سفرناما

زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پبلشر  مور ساگر  جو سنڌ وطن جو لکيل سُھڻو سفرنامو آھي. ”زندگي جا پل جي مون گهاريا پنڌ ۾“ مور ساگر جي زندگيءَ جا پَل جيڪي هِن پنڌ ۾ گُذاريا آهن ۽ اسان کي اُنھن ۾ هِن ڪِتاب جي ذريعي، ڄڻ پاڻ سان گُھمائي ٿو، اِها اڄوڪي دؤر جي تاريخ آهي، جيڪو مستقبل جو دستاويز بنجي ويندو. جيئن ابنِ بطوطه، مارڪو پولو، لطف الله ۽ ٻين جا لِکيل مختلف علائقن جا سفرناما.

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ڪرچات ۾ رات

روانگي
کِرڪڻا لاهي، سُک مَ سُتا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
زندگي آهي ئي گُهمڻ ڦِرڻ، رُلڻ، ڏِسڻ پَسڻ، پِرائڻ جو نالو. کائڻ، پيئڻ ۽ سُمھي رهڻ کي زندگي ناهي چئبو. مونکي شروع کان وٺي وڏي تانگهه هوندي آهي نوان نوان ماڳ مڪان گُهمڻ، ڏِسڻ، فوٽوگرافي ڪرڻ ۽ وري سفرنامي ۾ اُهي لمحا لِکڻ جي.
پيرولاشاري کان آئون ۽ ڪڙيو گهنور کان حافظ محمد نظاماڻي کي ستين وڳي ماتلي پھچڻو هو، ماتلي کان وري ادا منظور ۽ سائين عبدالجبار نظاماڻي کي تيار رهڻو هو، اسان چئني کي گڏجي 9 وڳي تائين ٿاڻي بولا خان پھچڻو هو. حافظ نظاماڻي ڪڙيو کان نِڪتو ۽ مون کان پھرين ماتلي پھتو، مون ٿوري دير ڪرائي ڇڏي، تنھن ڪري هي ٽيئي ماتلي باءِ پاس تي اچي بيٺا.
بيٺاسين وڃي واڌو واهه وٽ
حيدرآباد مان ٻه ٻيا دوست هليا ٿي، ٽنڊو قيصر جو منصور نظاماڻي ۽ ٺري جو خان محمد نظاماڻي، اُهي ٻئي واڌو واهه باءِ پاس وٽ مِليا. ٻئي گاڏيون کڻي روانا ٿياسين، رستي ۾ CNG ڀرائي ۽ مارٽ تان ڪُجهه شيون کائڻ پيئڻ لاءِ ورتيون. سُپر هاءِ وي تان هيٺ لٿاسين ٿاڻو بولا خان روڊ ڏانھن. رستي ۾ ئي ڪار ۾ پوئين سيٽ تي مون ڪپڙا بدلائي ورتا جيڪي مونکي ماتلي ۾ چئنج ڪرڻا هئا. پر وقت نه هئڻ جي ڪري نه سگهيس، حافظ نظاماڻي ته هُن گاڏي ۾ خان محمد نظاماڻي ۽ منصور سان گڏ هو، ٿاڻو بولا خان کي ويجهو ٿياسين جتان اسانکي جبلن جي وچان گُذرڻو هو، هڪ ٻه موڙ ۽ چڙهايون ته اهڙيون هيون، جو پھريون ڀيرو جيڪو ماڻھو گُذرندو تنھن جا ته ڪَن ئي ڳرا ٿي ويندا. مونسان ته ايئن ئي ٿيو.
سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي رستي ۾ ڪنھن وقت تاريخي حوالا ٻُڌائيندو ۽ ڪنھن وقت ڪي ٽوٽڪا يا چوَڻيون ٻُڌائيندو هليو. ادا منظور به ڪنھن وقت ڪو لطيفو ٿي ٻُڌايو ته مون وري شاعراڻي رمز ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٻُڌايو ٿي. ايئن وقت کي ويڙهي اچي پُھتاسين ٿاڻي بولا خان ۾ .

بولا خان جو ٿاڻو
ٿاڻو بولا خان: تاريخ ٻُڌائي ٿي ته ڄام آري جو پوٽو بولا خان هو، جنھن جي نالي پُٺيان هي شھر آباد ٿيو، ڄام آري کي چئن پُٽن جو اولاد هو ڄام لوهار، حمل، ٻاپڙ، باديڻ ۽ هي بولا خان وري حمل جو پُٽ هو ۽ انھي بولاخان نالي ڳوٺ آباد ڪيو، جيڪو هاڻي شھر بولا خان آهي، اڳي ضلعي دادو ۾ هو، پر هاڻي نوان ضلع ٺھڻ کانپوءِ ضلعي ڄامشوري ۾ آهي.
مصطفيٰ ميمڻ جي دُڪان سامھون گاڏيون بيھاريوسين جيڪو پوءِ اسان سان گڏ گاڏي ۾ چڙهي ويٺو ۽ اسان کي اڳيان هلڻ لاءِ چيائين. روپا نگر ۾ ’عباس هائوس‘ جي اڳيان اچي بيھاريائين، هِتي اسانکان پھرين ٽي ٻيون ڪارون به بيٺيون هُيون، پُراڻي ماڊل جون جيڪي ٽيڪسيءَ ۾ هلن ٿيون. ۽ هِن وقت اسين بولا خان جي ٿاڻي جي روپا نگر ۾ موجود آهيون. محبتي ماڻھو شيخ عبدالله ڪوهستاني جي آستاني تي.

