سفرناما

زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پبلشر  مور ساگر  جو سنڌ وطن جو لکيل سُھڻو سفرنامو آھي. ”زندگي جا پل جي مون گهاريا پنڌ ۾“ مور ساگر جي زندگيءَ جا پَل جيڪي هِن پنڌ ۾ گُذاريا آهن ۽ اسان کي اُنھن ۾ هِن ڪِتاب جي ذريعي، ڄڻ پاڻ سان گُھمائي ٿو، اِها اڄوڪي دؤر جي تاريخ آهي، جيڪو مستقبل جو دستاويز بنجي ويندو. جيئن ابنِ بطوطه، مارڪو پولو، لطف الله ۽ ٻين جا لِکيل مختلف علائقن جا سفرناما.

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ڪُنري پاڪ ڏانھن پنڌ

روانگي
ڳالھين ڳالھين ۾ ادا منظور ۽ مون پروگرام ٺاهيو ڪُنري ۽ عمر ڪوٽ گهمڻ جو. پيارو دوست اقبال ميمڻ هميشه دعوت ڏيندو رهندو هو، اسان جو هميشه جواب هوندو هو ته حاضر، وقت مِلي ته ضرور اينداسين، ۽ پوءِ پاڻ ئي چوندو هو، ’اوهين نه ٿا اچو ، اوهان کي دعوت ڏيڻ ئي فضول آهي‘.
اسان پروگرام طئي ڪري ڇڏيو، بس رڳو اقبال کي اڳواٽ ٻُڌائڻو هو ۽ کيس، اسين اچون پيا اِهو يقين ڏيارڻ سان گڏ کائنس مڪمل ايڊريس پڇڻي هئي ته ڪھڙي گاڏي ۾ ويھون ۽ ڪِٿي لھون؟ اقبال ٻُڌايو ته ميرپورخاص اسٽاپ تان ڪنري ڏانھن نِڪرندڙ A/C ڪوچ ۾ چڙهو، جيڪا حيدرآباد کان ساڍي ٽين وڳي نِڪرندي ۽ ستين وڳي ڪُنري پُھچندي.
سفري بيگ ۾ ضرورت جون شيون ۽ ڪپڙن جو هڪ هڪ جوڙو کنيوسين، ياشيڪا جي ڪيمرا ۾ رول لڳرايوسين. حيدرآباد آياسين، ميرپورخاص اسٽاپ تي لھي، ڪُنري ڏانھن ويندڙ A/C ڪوچ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. ڪوچ پوري ساڍي ٽين وڳي رواني ٿي.
ڪينجهر ڏانھن رُخ رکجي ها...
هن ڀيري سفر ۾ موبائيل فون تي هڪ سُٺو همسفر جاني پُڻ گڏ هو، ڪوچ ڪجهه دير هلي ته سندس فون آيو ته: ’اسين وڃون پيا ڪينجهر گهمڻ اچو ته صلاح اٿو‘، دل ۾ چيم جيڪڏهن ڪلاڪ اڌ پھرين ٻُڌائين ها ته عمرڪوٽ پروگرام ڪينسل ڪري ڪينجهر ڏانھن رُخ رکجي ها، پر هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي.
دِل ۾ هڪڙو مذاق سُجهيو، دڙي جي دوست ’رشيد آزاد‘ کي ايس ايم ايس ڪيم ته ٽنڊو محمد خان وايه ٺـٽو وچ ۾ ڪھڙا ڪھڙا اسٽاپ ٿا اچن، هي دوست شايد موڊ ۾ نه هو، جنھن مختصر ٻُڌايو ’دڙو، بٺورو، سجاول‘، اِهي ته ٿيا مين شھر جيڪي هونئن ئي مونکي علم ۾ هئا. پوءِ ٺٽي جي دوست ’مجاهد واريو‘ کي ايس ايم ايس ڪيم ته حيدرآباد کان ٺٽي تائين وچ ۾ ايندڙ اسٽاپ لکي موڪل، مجاهد شايد سمجهي ويو جنھن ڳوٺن جا ۽ ننڍا وڏا اسٽاپ سڀ لِکي موڪليا، ڪينجهر ڏانھن ويندڙ جاني دوست کان پُڇيم ڪِٿي پھتو آهين؟ چيائين ’رستي ۾ آهيان‘ چيم آئون به رستي ۾ آهيان، اچان پيو ڪينجهر، پھرين ته اعتبار نه پيو ڪري، جڏهن ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ ايس ايم ايس ڪيان ته هاڻي فِلاڻو اسٽاپ ڪراس پيو ڪريان، ته پوءِ ڇرڪجي ويو، ميسجن ۾ هر هر ڪينجهر نه اچڻ جو چئي پيو، ڪنھن لاءِ ٿو اچين، آئون توسان نه ملي سگهنديس. واپس وڃ آئون پنھنجي پوري فيملي سان گڏ آهيان. مونکي اڃا به وڌيڪ مذاق پيو لڳي، صرف ان ڪري جو هُن مونکي پھرين نه ٻُڌايو، آئون به پيو چوان هاڻي ورڻ وس ۾ ناهي، گاڏي نِڪري چُڪي آهي ۽ مون ڪرايو به ڏئي ڇڏيو آهي، آئون سفر ۾ آهيان بس انتظار اٿم ڪنھن وقت ٿو پھچان. ايئن هي ڪنري جو پنڌ ياد ئي نه رهيو ته ڪيئن گذري ويو.
ڪُنري پُھتاسين ته اسانجي پياري دوست ڀاءُ ۽ ميزبان اقبال جو نمبر ئي نه پيو لڳي پوءِ سندس پُٽ عظيم جو نمبر مِلايوسين ته لڳي ويو، جنھن کي اقبال موڪليو هو اسٽاپ تي، اسان کي وٺڻ جي لاءِ. عظيم ٻُڌايو ته ’آئون اوهانجي ئي انتظار ۾ بيٺو آهيان‘ پاڻ به گڏ ڪوچ ۾ سوار ٿي اڳيان چونڪ تي لھڻ لاءِ چيو، هِتي اسانجو پيارو دوست اقبال گاڏيءَ سميت بيٺو هو، ڀاڪر پائي مِلياسين حال احوال ڪندي هڪ ٻه چرچا به ٿي ويا، ساڻس ۽ عظيم سان گڏ گاڏي تي روانا ٿياسين، مختلف گلين مان ٿيندا، اچي شيدي پاڙي ۾ بريڪ ڪيوسين، آئون جيئن ئي گاڏي تان لھڻ لڳس ته پاسي ۾ ننڍڙو ٻارڙو بيٺو هو، اُن کي بچائيندي پاڻ ڪِري پيس، ته سڀئي ٻارڙا اچو ٿا تاڙيون وڄائين ۽ هوڪرا ڪن. اقبال ڪرائي جي گهر ۾ رهندو آهي، جنھن ۾ اوطاق نه هئڻ ڪري، سندس فيملي سندس ڀيڻ جي گهر موڪليائين ۽ اسان لاءِ گهر خالي ڪرايائين، سندس اهڙي ميزباني ڏِسي اِهو احساس شدت سان ٿيو ته دوست اسان جي اچڻ سان ڪيترو خوش آهي، پر کيس کي اسان تڪليف به ڏِني، پاڻ ئي سمجهندي چيائين ته ڪا تڪليف ناهي اوهان ڪي دعا سلام وارا دوست آهيو ڪونه پاڻ ته ڀائر آهيون، تنھن ڪري خوب ڪچھري ڪنداسين، ڇو ڪنھن ٻي دوست کان اوطاق وٺون ۽ پوءِ اُنھن جو ٿورو کڻون. سندس اهڙو خلوص، پيار ۽ محبت تي خوشيءَ مان اکيون ڀرجي آيون. حقيقت ۾ جيڪي مھمان هوندا آهن، اُهي ته مھمان ئي هوندا آهن، ڇو نه دِل کولي سندن آڌر ڀاءُ ڪجي.
وڇائي نيڻ ويٺا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾،
پرين ٿا ايئن توکي چاهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.
اُتر جا واءُ وريا آهن، اکين کي تنھنجو اوسيئڙو،
ڏيئي وانگي ٻَريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.
تـڙ ڪري فريش ٿياسين، پوءِ نِڪتاسين شھر جو چڪر لڳائڻ امريڪن چونڪ تي پُھتاسين، هِتي ٻيو دوست صالح گاڏيءَ سميت بيٺو هو، جنھن سان ملياسين، اقبال ٻُڌايو ته هي منھنجو ڀيڻويو آهي ۽ پرائمري ٽيچر آهي، جيڪو هاڻ پاڻ سان گڏ هوندو سفر ۾، شھر مان ويجهو ئي ٿي موٽي آياسين، چيائون سفر ۾ ٿڪجي پيا هوندا، پھرين هلي ٿوري دير آرام ڪريو ماني کائي پوءِ ته شھر جو گشت ڪريون، موٽي آياسين گهر ڏي، هِتي اقبال جو وڏو ڀاءُ به مِليو، جيڪو روزاني ڪاوش ڪُنري جو نمائندو آهي، ساڻس حال احوال ٿيا، بعد ۾ ماني لڳائي وئي، ماني ۾ اقبال کوڙ سارا ايٽم تيار ڪرايا هئا، ٻيو ته ٺيڪ پر رات جي وقت لسي جو به بندوبست ڪري ڇڏيائين، سڀني گڏجي ماني کاڌي، گڏجي ماني کائڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي.

