه جي درگاهه‘ چوَن ٿا، ڪنبير شاهه جوڻ وارو به چوَن ٿا. هِن درگاهه تي گهڻو ڪري اسماعيلي خواجه ايندا آهن، ۽ اُهي ساليانو ڏيھاڙو پُڻ ملھائيندا آهن. اسين هِن درگاهه تان ٿي هِڪ ڀيرو ٻيھر مين روڊ تي چڙهنداسين.
ٽنڊو غلام حيدر
شاهه واهه اسٽاپ کان ٿورو اڳتي پھچون ٿا، هِڪڙو موڙ آيو اُن موڙ ۾ روڊ جي لڳو لڳ اُتر اُولھه طرف هِتي ٽنڊو غلام حيدر موجود آهي. جنھن جي شروعاتي ڪھاڻي ايئن آهي ته: رئيس غلام حيدر لغاري نالي جيڪو اصل ميرپورخاص جو هو، جنھن کي انگريز سرڪار هِتي جاگير ڏِني ته اُن پنھنجي نالي سان ئي هِن ڳوٺ جو نالو رکيو ’غلام حيدر جو ٽنڊو‘ 1825ع ۾. پوءِ آهستي آهستي ماڻھو هِن ڳوٺ ۾ مختلف هنڌن تان لڏي اچي رهڻ لڳا، ته ڳوٺ وڌندو ويو، ماڻھن جي گهڻائي جاڙڪي مان آئي، جو اُتي آباد شھر کي مدد خان پٺاڻ تباھ ڪيو ته اُتان جا ماڻھو سڀ لڏي هِتي آباد ٿيا. ايئن پوءِ هن ڳوٺ ۾ ڪجهه هوٽلون ۽ دُڪان قائم ٿيا، 1962ع ۾ ٽنڊو غلام حيدر کي يونين ڪائونسل جو درجو مِليو.
جڏهن پرويز مشرف جو دؤر آيو ته هِڪ ووٽ عيوض ارباب غلام رحيم کي سنڌ جو وزيراعليٰ ٺاهيو ويو، جنھن کان پوءِ سڀ خراب ڪم ڪرايا ويا، جنھن ۾ سرفھرست ڪراچي جي جيڪا تَڪ بندي ڪئي وئي، اها اهڙي انجنيئرنگ طريقي سان ڪئي وئي جو سڀئي تڪ ايم ڪيو ايم وارن کي آجا ڪري ڏِنا ويا. جنھن علائقن ۾ ٻيون قومون گڏوِچڙ ويٺل هِيون اُنھن پاڙن کي ٻن ٽِن يا چئن حِصن ۾ تقسيم ڪري ووٽ ٽوڙي ڪنھن ٻي جي کٽڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڪراچي کي ڪيڪ وانگر ڪٽي صرف ايم ڪيو ايم وارن کي ٿالھي ۾ رکي پيش ڪيو ويو. انھيءَ انجنيئرنگ طريقي واري ورهاست ۾ ٽنڊي غلام حيدر کي به پ پ پ جا ووٽ ٽوڙڻ لاءِ تعلقي جو درجو ڏئي مرڳو ضلعي بدر ڪيو ويو، يعني بدين ضلع مان ڪڍي ٽنڊو محمد خان ضلع کي ڏِنو ويو.
قريشي بادشاهه
هِن شھر ۾ هِڪ درگاهه به آهي، ’سيد علي محمد شاهه عرف قريشي بادشاهه‘ جي، جيڪي پاڻ اصل بغداد کان آيل آهن، هِن جو اُستاد جنھن پنھنجي خليفي کي موڪليو ته هِن کي وٺي اچي، پر خليفو هِن جو حال ڏِسي پاڻ به هِتي ئي رهي پيو، ۽ هِتي ئي گُذاري ويو، اُن جي قبر مقبري کان ٻاهرين پاسي آهي. قريشي بادشاهه جو ساليانو ڏهاڙو ذوالقعد مھيني جي چار تاريخ ملھايو ويندو آهي، قريشي بادشاهه جي درگاهه جا هِن وقت متوَلي يا خليفه ڪاٺٻانڀڻ آهن، موجوده خليفو محمد طاهر ڪاٺٻانڀڻ آهي، جنھن تي اٺين پيڙهي جي پڳ آهي.