رُوپا ننگر ۾ رهاڻ
اسانجا منتظر، ميزبان ۽ مھربان شيخ عبدالله ڪوهستاني (عباس ڊوليپمينٽ جو چيئرمين) آهي، ۽ غلام مصطفيٰ ميمڻ (ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين) جو نمائندو آهي، کيس ٿاڻي بولا خان ۾ بھترين جنرل اسٽور پُڻ آهي. ٻئي انتظار ۾ هئا. اسانجي نيازمندي تمام پُراڻي آهي، ٻئي دوست هر سال برسات وسڻ کانپوءِ چوندا آهن ته ڪوهستان گهمي وڃو، هر ڀيري زندگيءَ جي مصروفيات ۽ ڪنھن نه ڪنھن مجبوري سبب وڃي نه سگهياسين. هِن سال پڪو پھه ڪيو ته ڪوهستان جو سير ضرور ڪبو. سو انھيِءَ پڪي پھه تحت پھريون ڀيرو اچي پھتاسين
روپا ننگر ننگري ۾
’عباس هائوس‘ اندر داخل ٿياسين. شيخ عبدالله حُب مان ڀاڪر پائي مِليو، سڀني لاءِ ناشتو گهُرائي ورتائين جيڪو اڳ ۾ ئي تيار هو، اسانجي ئي انتظار ۾ ويٺا هئا. سڀني گڏجي ناشتو ڪيو پوءِ چانھه جو دؤر هليو، چانھه پيئندي شيخ عبدالله سڀني دوستن جو هڪٻئي سان تعارف ڪرايو، اسان کان اڳ ۾ موجود هئا جن ۾ ڪراچي جو سيٺ ڪاٺياواڙي ميمڻ مولانا حاجي بشير احمد، ٿاڻي بولا خان جو صحافي ۽ شاعر سرور خاصخيلي جيڪي پُڻ اسان سان گڏ سفر ۾ همسفر ٿيڻا هئا، ٻاهر نِڪتاسين ته شيخ عبدالله چيو اوهانجون ڪارون اندر بيھاري لاڪ ڪريو، پاڻ هنن پُراڻين ڪارن ۾ ٿا هلون، ٻاهر بيٺل ڪارن ڏانھن اِشارو ڪندي چيائين، ڪوهستان ۾ ڪلٽس ۽ Xli جي جاءِ ناهي، پوءِ سڀئي ڄڻا ٽِن ڪارن ۾ سوار ٿياسين، ٿاڻو بولا خان مان نِڪري ٿاڻو احمد خان ڏانھن روانا ٿياسين.
رستي ۾ کِل ڀوڳ، چوَڻيون ۽ لطيفا به هُئا ته مصطفيٰ ميمڻ ڪوهستان بابت ٻُڌائيندو به هَليو، گهوڙا لڪي کان به گُذرياسين، رستي ۾ ايندڙ ٿاڻو احمد خان به پوئتي ڇڏيوسين، ڪجهه ڳوٺ جن ۾ سنڌيالاڻي، ڪانڙن جو ڳوٺ، هڪڙي وڏي جبل ڏانھن مصطفيٰ اِشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو ته اِهو آهي ڪانڀو جبل، جنھن جو ذڪر ڀٽائي پنھنجي بيتن ۾ ڪري ويو آهي.

چشما
رستي ۾ ٻه چشما ڏِٺاسين، قدرت جو ڪرشمو هو جبلن اندرانھن پاڻي اچي رهيو هو، الائي ته ڪيترو وقت گُذري چُڪو آهي، پر اُهي چشمه نه کُٽا نه سُڪا آهن جيئن جو تيئن جاري آهن. واهه الله تنھنجي قدرت، چشمن تي فوٽوگرافي به ڪئيسين، حافظ جا ڪجهه شعر به ڪنين پيا.

ڳوٺ صوڀو خان رِند
صوڀي خان رند جي ڳوٺ ۾ 1:15 منٽن تي پھتاسين، جمع جو ڏينھن هو تنھن ڪري چيوسين ته جمع نماز اِتي ئي پڙهي ٿا هَلون، ڪوهستان جا ماڻھو ڏاڍا قربائتا نظر آيا، اسانکي مھمان ڀانئي سڀني پاڻي جا ڪرا (لوٽا) ڀري اسان کي ڏيندا ويا، اسان وضو ڪيو، سُنت، نفل پڙهي اڄ جمعي جو خطبو اسان سان گڏ سفر ۾ همسفر حاجي بشير احمد ميمڻ پڙهيو، نماز بعد حافظ نظاماڻي مسجد اندر ئي پنھنجي شاعري ٻُڌائي.
رضوان مونکي روڪيو، دوزخ جي در مٿي آ.
جنت جھنم کان چيئين تنھنجو ته گهر مٿي آ.

پريان نه پير رک تون، اوري اچو ادب سان،
اڄ ڏيھه سارو ڏِسندو، رهاڻ تنھنجي رب سان،
قيامت ۾ قرب ڏِس، تون سيد هلي پيو سڀ سان،
اُن جي ئي عشق ۾ ٿيو، منھنجو اثر مٿي آ.

افسوس مون کي آهي، آيو هِتي ڪيئن آهيان،
پھراڻ پيار جا ڏِس، پاڻھي سبيو ٿو پايان،
عبرت انھيءَ ۾ آئون، لُڙڪن جا پَر ٿو لاهيان،
ظاهر زمين تي ٿي، مُنھنجي قبر مٿي آ.

”محمد“ مُرادون مون کي، مرشد سام سڀِئي مليون،
روزا، نمازون راهي، دلبر ٿو پَرکي دِليون،
ٻئي هنڌ نه ڪجهه ٻُڌايون، آسڻ تي سُور سَليون،
زم زم کان ان جي هٿ جو، مونکي زهر مٿي آ.
هيٺ ويٺل حاجي بشير چيس اڃا هڪڙو ٻُڌائي:
جتي انصاف پورو آ، اُتي ايمان آندو اٿم.
رکان هڪ اک تي ٿو الله، ٻي تي قرآن آندو اٿم.

اوهين سوچيو ڀلي سوچو، اسان جي سوچ هڪڙي آ،
خلافت لئه خدا ڪنھن کي، چيو انسان آندو اٿم.

عنايت اُن جي منھنجي عيب جي پاڻھي خبر پوندي،
پڙهي لاتقنطو چوندس، ته تنھنجو شان آندو اٿم.