ڪُنري پاڪ شھر
هاڻي ٻيھر شھر ڏانھن نِڪري آياسين، ويڪرين ڳلين ۽ ويڪرن روڊن تان ٿيندا، ڪچھري ڪندا آياسين، اقبال شھر بابت ٻُڌايو،
هي شھر 1935ع کان پوءِ برٽش گورنمينٽ دوران وجود ۾ آيو، ۽ نئون شھر آباد ٿيڻ ڪري هِن شھر کي نقشي مطابق تعمير ڪيو ويو، جنھن ڪري رستا ۽ گليون گهٽيون سِڌائي ۾ نظر اچن ٿا. هن شھر تي ڪُنري نالو ڪيئن پيو، اِهي مختلف روايتون آهن، اُهي ڪھڙيون روايتون اقبال ته ٻُڌائي نه سگهيو، پر پوءِ مونکي هڪڙو ڪتاب جيڪو اردو ۾ لکيل آهي ”ميرا شھر ڪُنري“ ۾ مِليون، انھن روايتن مطابق:
(1) لفظ ڪُنري (Kenari) مان نِڪتو آهي تقريبن 450 سال پھرين هڪڙو انگريز مسٽر جان ڪوڪ (جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني جو خاص نمائندو هو) اُنھي جي ڌيءَ مس ڪينري (Miss Kenari) هي علائقو گهمڻ آئي ۽ چار ڏينھن لاءِ. ۽ هِتي جي رهندڙ ماڻھن اُنھي مس ڪينري جي حُسن ۽ اخلاق کان متاثر ٿي هن علائقي جو نالو ئي ’ڪينري‘ رکيو، جيڪو وقت گُذرڻ سان بگڙجندي بگرجندي ڪُنري ٿي ويو.
(2) تقريبن 500 سال پھرين بزرگِ دين سيد بابا جلال الدين شاههرح ايران کان تبليغ ڪرڻ هن علائقي ۾ آيو، جنھن جي هٿ ۾ هڪڙو ’ڪندرو‘ هوندو هو، هي هڪڙو مخصوص ڏنڊو ٿيندو آهي، جيڪو اڪثر بزرگن يا فقيرن جي هٿن ۾ هوندو هو. ماڻھن مختلف وقـتن يا ڳالھين ۾ چوندا هئا، جتي بابا ڪُندري وارو رهي ٿو ۽ ايئن پوءِ اُن علائـقي جو نالو ئي ڪُندري مان بگڙي ڪُنري پئجي ويو، اُن بزرگ جي مزار پُڻ پُراڻي ڪُنري جي ڀر ۾ آهي.
(3) پُراڻي ڪُنري جي جڳهه تي صرف هڪ گهر ڪُنڀارن جو هوندو هو، جيڪي مِٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهي ٻُسٽان شھر ۾ وڪڻي گُذر سفر ڪندا هئا. اُنھن ۾ هڪڙي وڏي عمر جي عورت (مائي ڌاپو) مٽيءَ جا ٿانوَ ڏاڍا سھُڻا ٺاهيندي هُئي، اُنھن ٿانوَن ۾ به ڌونئري ۽ لسي رکڻ جا ننڍا ٿانوَ جِن کي ڪُنڙا به چئجي، ڏاڍا سھڻا ٺاهيندي هُئي، پوءِ ماڻھن اُنھيءَ علائقي کي به ’مائي ڪُنڙن واري‘ وارو علائقو چوندا هئا. پوءِ آهستي آهستي ڪنڙو ۽ پوءِ ڪُنري سڏجڻ لڳو.
(4) موجوده پُراڻي ڪُنري هُندن جو شھر هو، هِتي ٻه هندو برادريون وڌيڪ هيون لوهاڻا ٻيو مينگهواڙ-مينگهواڙ سڀ کان پھرين هُئا، اُنھن مينگهواڙ برادريءَ جي اڳواڻ سکيو ميگهواڙ جي ڌيءُ جنھن جو نالو ’ڪُنرٻائي‘ هو، ۽ پوءِ هِن علائقي تي نالو به اُن پنھنجي ڌيءَ جي نالي پُٺيان رکيو ’ڪُنرٻائي‘، جيڪو وقت گُذرڻ کان پوءِ بگڙجندي ’ڪُنري‘ ٿي ويو.
(5) هاڪڙو دريا هِتان گُذرندو هو، جنھن جو پاڻي هِتي هيٺائين هُئڻ سبب جمع رهندو هو، ٻيو برساتن پوڻ کان پوءِ به برساتن جو پاڻي هيٺائون علائقو هُئڻ سبب گهڻي وقت تائين جمع رهندو هو، ۽ اُهو دريا جو پاڻي يا برسات جو پاڻي هڪڙي ڪُن جي شڪل اختيار ڪندو هو، ماڻھن اُن کي ڪُن سڏڻ لڳا ۽ مختلف علائقي کان ماڻھو لڏ پلاڻ ڪري هن ڪُن جي آس پاس رهڻ لڳا ۽ پوءِ جڏهن 1935ع کان پوءِ هتي ريلوي لائين وِڇائي ويئي ۽ شھر آباد ٿيڻ لڳو ته اُنهيءَ ڪُن کي ماڻھوءَ پُراڻي ڪُنري جي نالي سان منسوب ڪري ’ڪُنري پاڪ‘ نالو رکي سڏڻ لڳا. (ڪتاب جو ليکڪ پنجين روايت کي مضبوط روايت سڏي ٿو).
آئون هُيس صالح سان گڏ ياماها موٽر سائيڪل تي، ادا منظور اقبال سان گڏ، اسان کي مختلف گلين ۽ رستن تان گهمائيندا رهيا، صالح کي ڪجهه ڄاڻ هُئي، مونسان شيئر ڪندو هليو. گهمي ڦِري پوءِ هڪڙي آئس ڪريم جي هَٽ تي اچي بيٺا، آئيس ڪريم صالح کارائي، گهڻو ئي چيوسين ته ماني کائي ڍئو ڪيو آهي، هاڻي ته پيٽ ۾ جڳھه ئي ناهي، صالح چيو آئس ڪريم کائبو ئي ماني مٿان آهي، پيٽ ۾ جڳھه ٺاهڻ لاءِ سڀ گڏجي کِلياسين. ها بِلڪل بس دِل ۾ جڳھه بنائجي، پيٽ پاڻھي ئي جڳھه ڏيندو. دادن فقير نه چيو آهي ته:
دِل کي ڪجي ڪُشادو، نه گُذري جو غم ڪجي،
وَڌ گهٽ نه ڪنھن کي چئجي، پيو پنھنجو ڪم ڪجي،
ٿوري جيئڻ جي واسطي، دُنيا ۾ ’دادنا‘،
اَهنجو ڪي سنھَنجو پورو حياتيءَ جو دَم ڪجي.
(دادن فقير)

رات سُتاسين سِتارن هيٺ
موٽي آياسين گهر، رات جو گهر جي ڇِت تي سُتاسين. عظيم، اقبال، ذوالفقار، انور ۽ اسين رات جو ٻين وڳي تائين ڪچھري ڪندا رهياسين. موضوع گهڻي قدر مزاح هو، لطيفا، چوڻيون کِل ڀوڳ ٽوٽڪا، ڪنھن وقت موبائل جي دُنيا ۾ به نِڪري ٿي وياسين ته اڄڪلھه موبائل ضرورت کان وڌيڪ، عياشيءَ جو رستو ۽ سستو سامان ٿي پيو آهي. ۽ ڏينھن به ڏينھن محبت، دوستين، خلوص ۽ وفائن کي چمڪ ڌمڪ جي دَز ۾ لَٽي رهيو آهي، موبائل جو دؤر جنھن ۾ سڄي دُنيا هڪٻئي جي جيترو ويجهو آئي آهي. اوترو ئي حقيقت کان پري ۽ فرار ٿي رهي آهي. ماڻھو ماڻھوءَ جي جذبات سان خوب کيڏن ٿا، انجواءِ ڪن ٿا. ڪوڙ ۽ دوکو انتھائي نوَن طور طريقن ۽ ويس وڳن ۾ سامھون اچن ٿا. ماڻھوءَ جو ڄڻ ته حقيقت تان ويساهه ئي کڄي وڃي ٿو. هاڻي سڀ ڪجهه صرف مذاق بڻجي رهجي ويو آهي، ايئن پيو محسوس ٿيئي، احساس ته ڄڻ رهيو ئي ناهي، سڀڪو هي جملو چئي ڇڏي ٿو ’مڙئي خير آ‘
سڀ ڪُجهه هلي رهيو آ شرافت جي اُوٽ ۾،
آخر عيوض انھيءَ جو خراب آهي موٽ ۾،
پدمن جي هوندي ڪنھن جي پوري نٿي پوي،
پورو آ هرڪو سوٽ ۽ نيڪ ٽاءِ ڪوٽ ۾،
اک سڀ ڪنھن جي تڏهن کُلي ويندي ’دادنا‘،
ماڻھو کي لڳندو موت جو ڌڪ جڏهن چوٽَ ۾.
پر اي دادنا! هِتي ته ماڻھن کي موت جو ڊپ ئي ناهي، باقي ڇا ڪبو. اسان جي ڪچھري هلندي رهي. دير تائين سِتارن هيٺ ايئن گهر جي ڇِتَ تي کُليل هوا ۾ قدرت جو مزو وٺي رهيا هئاسين. سمھڻ کان پھرين پرينءَ سان حال احوال ڪيو، جيڪو هر وقت گڏ ئي گڏ رهندو آهي.
صبح اُٿياسين تڙ ڪري، پھرين چانھه بسڪيٽ ٽيسٽ لاءِ ڏِنا ويا، پوءِ وري اقبال ڇيلي جو مغز ٺھرائي آيو، جنھن سان ناشتو ڪيو ويو. هاڻي اقبال، آئون، صالح ۽ ادا منظور سنڀري نِڪتاسين عمرڪوٽ گهمڻ لاءِ پھرين سينھوئي ٿر هلڻ لاءِ پروگرام ٺاهيو،

