سفرناما

زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پبلشر  مور ساگر  جو سنڌ وطن جو لکيل سُھڻو سفرنامو آھي. ”زندگي جا پل جي مون گهاريا پنڌ ۾“ مور ساگر جي زندگيءَ جا پَل جيڪي هِن پنڌ ۾ گُذاريا آهن ۽ اسان کي اُنھن ۾ هِن ڪِتاب جي ذريعي، ڄڻ پاڻ سان گُھمائي ٿو، اِها اڄوڪي دؤر جي تاريخ آهي، جيڪو مستقبل جو دستاويز بنجي ويندو. جيئن ابنِ بطوطه، مارڪو پولو، لطف الله ۽ ٻين جا لِکيل مختلف علائقن جا سفرناما.

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

مارئي جي ديس ملير ۾

روانگي
بَندي ٻئا قَرار، اَسين لوچُون لوهَ ۾،
مَٿي تَنِ تَرارِ، سَدا سانبِيَڙن جي.
صبح جي وڻندڙ سمي ڀنڀرڪي ويلا آئون ۽ ادا منظور هِڪ هِڪ وڳو ڪپڙن جو ساڻ ڪري ڪئيمرا کڻي گهران نِڪري آياسين، المصطفيٰ چونڪ تي سڀني دوستن کي هِتي گڏ ٿيـڻون هو. ڪجهه ئي دير ۾ سڀئي ساٿي گڏ ٿي ويا ۽ وين به آئي.
عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي سڀني ساٿين جو تعارف ڪرايو، محمد ايوب پٺاڻ، الھبچايو ’پياسي‘، ناصر ميمڻ، مختيار سومرو، عبدالڪريم، ٻانھون، عبدالحسين، نورالامين نظاماڻي، عبدالخالق، قربان، زبير سيال، اعجاز نوتڪاڻي، منظور احمد جوڻيجو ۽ مور ساگر. سڀئي دوست هِڪٻئي سان هٿ ملائي حالي احوالي ٿياسين، ضرورت جو سامان، پاڻي جا ڪولر وغيره ڀري گاڏي ۾ رکياسين.

حاجي سانوڻ
سڀئي دوست سفر دُعا پڙهي ماتلي شھر کي سِج اُڀرڻ کان پھرين ئي الوداع چئي روانا ٿياسين. پھريون اسٽاپ آيو حاجي سانوڻ، هي ٻھراڙي جو ننڍڙو شھر ۽ اسٽاپ آهي، راڄو خاناڻي روڊ به هِتان کان ئي نِڪري ٿو.

ٽنڊو غلام علي
ننڍن اسٽاپن کانسواءِ پھريون شھر ٽنڊو غلام علي گڏيو، جنھن جي سُڃاڻپ اڳي ته صرف ميرن جي شھر طور هئي، (مير بنده علي انتھائي مشھور شخصيت هو سمورو شھر اِنھيءَ جو هو، اڃا تائين گهڻا ماڻھو بنا مسواڙ جي دُڪانن ۾ ويٺل آهن، ٻي به ڳالھه ٻُڌي آهي ته ڪو به دُڪان، پلاٽ يا گهر هِتي پئسن تي ڪير نـٿو وٺي سگهي، اُن جي مسواڙ ڏئي سگهي ٿو، جي ڪو نه ٿو ڏي ته به زور نٿو رکيو وڃي، پر پنھنجي ملڪيت ڪنھن کي به ناهي). پر هاڻي محبت ۾ مات کاڌل وڇڙي ويل شرجيلا ۽ برسات جي حوالي سان به هِن شھر کي سُڃاڻپ مِلي آهي. گاڏي ٿورو بريڪ ڪيو، ڪاوَش اخبار وٺي، ڪُجهه سُرخين کي نظرن ڏِٺو، روزانو جيان لاقانونيت، ڏاڍ، ظلم ۽ موت جي خبرن سان ڀريل هُئي ۽ هي خوبصورت سفر ۽ صبح اهڙي خبرن حوالي ڪرڻ زيادتي هئي، تنھن ڪري اخبار کي پڙهڻ جو خيال ختم ڪيو.

ڪُتن جو قبرستان
معلوماتي پُروگرامن تي ٻَڌل ڪتابن ۾ پڙهيل آهي ته پيرس شھر ۾ ڪُتن جو قبرستان آهي. پر هِن دفعي جڏهن هِتي مون اکين سان ڪُتن جو قبرستان ڏِٺو ته اعتبار ئي نه پيو اچي. هي ڊگهڙي کان پھرين نوحاڻين جي ڳوٺ جو قبرستان آهي، هن قبرستان ۾ چار وڏا قُٻا اَڏيل آهن، ڪو به اڻڄاڻ ماڻھو گُذرندو ته ايئن ئي سمجهندو ته ڪو قديمي قبرستان آهي، پر انھيءَ ڳالھه تي شايد ئي ڪير يقين ڪري ته هي ڪُتن جو قبرستان آهي. پر اِها هڪ حقيقت آهي، جيڪي بھادُر ڪُتا هئا، جن کي پنھنجا پنھنجا مالڪ هئا، اُنھن تي قُٻا اڏيل آهن، باقي بنا مالڪن جي ايئن چئجي ته ننڌڻڪن ڪُتن جون ڪچيون قبرون آهن.

ڊگهڙي
’سنڌ سموري سونھن، سنڌ سموري سون‘ مشھور ته آهي، پر سنڌ جي ھر شھر کي پنھنجو حُسن آهي، اهڙو حُسن ۽ رنگ هِن شھر جو پھريون ڀيرو مون ڏيئي جي نوجوان شاعر زاهد گُل جمالي سان گڏ ڏِٺا هئا، جنھن چيو هو، مور ساگر ڊگهڙي جو شھر تو صرف ٻُڌو آهي پر ڏِٺو نه هوندو، اڄ اچ ته توکي ڊگهڙي جي شھر جا رنگ ڏيکاريان، پوءِ شھر جي بازارن، گلين گهٽين ۽ پاڙن مان پيرا گهمايا ته لڳو واقعي ئي شھر ۾ ته رنگ وِکريل آهن. هن شھر جو نالو ئي چوَن ٿا ته مائي جي نالي پُٺيان پيو، اُها مائي قد جي ڊگهي هوندي هئي، انھيءَ کي ڊگهڙي ڊگهڙي چوندا هئا، انھي جي مرڻ کانپوءِ شھر جو نالو به ڊگهڙي پئجي ويو. اِهي تاريخ جا ورق عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ورائيندو هلي ٿو. مون ’ڊگهڙِي جي تاريخ‘ ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته ڊگهڙي شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي آخري دؤر 1783ع ۾ پيو. شروع ۾ هِتي هڪ گهاٽ ’ڊگهي جو پتڻ‘ نالي سان مشھور هو، سرفراز واهه جي ڪناري انھيءَ قد جي ڊگهي مائي جنھن جو تعلق ميربحر قبيلي سان ٻُڌايو وڃي ٿو. اُن واهه کي پار ڪرائڻ لاءِ اُها ڊگهي مائي ماڻھن کان معاوضو وٺي کين پار ڪرائيندي هئي. هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته: انھيءَ وقت سرفراز واهه ڪِناري اُچ شريف جي هڪ سيد محمد شاهه جيلاني اچي پنھنجو ٺڪاڻو ٺاهيو ۽ انھيءَ جڳهه تي هو الله جي عبادت ۾ چلو ڪڍندو هو، انھيءَ دؤر ۾ ماڻھن جي اچ وڃ حيدرآباد کان انھيءَ سرفراز واهه ذريعي ٿيندي هئي ۽ سائين جا مُريد جيڪي سائين جي زيارت ڪرڻ ايندا هئا، اُنھن زائرين کان هي ڊگهي مائي ڪو به معاوضو نه وٺندي هئي، اها ڳالھه سائين ٻُڌي ته سائين جيلاني بادشاهه دعا ڏيندي چيو ته تنھنجو نالو هميشه قائم رهندو.
گڏوگڏ اڄ جي موسم تي پُڻ ڳالھائيندا هلون ٿا. اڄ جي موسم ڏاڍي خوبصورت هئي، آسمان تي جُهڙ ۽ ٿڌڙي هوا جو لڳڻ، هاءِ ايس وين جو روڊ تي اسپيڊ سان ڊوڙڻ ۽ نظرن جو منظرن کي پوئتي ڇڏڻ سڀ رومانٽڪ نظر اچي رهيو هو، ۽ آئون دِل ئي دِل ۾ اقبال جٽ ۽ اڪرم قمبراڻي کي سلام ٿو چوان.
سُندر صبح ڊگهڙي جا، سلام چئجو سڄڻ کي،
آيا آهيون اڄ اوچتو، پيام چئجو سڄڻ کي.

جـهڏو
جڏهن به شھر جهڏو جو نالو سامھون آيو آهي، ته هِتي جو پيارو ۽ البيلو شاعر ايوب کوسو ياد ايندو آهي. ڪنھن ڪنھن شھر جي ڪافي وقت کانپوءِ به ڪنھن شخصيت پويان سُڃاڻپ پئجي ويندي آهي، سو انھيءَ البيلي شاعر ايوب کوسي جي شھر جهڏو ۾، هِن شھر جو پُراڻو نالو جهڏو گُدام آهي ۽ باقي هِن شھر جا ماڻھو، سندن روَيا ۽ هِن شھر ۾ پکين جو گهٽ اچڻ. اِهو سڀ ايوب کوسو خوب ڄاڻي ٿو.
موسمن سان دوستيون گهٽجي ويون!
شھر، دِل جي سوڳ جا ڇالا ٿيا.

ڪوڙ ٻيو تاريخ ڇا لکندي اڃان،
رهزنن جا معتبر نالا ٿيا.