فضيلت ۾ نه پنھنجو فيصلو، اڳ ۾ ئي ٿي ويو آ،
رکي جنھن شرط هئي مون سان سو ڪِٿ شيطان اندو اٿم.

مَٽائي نفس جو مذهب، ٿيس ٻي دين ۾ داخل،
تڏهن ”حافظ“ سڏائي حق جو اعلان آندو اٿم.
آخر ۾ دُعا به حافظ محمد نظاماڻي پڙهي، پوءِ آياسين ٻاهر اوطاق تي، ڪجهه گهڙيون ڪچھري ٿي، چانھه پيتي پوءِ سڀني کان موڪلايو.
هاڻي اسان جو سفر ڳوٺ ڪرچات تائين هو، جنھن ڳوٺ ۾ اسان کي رات ترسڻي هئي. ساڳيو سفر ڪارن جو ۽ اسان جي ڪچھري، ڪرچات ڏانھن ڪاهيندا هلياسين.

کيرٿر نيشنل پارڪ
رستي ۾ کيرٿر نيشنل پارڪ جا ريسٽ هائوس نظر آيا، منھنجي چَپَن تي خوشيءَ به هئي ته چھري تي تجسس به ڇو ته کيرٿر نيشنل پارڪ جو ذڪر مون ڪِن ڪورس جي ڪتابن ۾ به پڙهيو هو، اڄ اُهو کيرٿر نيشنل پارڪ اکين سان ٿو ڏِسان، تنھن ڪري منھنجي اِها محسوسات فطري هُئي. پر جيئن جيئن ويجها ٿيندا وياسين ته مون واري خوشيءَ جو تاثر تبديل ٿيندو ويو، مصطفيٰ ميمڻ ٻُڌايو ته هي ڪو عام پارڪن وانگر گُلن ٻوٽن، پاڻي، تلاءُ وغيره وارو پارڪ ناهي، هي کُليل (Open) پارڪ آهي. هِي سڄو علائقو هٿ جي اشاري سان ٻُڌائيندي، کيرٿر نيشنل پارڪ آهي. گاڏين کي ڦيرائي هڪڙي، اڌ ڇانوَ ڏيندڙ وڻ هيٺ بيھاريوسين، آياسين اندر اسان ريسٽ هائوس گُهمي فوٽوگرافي به ڪري ورتي. ريسٽ هائوس اندر جهنگل ۾ منگل آهي، هھڙي رڻ ۾ اندر سُٺي نموني صوفا، ڪُرسيون، شيشا لڳل در، دريو، ديوارن تي مختلف جانورن جون لڳل تصويرون، ۽ ڪُجهه مميون ٿيل جانور، پوءِ ٻاهر نِڪتاسين، ٻاهر لڳل تفصيلي بورڊ جو فوٽو ڪڍيو ۽ ڪُجهه ٿوهرن جا به فوٽو ڪڍياسين جيڪي ريسٽ هائوس سامھون، پاسن کان موجود هئا. گُهمي ڦِري واپس آياسين، وڻن جي اڌوري ڇانوَ ۾ بيٺل گاڏين ۾ سوار ٿياسين.

ڪرچات ۾ منجھند جي ماني ۽ مسجد جو بُنياد
محمد حسن بُرفت جي اوطاق اڳيان ڪرچات ۾ اچي گاڏين کي بريڪ ڪيوسين، هِتي ئي اسانجو مانجھاندو هو، وقت 3:20 منٽ ٿيو آهي، ٻيو ته سفر ئي سفر ضرور پيٽ جي به پورت ڪرڻي آهي، بقول حافظ نظاماڻي
’هي آدم جو پُٽ آ ملائڪ نه آهي، جڏهن پيٽ ڀربُس تڏهن اک پٽيندو‘.
سڀئي اسانجا ميزبان جيڪي اڳ ئي اسانجي اچڻ جي انتظار ۾ بيٺل هئا اُنھن ڀريل ڀاڪرن سان آجيان ڪري اسانکي کٽن تي ويھاريو، بس مختصر حال احوال ئي ٿيو ته ميزبانن سامھون ٺھيل مدرسي طرف هلڻ جو چيو، جِتي اسانجي ماني تيار هُئي، ’سعيد بِن ابي وقاص‘ مدرسي جو نالو آهي، اندر آياسين، چؤطرف گول دائرو ٺاهي ويٺاسين. ماني ۾ ٻين ٻوڙن سان گڏ ڇيلي جو ٻوڙ به هو، خاطر تواضع سُٺي نموني ڪيو.
اوطاق جي سامھون ۽ مدرسي جي پاسي ۾ هڪڙي مسجد جو بنياد رکڻو هو، اسان سان گڏ جيڪو ڪراچي جو ڪاٺياواڙي سيٺ آيو هو، اُن جو بس مکيه ڪم اِهو ئي هو، باقي پوءِ اسان سان گڏ سفر ۾ کيس مزو اچي ويو، سو گڏ گڏ رهياسين، مونکي به اِن ڳالھه جي خوشي ٿي ته ڪرچات ڪوهستان ۾ ڪنھن مسجد جي بنياد رکڻ وارن سان گڏ آئون به شامل هُئس، اسان جيڪي به سفر ۾ گڏ هئاسين، سڀني ڪُجهه نه ڪجهه ڪم ڪيو، ڪنھن ليڪا ڪڍيا، ڪنھن ڪاٺي جو ڪلو ٺوڪيو، ڪنھن ڏوري ڇِڪي، ڪنھن ماپي ڪئي ته ڪنھن سِرن جا اڌڙ ڳولي نِشان رکيا، ايئن سڀئي دوست مسجد جي هن بنياد ۾ شامل رهياسين، محراب جا نِشان به بشير پاڻ سان گڏ آندل آلات ذريعي ڏِنا.
واندا ٿي آياسين اوطاق تي، ڪچھري قرب واري هلي ۽ شام واري چانھه جو دور هليو، چانھه پيئڻ کانپوءِ سڄي سنگت جو خيال هو ته آس پاس ۾ ڪا تاريخي جڳھه هُجي ته هلي گهمي اچجي، اسانجي ميزبانن چيو، پوکڻ واهي آهي، جتي چشمي جو جمع ٿيل پاڻي ۽ جبلن جو نظارو آهي، چيوسين ٺيڪ آهي، ميزبانن جي جيپن ۾ سوار ٿياسين اسانجون آندل ڪارون اُتي ئي ڇڏيوسين.

