سفرناما

زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پبلشر  مور ساگر  جو سنڌ وطن جو لکيل سُھڻو سفرنامو آھي. ”زندگي جا پل جي مون گهاريا پنڌ ۾“ مور ساگر جي زندگيءَ جا پَل جيڪي هِن پنڌ ۾ گُذاريا آهن ۽ اسان کي اُنھن ۾ هِن ڪِتاب جي ذريعي، ڄڻ پاڻ سان گُھمائي ٿو، اِها اڄوڪي دؤر جي تاريخ آهي، جيڪو مستقبل جو دستاويز بنجي ويندو. جيئن ابنِ بطوطه، مارڪو پولو، لطف الله ۽ ٻين جا لِکيل مختلف علائقن جا سفرناما.

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ڪارونجهر جي ڪور تي

روانگي
هل ڪارونجهر مور1 ڏِسون هَل!
ٽھوڪن ٿا جِت مور2 ڏِسون هَل!
اڄ سترھين آگسٽ ويھه سئو تيرھن تي آئون سويري اُٿي تياري ڪرڻ لڳس، تيستائين ’پرين‘ منھنجي لاءِ ناشتو تيار ڪري ورتو، جھانزيب کي به چيم اُهو به تيار ٿيو. ميون ملوڪ کان ياسين پھتو پيرو تي. پيرو تان آئون ۽ جھانزيب ٽيئي آياسين تلھار، حيدرآباد کان مزمل صديقي، مزمل قريشي، رحيم جوڻيجو ٽيئي آيا ماتلي، ۽ ماتلي مان ادا منظور، سجاد حسن، ديدار حسين ميمڻ، عبدالرزاق (سجاد جو پُٽ) ۽ تاج محمد. ڪالھه پروگرام ايئن ئي طئي ٿيو هو، ته حيدرآباد وارا دوست ماتلي پھچندا، پوءِ حيدرآباد ۽ ماتلي وارا گڏجي تلھار ايندا ۽ ميون ملوڪ ۽ پيرو وارا دوست به تلھار پھچندا پوءِ گڏجي سڀ اڳتي روانا ٿينداسين.

تلھار
تلھار شھر ۾ هوٽل تي ويٺاسين، بوتلون گهرائي پيتيوسين، انتظار ۾ آهيون، جيستائين سنگت پھچي. ڪڍيم فون کيسي مان، مِلايم نمبر سنگت جو، چيائون بس ٿورو انتظار، پھچڻ وارا آهيون، اوهين ڀلي روڊ تي نِڪري اچو، هوٽل واري کي بل ڏِنم. ٻاهر نِڪري روڊ تي بيٺاسين، تيستائين ڳاڙهي ڪلر واري ڪيري اچي اسان وٽ بريڪ ڪيو، ڪيري ۾ نظر جو ڪئيسين، ماشاءَالله، ’ڪم گهڻو آهي، ماڻھو کپن‘. اَٺ اڳ ئي ويٺا آهن، ٽي اسين ٿياسين ڪُل يارھن يار... بس الله توهار.

چانري
تلھار شھر کي ڇڏيندي اڳيان ڪجهه پنڌ تي ’چانري اسٽاپ‘ اچي ٿو، چانري تي روڊ جي اُترين پاسي هڪڙي هوٽل آهي، اُن تي چانھه سُٺي ٿي ملي، پروفيسر ضرار رُستماڻي جي پُٽ جي شادي جي دعوت تان واپسي ۾ زوهيب خان ڏاهري، ايڊوڪيٽ آصف جمال سومرو، ۽ مون چانھه پيتي هُئي، سياري جي رات هُئي، وات مان دونھان پي نِڪتا، زوهيب خان ڏاهريءَ مذاق ڪندي گاڏيءَ جي چاٻي لڪائي ڇڏي، پوءِ آصف جمال جي پريشاني به ڏِسڻ جھڙي هئي، گاڏي زوهيب ڏاهري جي هئي، هلائي آصف جمال پي. چانري جو نالو ٻُڌڻ سان يادگيري ذهن جي دري ٽِپي آهي.

جمالي ڦـڙدو
ڪيري هلائيندڙ حاجي ديدار ميمڻ هو، ۽ اِهو ڪم اُن تي رکيل هو ته بابا هِتان تلھار کان جيئن نِڪتا آهيون، آخري منزل تائين وچ تي ايندڙ ننڍا وڏا شھر اسٽاپ اسان کي ٻُڌائيندو هلجان. حاجي ديدار ڊرائيور ماڻھو آهي، هن کي روڊ رستا، شارٽ ڪٽون، ننڍا وڏا اسٽاپ ياد هوندا آهن.
جمالي ڦُـڙدو کان اڳيان اُترينءَ هٿ تي لنڪ روڊ نڪري ٿو، جيڪو مختلف ڳوٺن ڏانھن وڃي ٿو، پر هڪڙو ڳوٺ منھنجي يارن صحافي عثمان راهوڪڙو ۽ الھبچايو راهوڪڙو جو ’متو راهوڪڙو‘ نالي به آهي، جنھن ۾ آئون هڪ ڀيرو پنھنجا پير گهمائي آيو آهيان.

ٽنڊوباگو
پلڪ جهپڪ ۾ پُـھچي وياسين باگي جي ٽنڊي، ڪيري ۾ سي اين جي ۽ پيٽرول فُـل ڪرائڻو هو، اسان تيستائين پيٽرول پمپ جي ڪُنڊ تي قائم ننڍڙي مسجد، ’حاجاڻي نعمت مسجد‘، جنھن جي اڳيان ننڍڙو پارڪ آهي، اُتي بيٺاسين، ڦوٽوگرافي ڪئي، مزمل صديقي پُڇي ٽنڊو باگو، ڇو ٿيو؟ کيس مذاقن چيومانس سنڌ راڻي جي عشق ۾ باگو بادشاهه مان ڦِري ٽنڊو ٿي ويو. في الحال ان تي گُذارو ڪر، تفصيل وڃِ تاريخ کان پُڇجان. هن پمپ جي پاسي ۾ شريف زئور ۽ واحد زئور جي پريس آهي، جھاتي پاتيسين ته شريف ۽ واحد ٻئي ويٺا هئا، اُنھن سان ملياسين. ٽنڊي باگي جي مور ماڻھو پروفيسر سائين ضرار رُستماڻي جي ياد ته آئي، پر کيس مولوي احمد ملاح جو هي شعر ڀيٽا ڪندي سندس اسڪول اڳيان گُذري وياسين.
صَبا چئج سانگين کي ساري سَنيھا،
ته چت ۾ چتا کان پيم چاڪ چيھا،
کنوَڻ کيل ڪاهڙ، خطا ۽ خَتن ۾،
وٺو خير کينئن سان، خبر اي خطن ۾،
ويڙهيچا وطن ۾، وَڪوڙين وِيھا.