اورنگزيب ڀٽي
ٽنڊو غلام حيدر ۾ مشھور شخيصت ارونگزيب ڀٽي به رهي ٿو، جنھن کي، ڪامريڊ به چئي سگهجي ٿو، بھترين شاعر، ليکڪ، ڪمپيئر، موسيقي جي ڄاڻ رکندڙ ۽ هاڻي، موجوده وقت ۾ ڳائڻ به شروع ڪيو اٿس. اورنگزيب جي هڪ جملي ۾ تعريف ڪجي ته ايئن چئبو، ’هر فن موليٰ‘ هِن جو نالو اسان تڏهن ٻُڌو هو، جڏهن عوامي ليڊر شھيد فاضل راهو شھيد ٿيو هو، ته هِن جا قومي انقلابي گيت جيڪي الھڏنو جوڻيجي ڳايا، ڪيسٽون به تمام گهڻو هلنديون هيون اُن وقت. فاضل تي لکيل سندس گيت، سندس سڃاڻپ بڻيا.
ٻيو دوست عبدالخالق ڀٽي به هِن ئي شھر جو واسي آهي، جيڪو هِن وقت نيشنل بئنڪ ۾ آهي ۽ هاڻي منھنجو پاڙيسري آهي، ظھير ڪالوني ماتلي ۾ گُذريل چار سالن کان رهي پيو.
انصاري شگر مل
ٿورو ئي اڳيان آياسين ته روڊ جي اوڀر طرف روڊ سان گڏ انصاري شگر مِل آهي، هيءَ مِل آصف زرداري لڳرائي هئي، پ پ پ جي پھرين حڪومتي دؤر ۾. هِن مِل ۾ 1997ع ۾ مون به انٽرويو ڏِنو هو ڪلارڪي لاءِ، سفارش هُئي، تنھن ڪري مونکي مِل ۾ رکيو ويو، پر پھرين ڏينھن ئي چيم ته سڀاڻي کان ڊيوٽي جوائن ڪندس ۽ پوءِ ڪڏهن به نه ويس.
فتح باغ
انصاري شگر مِل جي پريان، اولھه طرف هِڪڙو لِنڪ روڊ لھي ٿو، هِن روڊ تي ڪيئي وڏا وڏا ڳوٺ آهن، جن جا بورڊ به لڳل آهن، پر اسين وڃون ٿا تاريخي آثارن اڪبر بادشاهه ۽ بيربل وزير جي رهائش گاهه ’فتح باغ‘ ڏانھن. اڪبر بادشاهه هِتي آيو ۽ رهيو هو، اهڙي ڪا شاهدي يا ڪنھن ماڻھو کان ڪا روايت ٻُڌڻ ۾ نٿي اچي، اِهو چوَن ٿا ته جڏهن شير شاهه سوري دهليءَ تي قبضو ڪيو ته محمد همايون جيڪو اڪبر بادشاهه جو پيءُ هو تنھن کي هندوستان مان ڪڍي ڇڏيو هو. ڪِٿي رهيو، اِها ڄاڻ ناهي، باقي اِهو ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته جڏهن اڪبر بادشاهه ٿيو هو ته اُنھيءَ جا نائب هِتي رهندا هئا، جنھن ۾ بيربل مُک هو. هِتي مسجد به آهي زبون حال ۾، جيڪا اڪبر بادشاهه اڏرائي هُئي. هڪ ٻي به روايت آهي ته: هِتي ٻه ڀائر هئا سيد آرادين ۽ سيد جمردين جيڪي ٻئي درويش هئا، جِن کي ڪنھن ظالم مارائي اُنھن جون سِسيون کڻي ويو، ڌڙ هِتي دفن آهن، اُن کانپوءِ عذاب آيو، جنھن ۾ اِهو فتح باغ ايئن غرق ٿيو. هِتي به چوَن ٿا ته اسماعيلي خواجه ايندا آهن، ڪو ڏهاڙو وغيره به ملھائيندا آهن.
ڳاڙهو گهوٽ درگاهه
انصاري مِل کان اڳتي آياسين، لغاري واهه جي ڀرسان هِڪڙي عام قبر هوندي هُئي، جڏهن آئون بدين کان ماتلي روز آئوٽ بيڪ ڪندو هئس. پوءِ آهستي آهستي ۽ ڏِسندي ئي ڏِسندي درگاهه اڏجي وئي آهي، جنھن کي ڳاڙهو گهوٽ چيو وڃِي ٿو، اِها درگاهه به هاڻي ويجهي وقت ۾ ٺھي آهي.