چنڊ جھڙو ماڻھپو آ دربدر،
غم تڏهن آهن وڏا تالا ٿيا.

اڄ ڀٽائي نيڻ پنھنجا پيو اُگهي،
سنڌ جا ڏِس چور رکوالا ٿيا!
اسان جي گاڏي جهڏي شھر مان جلدي اڳتي نڪري ٿي، هِتي راجا جي ريل ڪھاڻي ڪنن سان ٽڪرائجي ٿي، جڏهن هند سنڌ ۾ ڪو به سَنڌو نه هو، تڏهن راجا جي ريل واپار جي ڪري ٻنھيءَ ماڳن کي پاڻ ۾ مِلائي ڇڏيو هو. پر مون کي وري ڪنھن پُراڻي يادگيري جهڏي سان گڏي ڇڏيو.
حاڪم جوڻيجو، ذوالفقار خاصخيلي ۽ آئون جڏهن آيا هئاسين ايوب سان مُلاقات ڪرڻ، حنيف عاطر جي اوتاري تي مِليو هو ايوب، خوب ڪچھري به ڪئيسين، مصطفيٰ هوت به ساڻ هيس، پوءِ شام ويلي جهڏي جي گلين ۾ گُل محمد کي ڳوليوسين، ڪنھن ڪلينڪ تي مِلي ويو، ڏاڍو سُريلو شاعر آهي، غزل ته اهڙا ٻُڌايائين جو واهه واهه ڪري داد ڏِنوسين. اي هو! اڄ ايوب کوسو، ماڪن شاهه رضوي، مصطفيٰ هوت، حنيف عاطر، گُل محمد خاصخيلي ۽ رزاق’ آسي‘ کي محبت مان منھنجا هي سلام چئجان.

نئون ڪوٽ شھر ۽ قلعو
ٿر جون ٿـڌيون هوائون آجيان لاءِ آتيون پَسيون سين، خبر پئي ته اسين هاڻي نئون ڪوٽ ۾ پھچي ويا آهيون. سڀني ساٿين جي صلاح سان پھرين هِتي چانھه جو دؤر هلي ٿو. بسم الله هوٽل جي کُليل ڇِت تي ويھون ٿا. پرينءَ جي پيار مان کنيل نظر جھڙي خوبصورت موسم ۾ نئون ڪوٽ جو نظارو به ڪريون ٿا ۽ چانھه جون چُسڪيون به ڀريون ٿا. برسات جي ڪري رستن تي اڃا به گپ گهڻي نظر اچي ٿي. هي شھر ڪو خاص نٿو لڳي. شھر کي ڇڏي ٻاهر ڪجهه فاصلو ويڙهڻ کان پوءِ وڏيون ديوارن اکيون ڏِسن ٿيون، ۽ ڪَن ٻُڌن ٿا ته اِهو نئون ڪوٽ قلعو آهي، وين به هاڻي اسپيڊ گهٽائي ٿي ۽ ٿوري دير کان پوءِ قلعي اڳيان هُجون ٿا. اسانجي پويان ئي هڪڙي ڪوسٽر ليڊيز جي ڀرجي اچي لٿي، ڪراچي جون مايون ٿي لڳيون، ناصر چوَي ٿو هاڻي هِن ويران قلعي ۾ ڄڻ رنگين گُل ٽِڙي پيا آهن. قلعي ۾ سوڙهي ڪيل دروازي مان اندر لنگهون ٿا، پھرين نظر ڪاري بورڊ تي پوَي ٿي ۽ بورڊ ٻُڌائي ٿو ته، سوڍن کي سيکت ڏيڻ لاءِ 1229هه ۽ 1814ع ۾ مير ڪرم علي ٽالپر اڏرايو هو. قلعي جي اندر اچون ٿا، اوندهه لڳي پئي آهي، وري ٻي دروازي مان لنگهون ٿا جيڪو پُڻ تمام سوڙهو ڪيو ويو آهي. هاڻي اکين کي ساوَڪ نظر اچي ٿي، زمين تي ڇٻر ۽ هڪ ٻه وَڻ نِمن جا، جيڪي هِن موسم ۾ قلعي کي ڪجهه قدر خوبصورتي ڏين پيا، باقي قلعو مجموعي طور تي بي ڌياني ۽ بي انصافي جي چِٽي علامت نظر اچي ٿو، ثقافت کاتو الائي ڪھڙي ثقافت جي پاسداري ۾ رُڌل آهي، ڇو هيڏو پنڌ ڪري اچي ٺھرائي، آخر اهڙي تڪليف ڇو ڪري، جو هي سنڌ ۾ آهي، ۽ هڪڙو قلعو لاهور ۾ به آهي، جيڪو ڪجهه ڏينھن پھرين گهمي آيا آهيون، انھيءَ ۾ وڏو فرق نظر آيو ڇو ته هو پنجاب ۾ آهي ۽ هي سنڌ ۾ آهي، سنڌ کي ڪو به سُک ڏيڻون ناهي، اِها پاليسي حُڪمرانن پَڪي ڪري ڇڏي آهي.
ٻاهر نِڪرڻ کان پھرين هِتي دروازي وٽ ويٺل چوڪيدار هڪ رجسٽر اڳيان وڌائيندي عرض ڪري ٿو ته سائين پنھنجا تاثرات بُڪ تي لِکو اِهو منھنجي ڊيوٽي ۾ شامل آهي، مون کي بُڪ مٿي ڏيکارڻو پوندو آهي. سائين اعجاز تاثرات لکي ٿو ۽ اسين سڀ ٻاهر نِڪري اچون ٿا.
منھنجي دِل پئي چوَي ته آئون تاثرات لِکان ۽ لِکان ته: هي منھنجو لِکيل نوٽ اُنھن ننڊ پيل ثقافت کاتي وارن کي ضرور پڙهڻ گُهرجي ته هھڙي سھڻي سنڌ، جيڪا قديمي ماڳن، معدنيات سان مالا مال، زراعت ۾ زرخيز، ثقافت ۽ ڪلچر جي پاسدار، حُسن ۽ محبتن جي سنڌ جي سينڌ هاڻي اُجاڙڻ بند ڪريو، سموري ڪمائي وفاق جي خزاني ۾ موڪلڻ بند ڪريو، سنڌ جي سونھن تي بي ڌيانيءَ جا داغ ڏيڻ بند ڪريو، ۽ لکجي ته سنڌ جھڙو خوبصورت خِطو وري هِن ڌرتي تي ڪو به دريافت ڪري نه سگهندو، تنھن ڪري اکيون کوليو، اکيون پورڻ ۽ مُنھن موڙڻ ۽ سنڌو جي سونھن کان انڪاري ٿيڻ ڪافريت ۾ شمار ٿي ويندو، اِهو ڌيان ۾ رکجو...
وين وري به مرمت ٿيل روڊن تي ڊوڙڻ شروع ڪري ٿي ۽ وڃون ٿا مِٺي طرف، مِٺي جو نالو ڪنن سان ٽڪرايو ته مون کي منھنجا ٻه دوست ياد آيا، نواز کٽي، جيڪو ڪجهه ڏينھن پھرين NCHD ۾ ضلعي آفيسر ٿي هِتي آيو آهي، انتھائي پيارو ماڻھو آهي ۽ ٻيو مير مُرڪ واڍو، جيڪو ريڊيو ايف ايم مِٺي جو پروگرام مئنيجر آهي، پر افسوس جو شايد ساڻن ملاقات ٿي نه سگهندي، اِن ڪري جو آئون وڏي گروپ سان گڏ آهيان ۽ گروپ کان ٽُٽي به نه سگهبو، تنھن ڪري اِنھن پيارن سان ملاقات جو ٻي ڀيري سوچي ڌيان سفر طرف آڻيان ٿو.
پھرين وڏي ڀٽ تان وين مٿي چڙهي وري هيٺ لھي ٿي. ادا منظور چوَي ٿو اڳي هيءَ تمام وڏي چڙهائي هوندي هئي پر هاڻي نئين سِر تعمير ۾ هيٺ ڪئي وئي آهي. هاڻي مِٺي شھر منجهه داخل ٿيون ٿا، نظرون ٻنھي پاسن کان مِٺيءَ جو طواف ڪَن ٿيون. اڳيان هلي سميجا پاڙي واري گهٽي ۾ گاڏي مُڙي ٿي، ان کان اڳ جو روانا ٿيون، اڳيان ناڪي وارو ڦِري آيو، چئي 10 روپيا ڏيو پوءِ وڃو، عجب لڳو ناڪو، ٽول ٽيڪس ته گورنمينٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ هي ٿر مُلڪ کان ٻاهر آهي ڇا؟ سميجا پاڙي مان گذرون ٿا، ڪجهه سال پھرين جڏهن برساتي ٻوڏ آئي هئي، تڏهن هِن پاڙي ۾ ٻيڙيون هَليون هُيون، ٿر ۾ ٻيڙين جو هلڻ تعجب جھڙي ڳالھه آهي. پر قدرت قادر جي جيئن وڻي تيئن ڪري. هي پاڙو وڏي ڀِٽ جي بِلڪل هنج ۾ آهي ۽ اسين انھيءَ وڏي ڀِٽ تي وڃي رهيا آهيون.