جهڏي ڀر مان لنگهيو هان
سڌو پھتاسين جهڏو گودام، پرين پياري ايوب کوسو جو شھر، هن کان پھرين 2006ع ۾ هن شھر جي وچان گُذر ٿيو هو، تڏهن به ياد بس ايوب ئي آيو هو. ۽ پوءِ ياد آئي هُئي ايوب کوسو سان پھرين ملاقات. باءِ پاس تان ئي کيس پرپُٺ سلام ڪندي باءِ پاس ڪري وڃي نِڪتاسين نئون ڪوٽ.
ايوب تنھنجي شھر جهڏي، ڀر مان لنگهيو هان،
تنھنجي شاعري جي ڄڻ، سحر مان لنگهيو هان.

نئون ڪوٽ تو وٽ وري ٿيو اچڻ آ
نئون ڪوٽ قلعي تي اڄ ٻيھر اچڻ ٿيو آهي، هِن کان پھرين 14 آگسٽ 2006ع تي، ماتلي جي ماسترن سان گڏ پوري وين ڀري ڪارونجهر تائين ويا هئاسين، اڄ ٻيھر آيو آهيان. ’مارئي جي ديس ملير ۾‘ تفصيل آهي.
نئون ڪوٽ تو وَٽ، وري ٿيو اچڻ آ،
هر هر اچڻ ڄڻ، توکي سمجهڻ آ.
ايئن نئون ڪوٽ کي سلام ڪري وڏي دروازي کان اندر آياسين، پھرين سيڙيون چڙهي مٿي پھتاسين، ڪوٽ تي هميشه مٿي چڙهڻ جو مزو آهي، ڪوٽ جي اندر ته قيدي هئڻ جو احساس طاري هوندو آهي، جڏهن مٿي اوچائي تي اچبو آهي ۽ چئني طرف نظرون تيز ڊوڙنديون آهن، ته رنگيءَ جا رنگ ۽ منظر ڏِسي، بي اختيار زبان مان سبحان الله جا لفظ نِڪرندا آهن. اسان جي محسوسات بِلڪل ايئن هوندي آهي ۽ باقي ڪجهه دوستن مستي ۾ مست مختلف پوز ٺاهي فوٽوگرافي به ڪري هِتي اچڻ جو پورو پورو لطف به ورتو. مونکي 2006ع ۽ 2013ع جي ايڏي عرصي ۾ هِتي ڪا به تبديلي نظر نه آئي. اڳيان ڪِٿي هُجي شايد. اڃان 48 ڪلوميٽر اڳيان سفر ڪري مِٺي جي مِٽي تي پھچون ته پتو پوي. هاڻي وري به ڀِٽن جو سفر ۽ اسان جون مَنَ.

مٺي جي مِٽيءَ تي پھتا پير جڏهن
هاڻي جڏهن رستي ۾ ڀٽن ۽ ساوَ ڪ جو سلسلو هليو آهي ته سڀني جي چھرن تي ڄڻ سُرهائي ۽ تازگي محسوس ٿي رهي آهي، ڪيري جا شيشا کولي مِٺي کان ايندڙ ٿڌڙيون هوائون محسوس ڪرڻ لڳاسين، ڪجهه وقت لاءِ لاهين چاڙهين تان ڪيري پنھنجا ڦيٿا ڦيرائيندي اچي اسان کي پھچايو مِٺي شھر ۾. شھر پھچڻ کان پھرين بريڪ ڪري، فوٽوگرافي ڪئي.
مِٺي جي مِٽي تي پھتا پير جڏهن لڳو ايئن آ.
مُڪي ڄڻ مِٺي هِن هوائن هٿان مِٺي ۾ مِٺيءَ.
مِٺي جي روڊن تي پھتاسين ته ٿورو فرق ضرور محسوس ٿيو، 06 ۽ 13 ۾، اڳي روڊ ڀڳل ٽُٽل هئا، هاڻي بھتر آهن، ايندڙ وقت ۾ شايد اڃا به وڌيڪ بھتري اچي، هن ڀيري جڏهن سميجا پاڙي کان گاڏي موڙي گڊي ڀِٽ ڏانھن روانا ٿياسين ته اسانکي ڪو به ناڪي وارو نظر نه آيو، هِتي اسان جڏهن 2006ع ۾ آيا هئاسين ته لڪڙو ڏِنل هو، ۽ 20 روپيا وٺي پوءِ اڳتي وڃڻ ڏِنو هو، اها به تبديلي محسوس ٿي.