گُل غيبي
ماتلي شھر ۾ جيئن ئي پھچنداسين ته ريلوي ڦاٽڪ جي اُتر طرف سائي رنگ جي هِڪڙي درگاهه نظر اچي ٿي، جنھن کي گُل غيبي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، گُل غيبي تي ڪنھن وقت ٻارهين مھيني ميلو لڳندو هو، پر هاڻي ڪافي سالن کان ميلو نٿو لڳي. اُن جو سبب مونکي معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ۽ نه ئي ڪنھن ڪِتاب مان معلومات ملي سگهي آهي.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، (باباءِ ثقافت سنڌ)
ڦُليلي تي پھچي پُل ڪِراس ڪري شھر ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين، ڦُليلي جو اولھنديون ڪَپ، اُتر طرف وٺي ٿورو ئي اڳيان اينداسين ته هِتي سنڌ جي ’ثقافت‘ جو امين رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، مدفون مِلندو، جنھن کي باباءِ ثقافت به چيو وڃي ٿو. اُن جو جڳ مشھور ڪتاب ’ڪيئي ڪتاب‘ آتم ڪھاڻي اٿس، پر اُن ۾ پنھنجي آتم ڪھاڻي سان گڏ ڪيئي ڪھاڻيون سمويل آهن، شايد نالو به اِن ڪري صحي رکيو اٿس، ’ڪيئي ڪِتاب‘. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي موسيقي جو ڄاڻو هوندو هو، سندس اوطاق تي هميشه محفلون ٿينديون رهنديون هيون، ۽ پاڻ اُهو پھرين ماڻھو هو جنھن پھرين سنڌي فلم ’ايڪتا‘ ٺاهي، اُن فلم ٺاهڻ کان پوءِ هِن کي ’باباءِ ثقافت‘ جو لقب مِليو.
هي اُهو ماڻھو هو جنھن پنھنجي زندگيءَ کي ڀرپور نموني گُذاريو، آءٌ نٿو سمجهان ته ڪا حسرت باقي رهي هجُيس. هِن پڙهيو، پيار ڪيا، عشق ڪيا، عياشيون ڪيون، رئيسن سان رئيس، فقيرن سان فقير، موالين سان موالي، عاشق سان عاشق، فنڪارن سان فنڪار، مڱڻھارن سان مڱڻھار، ناچوئن سان ناچو، اداڪارن سان اداڪار، زندگي جي انھن ايترن پھلوئن هوندي صرف هِڪ پاسو ٿي رهيو، اديب ٿيڻ جو جيڪو هِن ’ڪيئي ڪتاب‘ لکي گهڻن ڪِتابن لکڻ وارن کان ايئن گوءِ کڻي ويو جو همراه پنھنجي قلمن کي ڏندن ۾ ڏئي، ڏِسندا ئي رهجي ويا. اهڙا انسان ته مشڪل سان ڄمندا آهن، جيڪي زندگي جي هر شعبي ۾ پاڻ مڃائين، جنھن جو جڳ به اعتراف ڪري ته واقعي زندگي کي مڪمل جيئو.
اُستاد بخاري جو شعر آهي.
زندگي جو ثبوت ڏيو، وڊيو پيو ڀرجي،
ضروري ناهي، ڳايو، نچيو، لُڇي ڇڏيو.
پر رئيس ڪريم بخش، ڳايو به خوب، ته نچيو به خوب ۽ وري جيڪو لُڇيو آهي، اُن جو لُڇڻ ڏِسڻو آهي ته ’ڪيئي ڪتاب‘ کي شروع کان آخر تائين پڙهڻو پوندو. ڪِتابن کي اهميت ڏيندي ئي ته مون اِهو لِکيو آهي ته:
رهڻ ڏي مون وٽ هي مون لئه اهم هِن،
خوشبو، حُسن ۽ ڪِتابن جا تحفا.
ماتلي شھر
منھنجو شھر ماتلي، ڪشمير آ ڄڻ.
ڪشمير لاءِ هي دِل دِلگير آ ڄڻ.
ڳوٺ ڀي هو مِٺو هُو ميون ملوڪ،
اڄ به ساهه هُت، هِتي سرير آ ڄڻ.
ميون ملوڪ کان ماتلي تائين منھنجو هي سفر سڦل ۽ سموري زندگيءَ جو سرمايو به آهي. ڪڏهن محبتن جا ميلا، ڪڏهن وڇوڙن جو ورلاپ سڀ روپ زندگي جا سمايل آهن هِن سفر ۾. ميون ملوڪ کان ماتلي تائين فاصلو لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر جو ٿي سگهي ٿو، ۽ ميون ملوڪ کان ماتلي تائين سفر ۾ وقت صرف هڪ ڪلاڪ لڳي ٿو. پيرو واري گهر کان ماتلي واري گهر تائين 45 منٽ لڳندا هئا مونکي 125 موٽر سائڪل تي، ۽ پوءِ ڪوري ڪار ۾ به ساڳيو ٽائم لڳندو هو. سال کن پيرو کان ماتلي روزانو اچ وڃ ٿيندي هُئي، پوءِ مارچ 2017ع ۾ يڪو هِتي ماتلي ۾ لڏي آيس.