پوکڻ واهي
ليَن، لاڻن، پٿرن جو پنڌ ڪري شام ويلي جڏهن سج لالاڻ ڦِھلائي رهيو هو اُڀ مٿي اولھه کان. اچي پھتاسين ’پوکڻ واهي‘ تي هِتي چشمي جو گڏ ٿيل صاف شفاف پاڻي ڪنھن ننڍي ڍنڍ نما نظر اچي رهيو هو، پاسن کان پن وغيره به بيٺل هُئي ساوَڪ جيڪا ڍنڍ ڪپرن تي هوندي آهي. ۽ چئني طرفن کان موجود وڏا وڏا پھاڙ اڃا به منظر کي وڌيڪ دِل لُڀائيندڙ پيش ڪري رهيا هئا. سِج کي ويندي فوٽو ڪڍڻ دوران چيومانس، لطيف جي لفظن ۾:
لَٿو سِج لڪَن تي، راسيون رتائين،
مونکي ماريائين، آيل اونداهي ڪري.
عبدالجبار نظاماڻي، ادا منظور. مصطفيٰ ميمڻ ۽ مون هن ساوَڪ ڀر ۾ ڍنڍ ڪپر تي عصر جي نماز ادا ڪئي. نماز ٿورو دير سان ئي پڙهي پر سفر ۾ رب پاڪ گهڻي رعايت ڪئي آهي. جيئن جيئن سج هيٺ ٿيندو ويو وڌيڪ لالائي ڦِھلائي رهيو هو، ۽ هي جيڪو سمو هو اِهو ايئن صاف لڳي رهيو هو جيئن برسات وسي وڃڻ کان پوءِ هرسو نِکريل نِکريل ماحول نظرون پسنديون آهن، بِلڪُل ايئن ئي، هِتي هِن خوبصورت منظر، يادگار لمحن ۾ مونکي منھنجو ئي چئوسِٽو ياد آيو، جيڪو مونکان وڌيڪ منھنجي پياري دوست ۽ ڪمپيئر يونس بڪاري کي ياد هوندو آهي ۽ موقعي مناسبت سان اسٽيج تي ضرور پڙهندو آهي.
هي شام جي مِٺا جيڪا لالاڻ آهي،
سا تنھنجي چَپَڙن جي ڳاڙهاڻ آهي،
گُلابن جي خوشبوء جنھن کي ٿو سمجهان،
پَڪ تنھنجي بدن جي سا سُرهاڻ آهي.
لٿي سج پوکڻ واهي کي هٿ لوڏي الوداع ڪيوسين، وري واپس پنھنجي پنڌ، جِتان کان آيا هُئاسين. ڪرچات ۾ مغرب جي نماز پڙهيسين، پوءِ اسان سان گڏل آيل، رئيس خان محمد نظاماڻي ٺري واري ۽ منصور نظاماڻي ٽنڊي قيصر واري موڪلاڻي ڪئي، چيائون ته اسانکي ڳوٺ ڪم آهي، کين کِلي موڪل ڏِنيسين، اسين آياسين ڳوٺ صوڀو خان رند ۾، کير ٿر جي هنج ۾ اوطاق جي کُليل اڱڻ ۾ ڀرت ڀريل ويھاڻن ۽ ٽُڪائين وڇيل رلين وارين کٽن تي اسان سڀني ٽنگون ڊِگهيون ڪيون ۽ سفر جو ٿڪ ڀڳو. ساڍي اٺ وڳي عشاءَ جي نماز باجماعت ادا ڪري آياسين ساڳي ڪِڙ .