گِـڊي تون گُڊ آن، گُڊ ئي رهجان
پري کان ئي محسوس ٿي رهيو آهي، جڏهن نظر ٽاوَر تي پئي، مون سنگت کي چيو لڳي ٿو، هينئر گڊيءَ کي Good ڪيو ويو آهي، گول ڦيري دار روڊ تان ڪيري کي ڦيرائي اچي ٽاوَر ڀر ۾ بريڪ ڪيوسين، واهه هينئر ته واقعي ئي رنگ لڳا پيا آهن، اڳ ته واري پي اُڏامي، هينئر رنگ پيا اُڏامن، سُٺو ڏاڏڍو سُٺو، هِتي ڀرپور لڳو تبديليءَ جو تصور، اسان هِتي خوب گهميوسين، لُطف اندوز ٿياسين، ٽاوَر مٿي ته فل وقت بند هو، ڀر ۾ ۽ سامھون بيھي فوٽوگرافي ڪئيسين، مِٺي جي شھر کي ويجهي کان ويجهو ذوم ذريعي آڻي موبائلن ۽ ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪيوسين.
هن نئين ٺھيل ٽاوَر ٽي طبقن ۾ خوبصورت ڊزائن ٿيل آهي، وچين طبقي تي سفيد رنگ جي ٽائل تي ڪاري رنگ سان، امر جگديش ڪمار مَلاڻي، يادگار ٽاوَر لکيل آهي، هِن ٽاوَر جي سامھون فاصلي تي پٿر جون بئنچون به لڳل آهن، جِتي ماڻھو ويھي ٿڪ ڀڃي ۽ ٽاوَر جو به نظارو ڪري يا فوٽوگرافي ڪري، جيئن فوٽو ۾ مڪمل نظر اچي، ٽاوَر کان اولھه طرف هيٺ خوبصورت پارڪ ٺاهيو ويو آهي، جنھن ۾ ڊائنوسار، گهوڙي ۽ مور جا وڏي سائز ۾ بُت ٺھيل آهن، جيڪي پارڪ جي سونھن کي چار چنڊ محسوس ٿي رهيا آهن، اسين پارڪ ۾ وياسين اندر فوٽوگرافي ڪئيسين، تيستائين شايد چوڪيدار هو ڪاوڙيو ڀڳو آيو، پارڪ ۾ اجازت ناهي وڃڻ جي، اوهان بنا اجازت ويا آهيو، چيوسين باقي پارڪ ٺاهيو ڇا جي لاءِ آهي، پري کان پَسڻ لاءِ يا اُٺ چارڻ لاءِ، همراه تپي ويو، چئي وڃي ٿو پوليس واري کي وٺي اچان، چيوسين ڪو به فائدو ناهي، اسان پنھنجو ڪم پورو ڪري ورتو، مطلب فوٽوگرافي مڪمل ڪري ورتي سڀني دوستن، هاڻي جي ٻاهر به آياسين ته فرق نه پوَندو. سُٺي نموني گهمي ڦِري واپس ورياسين.
گِڊي تون گُڊ آن گُڊ ئي رهجان،
اچون پو وري جي، ايئن ئي مِلجان.
مِٺي شھر ۾ واپس اچي هوٽل تلاشيون ٿا، جِيئن چانھه جي چُسڪي پيئون ۽ سفر جو ٿَڪ هلڪو ڪريون، منجھند جي ماني ته ڏونجهه جوڻيجا ۾ آهي، ڏِسون ڪھڙي ٽائم تي ٿا پھچون، اڃا ته اڳيان اسلام ڪوٽ ايندو.

اسلام ڪوٽ
ٻائتاليھه ڪلوميٽر ٻِيا ويڙهي، اچي پھتاسين اسلام ڪوٽ، اسلام ڪوٽ جو ڪوٽ ته رهيو ناهي، ٻيو ڪجھه ڏِسڻ يا گهمڻ جي ڪا اهڙي شئي آهي ڪونه. احوال 2006ع واري سفر ’مارئي جي ديس ملير ۾‘ ڏئي چُڪو آهيان، تنھن ڪري اسلام ڪوٽ کي ڇڏي اڳتي ٿا هلون.

ڏونجهه جوڻيجا
ادا منظور جو دوست آهي، حافظ محمد جوڻيجو، جيڪو ايئن ئي ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏيندو آهي، هن ڀيري ادا منظور ٻُڌايو هُيس ته اسين ڪارونجهر گهمڻ لاءِ وينداسين، چيائين منجهند جي ماني مون وَٽ کائجو ضرور، هاڻي اسان جو پنڌ ’ڏونجهه جوڻيجا‘ ڏانھن آهي، تقريبن اسلام ڪوٽ کان 25 ڪلوميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ ڏونجهه جوڻيجا آهي، جيئن ئي پھتاسين ته ميزبان اسان جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ اچي پھتا اسانجي گاڏي وٽ، گاڏيءَ مان لٿاسين، سڀني سان مِلياسين، دوست حافظ محمد جوڻيجو، جنھن سندس والد جو تعارف به ڪرايو، هي آهي منھنجو والد صاحب حاجي قبول جوڻيجو. اُن سائين حاجي قبول جوڻيجو چيو، تعارف ۽ ڪچھريون سڀ بعد ۾ ٿا ڪريون، مھمانن کي جلدي ڪرا (لوٽا) پاڻي جا ڀري ڏيو ته هٿ منھُن ڌوئين، جيئن ماني لڳايون، ڪافي دير ڪري آيا آهن، منجھند جي ماني کي شام اچي ٿي آهي. اِن صلاح تي سڀني مُسڪرايو، جلدي جلدي هٿ مُنھن ڌوتاسين تيستائين ميزبانن ماني لڳائي ورتي، ٻوڙ ۾ ٻه ٽي ائٽم هئا، مانيون ۽ اڇا چانوَر گڏ لسي به هُئي، واهه جو مزو آيو. ماني کائي ورتي ته هلي ڪچھري ۽ حال احوال، پوءِ اسان کي مائٽ حافظ محمد چيو، چانھه جيستائين اچي، سامھون هوءَ لائبريري آهي، اچو ته اوهان کي ديدار ڪرايان، آياسين هڪڙي ڪمري اندر، جِتي سندس ذاتي لائبريري ’محمدي لائبريري‘ آهي، ڪا وڏي لائبريري يا ڪتابن جي گهڻائي ته ناهي، پر ٻھراڙي جي ڳوٺ ۾ پوءِ به بھترين لائبريري لڳي ٿي. آياسين واپس اوطاق تي جِتي کٽن تي ٽُڪ جون رليون وڇيل ۽ ڀرت ڀريل ويھاڻا رکيل آهن. سڀني چانھه پيتي، پوءِ کانئن موڪلايوسين ۽ سندن محبتون مڃيوسين.

ڀـالـوا جي ڀـَر
ٿڌي مٽي ٿر جي، ولھيءَ وسائجاهه،
پويون ٿئي پساهه، ته به نجا مڙهه ملير ڏي!
اسين هاڻي ڀالوا ڏانھن مُڙي رهيا آهيون، جِتي ’مارئي جو کوهه‘ چيو وڃي ٿو، بس سالن صدين کان جيئن نسلن جا نسلن ٻُڌندا ڏِسندا اچن، ايئن اسين به آيا آهيون، سُڀاڻي اسانجو نسل به ايئن ئي ڏِسڻ ايندو، ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پڙهڻ کانپوءِ ماڻھو جو مَن عجب کائيندو آهي، ته آخر سڀ تاريخ ايئن ئي آهي، ٻُڌل سُڌل ڳالھيون، وري پنھنجي ئي ذهن ۾ ٿا خيال ڦِرن ته آخر ڪجي به ڇا، اسانکي به ته انھيءَ ئي لکيل تاريخ کي پڙهڻو آهي، پنھنجي تاريخ ته نٿا لکي سگهون يا صديون پھرين پوئتي وڃي اسين ته ڪي نتيجا نٿا ڪڍي سگهون.
ڀالوا جو نالو ذهن تي ايندي ئي مارئي جو ملير، عمر ڄام جو انياءُ اهڙي تاريخ ذهن تي تري اچي ٿي. مارئي حقيقت آهي، ڏند ڪٿا آهي، علامت، استعارو آهي، ڇا آهي، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي جو تاريخ لکندڙ سڀ ڪو پنھنجو پنھنجو رايو ڏيو ويٺو آهي.