گِڊي ڀِٽ
گاڏي ڀِٽ جي چؤطرف ڦِري مٿي چڙهي، هيءَ سھولت به هاڻي هاڻي ويجھڙ ۾ ٿي آهي، هِن کان پھرين گاڏي ڀِٽ جي هيٺ ڇڏي، ڀٽ تي مٿي پنڌ چڙهڻو پوندو هو، پر هاڻي گاڏي سِڌو وڃي ڀِٽ جي چوٽي تي چڙهي بيھي ٿي. ٿي سگهي ٿو ڪجهه سالن کانپوءِ اچون ته اڃان به وڌيڪ سهوليت هجي.
هِن ڀِٽ کي گِڊي ڀٽ ڪري سڏين ٿا. چوَن ٿا مِٺي جي هي ڀِٽ وڏي ۾ وڏي ڀِٽ آهي. مون کي هِن ڀِٽ تان مِٺي شھر جو نظارو ڪرڻ سان ايبٽ آباد ياد آيو، سرحد صوبي جي ايبٽ آباد ۽ سنڌ جي مِٺي جي بيھڪ ڄڻ هڪجھڙي هُجي، فرق صرف اِهو آهي ته هو ساوَن پھاڙن جي وچ ۾ آهي ۽ هي واري جي ڀٽن جي وچ ۾ آهي. ڀٽ تان بيھڪ ٻنھي جي ساڳئي نظر اچي ٿي. ڀٽ تي هڪ سِرُن جي ڪُنڊ به نظر اچي ٿي، چوَن ٿا اهو گڊي قلعو هو. جنھن جي هاڻي صرف اِها ئي ٿورڙي نشاني وڃي رهي آهي.

مِٺي جو شھر
اچون ٿا شھر طرف، مين بس اسٽاپ واري چونڪ کان اوڀر طرف گاڏي بيھي ٿي، ڪُجهه دوستن جو خيال آهي ته مِٺي جو مشھور ڪِرشن مندر گهمجي، اڪثريت رد ڪري ٿي ۽ دليل ڏين ٿا ته ڪارونجهر ۾ انھيءَ کان پُراڻا ۽ وڏا مندر آهن، اُتي هلي ٿا ڏِسئون. ايئن اِهو خيال به خيال ئي رهيو ۽ مندر گهمي نه سگهياسين. چونڪ تي ٿڌو پيتيسين، پاسي ۾ مسجد هُئي، مُنھن کي ٻه ڇنڊا هڻڻ جي نيت سان اندر آياسين، عبدالجبار نظاماڻي هڪل ڪري منع ڪئي ته اکين کي ڇنڊا متان هَڻو پاڻي کارو آهي اکين کي ساڙيندو. واقعي به پاڻِي سڻڀ هاڻو ۽ تيز ڪَڙو لڳو، مُنھن ڌوئڻ وارو پروگرام به ڇڏيوسين. ادا منظور ۽ آئون ٿر پريس تان به پير گهمائي آياسين، اڪبر ڳوٺ ويل هو. عرس مليو، جنھن چانھه جي صلاح ڪئي، پر وقت نه هو وري ٻي ڀيري چئي روانا ٿياسين. بازار ۾ به وڃڻو هو، پر پوءِ سنگت چيو اڳيان منزل پري آهي، دير ٿي ويندي، تنھن ڪري تڪڙو هلو ته نِڪري هلون. وري اچي وين ڀيڙا ٿياسين، ۽ مون مِٺي جي مِٺن ماڻھن سائينداد ساند، ۽ پروفيسر شيام داس ’جوشي‘ کي ياد ڪري سلام مُڪا هوائن هٿان.

تـڙ احمد ۽ مخلص جي محبت
رستي ۾ هِڪڙو ڳوٺ اچي ٿو ”تـڙ احمد“ جي نالي سان، عبدالجبار نظاماڻي ٻُڌائي ٿو ته: سنڌ جو عظيم شاعر محمد هاشم ”مخلص“ جڏهن هِتان گُذريو ته تـڙ تي هڪ خوبصورت جوڀن هاڻي ٿريلي پاڻي ڀَري رهي آهي، مخلص ڏسندي ئي فنا ٿي پيو، سندس پيءُ جيڪو پُڻ مشھور شاعر حافظ حامد ٽکڙائي هو، تنھن پُٽ جي اِها حالت ڏِسي چيس ابا تنھنجي منزل اڃا اڳتي، هيءَ تنھنجي منزل ناهي. پر مخلص به ڇا ڪري، جواني ديوانيءَ اڳيان. ٻيو عشق جو ايئن اچانڪ لڳل ڪانَ سھڻ سولو ته ناهي، سندس ئي هڪ غزل جا چند بند.
ناصحا عشق ۾ تون رک معذور،
ڇا ڪريان عالمِ جواني آهه.

نه سندم زخم تي رکو مرهم،
منھنجي قاتل جي هي نِشاني آهه.

شور ڇا لئه ڪرين ٿو مرغ چمن،
ڪنھن جي تربت تي نوحه خواني آهه.

قد موزون جي عشق ۾ ’مخلص‘،
روز شب شغل شعرخواني آهه.
گاڏي نئين تعمير ٿيل رستي سان ٽائر گسائيندي تيز گُذرندي رهي ٿي، هِن کان پھرين ٿر لاءِ ٻُڌو هو ته صرف کيکڙا (ٿر جي مخصوص سواري) ئي هلي سگهن ٿا. ٻي ڪنھن به گاڏي جو وڃڻ ممڪن ناهي، پر اڄ جڏهن هِتان گُذر ٿي رهيو آهي ته اِها ڄڻ ماضيءَ جي ڳالھه ٿي وئي‏، ڇو ته هاڻي ماڻھو ٽولن جا ٽولا موٽر سائيڪلن تي به سفر ڪري رهيا آهن. روڊ وارياسي زمين تي ٺھيل آهن، تنھن ڪري ٿر جي روڊن ۾ ڪو به کڏو کوٻو ناهي، فُل اسپيڊ سان گاڏي هلائي سگهجي پئي. رستي سان هلندي ٿر جون سايون ڀِٽون ڏِسندي سُبحان الله چوندا رهون ٿا. ڪِٿي ڪِٿي ڪا ترائي نظر آئي، جنھن ۾ برسات جو بيٺل پاڻي نظر آيو، هِتي جا هاري ٻنيون کيڙي رهيا آهن. ٻنيون ڪھڙيون بس جاٽون ۽ واٽون آهن، ڪِٿي هيٺ ڪِٿي مَٿي، ڪابه سِڌائي نه ۽ هِتي روهيڙي ڀَر ۾ ڪا ڊيل ڊُڪي رهي هُئي، هاڻي هڪڙو موڙ مُڙي ڀِٽ جي چڙهائي چڙهي هيٺ لٿا آهيون، ڀٽن جي وِچان ڪچو رستو وٺي ٻه اُٺ وڃي رهيا آهن جن تي اڳيان هڪ عورت ۽ پُٺيان ٻه مرد ويٺل آهن. عبدالجبار ٻُڌائي ٿو ته جڏهن به عورت اُٺ تي اڳيان ويٺل هُجي ۽ مرد پُٺيان ويٺل هُجي ته سمجهو اِها انھيءَ مرد جي زال، ماءُ يا ڀيڻ آهي، پر جي مرد اُٺ تي اڳيان ۽ عورت پُٺيان ويٺل هُجي ته سمجهو اِها عورت مرد جي سئوٽ، ماسات يا پَري جي مائٽياڻي آهي، ڪنھن ڪنھن وقت الھبچايو پياسي، خاموشي کي ٽوڙي جهونگاري ٿو: سُر مارئي جا بيت، هاڻي مارئي اسانجو موضوع ٿي وڃي ٿو، شايد مارئي جي ڳوٺ ڏانھن وَڌي رهيا آهيون، يا اُن طرف وڃي رهيا آهيون.
اِي نه مارُن ريت، جو سيڻ مَٽائن سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پَکن جي پريت، آئون ماڙين سين نه مَٽيان.
(شاهه)
ڪجهه دوست ڪنھن ٻي موضوع تي ڳالھائي رهيا هئا، اڄ هڪڙي ڳالھه قدرت واري جي واهه وڻي جو صبح جيئن ئي سفر تي نِڪتا آهيون تيئن جُهڙ ئي جُهڙ، سج جو ته اڃا ڪو اَتو نه پَتو، سايون ڀِٽون، ٿوهر گهر جهوپڙا: جهوپڙن تي نظر پوَندي ئي ڀٽائي جو بيت هانوَ تي هُري اچي ٿو، بِلڪُل ايئن جيئن پرين جو پـيار:
ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا، ٻارن جن جو ٻُوهه،
وُٺا مِنھن ملير تي، ٽھڪي پيئڙا ٽوهه،
رات به منھنجي روح، سڄڻ پنھنجا ساريا.
ٿوري دير کان پوءِ برسات جي پھرين بُوند بَرسڻ شروع ٿئي ٿي ۽ منھنجي چَپَن تي بي اختيار اِهي ٻول ٻُرن ٿا، ”رات به مينھڙا وُٺا، کنوَڻِن کيل ڪيا، ماروئڙن جي مُلڪ مٿي، رات به مينھڙا وُٺا.“ برسات ۾ سڀني جي چَپَن تي مُرڪون رقصان هنيون، سڀئي چوَن پيا سبحان الله، صحي چوَن ٿا ”وسي ته ٿر نه ته بَر“.