ماتلي شھر جي تاريخ پُڇون ٿا رمضان ’دلدار‘ چڍڙ کان: 7 ڪلوميٽر جي پکيڙ رکندڙ، ماتلي کان اُتر طرف 50 ڪلوميٽر حيدرآباد، ڏکڻ ۾ 50 ڪلوميٽر تي بدين، ماتلي کان اولھه طرف 50 ڪلوميٽر گولاڙچي، 50 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ٽنڊوباگو، سڀني وڏن شھرن جي سينٽر ۾ قائم ماتلي، ڪيئن ۽ ڪڏهن قائم ٿي، ماتلي جو پھريون نالو ’ديره محبت‘ هو، انگريزن جي دؤر ۾ تڏهن به تعلقي جي حيثيت حاصل هُئي، پوءِ جڏهن 1975ع ۾ ضلع بدين قائم ٿيو ته هِن شھر کي بدين ضلعي جو تعلقو ٺاهيو ويو. ماتلي نالي پوَڻ واريون، هِتي ڪُل 10 روايتون لِکيل آهن، ڏهن ۾ ئي نالو آهي مائي جي پويان، بس. (2) روايت: واڻين جي مائي ’مھتي‘ آچار وڪندي هُئي اُن جي پويان نالو پيو، (4) روايت: هڪ نيڪ بي بي ’مائي مَتي‘ نالي هُئي، اُن نالي جي پويان ’ماتلي‘ نالو پيو، (ڪيئي ڪتاب)، (9)، پُراڻي مڇي مارڪيٽ ۾ هڪ دُڪان تي لکيل هو ’ماتلي جوڀن‘ واڻيا هئا، جوڀن داس مائي جو مڙس هو، اُهو گُذاري ويو ته سندس مائي ’ماتلي‘ دُڪان هلائيندي هُئي، ماڻھو چوندا هُئا هلو ماتلي کان سامان وٺي اچون. 10 روايتن مان مونکي اِهي 3 ڪجهه سمجهه ۾ آيون. لِکيون اٿم. (ماتلي جي تاريخ)
جيڪي سفر ۾ همسفر هيا
عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺو ليکڪ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا ٻه مجموعا ”باغي آ عشق منهنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪره نظاماڻي“ وڏو ڪتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري قوم جا شُجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مرتب ڪيل اٿس.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽر“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ ڦِرڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.
سرور اقبال ميمڻ: اصل ۾ ميمڻ ڪُنري جو رهندڙ آهي، هاڻي گهڻي عرصي کان هِتي ڪنري پاڪ ۾ رهي ٿو ۽ هِتي ”ميمڻ پريس ڪنري“ نالي سان پرنٽنگ پريس به اٿس. انتھائي بھترين انسان ۽ دوستي جي قابل آهي. دوستن لاءِ دِل درياءَ رکي ٿو.
مزمل صديقي: حيدرآباد، لطيف آباد جو رهندڙ آهي، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو.
معاذ صديقي: حيدرآباد، لطيف آباد جو رهندڙ آهي، هن وقت الرزاق پرنٽر تي ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪري ٿو. مزمل جو ننڍو ڀاءُ آهي.
آفتاب ميمڻ: ڪُنري سان تعلق اٿس، محمد صالح جو وڏو پُٽ آهي، حيدرآباد ۾ ساحل پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ڪمپوزر طور ڪم ڪري ٿو.
ڪامريڊ غلام جوڻيجو: هِن جو تعلق به ساڳي ڳوٺ ميون ملوڪ سان آهي، هن پنھنجي سڄي زندگي پ پ پ کي ڏِني آهي، پر غريب جو ٻار هئڻ ڪري، سدائين ساڳين ڪپڙن ۾ رهيو آهي.
ذوالفقار خاصخيلي: هِن جو تعلق باغ علي ٽالپر سان آهي، هِي شاعر آهي، جنھن کي سنڌي ادبي سنگت ۾ آئون وٺي ويو هئس، ۽ صحافت به ڪندو آهي، پيرولاشاري ته شروع ۾ منھنجي سنگت جي سنگهر جي پھرين ڪڙي هي ئي رهيو آهي.
عبدالشڪور کتري: هِن جو تعلق تلھار سان آهي، پاڻ واپاري ۽ زميندار سان گڏ ليکڪ پُڻ آهي، پھرين تخليق ’تلھار جي تاريخ‘ ڪتاب ڇپيو اٿس.