هاڪڙو درياءَ
رستي ۾ هڪڙو ڦِـٽل دريا گڏيو. هِن دريا بابت اقبال ٻُڌايو ته اِهو هاڪڙو دريا آهي، اسين گاڏين کي سائيڊ ڪري لٿاسين، فوٽوگرافي ڪئيسين، هي دريا تمام پُراڻو تاريخي دريا آهن هِن بابت وڌيڪ هلي ٿا اڪبر چِيلائي کان پُڇون، اڪبر چيل بند جو رهواسي آهي، اُنھن دوستن گڏجي هاڪڙو ادبي سنگت نالي هڪڙو فورم پُڻ ٺاهيو آهي.
چِيلَ بند پُھتاسين، پر اڪبر ڪونه مليو، اڳتي روانا ٿياسين، پريان ٿر جون ڀٽون پري کان اُڀيون هيون آڌرڀاءُ ڪرڻ ڪاڻ.ساوَڪ هئي، پر هڪڙي ڳالھه هئي جو تازي برسات پيل نه هُئي، تنھن ڪري مٿي ڀٽن تي موٽرسائيڪل چڙهڻ محال هو. اڳتي هڪڙو ڳوٺ ڪِراس ڪيو ۽ ڪجهه اڳيان وڌياسين، هِتي ترائي هُئي پاسي تي موٽرسائيڪل بيھاريا. ٿر جي وڻن، گولن، گولاڙن، ڪِرڙ لئن کي موبائل مووي ۾ محفوظ ڪيوسين ۽ ڪجهه فوٽا ۽ منظر ڪيمرا جي اک ۾ پُڻ محفوظ ڪياسين. اُن ترائيءَ کان واپس آياسين هڪ ٻي ترائي تي پَري کان ئي رنگ نظر آيا، ڪجهه گاڏيون به هيون، ڪجهه فيمليون هُيون، ڪجهه عورتون اين جي اوز جون به نظر آيون. اهڙن رنگن وچ ۾ ڪجهه پَل اُن ترائي تي ترسياسين.
واپس ايندي رستي ۾ هڪڙو آرڻ پوکيل هو، اُن آرڻ وچ ۾ وڃي فوٽوگرافي ڪئيسين. واريءَ دڙن دڙن وچ ۾ ساوَڪ جو هُجڻ خوبصورت منظر پسائيندو آهي، ۽ اسين ته خوبصورتيون ڏِسڻ لاءِ ئي نِڪتا آهيون. روڊ تي چڙهياسين، ٿر ڄاهو روڊ ڪراس ڪري رهيو هو، ڏِٺوسين، اهو جانور اڳي اسان وٽ به نظر ايندو هو، پر گهڻو عرصو گذري چُڪو آهي هاڻي اهو جانور وڃِي ٿر ۾ ئي بچيو آهي. راشد مورائي جو هڪڙو غزل آهي، جيڪو مون کي بيحد وڻندو آهي، اُن ۾ ڄاهي جو ذڪر آهي:
هر سياه رنگ جي چيز واسينگ ٿئي، سو ته ممڪِن ئي ناهي هي سمجھڻ کپي،
ڪين ڄاهي* کي مُرلي نچائي سگهي، ٿالھه ويھي وڄايون ته ٻي ڳالھه آ.
گُل آڻي پرائي گُلستان مان، هار ٺاهي حسينن کي پاتا اسان،
روز ٻي جي چمن ۾ نه آسرو، باغ پنھنجو بڻايون ته ٻي ڳالھه آ.
*ڄاهي = ٿر ڄاهي

چِيلَ بند ۽ اڪبر چِيلائي
چِيلَ بند پُھتاسين ته اڪبر چِيلائي هوٽل تي ويٺو هو، ساڻس ملاقات ٿي، ڪچھري دوران ٻُڌايائين ته اسان ڪجهه دوستن، ڪجهه وقت تائين ’هاڪڙو ادبي سنگت‘ قائم ڪئي هُئي، جنھن جون ڪجهه گڏجاڻيون به ڪيوسين. هاڪڙو دريا جي باري ۾ اڪبر چيلائي ٻُڌايو: هاڪڙو کي ٻيو نالو ڍورو به سڏيندا آهن، هي سيف الملوڪ مان نِڪري ٿو، سيف الملوڪ جولاءِ 2006ع ۾ آئون گهمي به آيو آهيان، پاڻ ٻُڌايائين ته هي سنڌو دريا کان به 200 سال پھرين جو آهي. هاڪڙو بابت شاهه عنات جو هڪڙو شعر پُڻ ٻُڌايائين.
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بيھه، مڇي ۽ لوڙ، سمي ويندي سوکڙي.
هاڪڙي بابت ٻُڌايل اڪبر چيلائي جي معلومات تي اتفاق نه ڪري سگهيس. هاڪڙو بابت ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ ڪتاب ۾ ٻُڌايل آهي 18 صدي ۾ هاڪڙو سنڌ منجهان ڪڏهن ڪڏهن ضرور وهندو هو، اُن ڳالھه جي ثابتي طور 1742ع تائين اُن منجهان سڻائي مُند ۾ روهڙي ٽڪرين جو پھڻ عمرڪوٽ جي ڏکڻ ۾ هڪڙي هنڌ تائين نيو ويندو هو. 1500 کان 1750ع تائين سنڌ جي نقشي ۾ پُڻ هاڪڙو درياءَ ڏيکاريل آهي.
’تاريخ طاهري‘ ۾ آهي: 13 صدي جي آخر ۾ دريا سنڌ جي وهڪري ۾ اروڙ (روهڙي) ويجهو تبديلي واقعي ٿي، تنھن ڪري اوڀارين شاخ هاڪڙو (روهڙي _عمرڪوٽ) پاڻي گهٽ ٿي ويو ۽ اولھائين شاخ (روهڙي _ٺٽو) جي اهميت وڌي وئي. جھوپڙا هوٽل تي ڪجهه گهڙين جي اُن ڪچھري ۽ بوتل پيئڻ کانپوءِ اسان اڪبر چيلائي کان موڪلائي عمرڪوٽ ڏانھن روانا ٿياسين.
جي گَهر گهاريَمِ ڏِيھَڙا، هيڪاندِيَ حُضورِ،
سيئي سِڪان، سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ،
هَمِيراڻا هَٿڙا، ڪِينَ مَڃينديَس مُورِ،
سَنجھي سَتِ گُذارِيان، اَچين شالَ اَسُورِ،
دَرا ٿيان مَ دُورِ، مارُوءَ ڄامَ مَليِرَ جي!

عمرڪوٽ قلعو
عمرڪوٽ کان پھرين هِڪڙو مِٽي جو دڙو نظر اچي ٿو، جنھن ڏانھن صالح اِشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو ته انھيءَ کي مومل جي ماڙي سڏيو وڃي ٿو. مون چيو يار هِڪڙي ته ميرپور ماٿيلو ۾ به مومل جي ماڙي سڏجي ٿي، کِلندي چيائين جيڪا به مومل هوندي اُن جي ماڙي ته ضرور هوندي. ۽ شاهه لطيف به مومل لاءِ ڪو گهٽ نه لِکيو آهي:
مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکن ۾ اَنبُورَ،
هَڻي حاڪِميَن کي، پَٽِ نَھاري پُور،
گهوٽَ پَھرِيَ گُھورَ، جي وِئا، سِ وَڍِئا.
صالح به لطيف جو سھارو وٺندي انھيءَ بيت جو جواب ڏيندي چوَي ٿو:
مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِين ۾ اَلماسَ،
نَه ڪا عامَ نه خاصَ، جي وئا، سي وَڍِيا.
عمرڪوٽ ۾ پُھتاسين، پھرين ڪارونجهر هوٽل تي آياسين، هٿ مُنھن وغيره ڌوئي چانھه پي، ڪجهه گهڙيون ساهي پٽي، اُٿياسين. پھرين عمرڪوٽ قلعو کي گهمڻ جي آس هئي، مين دروازي کان لنگهي آياسين مٿاهين جي طرف چڙهياسين، مين گيٽ کان لنگهڻ وارو انداز ساڳيو، بادشاهي قلعي لاهور جھڙو لڳو، پر ٿورو ئي اڳيان وڃبو ته وڏو فرق نظر ايندو، بادشاهي قلعو لاهور يعني پنجاب ۾ آهي ۽ عمرڪوٽ سنڌ جي سرزمين تي سنڌ جو اُهڃاڻ آهي، فرق هر شيءَ جو آهي، پوءِ قلعي ۾ فرق ڪيئن نه ٿيندو. پر انھيءَ فرق ۾ برابر جا شريڪ اسانجا پنھنجا به رهيا آهن، اهڙن پنھنجن لاءِ ابراهيم منشي جھڙا شاعر ڪيئي شعر لکي ڇڏي ويا.
سنڌ سستي ٿي وِڪامي، نت نئين نيلام ۾.
ڪڏهن ڪھڙي نام ۾، ڪڏهن ڪھڙي نام ۾.