اسلام ڪوٽ
هاڻي اسلام ڪوٽ جو سلام اچي ڀريوسين. شھر مان گُذرندا اچي ”ٿر سِٽي گيٽ هوٽل“ جي اڳيان گاڏي روڪيون ٿا. اسلام ڪوٽ ۾ سڀ کان سُٺي هوٽل اها ئي چئي وڃي ٿي، مٿي چڙهي ڏِسون ٿا، واقعي هوٽل سُٺي نظر اچي پئي، هن هوٽل جو پروپرائيٽر ڪمال ڪمار آهي، جيئن ته هوٽل واڻين جي آهي، تنھن ڪري اِها پَڪ هئي ته گوشت نه مِلندو، ٻيو ماني ۾ هِتي جي ڀاڄي کُنڀيون، سڀني شوق سان گهرايون، ٻيا به ٻوڙ گهرايا، پر هي شئي هڪڙي مُنفرد آهي، هِتي اسان وَٽ اِها اڻلڀ آهي.
ماني کائي هيٺ لھون ٿا ۽ ڪافي دوست نماز پڙهڻ وارا هئا، تنھن ڪري مسجد پُڇائي نماز پڙهون ٿا. واپسي ۾ هڪ دُڪان جي ديوار تي متحده جا نعرا ۽ يونٽ لکيل نظر آيو، دِل ۾ اهڙو ته ڪِروڌ پيدا ٿيو جو وڏي آواز ۾ چيم هي ته ظلم آهي، هِتي به متحده جا يونٽ کُليل آهن، اسان جي سنڌ ۽ سنڌ وارن کي الائي ته ڇا ٿي ويو آهي، صفا پنھنجي مَت مان نِڪري مفادن ماڻڻ لاءِ اُنھن جا ساٿي ٿي بيٺا آهن. جن سنڌ جي سينڌ ۾ سندُور بجاءِ رت جي ڳاڙهاڻ ڀري، جن سنڌ جي نياڻين کي ننگو ڪري انھن جي اُرهن، ٻانھن ۽ رانُن تي MQM نالي واريون لوهه جون ٺھيل مھرون گرم ڪري نشان ڇڏيا. جن چونڪن تي نياڻين جي مٿي تان پوتيون لاهي، باهه ۾ ساڙي فائرنگ ڪري نعرا هنيا، اُنھن جا ساٿي!!! اسانجا پنھنجا سنڌي!!! ڇا ضمير صفا سستا ٿي ويا آهن يا مرڳو ضمير نالي ڪجهه به ماڻھن وَٽ رهيو ئي ناهي، ايئن اکين ۾ ڄڻ ٽانڊا پيا ٽچڪن، الائي ڇو آئون ٻھراڙين ۾ ڳوٺن تي لڳل اِهو جهنڊو ڏِسندو آهيان ته عجيب ڪِروڌ ۽ ڪاوَڙ محسوس ڪندو آهيان مَن ۾. مونکي هِتي منھنجي نظم ’فراموشي‘ جون ڪجهه سِٽون پيو ياد پوَن.
وري اڄ حرامين جي آجيان ڪريو پيا،
ڪلھه جن ڪراچي کي ڪرب بلا بنايو،
سوَين بي گُناهن جو خون جِن وهايو،
اسان جي نياڻين ننگن ڏانھن تڪيو جِن،
اسان جون اوهان جون عزتون لُٽيون جن،
اُهي اڄ اوهان جا ڀائر ڪيئن ٿي پيا؟.
سلام ڪوٽ: مير فتح علي خان ٽالپر هن شھر ۾ 1795ع ۾ قلعو تعمير ڪرايو هو. اصل ۾ هي علائقتو ”اکيراج مئوجو“ نالي سان هو، ميرن جي صاحبيءَ ۾ حملن کان بچڻ لاءِ هر ٻارھن ڪوهن تي قلعا تعمير ڪرايا ويا، مير سلام جي نالي پُٺيان هي سڏيو ويندڙ شھر سلام ڪوٽ مان اسلام ڪوٽ تڏهن بڻيو، جڏهن انگريزن جي قبضي ۾ آيو، اُن وقت جو پوسٽ جو ٺپو ڪاغذن کي لڳايو ويندو هو، جنھن جي شروع ۾ هڪڙو الف نما نشان لڳي ويندو هو، جنھن کي ماڻھو سلام بجاءِ اسلام پڙهي ويندا هئا، ايئن سلام ڪوٽ مان اسلام ڪوٽ بڻجي ويو.
ڪتاب ’اسلام ڪوٽ شھر جي تاريخ‘ ۾ هيئن لکيل آهي: سال 1782ع ۾ مير فـتح علي خان ٽالپور، ڪلھوڙن جي آخري حاڪم ميان عبدالنبي کي هالاڻيءَ جي جنگ ۾ شڪت ڏيئي سنڌ فتح ڪري گاديءَ تي ويٺو، ڪلھوڙن جي دورِ حڪومت ۾ ٿر به سندن حڪومت جي تابع هو ۽ اُتي جا سوڍا، ڪلھوڙن حاڪمن کي وقت به وقت ڏن ڏيندا رهيا. مير فتح علي خان جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد کيس ڏن ڏيڻ بند ڪيائون ۽ خودمختيار ٿيڻ لڳا. مير فتح علي خان ڏِٺو ته سختي کانسواءِ ڪم نه هلندو. تنھن ڪري پنھنجا عملدار موڪلي اُنھن کان ڏن وصول ڪيو ۽ آئينده لاءِ سوڍن جي خودمختياري ۽ گڙٻڙهه کي روڪڻ لاءِ هن اهو ضروري ڄاتو ته امن امان رکڻ لاءِ بچاءَ واسطي قلعا ٺھرايا وڃن.
انھيءَ خيال کي عملي جامو پارائڻ لاءِ جُدا جُدا هنڌن تي هن پنھنجي بچاءُ لاءِ قلعا ٺھرائڻ شروع ڪيا. انھن قلعن ۾ پھريائين مٺي شھر جيڪو هن وقت ضلع ٿرپارڪر جو هيڊڪوارٽر آهي، اُتي سال 1789ع ۾ هڪ وڏو قلعو ٺھرايو، جنھن جو نالو مير فتح علي خان ٽالپر جي نالي پويان ”فتح ڳڙهه“ رکيو ويو ۽ ٻيو ننڍو قلعو شھر جي الھندي پاسي ٺھرايو، جنھن کي گڍي سڏين ان بعد سال 1795ع ۾ اسلام ڪوٽ وارو قلعو ٺھيو، جنھن جو نالو ”اسلام ڪوٽ“ يعني اسلام +ڪوٽ (اسلام جو قلعو) رکيو ويو. جيئن ته سوڍن جي هندو حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي، تنھن ڪري انھي قلعي جو نالو اسلامي طرز جو رکيو ويو. انھي طرح سان سوڍن جي ٻڌايل ڳوٺ ”مئو“ جو نالو بدلائي ”اسلام ڪوٽ“ رکيو ويو، اُنھن ٻنھي قلعن فتح ڳڙهه ۽ اسلام ڪوٽ جي ٺھڻ بعد سال 1790ع ڌاري چيلھار، کڏي ۽ سينگاري جا به قلعا ٺھرايا ويا، آخر ۾ نئون ڪوٽ قلعو ٺھيو.
ادا منظور ۽ آئون اسلام ڪوٽ جي سٽي گيٽ هوٽل اڳيان هڪٻئي جا يادگار فوٽو ڪڍون ٿا ۽ پوءِ گهر وارن لاءِ ٿر جي سوکڙي طور کُنڀيون وٺون ٿا، سلام ڪوٽ کي آخري سلام ڪري اڳتي نِڪري وڃون ٿا.

گوڙي جو مندر
رستي ۾ هڪڙو ننڍڙو بورڊ پڙهي گاڏي بيھي ٿي، ”گوڙي جو مندر“. تير هيٺ ڪچي جي طرف لڳو پيو آهي، برسات وسڻ کان پوءِ پھرين ڪنھن گاڏي جا ٽائر گپ ۾ ڦاٿل نظر آيا، وين جو ڊرائيور انڪار ڪندي چوَي ٿو گاڏي ڦاسي پوندي تنھن ڪري آئون هيٺ نه لھندس. اڳيان ويٺل همراه چوَن ٿا ٺيڪ آهي، اڳيان ٻيا ٿا هلي مندر ڏِسون، ۽ اسين پويان ويٺل ڏاڍي ڪاوَڙ ڪندي اڳين کي چئون پيا، ابا سائين پوءِ ڏِسڻ ڇا آيا آهيو، اِهي ئي تاريخي شيون ڏِسڻ ۽ ٿر گهمڻ لاءِ هيڏو ڪشالو ڪري نڪتا آهيون، پر پوءِ به گاڏي هلي ٿي وڃي ۽ ايئن گوڙي جو مندر ڏسڻ کان رهجي ويو.

ايندي چوَن آءُ، ويندين چوَني ويھه
ڳوٺ اڏي جو تڙ، ڇڏي اڳتي بورڊ پڙهون ٿا ڳوٺ لوڻيا سما، گاڏي مُڙي ٿي هيٺ ڀٽ تي، هڪڙِي اوطاق جي گهٽي تي اچي بيھي ٿي پريان کان ئي هڪڙو قدآور سانورو مڙس کِلندو ڀڄندو اچي ڀاڪرين مِلي ٿو ۽ پوءِ ڇِڪ ڇِڪان جو منظر ٿي وڃي ٿو اِن دوران محمد ايوب تعارف ڪرائيندي ٻُڌايو هي پروفيسر محمد حسن سمون آهي، سڀئي دوست هڪ ڀيرو ٻيھر کيڪارين ٿا. همراه وري به ڇِڪ ڇڪان لائي ڏِني چئي ٻيو نه ته به چانھه ضرور پيئڻي پوندي، نيٺ رات جو موٽي اچڻ جو واعدو ڪري موڪلايوسين.
مون سائين عبدالجبار کي چيو سائين ڏِس ماڻھن جي محبت، اهڙن لاءِ ئي لطيف سائين چئي ويو آهي ته:
ايندي چوَني آءُ، ويندين چوَن ويھه،
ڇڏي سارو ڏيھه، اچو اڱڻ اُن جي.