ننگر پارڪر جي نگري ڏانھن
اسانجي آخري منزل ننگرپارڪر آهي، سج ته هِتي ئي لھي چُڪو آهي، اڃا اڳتي ڀالوا کان 24 ڪلوميٽر ننگرپارڪر ٻُڌائن ٿا، يعني اڌڪلاڪ جو سفر اڃا به اڳيان آهي. پھچندي پھچندي رات پنھنجا پَر پکيڙي رهي هُئي. اسانکي هاڻي هِتي رهائش جو مسئلو پھرين حل ڪرڻو آهي، پوءِ وقت بچيو ته شھر گهمبو، هِتي محدود ريسٽ هائوس آهن، جيڪي بُڪ ٿيل آهن، ڪٿي هڪ ڪمرو به نه پيو مِلي.
ادا منظور وڏي ڀاءُ محمد عثمان سان رابطو ڪيو، جنھن چيو آئون ڏِسان ٿو لال بخش کوسو حوالدار ڪسٽم منھنجو دوست آهي، سندس ڳوٺ ڪارونجهر جي ڀر ۾ آهي، جي گهر آهي ته چوانس ٿو، هو اوهانکي وٺي ويندو، ڪجھه دير کان پوءِ ڀاءُ وڏي نمبر موڪليو ۽ نالو ٻُڌايو، چيائين ته لال بخش کوسي سان رابطو ڪريو، ڪِٿي بيٺا آهيو، اوهانکي وٺي ويندو.
ادا منظور لال بخش کوسو سان رابطو ڪيو، اُن کي ڏس پتو ٻُڌايو جنھن جاءِ تي اسين بيٺا آهيون، اڌ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد لال بخش موٽرسائيڪل تي اچي پھتو، تعارف ڪرائيندي چيائين ته هاڻي اچو منھنجي پويان پويان، پاڻ ٻي همراهه سان گڏ موٽرسائيڪل تي، اسين سندس پويان پويان، ڪجهه پنڌ اڳتي ڪيوسين، سندس ڳوٺ اچي ويو، هڪڙي وڏي ڪمري واري پڪي اوطاق هُئي، اُن اڳيان اچي گاڏي پارڪ ڪئيسين. اوطاق جي کُليل اڱڻ تي کٽون لڳائي ڏِنيون ويون، اسان سڀني کُليل هوا تي کُليل اڱڻ تي سُمھڻ پسند ڪيو، آگسٽ جو مھينو آهي، گرمي لڳي پئي آهي، ٻيو ته چارئي پاسان ديويون ئي ديويون آهن. سفر جي ٿڪاوَٽ به هُئي ڪجهه ڪارونجهر ۾ ڪرائي جو ڪو ڪوارٽر نه ملڻ تي ٿورو ماحول ۾ اُداسي به آئي هُئي، اُهو سبب هو جو ڪچھري ڪرڻ بنا ئي سڀ ڪو پنھنجو بسترو لڳائي سمھندو ويو.
مٿان چنڊ به جوڀن ۾ هُو، ڪارونجھر جي ڪور (ڪناري) تي کُليل آسمان هيٺان سُتا آهيون، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ته ايترو آسانيءَ سان ننڊ ڪانه ايندي، پوءِ چنڊ سان چاڳ (ڳالھيون) ڪندو رهيس.
اڙي او چنڊ! وڃين چئو پرين کي،
ناهي چين دل کي، ۽ ناهي نيڻن ننڊ،
هاءِ هر ڪا مند، ٿي تاءُ ڀاسي تو بنا.
ڳالھيون ڪندي ڪندي خبر ناهي ڪھڙي ويل ننڊ جي ديوي آئي وارن ۾ آڱريون ڪنگي ڪري سُمھاري هلي وئي.
صبح اُٿياسين سڀني دوستن تڙ ڪيو، ناشتو آيو، ناشتو ڪيوسين، چانھه پيتي، هاڻي سوچيوسين پي هلڻ جي ڪجي، جھانزيب ڊرائيور کان پڇڻ بنا ڪيري اسٽارٽ ڪئي، پاڻي، آئل چيڪ ڪرڻ کانسواءِ، آئل شايد نه هئس، گاڏي خراب ٿي پئي، پوءِ اُها الڳ پريشاني اسان کي ڪارونجهر جي چوٽيءَ به سَر ڪرڻي هُئي، تنھن ڪري سويري اُٿياسين. جيئن تيئن ڪري پُھتاسين ڪارونجهر جي ڪور تي، اُڃايل ڪنھن مور وانگي.
چارئي پاسا واهه جي ساوَڪ، سبحان الله سبحان الله.
ساڳيون ڪارونجهر ساڳي هاڪ، سبحان الله سبحان الله.