ڪوڏيا ڪُرسيءَ سندا ۽، قوم جا قاتل قريب،
هر زمان رهبر مِليا هن، قوم کي رهزن رقيب،
جج ٿيا جلاد هِت، رت رات ڏينھن روئي نصيب،
ڪنھن وِڌي ڪُرسيءَ جي ڪارڻ قوم قتل عام ۾!
قلعن جي دروازن کي وڪڙ شايد اِن سوچ سان ٺھرايا ويندا هئا، جيئن حمله آور فوج، گهوڙن، هاٿين کي دروازا ٽوڙڻ ۾ ڪجهه رُڪاوَٽون محسوس ٿين، قلعي ڏانھن وڌياسين، سيڙهين جي ڀر ۾ لڳل بورڊ پڙهيم: ”عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي، مختلف حڪمران گهراڻن جي لاهين چاڙهين کي ڏِٺو آهي. هي شھر سومرا گهراڻي سن 1050ع جي پهرين حاڪم عُمر اڏايو هو، تيرهين صدي عيسوي جي پوئين اڌ ۾ هڪ راجپوت حڪمران پرمار سوڍي هن شھر تي پنھنجو تسلط ڄمايو، اُن جي پوئين مان راڻي پرساد پنھنجو لشڪر وٺي اچي اُن وقت مغل بادشاهه همايو جو استقبال ڪيو. جڏهن 1541ع شيرشاهه سوريءَ جي هٿان شڪست کائي سنڌ ۾ وارد ٿيو. همايون جو اڪيلو پٽ اڪبر عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي راجپوت حڪمران اِهو قلعو ڪلھوڙن جي حوالي ڪيو، ڪلھوڙن جي پونئرن وري اِهو جوڌپور جي راجا کي وڪڻي ڏِنو، جيڪو وري ٽالپر حُڪمرانن 1813ع ۾ هي قلعو هٿ ڪيو اِهو، قلعو 1843ع تائين سندن هٿ هيٺ رهيو. تان جو اِنھيءَ سال انگريزن سنڌ فتح ڪري قلعو پنھنجي قبضي ۾ ڪيو.
قلعو مستطيل نموني تي ٺهيل آهي، اُن جي ڊيگهه 946 فٽ ۽ ويڪر 758 فٽ آهي. ان جي عالم پناهه واري ڏاند پُڇي ديوار جي ٻنھي ڪُنڊن ۽ ٻاهرين واري ڪمانيدار دروازن جي ٻنھي پاسن کان اڌ گول جا بُرج ٺھيل آهن“.
هڪ هنڌ ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌايو ويو ته کيت سين جي گهوڙي جي سُنب جو نشان آهي، مارئي کي کڻڻ وقت هن پنھنجي گهوڙي کي ٽپ ڏياريو هو. هڪ ٻي روايت پُڻ آهي ته ٺاڪر راجپوت جي گهوڙي جي سُنب جو نشان آهي، جنھن کي انگريزن جي دؤر ۾ قلعي اندر ڦاسي ڏِني وئي هئي. ۽ سندس گهوڙي کي نيلام ڪيو ويو، جيڪا هڪ سوناري ورتي ۽ پوءِ سوناري جي گهران اِها گهوڙي ڇنائي ڀڳي ۽ اچي قلعي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ انھيءَ ڪوشش دوران ئي ڪِري ڦٿڪي ڦٿڪي مري وئي، انهيءَ گهوڙي جي سُنب جو نشان آهي.
اسان مٿي چڙهڻ کان پوءِ ٻنھي طرفن نظرون ڊوڙايون ٿا ۽ نظارا ڏِسڻ چاهيون ٿا، اڄ 14 آگسٽ، پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينھن هُجڻ ڪري به ايڪڙ ٻيڪڙ گهمڻ وارا هئا، پر پوءِ ٿورڙي ئي وقت ۾ هڪ ڪوسٽر ۽ هڪ وين الائي ڪھڙن شھرن کان رنگ کڻي اچي لٿيون. پھرين وِکون وڌن ٿيون وچين بُرج ڏانھن جو انھيءَ پاسي به ڪي رنگ هوائن ۾ اُڏندي نظر اچن پيا.
هي برج شاهي قلعي جي بلڪل سامھون آهي، چاڙهي تان مٿي چڙهياسين، سيڙهين جا ڏاڪا اندازن 58_ 59 ٿي سگهن ٿا ۽ هِن جي ڊيگهه زمين کان برج تائين 110 فوٽ آهي، ويڪر 10 فوٽن کان به وڌيڪ ٿيندي. ڏاڪڻ تي هڪ ئي وقت ٻه گهوڙا يا هاٿي پُڻ آساني سان چڙهي سگهن پيا. ڏاڪڻ کي ٻنھي طرفن کان ڪنھن به قسم جي ڪا اوٽ ڏِنل نظر نه آئي، هي برج 32 فوٽ اوچائيءَ تي ٻُڌايو وڃي ٿو. برج کي چؤطرف 3.2 فوٽ اُڀو ڪٽھڙو ڏِنل آهي، ۽ انھيءَ ڪٽھڙي ۾ ٿوري ٿوري فاصلي تي کانچا ٺھيل آهن، جنھن مان توپُن جا مُنھن گُذاريا ويندا هئا. هن وقت به ست توپون رکيل نظر آيون، هن برج لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ٺھرايو ويو هو، جيڪو اندران خالي هو، پوءِ بعد ۾ انگريزن جي دؤر ۾ اندرا مٽيءَ سان ڀريو ويو ۽ مٿي رکيل توپون پُڻ انگريزن ئي رکرايون هيون. توپون مٿي دِڪن تي رکيل آهن ۽ بُرج جي وچ تي هڪڙو گول دِڪو پُڻ ٺھيل آهي، جنھن تي جهنڊو ڦڙڪايو ويندو هو. هِنن برجن تي گهمندي مونکي شيخ اياز ياد اچي ويو، جنھن جي هِن شعر وڏي شھرت ماڻي آهي ته:
ٽڪرايان پنھنجا گيت جڏهن،
ٿو آءُ سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنھنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان.
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
سيڙهين تان لھڻ دوران پُڻ فوٽوگرافي ڪئيسين. برج جي هيٺ لڳل بورڊ کي موبائيل مووي ۾ محفوظ ڪيم، هاڻي اسان رُخ رکيو ميوزم جي طرف، ميوزم جي ٻاهران پُڻ ٻه توپون ڦيٿن تي رکيل آهن ۽ اُنھن جي وچ ۾ پُڻ پيل لوهه جا ڪيترائي گولا نظر آيا، جيڪي بارود سان ڀري توپن جي منھن ۾ ڏئي ڦاڙيا ويندا هئا. صالح اڳيان وڌي چئني جون ٽڪيٽون ورتيون، ميوزم اندر داخل ٿيندي ئي پھرين ٻنھي موبائل موويون آن ڪيون، ميوزيم ۾ رکيل سمورين يادگار تصويرن، شين مورتين جون تصويرون ڪڍيون.
هن ميوزيم جو افتتاح 1968ع ۾ ڪيو ويو، ميوزيم اندر وڌ کان وڌ مغلن جي ثقافت ڏيکاريل آهي، جنھن ۾ قلمي نسخا به آهن.
اڪبر نامون: فارسي زبان ۾ لکيل اڪبر نامو رکيل آهي. جنھن ۾ اڪبر جي فرمانن سان گڏوگڏ سندس جئپور جون فوجي ڪاهون ڏِنل آهن. جيڪو ابوالفضل لکيو آهي.
آئين اڪبري: مختلف ڳالھين سان گڏ اڪبر دؤر جي مختلف محڪمن جا بيان ۽ رڪارڊ ڏِنل آهن.
ڪجهه خط: جيڪي ابوالفضل جا اڪبر ڏانھن يا اڪبر جا ابوالفضل ڏانھن ۽ ٻيا هندو ۽ مسلمانن دوستن جا خط جيڪي عيدن ۽ ڏيارين تي هڪٻئي ڏانھن لکيل آهن.
قاصد عرفي: جنھن ۾ عرفي شيرازي جا قصيدا ۽ رُباعيون شامل آهن. سنگهاسن بيتي: برصغير جي سنسڪرت ۾ لکيل لوڪ ڪھاڻين جو هي فارسي ۾ ترجمو آهي، جيڪو اڪبر بادشاهه جي چوَڻ تي سڀ کان پھرين عبدالقادر بدايوني لکيو.
ديوانِ نظيري: هن ۾ محمد حسين نظيري جي شاعري ڏِنل آهن جيڪو اڪبر جي دؤر ۾ خان خانا جي نوڪري ۾ هو. اُن کان علاوه ٻيا به ڪافي ڪتاب تاريخ متعلق ۽ ڪي نُسخا پُڻ رکيل آهن.
خوش نويسي: جڏهن اڃا ڇاپ خانه وجود ۾ نه آيا هئا، تڏهن تحريرون هٿ سان لکيون وينديون هُيون، جنھن کي خوش نويسي چيو ويندو هو.
مغل منئچر: اڪبر بادشاهه پينٽنگ جو ذوق ۽ شوق رکندو هو، جنھن شوق جي پورائي لاءِ پرشيا مان ٻه مصور گهرائي درٻار ۾ رکيا هئا. اڪبر بادشاهه پنھنجي دؤر ۾ آرٽ کي وڏي هٿي وٺرائي هئي ۽ هِن ”مغل اسڪول آف آرٽ“ جو بُنياد به وڌو، جھانگير ۽ اُن کان پوءِ شاهجھان سڀني کي آرٽ جو ذوق هو، پر اورنگزيب جي دؤر کانپوءِ آرٽ نظرانداز ٿيندو رهيو.
شاهي دستاويز: شاهي دستاويز ۽ اڪبر جا فرمان به لکيل آهن جن ۾ سڀ کان اهم دين الاهي ۽ مسمات فاطمه کي مالي مدد ڪرڻ وارا آهن.
سِڪا: مغل دؤر جا سِڪا ۽ هڪڙو نقشو پُڻ آهي، جنھن ۾ سِڪا ٺھڻ وارو هنڌ ڏيکاريل آهي.
هٿيار: اڪبر جي ڏاڏي ظھيرالدين ’بابر‘، برصغير ۾ توپن جي طرز جون بندوقون آنديون، ميوزم ۾ پُراڻيون بندوقون، زرهه، تير، ڪمان ۽ ڪُجھه ٻيو جنگي سامان، جنھن لاءِ اسان ته ٻڌو هو عمر بادشاهه جي استعمال ڪيل هٿيار آهن، پر ڪتاب ڪُجهه ٻيو ٿا ٻُڌائن. ۽ ڪجهه تصويرون پُڻ لڳل آهن ڪجهه جين ڌرم جي دؤر جون مورتيون پُڻ رکيل آهن. جيڪي ننگرپارڪر مان هٿ آيون هيون.
ميوزم اندر فوٽوگرافي به ڪئي، موبائل مووي کانسواءِ هڪ ياشيقه جي ڪيمره پُڻ گڏ هُئي. اندر شيشن ۾ رکيل ٿر جو منظر جهوپڙا، جهوپڙن اڳيان مور پيا ٽھوڪن ۽ ٻَڪريون، مارئي کوهه تان پاڻي پئي ڀري، عمر بادشاهه، سڀ شيون دِلچسپي سان ڏِسي، گهمي ٻاهر نِڪتاسين.
هاڻِي وري شاهي گيٽ وٽان مٿي ديوار تي چڙهياسين، جيڪا ديوار ايتري ويڪري آهي جو جيپ آرام سان گهمي پئي سگهي، اُن وقت ٻه گهوڙيسوار گڏوگڏ هلي سگهندا هوندا. ديوار جي ويڪر 14.8 فوٽ ٻُڌائي وڃي ٿي. ديوار تي هلندي هلندي اچانڪ، ڌيان، دِل سڀ سوَين ڪلوميٽر لتاڙي ڪينجهر تي وڃي نِڪتا جتي هوءَ اڄ گهمي رَهي هُئي ڏاڍي ناز سان، انداز سان سڀني سھيلين سان، پوءِ مسيجن ذريعي خوب ڪچھري ڪريون ٿا. ڪنھن وقت شعر ته ڪنھن وقت هڪٻئي ڏي لِکيل جملا، پر خوب انجواءِ ڪيوسين.
هاڻي هڪ هنڌ ديوار سوڙهي ٿي هيٺ لھي ٿي، هِتان ديوار ڀڳل ڀُريل پُڻ آهي. اُتان کان هيٺ لھون ٿا، ٿورو اڳيان اچون ٿا ته هڪڙي چبوتري ۾ صليب جي شڪل تي هڪ قبر ٺھيل آهي، جيڪا انگريزن جي دؤر ۾ ڪنھن انگريز آفيسر جي قبر ٻُڌائي وڃي ٿي. قلعو سڄو گهمي سنگت جي صلاح هُئي ته هاڻِ شھر هلجي، ڪجهه کائجي پيئجي، پوءِ شھر گُهمجي. اي عمر جا ڪوٽ هاڻي هلون ٿا:
هَٿين هَٿڪَڙولَ، هِيَڙي پِيَمِ هُنِ جا،
سانگي سارِيَم، سُومَرا! ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ، نَه ڪوٽَ وِهَڻَ جا.