ڪرچات ۾ رات ۽ ڪوهستاني ڪچھري
هاڻي شيخ عبدالله هيٺ فرشي نشست جو بندوبست ڪيو. رات جا 9 ٿي چُڪا هئا ۽ اسانجي ڪوهستاني ڪچھري باقاعدي باضابطه ڪارروائي شيخ عبدالله هلائي، شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. اُن کان پوءِ شيخ عبدالله واري واري سان سڀني کي چيو ته سڀئي پنھنجو پنھنجو تعارف ڪرائيندا هلن، تعارف مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هاڻي سڀ ڪنھن پنھنجي پنھنجي فن، ڏات جو مظاهرو ڪيو، ڪنھن ڏور ڏني، ڪنھن مورو مچايو،ڪنھن ڳجھارت ڳولائي، ڪنھن گيت گونجايو، سون ورنيون سِٽون سُڻايون، ڪنھن گوهر افشان گُفتا گڏيا، ايئن هي ’ڪوهستاني ڪچھري‘ جو گُلدستون گلزار بڻجي ويو.
وچ ۾ ميزبانن ماني لڳائي ۽ وقفو ڪرايو، ماني کائڻ کان پوءِ وري ٻيھر شيخ عبدالله رجسٽر هٿ ۾ کنيو ۽ جتي ڪچھري جي ڪڙي کي ڇڏيوسين اُتان کان ٻيھر ڳنڍيوسين.
ڪڙي منجھه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
منھنجو جيءُ جڙي، سُپرين سوگهو ڪيو.
هن ڪوهستاني ڪچھري ۾ پھريون ڀيرو اسان سُگهڙ امير بخش رند کان سندس شعر ٻُڌو، جنھن ۾ ڪوهستان جي سمورن جبلن جا نالا ڏِنا اٿس. چاهيان ٿو ته هي تاريخي ۽ نواڻ هاڻو شعر آهي اوهان سان پڙهندڙن سان به ونڊ ونڊيا:
ساراهيم سچو ڌڻي پالڻھار پروَر،
جنھن ڏِنو آهي، ساهه انھيءَ جو آهي نگاهه آهيون انھيءَ جي آڌر،
لُطف جنھن جا لولاڪ تي آهي مالڪ سَندو مھر،
هاڻي پچار پڙهان ٿو، پھاڙن جو حاضر مان هينئر،
شروع ڪريان ٿو شمال کان ڦِري اڄ اُتر،
ڀت، ڌونڪ، نئنگ، ناغاول، آهن بڊي جي ڀر،
ٻيو لُنڊو جبل بڊي جي ڀر ۾،
جنھن مان سردار يار محمد جي واهي ڪري وهڪر،
بارڪ ڪانڌي، ساٺي، ٺوٺ سندا ٺلر،
ڦنگ، ڏهرنگ سندو، ٻيو ڪري من اندر مڪر،
گري، گانوري، لاهوت ۽ ڪيرو، خاشو جبل کيرٿر،
منھن ۾ جنھن کي ملھاڙ اٿس، بنڊڪ ۾ برابر،
بن جنھن جي ڀر ۾، مولڙيءَ کان مٿي ڪلھي سندس ڪسر،
گزبيلي، دنبار جتي آهي، ميھي جبل مشھور،
لوپ شاڪر سوايا آهن، جنھن جو اوبئين مٿي اثر،
گرو، گڏو، جنھن جو گهر ڦوڙ منجهان گذر،
پٻ، هنڱور هاڙو، ٻيو ٻٽوڪ آهي پڌر،
همليگ توج آنڌار، چاپار وڃن لاهوت ڏي لشڪر،
ٻه چار جبل بلوچستان جا تن جو به ظاهر ڪيم ذڪر،
منڱڙي، مري، ڪارو، ميھر، سنڱ، لسسر،
هنڊري، روئيس، کوٿار جي به اٿم خبر،
اٺ پلاڻ، ڦنگ، سري، مول سندا ٻيو بينيسر سامھون آڏو اٿن الر،
سورجاڻ، ايري، سبڪ سٺو جن جو سفر،
ڪانڀو، روئڻو قرب ۾ اڳيان اٿن ڏاڦڙي جو ڏهڪر،
هوٿياڻو، پوئڙي، رني ڪوٽ، موهڻ اوکو سيڙهه سندو سفر،
چٽينگ، ڪاور، اڇو، ڀڳو ٺوڙهو، ڪيو ميرڻ مشر،
ڦري تيشن فنا ڪيائين، ايڏو هو جماليءَ ۾ جھنور،
ننگ ڪندو هو نياڻين جو ڌاڙيل هو دلبر،
گڏو، لڙو بولاخان، احمد خان وچ ۾ ڪيئي ٽڪن موڙهي منجهه مسافر،
ٻه لنڊا جبل ڀنڌڙي ۾ اڳيان اٿن ڏلھه سندو ڏڪر،
مون ڪجهه ڪسا به جبل لکيا جيئن ڪنھن جا هُجن ننڍا نينگر،
ڪوئي رهجي ويو مون کان رند چئي تنھنجي آهي خاوند کي خبر،
اڻ پڙهيل امير سان يار ضد نه ڪجو ظاهر،
جن جهليو عربيءَ جو آڌر، تن سان حامي ٿيندو حشر ۾.

حافظ محمد نظاماڻي پنھنجي واري ۾ ٻُڌايو:
باغي آ عشق منھنجو، تنھنجي ئي باب کان.
مونکي نه روڪ واعظ، منھنجي شراب کان.

مُصلو به تنھنجي ملڪيت، تسبيح به تون پيو تاڻج،
مَئه خانو آهي منھنجو، ان ڏي نه وک تون آڻج،
قيامت قبر جا قصا، ڄمار تون پيو ڄاڻج،
آئون نه ٿو ڊڄان، ڪنھن اڻڄاتل عذاب کان.

مون وٽ نه ويھه ميَانجي، وِسري وظيفا ويندئي،
مھمان سمجهي منھنجو، مُرڳو شراب ڏيندئي،
پيئندي ته پوءِ پَڪ سان، عابد اکر نه ايندئي،
ڏيندين جواب پوءِ تون، ڏوهه ۽ ثواب کان.

منھنجو ته روز آهي، روزانو مئه پيئان ٿو،
جيڪو پُڇي پيئڻ جو، تنھن کي به ڏس ڏيان ٿو،
اي شيخ جي! تون شڪ ڇڏ، آئون جام پي جيئان ٿو،
ڪافر اِنھي ڪري ٿيس، تنھنجي ڪتاب کان.