ڪارونجهر جي ڪور تي
ڪارونجهر جبل جي خوبصورتي برسات کانپوءِ بلڪل ڏِسڻ وٽان آهي، اسان سان گڏ حيدرآباد کان آيل ٻئي مزمل ڏاڍو لطف اندوز ٿين پيا، جو اُنھن پنھنجي زندگي ۾ هيڏا وڏا پھاڙ شايد پھريون ڀيرو ڏِٺا آهن، پاڪستان جي اُترين علائقن ۾ ته هِن کان به وڏا پھاڙ آهن، ۽ ڪاڇي جي گورک هِل جا پھاڙ به هِن کان وڏا آهن، پر هي اڃا ٻاهر ڪيڏانھن نِڪتا ئي ناهن، هي ته اسان وٽ ڪم ٿا ڪن، تنھن ڪري ڄڻ اسانجا ننڍا ڀاءُ آهن، اعتماد ۽ ڀروسي تي مائٽن به هِنن کي موڪل ڏِني، تنھن ڪري هِنن ٻنھي جو ايئن پري، سو به ٿر ننگر ۾ نِڪرڻ ممڪِن بڻيو.
ڪارونجهر جي تاريخ يا قيمتي پٿر بابت تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، منھنجي 2006ع واري سفر ۾ ڪجھه تفصيل آهي، تنھن ڪري هِتي ورجاءُ نٿو ڪريان، اِهو خبر ناهي ته ڪڏهن جي ڳالھه آهي جو چوندا هئا ته: (ڪارونجهر ٽڪري ۾ روزانو سواسير سون پيدا ٿئي“ جنھن جو مطلب اِهو هو ته هن ٽڪري ۾ ايتريون ته قيمتي جڙي ٻوٽيون آهن جو ماڻھو روزانو ايترو هِن ٽَڪري مان ڪمائن ٿا، جيڪا ڪمائي سون جي سوا سير جي قيمت جيتري ٿيئي ٿي)، پاڻ کي ته ڪا خبر ناهي، اُن وقت سوا سير سون جي قيمت ڪيتري هُئي، پر اِهو اندازو ڪري سگهجي پيو ته اڳي ايتريون قميتي ٻوٽيون ٿي پي سگهيون، پر هِن وقت اُهي ٻوٽيون آهن يا ناهن اِن بابت وري ڪا تحقيق يا معلومات سامھون نه اچي سگهي آهي، پُراڻي تاريخ ۾ ته هِتي جانور به ٻُڌايا وڃن ٿا، پر هِن وقت ته ڪو به جانور نظر نٿو اچي.
ننگر پارڪر جي شھر کي اولھندي ۽ ڏکڻ طرفن کان 16 ڪلوميٽر هي ڪارونجهر جو جبل چؤڌاري ڦِري اچي ٿو، هن جبل جي اوچائي صرف هڪ هزار فُٽ ٻُڌائي وڃي ٿي.
اسين نيٺ اچي پنھنجي منزل تي پھتاسين. هاڻي سنگت لاءِ هڪڙو امتحان هو ته ڪارونجهر جي چوٽيءَ ڪير ٿو سَر ڪري، مون سميت ڪوشش سڀني ڪئي، پر ٻي وِک تي ئي اڌ همراه بيھي رهيا، مٿي جيڪي چڙهيا اُنھن ۾ ادا منظور، مزمل صديقي، ياسين، جھانزيب ۽ آئون، باقي سڀ هيٺ رهجي ويا، هيٺ بيٺلن اسان جي مووي پي ڀري ۽ زوم ڪري فوٽو پي ڪڍيا، مٿي چڙهڻ لاءِ اوهانکي گڏ پاڻي ضرور کڻي وڃڻو آهي، نه ته انتھائي مشڪلات به پيش اچي سگهي ٿي، گلو بلڪل به خشڪ ٿي وڃي ٿو. مٿي جڏهن چوٽيءَ تي چڙهي بيٺاسين ته سبحان الله سبحان الله چارئي ڏِسون واهه جون پيو وڻن، چئونرن وارا ڳوٺ، وڻ ٽِڻ، ساوڪ ئي ساوڪ، جابلو سلسلو ايئن سڀئي منظر من کي موهيندڙ پيا لڳن، جڏهن چئني طرفن اوهان نظرون ڊوڙائيندا ته اوهان کي ننگرپارڪر، ڀوڏيسر، موندرو، مئو، آڌيگام، کارڙيو، ڪاسبو ۽ گهرٽياري وسنديون، ماڳ مڪان آهن، ڪي اوهان کي نظر ايندا ڪي نظرن کان اوجهل، پر هن جبل جي چئني طرفن کان ڦِريل آهن. ننگرپارڪر جا ماڻھو چنديرام ڀاٽ ساڙدري هي شعر گهڻو چوندا آهن:
ڪارونجهر جي ڪور، مَريئي تو ميليئي نُھين،
مٿي ٽھوڪي مور، ڏونگر لڳي ڏيپتو.