ڀالوا
ڪجهه ئي فاصلو روڊ تي گاڏي ڊوڙي ۽ ڀالوا جو بورڊ اکين اڳيان آيو. ڀالوا جو نالو پڙهڻ سان ئي مارئي ملير جي هانوَ تي تَري آئي ۽ مارئيءَ جو هانوَ تي هُرڻ سان ڀٽائي جو بيت چَپَن تي نه اچي اِهو ٿي ئي نٿو سگهي.
اَلَستُ بِرَبَڪُمَ، جَڏه ڪَنِ پِيِوم،
”قالُوا بَليٰ“ قَلبَ سين، تَڏه تِتِ چَيوم،
تِھيِن ويرَ ڪِئومِ، وَچَنُ ويڙِهچَنِ سين.
ٿورو اڳيان اچون ٿا، اوڀر طرف ڳوٺ جي ڀرسان تڙ تان نوجوان ٿاريليون گهڙا ڀَري رهيو هيون، کِل کيٽا ڪندي، ڄڻ وسڻ جي ويس واري مُند ۾ مھڪي رهيون هيون. انھيءَ گهڙيءَ اياز جو هي غزل دِل تي تَري آيو.
تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀَري ٿي پئي،
ٿري سُونھن چَمڪا ڪَري ٿي پئي.
رستي جي ٻنھين طرفن کان خوبصورت گاهه جي ساوَڪ ۽ گاهه جي پنن تي تازي پيل برسات جي پاڻي جا ڦُڙا ايئن پي چمڪيا ڄڻ گُلابن تي پيل ماڪَ ڦُڙا. هِڪڙي پَڪي چوڪنڊي وَٽ وين اچي بيھي ٿي، جتي ڪجهه گاڏيون اسان کان پھرين به بيٺل هُيون ۽ مايَن جي گهڻائي اڳ ۾ ئي موجود هُئي، بورڊ پڙهيم ته: مارئي جو تـڙ آهي، جنھن تان مارئي جي سونھن تي موهجي اُن وقت جي عمر بادشاهه پاڻ اچي مارئي کي اُٺ تي چاڙهي کڻي ويو، ڪھڙي سن تاريخ ۾ ڪجهه به معلوم ناهي، مارئي جي صحيح ڳوٺ جي به خبر ناهي، ذات به اڃا تائين ڪو محقق ڳولي ناهي سگهيو، صرف ايترو چيو وڃي ٿو ته مسلمان هئي، تعجب ٿئي ٿو ته لوڪ داستان جو اهم حِصو عمر مارئي، کي سڀ کان وڌيڪ سھڻي لطيف ڳايو آهي، اُن جي ڪا به تاريخ ناهي، سوائي ٻُڌل ڏند ڪٿائن جي.! لطيف سرڪار ته مرڳو هيئن چوي ٿو:
نَڪا ’ڪُن فَيَڪُونُ‘ هُئِي، نَڪا هُنگَ، نَ هُون.
سَڄَڻُ اُنَھِين ساعَتَ ۾، ڀيٽي ڏِٺوسُون،
مَون تَنَ تَڏا هَڪُون، مِلِي مُلاقاتَ ڪئي.
شاهه جي رسالي ۾ به مارئي بابت جيڪا آکاڻي ڏِني وئي آهي، اُها اِها آهي ته: چوڏهين صدي جي پوئينءَ اڌ ۾، عمر سومرو، عمرڪوٽ ۾ حڪومت ڪندو هو، کيس رعيت جي لڄن ۾ هٿ وجهڻ جي عادت هوندي هئي. ٿر ملڪ جي ملير ڳوٺ ۾ ”مارئي“ نالي هڪڙي حسين نينگري رهندي هئي، جنھن جي ماءُ جو نالو ماڏوئي ۽ پيءُ جو نالو پالڻي هو. ويچارا مسڪين مارو ماڻھو هئا، جي ڏُٿ ڏؤنري ۽ جَهڻ مکڻ تي گُذران ڪندا هئا. وٽن هڪ همراهه هاري هوندو هو، جنھن جو نالو ڦوڳ هوندو هو. ڦوڳ مارئيءَ جو سڱ ڇِڪيو، پر پالڻيءَ پنھنجي نياڻيءَ جو ناتو کيت سين نالي هڪ ماروءَ سان ڪري ڇڏيو ۽ ڦوڳ کي ڇنڊي ڇڏيائين. ڦوڳ کي ڏاڍي ڪاوَڙ لڳي، سو عمرڪوٽ ۾ وڃي، عمر آڏو سنگهارِ جي سونھن جي صفت ڪيائين، عمر احوال ٻُڌي ويس بدلائي ۽ وهٽ پلاڻي، ڦوڳ سان گڏ ملير ڏي مُھاڙ ڪيائين، ٽي ڏينھن پنڌ کي پٽيندي ڀنڀرڪي ويلا اچي ملير کي ويجها ٿيا.
ٿر ۾ پاڻيءَ جي قِلت آهي ۽ کوهه اونھا ٿيندا آهن، جن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو آهي، تنھن ڪري ٿر ڄائيون اُسر جو اُٿي کوهه تي پاڻي ڀرڻ وينديون آهن، مارئي به ايئن ڪندي هئي. قضا سان اڄ ندوري ننڊ کڻي ويس، جنھن ڪري دير سان کوهه تي پھتي، ٻيون گهڻيون ساهيڙيون پاڻي ڀري ويون هيون، باقي هڪ ساهيڙي وڃي بچي هئي.
عمر ۽ ڦوڳ، واٽھڙو ٿي اچي اُتان لنگهيا، ڦوڳ عمر کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني ته مارئي اِها اَٿئي، اهڙو لاثاني حُسن پسي عمر کي نينھن جا نوان نشا چڙهي ويا. پوءِ اُٺ هُشائي پاڻي پيئڻ جي بھاني مارئيءَ کان پاڻي جو ڍُڪ گهريائين، جيئن مارئيءَ پاڻي آڇيس تيئن ٻانُھن ۾ کڻي مارئي کي اُٺ تي چاڙهيائين ۽ تڪڙو ڪاهيندو اچي عمرڪوٽ پھتو.
عمرڪوٽ اچڻ سان مارئيءَ کي کڻي محلات ۾ قابو ڪيائين، پر مارئيءَ جو اِهو ئي روڄ راڙو پي پيو، جيئن عمر دم دلاسا ٿي ڏِنس، تيئن مارئيءَ ماندي ٿيندي ٿي ويئي، عمر آسرا ڏِنس ته پٽ راڻي بڻائيندوسانءَ، پر هوءَ پنھنجا پکا ۽ پنھوار ياد ڪريو ويتر ويئي هنجون هاريندي، عمر روز رات جو وٽس ويندو هو، پر مارئيءَ پکن جي پريت ماڙين سان مُور نه مَٽي. هڪ پاسي عمر جون آزيون ته ٻئي پاسي ماروئڙن جي بيپرواهي، سو پي ويچاري سور سٺا. وري ويتر کاڌي کائڻ پيئڻ کان به نابري واري ويٺي. سو اچي صفا حالت زار تي پھتي، مارئيءَ جي هيءَ حالت ڏِسي عمر جي دِل ڀڄي پئي ۽ مارئي جي مارُن ڏانھن نياپو مُڪائين ته اچي امانت وٺي وڃو. سنيھو سُڻي مارن مارئيءَ سان اچي ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڀرائي عمر کان سوکڙيون پاکڙيون وٺي، ساڻيھه ڏي روانا ٿيا، وڃي سُک سان وقت گُذاريائون.
مٿين ڪھاڻي ۾ ڪِٿي به ڪي تاريخي حوالي يا ڪو اهڙو حوالو جنھن مان ماڻھو تاريخ طئي ڪري سگهي، نٿو مِلي. بھرحال تحقيق ڪندڙن جا پُڻ مختلف رايا آهن.
تـڙ تي گروپ فوٽو ڪڍرايون ٿا، تڙ جي پاسي ۾ ننڍڙو کڏو هو، جيڪو پاڻي سان ڀريل هو، اُتي جو رهواسي همراه ٻُڌائي ٿو ته مارئي سندس ڇيلڙن کي انھي کڏي ۾ پاڻي پياريندي هئي. پر اڄ ته نه ٻڪر (ڇيلڙا) نه ئي مارئي.
ٻُري نَه ٻَڪَرَ دانہَ، ڀُونَ ڀُڻِڪو نَ سُڻيان،
مِيان! ماروئڙن جا، اُوڻا ڏِسان آنہَ،
جَنِ ساٺِيڪا سِنجِئا، سي ڌَڻِي! ڪئَڙَءِ ڪانہ؟
پَکا کَڻِي پَرانہَ، جَڪُسِ لَڏِئو لوئِڙِياريين.
تڙ جي ڀرسان هڪ ٻيو به اهڙو ئي تڙ آهي. هاڻي سڀني وَٽ موضوع عمر مارئي هو ۽ سفر هو، جيڪو ويو پي ننگرپارڪر جي پار ڏي، هڪ ڀيرو وري به رستي هلندي برسات آجيان ڪري ٿي، عبدالجبار کي چوان ٿو سائين مون چيو هو ته ڪارونجهر کي ويجها ٿينداسين ته برسات پنھنجي آجيان ڪندي. ڄڻ منھنجي ڪيل اڳ ڪٿي سچ ثابت ٿي پئي هُئي، ۽ آئون برسات جي ڪَڻ ڪَڻ کي وين جي شيشي تي ترڪندي ڏِسي.
برسـات وسـي ٿـي،
روئي دِل اسان جي،
تـو بِـن سـکي!
پنھنجي وائي کي ورجايان ٿو، دِل وٺي ٿي وڃي ماضي جي ميلي ۾، تيستائين ويرا واهه چوڪي اچي ٿي، جِتي رينجرس جا اهلڪار بيٺل هئا، هي پوسٽ ٿر جو دنگ ٻُڌايو پي ويو، هِن کان پوءِ ننگرپارڪر شروع ٿئي ٿو، جنھن کي ٿر کان الڳ ڪري سمجهيو وڃي ٿو، شايد اِن ڪري جو هي علائقو جابلو سلسلو ۽ سِڌين زمينن وارو آهي، هِتي واري ۽ ڀِٽون ڪِٿي به ناهن، پٿريليون زمينون ۽ سڌيون زمينون هُيون.