عمرڪوٽ جو شھر
هاڻي ڪجهه هوا تيز لڳڻ ڪري واري اُڏامڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ اسان پُڻ چؤطرف قلعي تي آخري نظرون گهمايون ۽ پوءِ قلعي کي الوداع ڪندي ٻاهر نِڪتاسين جِتي مين شاهي دروازي وَٽ پُڻ تصويرون ڪڍيون. شھر کي تفصيلي نه پر سرسري نظر سان ڏِٺو. عمرڪوٽ جا ڪاليج، گرلس ۽ بوائز پُڻ ڏِٺا، بوائز ڪاليج جي پارڪ ۾ فوٽو پُڻ ڪڍيو. اڳيان نه وياسين، 14 آگسٽ جو ڪو پروگرام هلي رهيو هو، عمرڪوٽ جون گليون سوڙهيون ۽ عجيب هيون، جيئن مٽياري شھر جون. سڀ کان مٽياري شھر جون گليون سوڙهيون آهن، هڪ ته صفا سوڙهيون ٻيو وري ور وڪڙ واريون، سامھون عورتون اچن ته مرد ديوار ڏي مُنھن ڪري بيھن، تڏهن عورتون گُذرن. گلين جي ويڪرائي، سِڌائي، سُٺائي جي ڪري مونکي ماتلي جو ڪشميري پاڙو ڏاڍو وڻندو آهي. ۽ ٻيو هِتي ڪُنري شھر پُڻ اهڙي ئي نقشي تي ٺھيل آهي. وڏا، ويڪرا ۽ سِڌا رستا، گليون پُڻ ايئن نظر آيون. ڪُنري شھر ۾ گهمڻ وقت لڳو ڄڻ ماتلي جي ڪشميري پاڙي ۾ گهمي رهيا آهيون.
ڪِرن سوئٽ هائوس تي آياسين، فالوده کاڌو ۽ پوءِ سوکڙي طور مائو ورتو، مائو 200 سئو روپيا ڪِلو هو، ٽي ڪِلو ورتوسين. هوءَ ته سفر ۾ هر پَل، هر وقت گڏ گڏ هُئي، جنھن جو ذڪر ڪرڻ سان پورو سفر ئي سندس حوالي ٿي ويندو. تنھن ڪري پورو احوال ڪري ئي نٿو سگهجي. عمرڪوٽ کي الوداع چوَڻ کان پھرين ارباب نيڪ محمد سان مِلڻ جي خواهش ظاهر ڪيم، پر باقي ٽيئي دوست راضي نه هئا، مون به کڻي ڳالھه مان هٿ ڪڍيا ۽ پوءِ عمرڪوٽ کي الوداع ڪري آياسين واپس ڪُنري طرف.
رستي ۾ ٻيھر ورندي هاڪڙي دريا جي تصوير ڪڍڻ چاهيم، تنھن ڪري دوستن کي چيم ٿورو ترسو فوٽو ڪڍي وٺان، دوست ٿوري دير رُڪيا ۽ مون فوٽو ڪڍي ورتا، هاڪڙو دريا جيڪو هاڻي صرف نشان طور بچيو آهي. ها ادا سڀ ايئن ئي فنا ٿي ويندا ڪي ٿي ويا، جيئن عمر به بادشاهه هو.
نَه خَبَرَ، نَه خوابُ، نَڪو اوٺِي آئِيو،
هُتي جو هِتِ ڪِھين، ڏِنو ڪونَ جَوابُ،
هَمِيرَنِ حِسابُ، ڪُه ڄاڻان، ڪِنءَ ٿِئو؟