ساڙدرو جو تلاءُ ۽ مندر
هِتي پھرين هڪڙو ننڍڙو تلاءُ آهي، جنھن ۾ پاڻيءَ ته صاف بِلڪل به نه هو پر، ماڻھو منجهس شيشي جھڙا صاف، سنان ڪري رهيا آهن، اڪثريت ۾ رڳو عورتون ئي آهن، اُهي به شھري، اُنھن جي هھڙي پاڻيءَ ۾ سنان ڪرڻ جو ڇا ڪارڻ آهي، اِهو ڪنھن کان پُڇڻ گهرجي ها، پر نه پُڇيم، باقي ڪتابن ۾ هڪڙي ڏند ڪٿا ضرور پڙهي هُيم ته: هڪڙو هرڻ ۽ هرڻي جبل ۾ پيا ڦِرندا هئا، ڏينھن جو پاسي واري ٻنين مان گهمي ڦِري رات جو جبل ۾ اچي رهندا هئا. هڪڙي رات جو جيئن ئي هرڻ ۽ هرڻي ڇلانگون ڏيندا، جبل تي پئي چڙهيا، ته هرڻ اوچتو هڪڙي پاڻيءَ سان ڀريل ڪُن ۾ وڃي ڪِريو، ۽ مري ويو. هرڻي جيئن ڇلانگ ڏِنو ته اُها وڃي ڪُن جي پاسي ۾ بيٺل ”قدام“ جي هڪڙي وڻ ۾ اٽڪي، آهستي آهستي هرڻيءَ جا سمورا هڏا، سڙي ۽ ڳري، اُن ڪُن ۾ پوندا رهيا ۽ پاڻيءَ ۾ حل ٿي ويا، هندن جي شاسترن مطابق اُن پاڻيءَ ۾ ڪا اهڙي غيبي طاقت هئي، جو هرڻيءَِ جا هڏا مُڪت ٿي ويا، ۽ رڳو سسي وڻ ۾ اٽڪيل رهي. ڪُن ۾ هرڻيءَ جي ڪِرڻ سبب، اُن ڪُن (ڪُنڊ) جو مالو، ’مرگهي-ڪُنڊ‘ پيو. هندن جي شاسترن موجب جِيؤ ڦِري اوتار وٺي ٿو، سو اُن هرڻيءَ پاٽڻ جي هڪ زبرست سيٺ جي گهر نياڻيءَ جو جنم ورتو. اُن نياڻيءَ کي جنم کان مٿي جو سور هو. ڪئين ڊاڪٽر، طبيب، ويد ۽ حڪيم علاج لاءِ گهرايا ويا، پر ڪنھن جي ڦڪيءَ فرق نه ڪيو. تان جو اُن ڪنيا کي پرڻائي ڇڏيائون، پر سندس مٿي مان سور اڃا نه ويو. هڪڙي ڏينھن پارڪر مان ڪي واپاري اُٺن تي مڱ کڻي پاٽڻ ۾ وڪڻڻ آيا، جڏهن اُهي مڱ سيٺياڻيءَ جي گهر آيا، تڏهن هن هڪدم چئي ڏِنو ته هي مڱ ”ڀيڙيا“ واريءَ ٻنيءَ جا آهن! (ڀيڙيا ٻني پارڪر ۾ آهي). گهر جا ماڻھو اچرج ۾ پئجي ويا ته هن استريءَ مڱ ڪيئن سُڃاتا! پوءِ هڪڙي ڏينھن، هڪرو برهمڻ اُتي آيو، تنھن اُنھن کي ٻُڌايو ته هيءَ استري اڳينءَ جنم ۾ هرڻي هئي ۽ سندس سسي ڪارونجهر جبل ۾، ڪُنڊ جي پاسي ۾، ’قدام‘ جي هڪڙي وڻ تي اٽڪيل آهي، ڪو ماڻھو وڃي اُن سسيءَ کي اُتان لاهي ڪنڊ ۾ وجهندو ته هيءَ مائي چڱي ڀلي ٿي پوندي، سيٺ جا ماڻھو ڪارونجهر جبل ۾ اچي ڏِسن ته برابر قدام جي وڻ تي هرڻيءَ جي سسي اٽڪيل آهي! ماڻھن وڃي سڀ سماچار سيٺ کي سُڻايا. سيٺ ۽ سيٺياڻي پاٽڻ کان روانا ٿي پارڪر آيا، ۽ وڻ مان هرڻيءَ جي سسي لاهي ڪنڊ ۾ وڌائون ته مائيءَ جي مٿي مان سور هڪدم غائب ٿي ويو.
سيٺ انھيءَ واقعي جي يادگيريءَ کي قائم رکڻ لاءِ مرگهي –ڪنڊ جي پاسي ۾ ٻه ڏيھرا ٺھرايا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين قائم بيٺا آهن. اُنھن ڏيھرن ۾ قديم شِوَ ۽ پارپتيءَ جون مورتيون به موجود آهن. خود سيٺياڻيءَ جي چوڻ تي اُن هنڌ، ڪنڊ کان مٿڀرو، مھاديو جو مندر ٺھرايو هئائون، جنھن کي ’ساڙدرو‘ چوندا آهن. روايت آهي ته مندر ٺھڻ بعد ڪنھن پوڄاريءَ جي نه هئڻ ڪري هڪڙو ڪيھر شينھن اُن ۾ رهندو هو. ماڻھو اُن ڊپ ڪري جبل ۾ ڪونه ويندا هئا. هڪ ڀيري هڪڙو اڀدوت يوگيشور اُن مندر ۾ آيو، تڏهن کان شينھن اِهو شينھن الائي ڪيڏانھن گم ٿي ويو. تنھن کان پوءِ هڪ نه ٻيو ٻاوو پوڄاري طور اُن مندر ۾ رهندو اچي ٿو. مھاديو جي مندر جي پاسي ۾ چئن ٻاوَن جون سماڌيون ڏِسڻ ۾ اچن ٿيون، جن ۾ وڏو هنس پُري ٻاوو هو.
مرگهي ڪُنڊ ۾ هينئر ٻاروهي پاڻي رهندو آهي. هندن جي ويدن ۾ ساڙدري جو ذڪر آيل آهي ته ڪُنڊ ۾ مردي جا هڏا وڌا وڃن ته ڄڻ اُهي گنگا ۾ وڌا ويا. هِتي هر سال مارچ مھيني ۾ شوراتڙيءَ جو ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. پري پري جا زيارتي اچي گڏ ٿيندا آهن. ۽ ڀڄن ڀاو ڪندا آهن.
اِها آهي آکاڻي اِن تلاءُ ۽ تلاءُ مٿان اڏيل مندر ۽ ڏيھرن جي. اِن تلاءُ جي پاسي منجهان ئي ٿورو گولائي تي ڦِري اچبو ته مٿي ساڙدري جو مندر آهي. يعني هيٺ تلاءُ مٿي مندر آهي، اسين ته اڃا به اِن کان اڳتي نِڪري وياسين مٿي چوٽيءَ تي، جيستائين چڙهي سگهياسين.

پاسي پارڪر
ڍٽ ڍري، پٽ پيون، پاسي پارڪر،
وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪر،
سڀني ڀريا سر، پلر جي پالوٽ سين.
شاهه جي اِنھيءَ شعر سان ڪارونجهر کان موڪلائي اچون ٿا ننگرپارڪر شھر ۾، هِن شھر ۾ ڪجهه فرق محسوس ٿئي پيو، 06 ۽ 13 جي ڀيٽ ۾ هاڻي هر سال سياحن اچڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن کان سوشل ميڊيا آئي آهي ته تفريح ماڳن جي اهميت وڌي وئي آهي، تنھن ڪري شھرن ۽ هوٽلن، رهائشگاهن ۾ به ظاهر آهي ته ترقي ٿيندي، ٿي سگهي ٿو پنج اٺ سال کانپوءِ اڃان به هِتي وڌيڪ رونق ٿي وڃي.
ٿرپارڪر ضلعي جو هي تعلقي هيڊڪواٽر آهي ننگرپارڪر، تعلقي جي ڪُل پکيڙ 1617ع چورس ميل آهي، جڏهن ته پارڪر وارو ڀاڱو جيڪو ٽيھه ميل ڊيگھه ۽ 20 ميل ويڪر رکي ٿو، ننگرپارڪر ۾ ڏهه تپا سمايل آهن، جن مان به ست ٿر ۾ ٽي پارڪر ۾ هي عجيب ڪھاڻي آهي، ننگرپارڪر وارا جابلو سلسلي کان اوريان اُڪري ايندا چوندا ٿر اچي ويو، ٿر وارا وري مِٺي اوريا ٽپي ايندا چوندا سنڌ اچي وئي.
جيئن هر شھر جي نالي جي هڪڙي ڪھاڻي، هڪڙو پس منظر آهي، ايئن ئي ننگرپارڪر جو نالو به ڪجهه ايئن آهي: پارڪر جي ڀر وارو رڻ اڳي سامونڊي کاري هو، ماڻھن کي اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي، چوندا هئا ”پار اُڪر“ ۽ پوءِ ڦِري ٿيو ”پارڪر“ هن سان به هڪڙي ڏندڪٿا سلھاڙيل آهي، پر هِتي اُها نٿو لکان اوهان کي پڙهڻي آهي پر ’پُراڻو پارڪر‘ ۾ پڙهي وٺجو.