”حافظ“ هزار ڀيرا، پنھنجو گلاس گُهرندو،
تنھنجي چوَڻ تي چريا، منھنجي نه چَپَ تان چُرندو،
جنھن وَٽ ترازو آهي، تنھن وَٽ ئي ڏوهه تُرندو،
ناحق ڊڄان ڇو آئون، ٻي ڪنھن نواب کان.
ڪچھري ۾ موجود سڀني حافظ محمد نظاماڻي کي داد ڏيندي، واه واه ڪندي، هڪڙو اڃا، جوڙي ٿي وڃڻ جي فرمائش ڪئي. حاجي بشير ته حافظ جو عاشق ٿي پيو. سڀني جي فرمائش تي حافظ هڪڙو ٻه به شعر ٻُڌايو:
ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀڳوان جي پاسي.
آئون سجدو انھي کي ڏيان، جيڪو انسان جي پاسي.
خطيبن کي ٻُڌائي ڇڏ، ته مون کي خوف ڪونھي ڪو،
منھنجي حالت نه حورن سان، نڪو غلمان جي پاسي.
اوهان جون عادتون ڏِسندي اسان جو روح روئي ٿو،
اِهو تنھنجو جي مذهب آ، آئون شيطان جي پاسي.
رقيبن کي به رنجش آ، رفيقن کي به ڪاوڙ آ،
ٻُڌا هاڻي وڃان آئون، ڪھڙي جھان جي پاسي.
اسان جي دين ۽ ايمان جو دستور پنھنجو آ،
نه هوندو هي ڪڏهن ”حافظ“ بُري بي ايمان جي پاسي.
هڪ ڀيرو ٻيھر سڄي محفل ۾ واه واه جو داد ماڻيون حافظ محمد نظاماڻي. ۽ جڏهن منھنجو وارو آيو ته مون پھرين ته ڪجهه ٻُڌائڻ کان لھرايو پي، پر پوءِ سڀني جي اسرار تي گهڻو ڪري ڪراچي واري حاجي بشير ميمڻ جيڪو اسان سان هڪ ڏينھن ۾ ايترو ته ملي جُلي ويو ڄڻ ڪو پُراڻو واقفڪار هُجي، جي گهڻي اِسرار تي پنھنجو هڪڙو غزل ٻُڌايم:
اکين جا اِشارا نه سمجهي سگهيا.
الائي ڇو پيارا نه سمجهي سگهيا.
اسان جا ته سُڏڪا ستارن به سُئا هئا،
مگر پاڙي وارا نه سمجهي سگهيا.
مان ڪنھن ڪاڻ آڌي اُٿيو ٿو هلان،
گهٽيون، گس چارا نه سمجهي سگهيا.
اڙي زندگي! تون به ڪيڏي ڏُکي،
توکي شاهه پارا نه سمجهي سگهيا.
آ لھر لھر ۾ دَردَ ’ساگر‘
سنڌو جا ڪِنارا نه سمجهي سگهيا.
مٿين غزل جا ٻه بند جيڪي بشير ڪوٽ ڪيا ۽ وري وري ٻُڌائڻ جي فرمائش ڪئي،
اسان جا ته سُڏڪا ستارن به سُئا هئا،
مگر پاڙي وارا نه سمجهي سگهيا.

مان ڪنھن ڪاڻ آڌي اُٿيو ٿو هلان،
گهٽيون، گس چارا نه سمجهي سگهيا.
هي قرب واري ’ڪوهستاني ڪچھري‘ رات ٻارهين وڳي تائين هلندي رهي، جڏهن باضابطه ڪارروائي ختم ڪئي وئي ته پوءِ مٿي کٽن تي ويھي وري ٿوري دير ٿيل ڪچھري تي تبصرو ڪيو ۽ جنھن ۾ حاجي بشير ٻُڌايو ته مور ساگر اڄ مونکي جواني ڏي موٽائي ويو، جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته منھنجي ڪيفيت اُن غزل جھڙي ساڳئي هُئي، مون اُن ڪيفيت کي لفظن ۾ قيد نه ڪيو جو شاعر نه هُئس، پر اڄ مور ساگر جي لفظن ۾ مونکي منھنجو اُهو ماضي آئيني وانگر صاف نظر اچي رهيو آهي. هاڻي سڀئي صبح سوير اُٿڻ لاءِ سُتاسين.

کيرٿر جبل جي ڏِنگي چوٽي جو سئر
صبح فجر جي اذان آئي، سڀني دوستن هڪٻئي کي نماز لاءِ اُٿاريو، فجر نماز پڙهي تيستائين ناشتو به اچي ويو، هي ناشتو سج اُڀرڻ کان پھرين ڪرايو ويو، ڇو ته سج اسانکي جبل تي اُڀارڻو هو، جبل تي اسانکي هرڻ، روجهه ۽ ٻيا جانور ڏِسڻا هُئا، جيڪي سج اُڀرندي ئي پنھنجن پنھنجن ٺِڪاڻن ۾ وڃي ٿانيڪا ٿين ٿا، تنھن ڪري اسانجي ميزبانن اسانکي سج اُڀريئي کان پھرين ئي ناشتو ڪرايو، هاڻي جيپن ۾ سوار ٿياسين، اسان سان گڏ اسان جا گائيڊ مھري خان رند ۽ علي اڪبر رند بلوچ جيڪي گڏ هليا جيڪي هِتي جا گيم وارڊن پُڻ آهن.
صبح جو سمو، ٿڌڙي هير، ۽ پکين جو قطارون پنھنجي داڻي پاڻي چڳڻ لاءِ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ ڏانھن اُڏام، رستي ۾ ايندڙ قدرتي نظارن مان به لُطف اندوز ٿيندا هلياسين، ٻيو ته ڀنڀرڪي ويلا ۾ قدرت واري عجب خوبصورتي رکي آهي، سڄو ماحول ترو تازا لڳڻ لڳندو آهي، ماڻھو جي طبيعت خوش ۽ سرشار ٿي ويندي آهي، ٻيو ته ڪِٿي گهمڻ لاءِ ماڻھو وڃي رهيو هُجي ۽ کُليل جيپن ۾، ور وڪڙ، هيٺ مٿي، پٿر جو پنڌ هُجي پوءِ اُن سفر جو لُطف ئي الڳ هوندو آهي. اچانڪ اياز جو هي شعر هانوَ تي هُري پيو:
جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
تنھنجو جنم اجايو، تنھنجي مٽي اڻاسي،
آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ،
هو کيرٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
رستي ۾ اسانکي ننڍن ننڍن ڊيمن جو به نظارو ڪرايو ويو، جنھن ۾ (1) ڄڻڪو چشمه ڊيم، (2) خرگس ڊيم، (3) ٻانھن جو ڊيم، (4) جمالي ڊيم، (5) تنبو ڊيم، ڪِن تي جيپن کي بريڪ ڪيوسين ته ڪِن جي پاسي مان گذرندي اسانکي اسانجي گائيڊن ٻُڌايو پي، اسانجي منزل اڃا اڳتي هُئي، پنڌ اڙانگو هو، جيئن جيئن مٿي چڙهي رهيا هُئاسين تيئن تيئن اسانکي ٿڌ محسوس ٿيندي رهي ۽ ڪڪرن کي ڄڻ ويجها وڃي رهيا آهيون، گڏو گڏ سبحان الله جو وِرد به ورجائيندا رهياسين، رستي ۾ ڪِٿي ڪِٿي ڪي ننڍا ننڍا جابلو پکي يا ڪي جانور به نظرن اڳيان گُذريا ٿي، جهنگلي چڪور به ڏِٺاسين.
کيرٿر جبل جي وڏي ۾ وڏي ’ڏنگي چوٽي‘ تي 8:20 منٽن تي پُھتاسين هِن چوٽي تي چڙهڻ کانپوءِ اسانکي سردي جي موسم جي ڄڻ نويد مِلي، ايئن پيو محسوس ٿئي اسان سان گڏ جيڪي اسان جا گائيڊ هُئا اُنھن پري کان ايندڙ هرڻن جو ٽولو ڏِسي ورتو اسان سڀني کي هيٺ ويھي رهڻ جو اِشارو ڪيائين، اسين سڀئي هيٺ ويھي رهياسين ۽ پوءِ لِڪندي ڇپندي جبل جي آڏ وٺي هرڻن جي ايندڙ ٽولي جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، پر افسوس جو هنن کي ڄڻ انسان جي موجودگي جي خوشبوء اچڻ لڳي، ايندي ايندي پنھنجو رستو بدلائي ويا، پر پري پري کان نظارو ڪيوسين، اُن کان پوءِ وري جبل جي چوٽيءَ تي ڪڪرن جي ٿڌاڻ جو جسم کي ڇُھڻ ۽ حافظ محمد نظاماڻي جي شاعري جو اسان جي احساسن کي جھومائڻ لڳي.
هر طرف دور نظر تائين دنڌ ئي دنڌ هئي، ويجھي ويجھي کان جابلو منظر وڻندر لڳي رهيو هو. هِتان کان واپس موٽياسين اڌ رستو ساڳيو اچي پوءِ وري جيـپن کي ٻي طرف موڙيو.