پنج پُلي ۽ ريلوي اسٽيشن
ڪُنري شھر ٻاهران پنج پُلي نالي سان پُل تان گُذر ٿئي ٿو ۽ اُتي پڻ فوٽوگرافي ڪئي. پوءِ انھيءَ ئي شاخ جي پٽري وٺي ڏاڍو مزو مزو پي آيو، اسٽيشن جي سامھون هيٺ لٿاسين. ڦِٽل اسٽيشن جيئن هن وقت بدين جي ريلوي اسٽيشن يا ٻين ڪافي شھرن جون ريلوي اسٽيشنون، جتان هاڻي ريلُن جو گذر ناهي رهيو. ويران ٿي ويون آهن. هي به ايئن ويران ڀڙڀانگ لڳي پئي هئي.
ڪتاب ”ميرا شھر ڪُنري“ ٻُڌائي ٿو ته: جوڌپور رياست جي مھاراجا اميد سنگهه دربار عوام جي ڀلائي لاءِ ذاتي خرچ سان پٿوري کان جُمڙائو 114 ميل اڍائي فوٽ ويڪري ڇوٽي پٽيءَ ميٽرگيج واري ٽرين جي لاءِ ريلوي لائن وڇرائي. 1934ع ۾ جهڏو هڪڙي سائيڊ ۽ پٿورو ٻي سائيڊ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڊسمبر 1934ع ميمڻ ڪنري جي ويجهو ڳوٺ سرمست رند وٽ ڪم مڪمل ٿيو. 1935ع ۾ مھاراجا جي حُڪم تي هن پوري لوپ لائن تي جُمڙائو، جهلوري، مير الله داد ٽالپر، جميس آباد، ڪاڇيلو، ڊگهڙي، صوفي آباد، ٽنڊو جان محمد، جهڏو، روشن آباد، نوڪوٽ، فضل ڀنڀرو، ٽالھي، نبي سر روڊ، حسن رند، ڪُنري، سامارو روڊ، محمد رحيم ڪالرو، صالح ڀنڀرو، ۽ پٿورو ننڍيون وڏيون اسٽيشن قائم ڪيون.
اُن وقت هن لائن جو نالو (JR) ’جوڌپور ريلوي‘ رکي، ڪُنري ۾ هڪڙو ننڍڙو سي ڪلاس ڪمرو تعمير ڪرايو. ٽِن ملازمن کي رکيو ويو. چون ٿا راجا جوڌپور وڏو نيڪ دِل ۽ مخلص انسان هو هِن سڄي لوپ لائن تي ننڍا وڏا تلاءُ ۽ کوهه کوٽرايا. ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پھريون ڀيرو 1935ع ۾ ريل گاڏي ڪُنري ۾ آئي، پر اُن وقت موجوده ڪُنري پاڪ جو وجود نه هو. راجا هر ٻي ڏينھن پنھنجي زال سان گڏ مخصوص بوگي ۾ سڄي لوپ لائن جو دورو ڪندو هو ۽ ماڻھن جا مسئلا ٻُڌندو ۽ حل ڪندو هو.
1962ع ۾ صدر مملڪت محمد ايوب خان ۽ وزير ريلوي محمد خان جوڻيجو ڪُنري کي بي ڪلاس ڪري اسٽيشن جو درجو ڏِنو ۽ پھريون اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر محمد يوسف جوڌپوري کي مقرر ڪيو ويو، ۽ اسٽاف کي وڌائي 6 ڪيو ويو. مال گودام، پاڻي جي ٽانڪي ۽ مسافرن جي لاءِ ڪمري جو اضافو ڪيو ويو. 1965ع جي جنگ کان پھرين هي ريل گاڏيون پٿورو کان ٿينديون جوڌپور انڊيا تائين وينديون هيون.
1986ع ۾ جنرل مئنيجر ريلوي پاڪستان محترم بشير احمد ڪُنري ريلوي اسٽيشن کي جديد بنايو، جنھن ۾ خوبصورت ڇپرو، ڇِتَ ۽ ٻه ڪمرا تعمير ڪرايا. 1989ع کان پوءِ هي ريلوي لائن آهستي آهستي تباهي طرف وڌندي وڃي موجوده حالات تي دنگ ڪيو.

هر روز تون اچجان ڪُنريءَ ۾
حليم باغي جنھن جڏهن هي نظم سِرجيو هو ”هر روز تون اچجان ڪُنريءَ ۾“ شايد تڏهن ريل جي اوج ۽ مؤج جا ڏينھن هوندا، شايد حليم جي جواني هوندي، شايد هوءَ به ريل جي اچڻ ۽ وڃڻ وقت ريلوي اسٽيشن تي چڪري ڏيندو هوندو، شايد ڪنھن مسافر جي نظر جي نظر ٿيو هوندو، شايد ڪنھن جي نيھار نيھوڙيو هوندس، شايد اُنھيءَ صورت کي سوچي هن کي ننڊ به ايندي هوندي يا نه، شايد هو بي چين ٿي اڌ رات جو اُٿيو هوندو، اسان ته ’شايد‘ ئي چئي سگهون ٿا.
هر روز تون اچجان ڪُنريءَ ۾
هوءَ چَتون پکيءَ چُنري ۾
هر روز اچي ٿي ڪُنريءَ ۾
آ بڙ تي ڪوڪو پپيھي جي
۽ ڌڙ ڌڙ گاڏي بيھي ٿي
گاڏيءَ جي دٻي مان ڄاڻ لٿي
هو سوڀيا جي سپنن جي سٿي
گهونگهٽ جي جهلي پايل ٿي ڇلي
اکڙيون جي کڻي ته به ڀيد کُلي
ڪن ڪچ ڪچ پن سفيدي جا
۽ تون سان گڏ به ڪھاڻي آ
ها مان نه ڪھاڻي جو نائڪ
پر تنھنجي سوڀيا جو گائڪ
هي ٿورا بند ڪويتا جا
هڪ شاعر وٽ ٻيو هوندو ڇا؟
جي چاهين توکي ڀيٽ ڏيان
جي سِرجيا مون بي هُنري ۾
هر روز تون اچجان ڪُنري ۾
هر روز مان ايندس ڪُنري ۾.
وچان گلين مان ٿيندا آياسين اقبال جي گهر، تڙ ڪري سفر جو ٿَڪ ڀَڳو پوءِ آياسين ٻاهر، شھر جي مختلف رستن تان گهمندا آياسين ڪُنري جي هڪڙي بھترين صحت مرڪز جي سامھون.

ڪُنري ڪِرسچن اسپتال
هِڪڙي اسپتال وٽ اچون ٿا، اقبال اسپتال جي گيٽ تي لڳل بورڊ ڏانھن اشارو ڪندي ٻُڌايو: هِن اسپتال ۾ آسپاس جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ اچن ٿا ۽ سُٺو علاج ڪيو وڃي ٿو، هِن ۾ ڊاڪٽر به ڪِرسچن انگريز آهن گهڻي تعداد ۾، تنھن ڪري ڪي ماڻھو هِن کي آمريڪن اسپتال به چوَن ٿا. وڌيڪ تفصيل ته ڪتاب ’ميرا شھر ڪُنري‘ ئي ٻُڌائي سگهي ٿو: پھرين شروعات هي هڪ موبائيل اسپتال جنھن جو نالو به ”ڪرسچن ڪاروان اسپتال“ هو جنھن جي لاءِ بائبل ۽ ميڊيڪل مشنري فيلو شپ ( B.M.M.F.) 12 ماڻھن جي ٽيم تي مشتمل اسٽاپ ڏِنو ۽ پوءِ باقاعده ڪُنري، عمرڪوٽ، تاج پور، نصرپور، ڪوٽ غلام محمد، رتن آباد ۾ ڪم ڪندا رهيا، هي هڪ مڪمل سفري اسپتال هُئي جنھن جو سڄو ڪم ڪار گاڏين ۾ ٿيندو هو، تقريبن 9 سالن تائين اِهو سلسلسو ايئن ئي هلندو رهيو، پوءِ شدت سان محسوس ڪيائون ته ڪنھن هڪ جڳھه تي ئي اسپتال قائم ڪري هلائي سگهجي ٿي. مختلف مرحلن مان گُذري باقاعده 1974ع ۾ ’رورل هيلٿ ڪيئر پروجيڪٽ‘ جي نالي سان ادارو قائم ڪيو. بلڊنگ جي احاطي ۾ اضافو ڪندي 4 ايڪڙ تائين وڌايو ۽ اسٽاف به 45 ماڻھن تي مشتمل ڪيو ويو. هن اسپتال جي تعمير ۾ گهڻي قدر ICCO هالينڊ جو وڏو هٿ رهيو اُن کان علاوه CBM مغربي جرمني، OXFAM انگلينڊ، TEAR FUND برطانيه، WORDLD VISSION ڪيناڊا ۽ BMMF آسٽريليا انساني همدري جي بُنياد تي فنڊس ڏِنا. ۽ هن اسپتال جو پھريون ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيمس هو، جيڪو تمام ماهر سمجهو ويندو هو.
موجوده وقت ۾ هي هن علائقي جي وڏي ۽ سُٺي اسپتالن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي، جتي هر بيماري جو بھتر علاج ڪيو وڃي ٿو.