ڪاسبو ۽ يوسف فقير
اسين هاڻي هلون ٿا ڪاسبو جي سائي سرزمين تي، ٻُڌو آهي ته ڪاسبو ۾ سڌيون زمينون آهن، ۽ اُتي ساوَڪ ئي ساوَڪ آهي، مورن جا ٽھوڪا ۽ ڊيلن جون ڊوڙون هر پاسي کان ماڻھوءَ جو من هِرکائينديون رهن ٿيون. سوچيوسين اسين به وڃي ٿا ڪاسبو جو حُسن پَسي اچون. ننگرپارڪر کان ڏکڻ اولھه طرف صرف چار ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري پُھتاسين سِڌي، سائي سرزمين تي، رستو ڪچو واريءَ وارو ۽ هڪڙو ننڍڙو ڳوٺـڙو آهي اُن جي وچان مَٽي ٻي پار اچون ٿا ته اکين اڳيان هڪ ڪامڻي، پدمڻي، شرمائيندي پوتيءَ جو پلوءَ ڏندن ۾ ڏيندي وڄ جيئن وراڪا ڪندي گهر ڏانھن ڊوڙي وئي ۽ اڳيان وڏن وڻن جي جهرمِٽ مان وري يوسف فقير جو آلاپ پَري کان ڪَنن تي پوَڻ شروع ٿي وڃي ٿو.
اسان به اچي يوسف فقير جي آستاني ويجهو گاڏي بيھاري، يوسف پنھنجي راڳ جي مستيءَ ۾ مست هو، ڪجهه ماڻھو هِن کي ٻُڌي رهيا هئا، اسين پھرين اڳيان مَٽي وياسين، پُراڻا مندر ٺھيل آهن، جيڪي ڏِٺاسين ۽ فوٽوگرافي به ڪئي. پوءِ اچي يوسف فقير جي سامھون ويٺاسين، هي ويچارو نابين آهي، اسان سڀني هِن سان هٿ ملايو، حال احوال ڪيو، ۽ چيوسين احمد ملاح جو ڪو غزل ٻُڌائي، پوءِ ڳائڻ شروع ٿي ويو.
هو مُنارا هو مُنارا، هو مُنارا مير جا،
اڄ ڪيا اوٺين اِشارا، هو مُنارا مير جا.
اُهو پھرين ڳايو هو اُستاد مُٺو ڪڇي، واهه جو ڳايو اٿس، هي ويچارو بس پيٽ گُذر خاطر هيءَ محفل مچايو ويٺو آهي، ايندڙ سياح هِن کي ٿوري گهڻي خرچي ڪرائيندا آهن ته هِن جو گُذر سفر ٿي وڃي ٿو، اسان به کيس خرچي ڪرائي. ساڻس گڏ گروپ فوٽو ۽ سيلفيون ڪڍي کائنس موڪلايوسين، رستي ۾ هڪڙي سائين ٻنيءَ ۾ گهوڙا چَري رهيا هئا، گاڏي روڪي لٿاسين هِتي فوٽوگرافي جي ارادي سان بريڪ ڪيو، فوٽوگرافي بھترين ڪئيسين.
ڪاسبي جي سرزمين، سائي رهين تون شل سدا،
سونھن تنھنجي ساهه سانڍي، هاڻي هلون ٿا حافظ خدا.

ڀوڏيسر مسجد
هاڻي اسان جي واپسي آهي، ننگرپارڪر جي ننگري مان نِڪري ٻه ڪلوميٽر اُتر طرف اچون ٿا ۽ پوءِ گاڏي کي اولھه طرف موڙيون ٿا، ڳوٺ جي وچان ڪچو رستو اُڪري آياسين مسجد طرف، مسجد گُهمي فوٽوگرافري ڪريون ٿا. (معلومات اڳين سفر ’مارئي جي ديس ملير ۾ پڙهندا).

ڀوڏيسر تلاءُ
مسجد کان مٿينءَ پاسي ڏانھن اچبو ته وڏو تلاءُ نظر ايندو، جنھن جا پاسا پٿرن سان پچنگ ٿيل آهن، هاڻي جا آهن يا اُن وقت جا خبر ناهي، پر هن تلاءُ لاءِ چون ٿا ته: هن تلاءُ جو سڄو تر ٽامي جو ٺھيل آهي، هن جي ويڪر ٻه سئو فُٽ جڏهن ته ڊيگهه اِن کان به ٻيڻي ٻُڌائي وڃي ٿي، ڇھين صديءَ عيسوي ۾ ڀوڏي پرمار هي تلاءُ جوڙائي راس ڪيو هو، جيڪو ڪارونجهر جي بلڪل هنج ۾ لُڏي رهيو آهي، هي تلاءَ برساتن جي موسم ۾ ڀربو آهي، پوءِ ٻارھن ئي مھينا پاڻي بيٺل هوندو آهي. هر پُراڻي آثار سان ڪا نه ڪا ڪھاڻي ضرور ڳنڍيل آهي، خبر ناهي ايئن ڇو آهي، پر آئون ته پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر جتي ضروري سمجهان ٿو اُتي مختصر ڪري لکي ڇڏيان ٿو. سو هِن تلاءُ سان به هوٿل پريءَ جي ڪھاڻي ڳنڍيل آهي.
جڏهن هِتان سمنڊ سُڪي ويو هو ته پوءِ وڏو ويران پارڪر بڻجي ويو هو، ماڻھن بنا صرف وڻ ئي وڻ هئا، اُن وقت ڪارونجهر جبل تي پرين جو راڄ هو، جڏهن انسانن جا ڪي به راڄ اڃا آباد نه ٿيا هئا، (اڄڪلھه جي انسان سان پريون ته ڇا پر جن به رهڻ پسند نٿا ڪن)، پوءِ ڪنھن اوڍي ڄام نالي شخص جو هِتان گُذر ٿيو يا هِتي اچي رهيو، (مخفي آهي)، اُن سان پرين جي سردار هوٿل پري جو پيچ اَڙيو، ۽ عشق پروان چڙهيو، هي تلاءُ به اُنھن ديوين کوٽيو هو، هن تلاءُ جي ڪَپ تي هڪڙو وڏو پپر جو وڻ هو، جنھن تي پريون راند ڪنديون هيون، ۽ تلاءُ ۾ سنان ڪنديون هيون. پوءِ هوٿل پدمڻي اوڍي سان گڏجي ڪارونجهر جي هندوري ۾ گهڻو وقت گڏ جهولندا ۽ جهومندا رهيا. ’جيسل‘ ۽ ’جکر‘ جو جنم به اُتي ئي ٿيو هو. (مختصر)
اسان کي هاڻي ٽالھي وڃڻو آهي.