ڪارونجهر
پري پري کان ڪارونجهر جي جبلن جو نِظارو نظر اچي رهيو آهي ۽ نيٺ ننگرپارڪر پُھتاسين، پھرين ئي الائي دير رينجرس پاران روڪي آجيان ڪئي وئي، يعني سخت پُڇا ڳاڇا، ماڻھو ڳڻڻ، شناختي ڪارڊ جمع ڪرائڻ ۽ ڪميرائون وَٺڻ، سڀ ڪُجهه عجيب پيو لڳي، پر ڪُڇي ڪير. هُجي ڪا انتظاميا، ڪو انصاف ته دانھن، فرياد به ڪجي، باقي ڀلا ٺلھو خوار خراب ٿيڻ کان پوءِ ماٺ چڱي آهي. سڀني جو رايو الھبچائي ’پياسي‘ جي ڪيمره تي اچي بيٺو ته اِها جمع ڪرايو، جنھن تان پياسي ڪاوَڙجي پيو، چوَي پنھنجون ڪيمرائون لِڪايو باقي منھنجي ڪيمرا جمع ٿا ڪرايو، چيوسين ڊرائيور پاڻ وارو اڳ ۾ ئي باسي آيو آهي ته اسان وٽ ڪيمرائون آهن، نه ڏينداسين ته جهڙتي وٺندا ۽ پوءِ ٻئي ڪيمرائون وينديون هليون اُن کان بھتر آهي اِها جمع ڪرائي هيءَ کڻي ٿا هلون، نيٺ سڀني جي چوَڻ تي همراه راضي ٿيو، ڪئيمرا جمع ڪرائي، وياسين اڳيان، اڳيان نئي پي وهي جِتي وين وارو بيھي رهيو، چوَي اڳتي نه هلندس وين ڦاسي پوندي ۽ گائيڊ پُڻ چيو ڪالھه به هڪڙي وين هِن نئي ۾ لُڙهي وئي هُئي، اِها وين اتفاق سان ماتلي جي هئي. خير سڀئي ساٿي جوتا هٿ ۾ ڪري وَر مَٿي کڻي اندر لھي پياسين نئي ۾. ٽي چار عورتون جيڪي مھراڻ ڪار ۾ آيون هُنيون اُهي به اسان کي ڏِسي وَر مٿي ڪري لھي پيون پاڻي ۾، ٿورو اڳيان هلي وري به ساڳئي نئي کي ڪراس ڪرڻو هو ۽ پوءِ اُن ڪارونجهر جي ڪور تي پھتاسين. جنھن کي اڄ تائين صرف شاعري ۾ ٻُڌوسين ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو هوسين، اکين اڄ ڏٺوسين ته سارا ٿڪ لھي ويا. وڏا وڏا پٿر ۽ لسا ڳاڙهي ڪلر ۾، ڪاري ڪلر ۾ ڪي سفيد ڪلر ۾، مون ڪِٿي پڙهيو هو ته هي ڪارونجهر تي جيڪو ڳاڙهو پٿر آهي انھيءَ کي گرينائٽ پٿر ڪري چوَن ٿا، جيڪو هيري کان ٻي نمبر تي سمجهيو وڃِي ٿو ۽ ڪراچي جي مارڪيٽ ۾ هن پٿر جو هڪڙو ٽائل هڪ هزار روپيا قيمت رکي ٿو. اِهو پڙهي مون کي انتھائي حيرت ٿي ته اهڙو خزانو ايئن بي واهي هِتي پيو آهي، حڪومت آخر اِن مان سرمايو ڇو نٿي پيدا ڪري، صرف اِن ڪري ته اِها ملڪيت سنڌ صوبي جي آهي، تنھن ڪري سنڌ صوبي کي پنھنجو حِصو ڏيڻون پوندو ۽ حِصو ڏيڻ سان هي علائقو وڌيڪ خوشحال ٿيندو ۽ اِهو وري پاڪستان جي پاليسيءَ جي خلاف آهي ته پنجاب صوبي کان سواءِ ڪنھن به صوبي کي پنھنجي حصو نه ڏِنو وڃي. نه ڪا ترقي ٿئي، پاڪسان صرف پنجاب آهي، باقي ٽي صوبا ڄڻ پاڪستان کي صرف ڪمائي ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏيل آهن.
اڳتي وڌياسين ماڻھن جو ميلو متل نظر آيو، ڪارونجهر جي ٻنھي پاسن کان ڪَر کنيل وڏا پھاڙ ۽ وچ مان وهندڙ نئي انھيءَ مان ڪي گُذري رهيا هئا، ڪي وهنجي رهيا هئا، اسين گائيڊ جي پويان هڪ نئي پار ڪري پھاڙ تي چڙهڻ لاِءِ وڌياسين. گائيڊ کي گهڻو پوئتي ڇڏي اسين اڳتي نِڪري وياسين، مٿي چڙهي چوٽي تي پھتاسين خبر پئي ته اهڙي منزل اڃا اڳتي ڪرڻي پوندي پوءِ ئي چوٽيءَ تي پھچي سگهنداسين، اسين هاڻي صفا ساڻا ٿي پيا هُئاسين، الھبچايو پياسي جنھن جي عمر ته سٺ کان به مٿي ٿي لڳي پر صحت ڄڻ جوانن جھڙي، اسان سان گڏ گڏ مٿي چڙهندو هليو، انھيءَ وٽ پاڻي هو، ڪلھي ۾ پائڻ وارو پاڻي جو ننڍڙو ڪولر کنيو هئائين، پاڻي جا ٻه ٽي ڍُڪ ڀري ڪجهه سانت ۾ آياسين. مٿي اسين صرف چار دوست آئون، ادا منظور، ناصر ۽ الھبچايو ئي چڙهياسين، باقي سڀ پوئتي رهجي ويا. مٿي جِتي دنگ ڪيوسين اُتي جيئي سنڌ جو جهنڊو لڳل ڏِسي خوشي ٿي. ٻيو ته جسم ۾ ڄڻ نئون جوش ۽ وِلولو پيدا ٿيو، اِهو فطري عمل آهي ته جيڪي ڌرتيءَ سان پيار ڪندا آهن، اُهي ضرور انھيءَ عمل کي محسوس ڪندا هوندا.
هو ڪوڙا ڪانئر ڪَڙڪَن ٿا، ۽ لاشَ هَوا ۾ لَڙڪن ٿا،
پر ڳاڙها جهنڊا ڦَڙڪن ٿا، ڇا رنگ ڏِٺم رهگيرن جا.
اسان مٿي فوٽوگرافي ڪري پوءِ آهستي آهستي هيٺ لٿاسين، اسان کي ٻُڌايو ويو هو ته گائيڊ کان سواءِ هِن جبل تي نه چڙهجو ڇو ته هِن جبل ۾ جانور به رهن ٿا. پر اسان کي اهڙي ڪا به ڳالھه نظر نه آئي ۽ نه ئي وري ڪو رستو ڏُکيو لڳو يا رستو ڀُلجي پياسين. ٻيو اِهو به ٻُڌايو ويو ته مٿي چڙهڻ کان پوءِ اگر برسات وُٺي ته پوءِ هيٺ لھي نه سگهندا، پٿر اهڙا لسا ۽ ترڪڻا آهن ٻيو ته هڪڙي قسم جي گليسنگ آهي، انھي ڳالھه ۾ برابر وزن هو، اسان به محسوس ڪيو ته اگر برسات وسي پوَي ته پوءِ لھڻ مشڪل ٿي پوندو.

پي نئي ۾ تريا گُلابي بدن
اسين گهمي ڦِري جڏهن واپس ساڳي نئي کي ڪراس ڪرڻ لڳاسين ته نئي جو مستي ۽ جواني ڇوليون هڻندي نظر آئي، گلابي بدن ۽ چاندي تَن نئي حوالي هُئا، اُن کان پريان نوجوان به مستي ۾ نئي ۾ ٽُٻيون هڻي رهيا هئا.
پي نئي ۾ تريا هوءَ گُلابي بدن.
چانديءَ سندا هئا تِن جا تَنَ.
هن ڪارونجهر جي جهولي ۾
سُٺا هئا منظر ڏِٺا اڄ اکين.
رهيو اسان کان به نه ٿيو، ٻيا ته نه لٿا باقي ناصر ميمڻ، ادا منظور ۽ آئون ٽيئي ڪپڙن سوڌو لھي پياسين. پاڻي اهڙو ته وڻندڙ، صاف ۽ ٿڌو هو جو ٻاهر نِڪرڻ تي دِل ئي نه پئي چوَي، پر پوءِ دوستن جي اِسرار تي مجبورن ٻاهر نِڪتاسين، آلن ڪپڙن سان، وِچان کوسن جي پاڙي مان گُذري رهيا هئاسين، تڙ تان هڪ نوجوان ڇوڪري ۽ هڪ ڇوڪرو پاڻي ڀري رهيا هئا، اسان به تڙ جو پاڻي پيئڻ لاءِ ڇوڪري کي چيو جنھن ڏول ڀري پاڻي جو ڏٻي ۾ لاٿو، پوءِ اُن مان اسين سڀئي واري واري سان پاڻي پيئندا آياسين. پاڻي صاف ۽ مِٺو هو، اسانکي ڏِسي ڇوڪري مُنھن پوتي جي پلاند سان ڍڪي ٻيلھڙو مٿي تي رکي رواني ٿي وئي. آئون دِل ئي دِل ۾ جهونگارڻ لڳس سرويچ کي.
واهه واهه منھنجو سھڻو وطن، چارئي ڪُنڊو جنھن جو چمن،
سؤ سؤ منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنھن جا وسن،
ماڻھو هِتي جا مُحبتي، سورهيه سچارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محبتي، ۽ قول تِن جا قيمتي،
ويھي رڳو واکاڻجن، ٻيلا، ٻنيون مھراڻ جون.
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مھراڻ جون.
سُرما وجهي ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لاءِ پدمڻيون،
گڏجي گهمن پنج ست ڄڻيون، هيڏي ڪنڌن سان ڪامڻيون،
ڪِن کي نٿون ڪِن وينڊڙا، سر تي سمورين سينھڙا،
گُجرين ڀريا پاڻي گهڙا، ڪِن ڪڇ تي ڪِن ٻيلھڙا،
هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، سي لاڏليون مھراڻ جون.