اولياءَ بي بي مِٺي
شھر کان ٻاهر اُترطرف هِڪڙو اولياءَ بي بي مِٺي جي نالي سان آهي، جنھن تي دُعا گُهرڻ لاءِ وياسين پر اُتي ته نوجوان عورتون جيڪي سڀ پنجابڻيون پيون لڳن، درگاهه جي اندر ٻاهر ۽ رستي ۾ پُڻ ٽولن جي صورت ۾ نظر آيون، پوءِ انھيءَ خيال کان دُعا ئي نه گهري ته متان ايئن سمجهن هي ڇوڪرا اسان کي ڏِسي آيا آهن. ڇو ته ڪنھن به عورتن سان ڪو به مرد گڏ نه هو ۽ نه ئي اسان کان سواءِ ڪو پري پري تائين مرد نظر به آيو ٿي. بي بي مِٺيءَ بابت وڪي پيڊيا کان هي معلومات ملي ٿي.
حضرت بيبي مِٺي رحمت الله عليه جن جو پُراڻو نالو نورجھان هو ، والد جو نالو فتح محمد شاھ المعروف فتح دين شاھ هو . سيد هاشم شاھ ثاني جي پُٽ سيد لطيف شاھ ثاني جي دستار بندي ٿي انھي جي دوران کين هڪ پُٽ ۽ ھڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو. ڌيءَ جو نالو نور جھانرح ۽ پُٽ جو نالو ايمان شاھ المعروف سيد عبدالرحمان شاھ (سلطان آباد وارا) رکيائون.
بيبي مِٺيرح پنھنجي ڪزن سيد لطيف شاھ جي پُٽ سيد سيد هاشم شاھ ٽي (3) وٽ رهندي هئي . بيبي مٺيرح جوڌپور جي ضلعي ڇوٽان جي ڳوٺ ساؤن جي ساؤند قوم جي هڪ نيڪ مردِ ڪامل ساؤند جي ڌيءَ بيبي دريا خاتون سان سيد هاشم شاھ ٽي (3) جي شادي ڪرائي. پاڻ خود اُٺ جي سواري ڪري جوڌ پور جي ساؤند ڳوٺ ويون هيون ۽ ويندي رستي ۾ دُعا وٺڻ لاءِ هر مقام تي هر ڳوٺ وٽ مردن ۽ عورتن جون قطارون هونديون هيون، پاڻ پنھنجي زندگي ۾ مرد ته درڪنار ڪنھن عورت جي هٿ جي پڪل ماني نه کاڌي، پاڻ هميشه پاڻي واري چانورن کي اُٻاري ان ۾ وري پاڻي وجهي کائينديون هيون، پاڻ انتھائي ڪمزور ۽ ضعيف هونديون هيون. سندن نالو سندن ڪرامتن ۽ بزرگي جي ڪري تمام گهڻو مشھور هو، سندن ڪرامتون اڄ تائين نسل در نسل عورتن ۽ مردن کي ياد آهن .
پاڻ 108 سالن جي عمر ۾ 27 رمضان 1312هجري جي رات هن فاني جھان مان وفات ڪئي، ان ئي ڏينھن تي سندن عرس ملھايو ويندو آهي، ان طرح انھي تاريخ تي هر مھيني نعت ۽ درود پاڪ جي محفل ٿيندي آهي. سندن مزار جي تعمير سڀ کان پھرين سيد غلام نبي شاھ ڪرائي، ان کانپوءِ مزار جي مرمت سيد صديق شاھ ڪرائي. 2011 ع ۾ سندن مزار جي گنبذ جي تعمير انجمن غلامانِ قلندر سائين مُحمد علي بلوچ ۽ سيد غلام حيدر شاھ جي موجودگي ۾ ڪرائي.
آياسين ’الله والي‘ چونڪ تي، سادي هوٽل هئي، پر واهه جي ڪڙاهي ٺاهي ڏِني وئي. زبردست لذت واري ڪڙاهي هُئي. ماني کائي وري به شھر کي ڏِسڻ لاءِ گاڏي تي چڙهياسين، هاڻي هَلون ٿا ڪُنري پارڪ ڏانھن،
ڪُنري پارڪ تي پھچڻ کان پھرين رستي ۾ هڪڙو دُڪان هو جنھن تي نوجوان ڇوڪري ويٺي هُئي ۽ مُسڪرائي رهي هئي. آئون ۽ اقبال ته گُذري آياسين پويان صالح ۽ ادا منظور آيا پي اُهي بريڪ ڪري بيھي رهيا، صالح ٽيسٽيون وٺڻ بھاني اندر ويو، ٿوري دير کانپوءِ ٻاهر نِڪتو، اقبال ٻُڌايو ته اِهو دُڪان جو صرف بھانو آهي اصل ۾ اِها سپلائير آهي. جنھن کي خبر هوندي آهي اُهو سِڌو هليو ايندو آهي واپار به ڪندو پيو آهي ۽ سڄي ڳالھه ٻولھه به طئي ٿي ويندي آهي. معنيٰ ته ڊبل واپار دُڪان تان ته هونئن ئي ڪجهه نه ڪُجهه هُن کي خريد ڪرڻو هوندو آهي، باقي جي سودو ٺھي ويو ته اِهو الڳ فائدو. هَل ڙي دُنيا! تنھنجا رنگ ۽ روپ.تنھنجا طور ۽ طريقا، تنھنجا ونگ ۽ ڍنگ، ڪيئن ٿو ماڻھن کي متوجه ڪرين.

ڪُنري پارڪ
پارڪ ۾ آياسين پارڪ ڏاڍو خوبصورت هو، چئني طرفن ساوَڪ ئي ساوَڪ هُئي، گُل پيلا، لال، گلابي ڪلر جا ڪيلي جا ٻوٽا مطلب سُٺي جڳھه هُئي، سُڪون واري، ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا، اسان فوٽوگرافي ڪري رهيا هُئاسين.
ڪتاب ”ميرا شھر ڪُنري“ ٻڌائي ٿو ته: چيئرمين ٽائون ڪميٽي ڪُنري حاجي محمد ابراهيم مومن صاحب 1963ع ۾ ”پبلڪ پارڪ ڪُنري“ جو بنياد اٺ ايڪڙ زمين تي رکيو. هي زمين پريتم سنگهه جي هُئي جيڪو پارٽيشن کانپوءِ 1948ع ۾ هِتان کان هليو ويو پوءِ اُن زمين تي قبضو ڪيو ويو، بعد ۾ وري پبلڪ پارڪ لاءِ وقف ڪئي وئي، پھرين پارڪ نالي ماتر هُئي، ڍنگرن جو لوڙهو ڏِنل هو ۽ اندر سبزيون پوکيون وينديون هيون، پوءِ 1967ع ۾ ڪنري شھر جي ٽائون چيئرمين بابو فضل ڪريم ۽ ٽائون سيڪريٽري محمد اختر صحي طرح پبلڪ پارڪ کي ٻيھر تعمير ڪرايو، ۽ خوبصورت گُل ٻوٽا، ڇٻر وغيره لڳرائي، لائٽنگ جو به انتظام سُٺي نموني ڪرايو ويو ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي سڀ کان خوبصورت پارڪ جو اعزاز ڏياريو، ادب سان چاهه رکندڙن لاءِ لائبريري به قائم ڪرائي، 1982ع ۾ ڪنري جي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوهدري محمد اشرف آرائين اُن ۾ پاڻي جو تلاءُ ٺھرايو ۽ چئني طرفن کان رنگين روشنيون لڳرايون، پارڪ ۾ وڏي ٽانڪي ايڊمنسٽريٽر ايم جي اي راجپر ٺھرائي. ڪُنري پارڪ جو سڀ کان پھريون مالھي بابا نصير احمد هو. پارڪ جي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ 9 ماڻھن جو اسٽاف مقرر ڪيو ويو. پوءِ آهستي آهستي ماڻھن جي عدم دلچسپي ۽ لاپرواهي سبب ڪُنري جو پبلڪ پارڪ ويران ٿيڻ لڳو ۽ اسٽاف به پنھنجو فرض پورو ڪرڻ بنا لڳو رهيو، پارڪ وڃي ويراني جي ور چڙهيو، وري ٻيھر 2001 ع ۾ تعلقه ناظم ڄام ميمڻ ۽ يو.سي ڪُنري جي ناظم ميان محمد سليم جي ڪوششن سان ڪجهه قدر بھتر ٿيو ۽ اُن کي خوبصورت رکڻ لاءِ ٻيھر ساڳين مالھي بابا نصير جون خدمتون حاصل ڪيون، هن وقت پارڪ جو مالھي نثار احمد آرائين آهي ۽ اسٽاف صرف 5 ماڻھن تي مشتمل آهي.
ڪافي دير گهمي ڦِري ساھي پَٽي پوءِ ٻاهر نِڪتاسين. شھر کان ٻاهر شھر جي آخري دنگ تائين نِڪري آياسين، ٻاهر ووئڻن جو فصل هو جنھن ۾ پُڻ فوٽوگرافي ڪئي، آئون جيئن ئي فوٽوڪڍي پوئين پيري پوئتي موٽيس ته ديوي جو ڪنڊو بوٽ جوراب پار ڪري پير ۾ اهڙو لڳو جو ٿوري ئي دير ۾ پير رتورت ٿي ويو، موٽي آياسين.