نئي بارڻ جو نظارو
آياسين ڳوٺ عمر باريجو ويجهو نئين بارڻ جو نظارو ڪرڻ، ڪنھن وقت اسانجي ڳوٺ ميون ملوڪ جي اوڀر طرف پُراڻي ميرواهه جا رهجي ويل ور وڪڙ جن کي پوءِ ڀَڏن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، اُن ڀڏي ۾ گڏ ٿيل پاڻي ٿورو سائي رنگ جو پر ايترو ته صاف شفاف ۽ ٿـڌو، جو پاڻيءَ ۾ لھڻ کانپوءِ ٻاهر نِڪرڻ تي دِل ئي نه چوندي هئي، اسان به تقريبن سڄو ڳوٺ شام جي وقت اُن ڀڏي تي وهنجڻ ويندو هو، سڀ ڪنھن کي ڪُلھي تي ٽوال ۽ هٿ ۾ صابڻ داني، ڪي موٽر سائيڪل تي ڪي پيادل پر سڀئي شام ۽ صبح جي وقت اُن ڀڏي جي پاڻي مان تڙ ڪري پوءِ واپسي محمد امين جوڻيجو (منھنجو ڀاءُ) اُن جي هوٽل تي کيرپتي چانھه پي پوءِ ئي پنھنجي پنھنجي ڪم ڪارين تي نڪرندا هُئا ڊيوٽين وارا ڊيوٽين تي ويندا هُئا، پڙهڻ وارا پڙهڻ ويندا هئا، ۽ جڏهن رمضان جو مھينو ايندو هو پوءِ ته اُن ڀڏي ۾ وهنجڻ لاءِ جڳھه ئي نه مِلندي هُئي، عصر نماز پڙهي سڀئي ننڍا وڏا اچي اُن ڀڏي جي صاف ۽ ٿڌي پاڻي ۾ ايستائين پيا تڙڳندا هئا، جيستائين مغرب يعني (روزي) کولڻ جو وقت ويجهو نه اچي، پوءِ سڀ ڪو پنھنجي پنھنجي گهر ڏانھن روانو ٿيندو هو. هن وقت اُن ڀڏي جي جاءِ تي صرف اُن جا آثار موجود آهن.
ساڳئي نموني، ڊزائن جو ڀڏو يا تلاءُ ۽ ساڳي ئي رنگت جو پاڻي ٿڌو به اهڙو ساڳيو، پريان چشمي مان پاڻي اچي اُن تلاءُ نما ڍنڍ يا ڀڏي ۾ ڪِريو ٿي، اُن لنگهه تي اسان سڀئي وهنجڻ لڳاسين، وهنجڻ کانپوءِ نِڪرڻ تي دِل ئي نه پئي چوَي توڻي جو اسان جي پروگرام شيڊول ۾ هي وهنجڻ جو وقت نه هو، پر ٻاهر نِڪرڻ تي دِل نه پي چوَي، ۽ ٻيو وري حافظ نظاماڻي جي شاعري ۽ حاجي بشير ميمڻ جو کيس داد ڏيڻ:
جِتي رات آهي اُتي ڏينھن به ايندو.
اڙي بي قدر پوءِ قدر توکي ٿيندو.

اڳي بھشت دوزخ جا ٿيا ٿئي بھانا،
پَري ٿي ويا سي پُراڻا زمانا،
هينئر سڀ ٻَڌون ٿا ’اناالحق‘ جا ڳانا،
ٻُڌا ڪيترا سِر پوءِ قاضي ڪٽيندو.
آئون تنھنجي جَنت کي ڄاڻان سُڃاڻا،
آهيون تنھنجي دوزخ جا پيري پُراڻا،
ٻنھيءَ جي گراهڪن جا مذهب مُلاڻا،
ٻنھيءَ جي عقل تي آهيان مٿو پٽيندو.