ٽالھي
سِڌو آياسين مِٺي، مِٺي کانپوءِ نئون ڪوٽ قلعو، اُتان کان ٽالھي روڊ ورتوسين. عصر نماز اچي ٽالھيءَ ۾ پڙهيسين، تاج محمد کي دوا وٺي ڏيڻي هُئي، ڪنھن حڪيم ڊاڪٽر جو ڏَس مِليو هوس، ڊاڪٽر جي معلومات ورتيسين ٻُڌايائون ته مغرب جي نماز کانپوءِ ايندو، جھانزيب، سجاد ۽ آئون شھر ڏانھن نِڪري آياسين، شھر ڪو خاص ناهي، جيئن ٻھراڙي جا شھر آهن ايئن. کائڻ لاءِ ڪجهه چھر ورتي ۽ اسٽيشن طرف آياسين، هِتي ننڍا ڇوڪرا ملھه راند وڙهي رهيا هئا، جيستائين ڊاڪٽر اچي. ٽالھي جي چانھه پيتيسين.
ڊاڪٽر آيو دوا ورتيسين سنگت صلاح ڪئي هاڻ هلجي ڪُنري. ٻئي مزمل گڏ هُئا اُنھن ڪُنري جو ٻُڌو ته وڌيڪ اسرار ڪيو، ته هلو، اقبال وارن کان ٿي اچون، اسان جو وري اچڻ ٿِئي نه ٿِئي. اقبال کي اطلاع ڪيوسين.

ڪُنري پاڪ
نھٽي شھر مان نظرون گُهمائي اچي نيٺ پھتاسين ڪُنري پاڪ. ڪُنري، پھريون ڀيرو 13 آگسٽ 2007ع ۾ آيو هوس ’ڪُنري پاڪ ڏانھن پنڌ‘ واري سفر ۾ تفصيل ڏِنل آهن. سنگت وٽ پھتاسين، اقبال چيو هلو پھرين پاسي ۾ نائي جي دُڪان تي هٿ منھن ڌوئي ڦڻي ڏئي وٺو، دُڪان تي آياسين، اقبال چيو جنھن کي وهنجڻو هُجي تـڙ ڪري وٺي، ٽي چار دوست سنبري پيا دير ئي نه ڪيائون، ادا منظور شيوَ ڪرائي، ڦڻيون وغيره ڏئي تيار ٿي آياسين، پھرين ميمڻ پريس ڪُنري تي، اُتي اسد، عظيم، انس، ذُلفي سڀئي اقبال جا پُٽ آهن، مليا، هِتي اڳواٽ ئي اقبال کوڙ مال گهرائي ڇڏيا هئا، سڀئي فروٽ ۽ چَھر، مٿان وري مِٺائي، تيستائين محمد صالح ميمڻ به آيو، اقبال جو ڀيڻويو آهي، ٽيچر به آهي، موبائل فرنچائيز تي به ڪم ڪندو آهي. بھترين دوست آهي. چيائين اقبال اوهان کي رفريشمينٽ ڪرائي آهي، ڊنر منھنجي هلي کائو، چيوسين هاڻي کوڙ ٿيو، اسان جو پنڌ پري آهي، مُرڪي ڏيو موڪل، پر صالح چوَي نه ايئن آئون ڇڏيندس ڪونه. نيٺ هِن جي به دِل رکيسين، آياسين هوٽل جي ڇت تي کُليل هوا ۾ کٽن تي ويٺاسين، هوٽل تي به ڪڙهايون، بوتلون وغيره کوڙ خدمت ٿي. آخر ۾ سڀني سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍياسين، پوءِ موڪلائي موٽياسين پنھنجي ماڳ ڏانھن.

جيڪي سفر ۾ همسفر رهيا
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.

سجاد حسن جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: سجاد پريس ماتلي جو مالڪ ۽ منھنجو سئوٽ آهي،

ديدار حسين ميمڻ: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: ڊرائيور آهي پنھنجي گاڏي ڪيري اٿس.

مزمل صديقي: حيدرآباد، لطيف آباد جو رهندڙ اردو ڳالھائيندڙ نوجوان آهي، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو.

مزمل قريشي: حيدرآباد، لطيف آباد جو رهندڙ اردو ڳالھائيندڙ نوجوان آهي، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو.

ياسين جوڻيجو: ڳوٺ ميون ملوڪ سان تعلق اٿس، منھنجو ڀائٽو آهي.

محمد رحيم جوڻيجو: ڳوٺ ميون ملوڪ سان تعلق اٿس، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي مئنيجر طور ڪم ڪري ٿو.

جھانزيب علي جوڻيجو: پيرولاشاري سان تعلق رکي ٿو، هن وقت ساحل پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو، منھنجو ڀائيٽو آهي.

تاج محمد جوڻيجو: ڳوٺ ميون ملوڪ سان تعلق رکي ٿو، هن وقت سجاد پريس ماتلي تي بائينڊر طور ڪم ڪري ٿو.

عبدالرزاق جوڻيجو: سجاد حسن جو وڏو پُٽ، هن وقت هاءِ اسڪول ۾ پڙهي ٿو.


(17، 18 آگسٽ 2013ع)