مرچ منڊي ۾ بَـڙ جو وَڻ
اسين هاڻي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي ڪُنري جي سُڃاڻپ رکندڙ مرچ منڊي گهمڻ لاءِ آياسين مرچ منڊي ۾ جيڪا اتفاقن کُليل هُئي، ڇو ته ايندي ۾ اقبال پي چيو ته هِن وقت مرچن جي سيزن ناهي تنھن ڪري ٿي سگهي ٿو ته مرچ منڊي بند هُجي پر دروازو کُليل هو، اندر آياسين، بدين جي ٽماٽا منڊي جيئن آمھون سامھون دُڪان ٺھيل آهن. پر هي دُڪان ترتيب ۾ ۽ هِن منڊي جي وڏي پکيڙ هُئي. منڊي جي پوري وچ ته بڙ جو قديم وڏو وَڻ آهي جنھن سان منڊي جي خوبصورتي نظر اچي ٿي. هِن بڙ جي قديم وڻ هيٺ اچي ويٺاسين وڻ جي هيٺ چؤطرف سيمنٽ جو دِڪو ٺھيل آهي. جنھن تي ويھي ڪچھري ڪئي ۽ وڻ جي واکاڻ ڪرڻ لڳاسين.
مرچ منڊي بابت وڌيڪ ڪتاب ”ميرا شھر ڪُنري“ ٻُڌائي ٿو ته: ڪُنري ۾ مرچن جي خريد و فروخت جو باقاعده 1961ع ۾ اناج مارڪيٽ اناج منڊي کان آغاز ٿيو، جتي ڪپھه، ڪڻڪ، مرچن کان سواءِ ٻيون به ضرورت جو سڀ شيون خريد و فروخت ڪيون وينديون هيون، اُن وقت شھر جي آبادي به محدود هُئي ۽ اناج منڊي به شھر جي وچ ۾ هُئي، مرچن جي سيزن ۾ شھرين کي وڏي تڪليف هوندي هُئي، سڀئي کنگهڻ ۾ پورا هوندا هئا، نه صرف کنگهڻ پر ٻيون به نڪ، گلي يا ڦڦڙن جون بيماريون پيدا ٿيڻ جا خدشا موجود هوندا هئا. ان شھرين جي وڌندڙ تڪليف کي محسوس ڪندي اُن وقت جي سماجي سمجهيو ويندڙ شخص چوڌري محمد ابراهيم گِل صاحب شھر کان ٻاهر پنھنجي ذاتي زمين مان 3 ايڪڙ في سبيل الله وقف ڪئي، جنھن کي اُن وقت جي ٽائون ڪميٽي چيئرمين بابو فضل ڪريم گِل سلام پيش ڪندي، 1984ع ۾ مرچ منڊي کي اناج منڊي کان الڳ ڪري هِتي ڏِنل زمين تي 22 دڪان تعمير ڪرايا جنھن مان 20 دوڪان ڪاروبار لاءِ ۽ ٻه دڪان هوٽل جي لاءِ ٺھرايا.
مرچ منڊي جو پھريون صدر محمد حيات گِل کي چونڊيو ويو، اُن وقت سڀ کان وڏو دُڪان سيٺ رواچند (ٻُسٽان واري) جو هو. ڪيوڙو گشڪوري اُن وقت سڀ کان وڏو ٺيڪدار ۽ ٻوليءَ لڳائڻ وارو بروڪر هو. 1976ع کان 1980ع تائين 12 هزار کان 14 هزار ٻوريون روزاني اينديون هُيون، ۽ اُنھن ئي ڏينھن ۾ هن مرچ منڊي کي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي جو اعزاز حاصل ٿيو.
مرچ منڊي جو سڀ کان گهڻو عرصو 18 سال صدر رهندڙ چوڌري محمد رفيق هو. مرچ منڊي جي اندر مسجد جي تعمير 1972ع ۾ ڪئي وئي، جنھن ۾ سڀ ڪاروباري ماڻھو شامل هئا، اُنھن گڏجي ڪري مسجد تعمير ڪرائي، مرچ منڊي ايسوسئيشن جو جنرل سيڪريٽري عبدالسميع ڀٽي آهي، مرچ منڊي جي لائٽ سيٺ جميل الرحمان جي ڪوششن سان 1979ع ۾ لڳي. مرچ منڊي جو فرش چوڌري محمد اشرف آرائين جيڪو ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين (1979ع کان 1983ع) هو. تنھن ٺھرايو. مرچ منڊي ڪُنري جي دُڪانن جي آمدني ٽائون ڪميٽي کي ملندي آهي.
مِرچ منڊي گهمي ڦِري ٻاهر نِڪتاسين، هاڻي آياسين وري شھر ۾ اسان جا ميزبان ٻه هُئا تنھن ڪري کارايائون پياريون خوب، اقبال بوتلون پياري ته صالح وري فالودو کارائي، فالودو کائڻ کان پوءِ وري اقبال چئي هلو آئون وري اوهان کي آئسڪريم کارايان، ايئن اسان جي منع ڪرڻ جي باوجود به هر هنڌ هر چوڪ تي ڪنھن مشھور هوٽل تي ڪُجهه نه ڪجهه کائيندا پيئندا گهمندا رهياسين. هي سفر انتھائي يادگار ۽ خوبصورت رهيو، جو ميزبانن کي محسوس ڪيوسين ته ڏاڍا خوش هئا، ۽ اهڙو ڪو به تاثر نه جُڙيو نه نظر آيو ته هاڻي گهڻو گهميوسين، بس ڪئيسين نه، تنھن ڪري ئي گهمڻ ڦِرڻ ۾ ڏاڍو لُطف هو. ٻه ڏينھن هڪ رات رهڻ کانپوءِ به چوَن نه وڃو، اڃا ترسو سُڀاڻي وري ڪنھن ٻي پاسي هلون، پر اسان کي وري ڪم ڪار تي به اچڻو هو. ٻيو ته بقول بُخاري:
’راند ڇڏجي رتي، ميلو ڇڏجي مَـتو‘،
انھيءَ ۾ ئي مزو آهي، زندگيءَ جو، دوستي، جو بلڪِ هر رشتي جو ته، سڀ ڪُجهه رس ۾ ڇڏجي رنج ۾ نه، ۽ وري هر هر به اُنھن ڏانھن ئي وڃجي جيڪي هر هر اکيون راهن ۾ رکِي:
ايندي چوَن آءُ، ويندي چوَن ويھه،
ڇڏي سارو ڏيھه، اڱڻ اچجي اُن جي.
(شاهه)

واپسي
ساڳيو روڊ، ساڳيو سفر، ساڳيا مسافر، اي سي ڪوچ ۾ چڙهياسين، هاڻي اسانکي اُها تانگهه، تڙپ يا جلد پُھچڻ وارو جيڪو احساس هو، سو نه هو، هاڻي ته بس گهر ئي پُھچڻو هو، ڪھڙا ڪھڙا شھر ڪِراس ڪريون پيا، اِهو به ڪنڊيڪٽر کان نٿا پُڇون، جيئن وڃڻ وقت پُڇندا رهيا هُئاسين، بس آئون ته ڀِٽ جي بادشاهه لطيف سرڪار جي هِن فلسفيءَ کي سئو سيڪڙو صحي ۽ سچ سمجهان ٿو ته:
ڳوليان ڳوليان مَ لھان، شال مَ ملان هوت،
من اندر جا لوچ، متان مِلڻ سان ماٺي ٿئي.
(شاهه)
مونکي گُذريل سال آل پاڪستان ٽوئر جي ياد پئي اچي، بِلڪل ايئن ئي هو. هر نئي ماڳ ڏانھن وڃڻ وقت ڏاڍيون خوشيون، کِل، ڀوڳ، مذاق ۽ جڏهن اُن ماڳ تان واپس ورون ته سڀ ڪو پنھنجي مُنھن چُپ ڪريو ويٺو آهي، يا وري ڪو نِنڊ سان ٻکجي ٿي ويو. اِهو شايد فطري عمل آهي، جيڪا شئي ماڻھو جي حاصلات کان پري هوندي آهي، اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ۽ جُستجو ڪندو آهي، پر جڏهن اُها شئي حاصل ٿي ويندي آهي، ته اُن جي جُستجو بِلڪل ماٺي ٿي ويندي آهي.
برکھا دهرتی پر گرے نمی میرے اندر ہو،
مجھے آگیا ہے ساون موسم بہت راس۔

یہ گلیاں یہ راستے بہت مانوس سے ہیں’ فرح‘،
اس شہر سے آتی ہے اُنسیت کی باس۔
اسانجو هي سفر ته انتھائي يادگار ۽ خوبصورت رهيو، باقي انساني فطرت موجب واپسيءَ جي روڊن، رستن يا شھرن بابت نه پُڇڻ ۽ سُمھين رهڻ، ڪا نئين ڳالھه ناهي يا ڪو ڪمال ڪونھي.
کون رہتا ہے سدا ایک سے لمحات کے ساتھ۔
انسانی سوچ بد جاتی ہے حالات کے ساتھ۔
[فرح]

جيڪي سفر ۾ همسفر هيا
سرور اقبال ميمڻ: اصل ۾ ميمڻ ڪُنري جو رهندڙ آهي، هاڻي گهڻي عرصي کان هِتي ڪنري پاڪ ۾ رهي ٿو ۽ هِتي ”ميمڻ پريس ڪنري“ نالي سان پرنٽنگ پريس به اٿس. انتھائي بھترين انسان ۽ دوستي جي قابل آهي. دوستن لاءِ دِل درياءَ رکي ٿو.

محمد صالح ميمڻ: اصل ۾ ميمڻ ڪُنري جو رهندڙ آهي، هاڻي گهڻي عرصي کان هِتي ڪنري پاڪ ۾ رهي ٿو. اقبال جو ڀيڻويو آهي ۽ پرائمري ماستر آهي، هي دوست سنڌ سان عشق ڪندڙ سنڌ دوست آهي، سندس کي شين بابت سُٺي معلومات پُڻ آهي.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، ’گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي‘.

(13، 14 آگسٽ 2007ع)