اسان پنھنجي پٽڪي کي پُختو رکيو آ،
اسان پنھنجي اجرڪ جو نقطو رکيو آ،
اسان غير سان ڪونه گُفتو رکيو آ،
فقط هڪ الله کي آهيان آئون سڏيندو.

جنھن ٻاڙي ٻاڙي تي سجدو ڏِنو آ،
ڏِسي منھنجي عظمت هو مونکان ڊِنو آ،
مَتان سمجهي ”حافظ“ ڪو ڪوجهو ڪِنو آ،
مُحمدصه مِٺي کي آهيان آئون مڃيندو.
سڀني داد سان گڏ چيو سبحان الله واه حافظ واه، هڪ چشمي جو شفاف پاڻي ۽ ٻيو اوهان جي اهڙي شاعري هاڻي ڀلا ڪير هلڻ جو ڪندو.
آياسين ڳوٺ مِصري خان رند ۾ لانڍي جي ٺھيل اوطاق، جنھن ۾ کٽن ۽ پٽ تي ٽُڪ تي وِڇايل رلين تي ڀرت ڀريل ويھاڻا رکيل هُئا، هِتي اسان ڪجهه گهڙيون ڪچھري ڪئي، ٿڌو پاڻي پيتو، چانھه بسڪيٽ کاڌا، فوٽوگرافي ڪئي ۽ پوءِ وري اڳتي پنھنجي منزل طرف روانا ٿياسين.
ٻن پھرن جي ماني ڳوٺ پھلوان بُرفت ۾ رکيل هُئي، جيڪا ڪوهستان ۾ اسانجي آخري مھمانوازي هُئي، ماني ۾ اسانکي سڀ ڪُجهه مليو، ماني کائڻ کانپوءِ، نماز پڙهي، ڪجهه گهڙيون ويٺاسين، ڪچھري ڪئيسين، پوءِ سڀني کان موڪلايوسين. هاڻي آياسين ٿاڻو بولا خان، عصر جي نماز موٽياڻي محلي ٿاڻو بولا خان ۾ پڙهي پوءِ شيخ عبدالله، سرور خاصخيلي، مصطفيٰ ميمڻ، ۽ حاجي بشير احمد کان موڪلايوسين. ڇھين وڳي ڌاري حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين، حيدرآباد مان نوَين وڳي ڌاري، پنھنجي شھر ماتلي لاءِ نِڪتاسين، ماتلي خيريت سان پھتاسين، حافظ محمد نظاماڻي اسان کان موڪلائي پنھنجي ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو. سائين عبدالجبار نظاماڻي پنھنجي گهر روانو ٿيو، آئون ۽ ادا منظور پنھنجي گهر آياسين.

جيڪي سفر ۾ همسفر هيا:
عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منهنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هن جا سهيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪتاب لکيو اٿس، جنهن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سهيڙيل، مرتب ڪيل اٿس.
شيخ عبدالله ’ڪوهستاني‘: ٿاڻي بولا خان سان تعلق رکندڙ، انتهائي سُٺو سماج سُڌارڪ، پاڻ پيشي جي لحاظ کان عربي ٽيچر آهي، سدائين سفر ۾ ننڊ ڪندو آهي، نه ته بس زندگي جي سفر ۾ هل هلان اٿس، ڪنهن وقت ڪِٿي ته ڪنهن وقت ڪِٿي، سدائين سماجي ڪمن جي پويان، سندس مختلف ڪمن، فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، غريبن جي سهائتا ڪرڻ کان علاوه جيڪو ڪم هن جي سُڃاڻپ بڻيو آهي سو آهي، اجتماعي شاديون ڪرائڻ، هي تقريبن کوڙ سارن غريب بي سهارا خاندانن جي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائيندو آهي، ۽ کين پورو پورو ڏاج به ڏِنو ويندو آهي، هن سال ته 100 جوڙن جون شاديون ڪرايون اٿس، ايئن سدائين سفر ۾ رهي ٿو.
حافظ نظاماڻي: حافظ نظاماڻي، قرآن جو حافظ آهي، پنج وقت نماز پڙهندڙ آهي، پر مولوي صفا ناهي ڏاڙهي به اڇي وڏي اٿس، صوفي مڙس، سنگت ساٿ وارو، سدائين پروگرامن ۾ سفر ۾ سنڌ جو تمام وڏو نالو آهي شاعري ۾ حافظ نظاماڻي جو، سندس تعلق سھراباڻي ڳوٺ لڳ ڪڙيو گهنور سان آهي. سندس ڪتاب ”باغي آ عشق منھنجو“ ڇپيو ته ٿوري ئي وقت ۾ وڪامجي ويو، اُن کان پوءِ ٻيو ڪتاب ”تاريخ آهي شاهد“ جنھن جو بيڪ ٽائٽل لکڻ جو اعزاز هن ناچيز (مور ساگر) کي آهي. حافظ نظاماڻي جي شاعري اسان جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين تڏهن کان فنڪار الھڏنو جوڻيجو جي آواز ۾ ٻُڌندا هُئاسين.
غلام مصطفيٰ ميمڻ: ٿاڻي بولا خان سان تعلق رکندڙ، هي صاحب سُٺو دوست سُٺي سوچ رکندڙ آهي، پاڻ صحافت ڪندو آهي، صاف سُٿري صحافت، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جو رپورٽر آهي ٿاڻو بولاخان اسٽيشن کان، سندس ٿاڻو بولا خان ۾ سُٺو جنرل اسٽور پڻ آهي.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.
سرور خاصخيلي: سندس تعلق ٿاڻي بولا خان سان آهي، سُٺو ماڻهو آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر آهي، صحافت به ڪندو آهي، ۽ شاعر پڻ آهي.
حاجي بشير ڪاٺياواڙي ميمڻ: ڪراچي جو رهندڙ آهي، ٺيڪيدار ۽ بلڊر آهي. خود سُٺو ۽ کِل مُک انسان آهي،

(29-30 آگسٽ 2013ع)