ننگر پارڪر شھر ۽ جين مندر
کوسن جو پاڙو ڪِراس ڪري آياسين ننگر پارڪر شھر ۾، شھر ڪو خاص ناهي، ٻيو ته هِن وقت برسات پئي پوَي تنھن ڪري گپ چِڪ ٿي پئي آهي. اسين به هڪڙي چؤنرا (جهوپڙا) هوٽل ۾ اچي ويٺاسين، جنھن ۾ چانھه جو انتظام ڪو سُٺو نه ٿي لڳو، پر هِتي جي حساب سان پيئڻو ئي هو، سامھون ڪجهه وِکن جي فاصلي تي هڪڙو تمام پُراڻو مندر نظر آيو، جنھن کي ڪجهه دوست اڳ ۾ ڏِسي آيا هئا، تنھن ڪري هلڻ کان اِنڪار پيا ڪن، پر پوءِ آئون، منظور ۽ ناصر پاسي ۾ وڃي ڏِسي آياسين، گپ جي ڪري اندر ته نه وڃي سگهياسين، باقي ٻاهران ڏِسي ۽ فوٽو گرافي ڪري واپس ٿياسين. گائيڊ جنھن کان هِتي سندس نالو پُڇيوسين تنھن پنھنجو نالو پرتاب ٻُڌايو کائنس مندر بابت پُڇيوسين جيئن تمام پُراڻو مندر آهي، چيوسين سو ته ڏِسڻ ۾ به اچي ٿو. مندر بابت ڪُجهه ٻُڌايو ڪا معلومات ڪا جُڙيل ڪھاڻي، چئي مونکي ڪا خبر ناهي. چيم گائيڊ لفظ جي ته خبر اٿئي؟ جيڪڏهن توکي ڪا معلومات ناهي ته پوءِ تون گائيڊ نه سڏائي، چيائين اسان جي وڏن کي خبر هوندي مونکي خبر ناهي، اسان ته مڙئي پيا پيٽ گُذر ڪريون، اِهو سچ هِن جو وڻيو. خير مندر بابت بغير معلومات مِلڻ جي واپس ورياسين. گائيڊ کي سئو جو نوٽ ڏئي ننگر شھر کي الوداع ڪيوسين. سڀئي واپس ورياسين وين ڏانھن.

اڃا ڪي آهين...
ڏِسون ته اسان جو هڪڙو ساٿي، وين ۾ اڳ ئي موجود آهي، ويجھا وياسين ته ٻانھون خاصخيلي، اڙي سائين تون يڪو هِتي وين ۾ ويٺو آهين؟ ها ٻيو ڇا... هيترو پنڌ ڪري هي پٿر ڏِسڻ آيا آهيو، انھيءَ کان بھتر آهي ته آئون هِتي سوَلو سُتو پيو هُجان. آئون ته سائين جي اِن جواب ٻُڌندي ئي حيرانگي جو هوائن ۾ اُڏرڻ لڳس، هِل! با، اڃا ڪي آهين،،،،،،!!!
چيوسين سائين ڀلا هِتي هيڏو پنڌ ڪري پاڻ آيا ئي ڇو آهيون؟ پاڻ آيا آهيون گهمڻ يا هي پٿر ڏِسڻ... بس سائين اوهين اسان کان زور!، اسان جي ماٺ، سڀئي حيرانگيءَ مان هُن ڏانھن ڏِسندا وين ۾ ويھندا وياسين.

ڀوڏيسر
رستي ۾ لڳل بورڊ تي ڀوڏيسر پڙهيوسين ۽ وين به اُن بونڊري تي هلڻ لڳي، ڪجهه پنڌ اڳتي هلي وين بيھي رهي. برسات وسڻ سبب گس تمام خراب هو، گپ هُئي، گاڏي کي ڇڏي پيرن پنڌ پھتاسين، ڀوڏيسر مسجد تي هاڻِي سج لھي چُڪو هو ۽ رات پنھنجا ڪارا وڏا وار کولي رهي هُئي. ۽ چنڊ اوڀر کان اُڀري رهيو هو، ڪارونجهر جي هنج ۾ هجون، رات جو آنچل هُجي ۽ چنڊ جي چانڊاڻ، سچ ته پوءِ من ۾ مور ٽھوڪا ڪري ٽِلندو ۽ دِل ڌرتي تي ڊيل ڊوڙون پائي رقص ڪرڻ لڳندي. اهڙي ۾ وري جي ڪنھن وينگس جي ٻانھن جا وراڪا هُجن ته پوءِ ڌرتيءَ تي ئي جنت جو ڏيک ڏِسڻ ۾ ايندو. ههڙي ماٺرايل ماحول ۾ مون کي ته ابراهيم منشي پيو ياد اچي، جيڪو اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍي ڳائي رهيو آهي ته:
هڪ مُند چري آهي، ٻيو جي رات ٺري آهي.
اهڙي ۾ اچڻ تنھنجو، ڀاڳن جي ڀري آهي.
ڀوڏيسر مسجد جي دروازي جي اندر لڳل بورڊ ٻُڌائي ٿو ته: اُن دؤر جي حڪمران محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين گُجرات جي حاڪم 1505ع، ۾ ٺھرائي، مسجد جا ٽي گُنبذ آهن، محراب وارو حِصو چؤرس ٺھيل آهي، جنھن جي هر هڪ حِصي جي ماپ 9.2 ميٽر آهي، اڇي سنگ مر مر جو فرش ٺھيل آهي ۽ مُھاڙ ڪُنگرين سان سجايل آهي، جين دؤر جي خوبصورتيءَ جو هي هڪڙو نمونو ٿي لڳي. اوڀر ۾ اڱڻ اٿس ۽ ڏکڻ طرف کان پاڻي جو وڏو تلاءُ آهي. جيڪو ڪارونجهر جي هنج ۾ آهي. تلاءُ تي پھتاسين بِلڪُل رات پئجي چُڪي هئي، لائٽون ٻاري تلاءُ جو نظارو ڪيو. تلاءُ جي پوري وچ تي پاڻي جي ماپ لاءِ هڪڙو گيج ٺھيل آهي، جنھن مان اِهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته تلاءُ ۾ پاڻي ڪيترو موجود آهي.
چوَن ٿا ته محمود شاهه بيگڙي هِن تلاءُ جو تر سڄو ٽامي جو ٻَڌرايو آهي، جيئن پاڻي هيٺ زمين ۾ وڃي ذيان نه ٿئي، سڄي تر ۾ ٽامو پٿرايل آهي. واپس اچون ٿا وين تي، هاڻي گهمڻ لاءِ نه ته وقت هو نه ئي ڪا روشني، بس هاڻي واپسيءَ جو ئي رستو ورتوسين. ٿر جون ڀٽون ۽ رات هئي، رستو سنھو هو مگر، چنڊ جو ڀي ساٿ هو.

ڳوٺ لوڻيو سما
ڳوٺ لوڻيو سما وٽ پُھتاسين، وين جي رفتار گهٽ ٿي وئي خبر پئي پروفيسر محمد حسن سمون جي اوطاق تي پُھچي ويا آهيون. اوطاق ٽِن طبقن ۾ ورهايل هئي پھرين چؤنري جي ٺھيل جهوپڙي، پوءِ لانڍي تي ٺھيل، ۽ آخر ۾ پڪو ڪمرو پُڻ ٺھيل هو. وڏو اڱڻ هو، پڪي ڪمري اڳيان وڏو ٿلھو اسٽيج نما ٺھيل هو، جنھن جي وچ تي نِم جو وڏو ۽ خوبصورت وڻ بيٺل هو.
پَلُرَ پِيَڻُ، اوڇَڻُ اُنّ، جن جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ،
وِهَڻُ وَراڪَنِ ۾، اُن جي اَجو کي اوطاقَ،
پاڻُ نه پَسَنِ پاڻ کَي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ! ووءِ نه عاقَ، ڏکِئا جِمّ ڏکوئِيين!
(شاهه)
اسانکي قطار ۾ ڪُرسيون لڳائي ڏِنيون ۽ کٽون پُڻ. ڪچھري شروع ٿي ويئي حال احوال ڏِنا ورتا، ڪجهه دير کان پوءِ چانھه ۽ بسڪيٽ به اچي ويا، صبح کان جيئن نِڪتاسين هئاسين تيئن چڱي چانھه هي پھريون ڀيرو نصيب ٿي آهي. باقي ته رڳو گُذارو هو. محمد حسن جو چاچو وچ ۾ ويٺو هو، جيڪو مُسلسل سڀني سان ڪچھري ڪندو رهيو. واري واري سان سڀني موضوعن تي ڪچھري ٿيندي رهي، ڪڏهن ٿر تي ڪڏهن عمر مارئي تي ته ڪنھن وقت سياست تي. چاچي به مارئي متعلق ٺوس خاطرخواه ڳالھه نه ٻُڌائي. باقي چيائين ته مارئي ميلو لڳائيندڙ آئون ۽ هاڻوڪو وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم هئاسين، غلام رحيم اُن وقت چيئرمين هو، اسان ڪوشش ڪري پھريون ڀيرو 1995ع ۾ ميلو لڳرايو ۽ پوءِ وڏي وِٿي کان پوءِ هڪ ٻه ميلا لڳا، پر اِهو سلسلو هلي نه سگهيو. ڪچھري ئي ڪري رهيا هئاسين، تيستائين هلڪي هلڪي ڪَڻَ ڪَڻ َ وسڻ شروع ٿي وڃي ٿي. ادا منظور چيو ’سائين هاڻي ته فوزيه هُجي، جيڪا پئي چوَي:
ڀونگي ڀِٽ تي هُجي مٿان مينھن پيو وسي،
پوئي ڪيئن ٿو ڀائين، پوئي ڪيئن ٿو ڀائين.
شاعري تي الائي ڪنھن جي آهي، پر هِن وقت جڏهن واقعي ئي اسين ڀٽ تي ويٺا آهيون، ۽ ڪچھري پنھنجي پوري جوڀن ۾ آهي ته پوءِ فوزيه جو اِهو ڳايل گيت ادا منظور کي ياد اچي ويو. منظور هونئن ئي فوزيه جو مداح رهيو آهي، ۽ منھنجو ذهن ماضي ۾ هليو ويو: ننڍي هوندي، هِڪڙو ٽيپ هوندو هو آئون ٻُڌندو هئس منظور سخيراڻي ۽ ادا منظور ٻُڌندو هو فوزيه سومرو، ٻنھيءَ جي الڳ پسند هُئي، پر پوءِ به هِڪ ٻي جي پسند جو احترام ڪندي واري اچڻ جو انتظار ڪندا هُئاسين، معنيٰ ته پھرين هو ڪيسٽ ٻئي پاسا ٻُڌندو هو، اُن کانپوءِ وري آئون پنھنجي پسند جي ڪيسٽ ٻُڌندو هئس، ڇا ته زمانو هو. مونکي منھنجي سانيٽ جو سِٽون ذهن تي تري آيون.
جڏهن ياد ماضي دَر کولي اچي ٿي،
سوين خواب سولي تي لٽڪيل ڏِسان ٿو،
۽ دَردَن جي چادر ۾ ويڙهيل رهان ٿو،
سيبا سڀ اندر جا کولي وڃين ٿي،
ڪيئن تنھنجي به دِل مان نِڪري ويس مان،
ڄاڻان ٿو وقت کان اڳي آن ڇڻيون،
شايد خُدا کي به ايئن آ وڻيون،
پَن پَن وانگي وِکري ويس مان،
رات جا ٻارھن ٻُڌايا وڃن پيا ۽ ماني به دسترخوان تي لڳي چُڪي هئي ڪڻڪ جا ڦُلڪا ۽ ڇيلي جو ٻوڙ، هيترن ماڻھن جي ماني سو به ٿوري وقت ۾ ڳوٺ ۾ بغير سھولت لائيٽ يا گئس جي واقعي ئي جس لھڻي، هِڪڙي ڀاڄي به ٽيسٽ لاءِ آندي هئي. جنھن کي پِپَ جي نالي سان سڏيو پي ويو، انھي جي به ٽيسٽ ڪئي. ذائقو گوار جھڙو ۽ کٽاڻ ليمي جھڙي هئي، ڏاڍو سُٺي ٽيسٽ هُئي. ماني کائڻ دوران هلڪي هلڪي بوند وسي پئي ۽ ٿر ۾ اسان تي وسندڙ شايد هي آخري بُوند هئي، جو ماني کائي جلد ئي پروفيسر محمد حسن سمون ۽ ٻين مِٽن مائٽن کان موڪلائي ٿر کي الوداع چئي واپسي جي سفر تي نِڪري پياسين.
ڀَـرَمُ ڀاروڙِيَ رَهي، جِھِ ۾ اَڇِي اُنّ!
تَه پُڻِ ويٺِي وِنڌيان، توڙي پُوَنِسِ تُنّ،
غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجهه اَمُنّ،
سَرَتِيَنِ ساڻِ سَمُنّ، آهِمِ اُٺي مِيھَڙي.
(شاهه)

واپسي، رات ۽ پيٽرول پورو
گهڻن دوستن کي ننڊ پنھنجي ٻانھن ۾ ويڙهي وٺي ٿي، پر مون کي اڪثر ڪري ڪنھن نئين ماڳ تي سفر ڪرڻ دوران ننڊ نه ايندي آهي ۽ ننڊ ڪرڻ به نه چاهيندو آهيان. اوچتو رستي ۾ بريڪ لڳي ٿو پُڇا ڪيون ٿا، خبر پوي ٿي ته ڪالھه جيڪا وين نئي ۾ ڪِري هئي اِها سڄي کيکڙو حالت ۾ بيٺل آهي، هڪڙي ئي مالڪ جون گاڏيون آهن، تنھن ڪري انھيءَ وين کي اسان جي وين جي پويان ٽوچن ڪيو وڃي ٿو. ڀٽن جي لاهين چاڙهين تان ٻه ٽي ڀيرا رسو ٽُٽو، هاڻي چڱائي بجاءِ وين اسان لاءِ خطرو ٿي پئي، ڊرائيور کي چيوسين بابا هِن مان هٿ ڪڍ چئي سلام ڪوٽ ۾ شھر ڀيڙو ڪريونس ٿا. سلام ڪوٽ به پُھتاسين، ڊرائيور چوَڻ تان ڦِري ويو چئي هِن شھر ۾ ڪونه ٺھندي. مِٺي ٿا ڇڏيونس، اسين وري به دعائون گهُرندا رهياسين، مِٺي به پُھتاسين، رات جا ٽي ٿي چُڪا هئا، وري ڊرائيور چئي هاڻي بدين ٿا هلون هِتي نه ٺھي سگهندي، هاڻي سڀني جو صبر به ختم ٿي چُڪو هو، ڊرائيور سان تِکا مِٺا ٿياسين، پوءِ وڃي اسان جي جان ڇُٽي.
ارباب غلام رحيم جي ڳوٺ کيتلاري ويجهو پُھتاسين، پيٽرول به پورو ٿي ويو، هاڻي ڊرائيور تي ڪو به اعتبار نه پيو ڪري، سڀئي اِهو ئي پيا سوچيون ته ڊرائيور حرامپائي ڪري اسان کان بدلو ورتو آهي. پر حقيقت ايئن نه هُئي، واقعي به پيٽرول ختم ٿي ويو هو. خير رستي ۾ چوڪي هئي انھيءَ تائين پھتاسين اُتي هڪڙو همراه پوليس وارو سول ڪپڙن ۾ مِليو، بجير پيو ٻُڌائي اهو ڊرائيور کي هڪڙي ڳوٺ ۾ وٺي ويو جِتان سئو روپين جو پيٽرول ورتو ۽ هڪ ڏيڍ ليٽر ٽينڪر وارن به ڏِنو. هاڻي ڪلوئي پمپ تائين پھچي فجر نماز نندو شھر جي مسجد ۾ پڙهيسين، ابن ڪلھوڙو ۽ فِدا فاروقي جو شھر نندو چئني طرفن کان برسات جي پاڻي ۾ گهريل نظر آيو.
ناشتو ڪرڻ جو پروگرام بدين ۾ هو، پر دوستن کي اڄ اسڪولن تي جهنڊا ڦڙڪائڻا هئا. گڏ تقريبن سڀئي ماستر هئا. تنھن ڪري تڪڙ ڪيو بيٺا هئا ته ناشتو نٿا ڪريون. پوءِ وين واري بدين جو باءِ پاس ورتو اچي پيرو تي پُھتاسين، ادا منظور کي به چيم لھي پئو، پوئي پيو گهر وڃجائين، لھي پيو سڀني دوستن کي الوداع ڪيوسين، اچي پنھنجي گهر پُھتاسين.

جيڪي سفر ۾ همسفر هيا
عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺو ليکڪ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منهنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مرتب ڪيل اٿس.
محمد ايوب پٺاڻ: ماتلي شھر ۾ جنم وٺندڙ پاڻ استاد آهن، حديث، علم فقهه ۽ تاريخ تي وڏي دسترس حاصل اٿن.
الھبچايو ’پياسي‘: تعليم کاتي ۾ HST رهڻ بعد هاڻ رٽائرڊ استاد آهن. سندن تعلق به ماتلي شھر سان آهي.
ناصر ميمڻ: پرائمري اُستاد آهن، هن وقت مين پرائمري اسڪول غريب آباد ماتلي ۾ پڙهائن ٿا. پاڻ ماتلي شھر جا ئي آهن.
مختيار سومرو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، تعليم کاتي ۾ ملازم آهن.
عبدالڪريم: ماتلي شهر ۾ ميڊيڪل اسٽور اٿن، هن جو جنم به ماتلي شھر ۾ ٿيو.
ٻانھون خاصخيلي: هن وقت HST اُستاد آهن، ماتلي شھر جي ڀر ۾ رهندڙ، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ماتلي ون ۾ ٽيچر آهن.
عبدالحسين خاصخيلي: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ، پاڻ سُٺو مستري آهي، رازڪو ڪم ڪندڙ.
نورالامين نظاماڻي: ماتلي شھر ۾ پيدا ٿيندڙ، پيشي جي لحاظ کان HST آهن، پاڻ ”نورالامين“ نالي سان خانگي تعليمي ادارو پڻ هلائي رهيا آهن.
عبدالخالق: هن وقت HST اُستاد آهن، قابليت جي بنياد تي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهن، ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سينٽر تلھار جا انچارج پُڻ آهن.
قربان: هن وقت HST اُستاد آهن، تعليم کاتي ۾ پنھنجون ذميواري نڀائي رهيا آهن. ماتلي شھر جا رهندڙ آهن.
زبير سيال: تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ آهن، سندن تعلق پُڻ ماتلي شھر سان آهي.
پروفيسر اعجاز نوتڪاڻي: گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي ۾ پروفيسر ۽ سندن سبجيڪٽ اسلاميات آهي، ماتلي جا شھري آهن.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.

( 13 آگسٽ 2006ع)