سفرناما

زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پبلشر  مور ساگر  جو سنڌ وطن جو لکيل سُھڻو سفرنامو آھي. ”زندگي جا پل جي مون گهاريا پنڌ ۾“ مور ساگر جي زندگيءَ جا پَل جيڪي هِن پنڌ ۾ گُذاريا آهن ۽ اسان کي اُنھن ۾ هِن ڪِتاب جي ذريعي، ڄڻ پاڻ سان گُھمائي ٿو، اِها اڄوڪي دؤر جي تاريخ آهي، جيڪو مستقبل جو دستاويز بنجي ويندو. جيئن ابنِ بطوطه، مارڪو پولو، لطف الله ۽ ٻين جا لِکيل مختلف علائقن جا سفرناما.

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگيءَ جا پَل جي مون گهاريا پنڌ ۾ (ڀاڱو پهريون)

اسان جي ڪراچي

روانگي
سمنڊ ڪِناري، واري جو گهر ٺاهيوسين،
توکي چاهيوسين، توکي چاهيوسين.
اسين سدائين سنڌ جا سفر ڪندا ئي رهيا آهيون، هِن ڀيري جڏهن ڪراچي لاءِ پروگرام ٺاهيو، ته سوچيوسين ڇو نه پنھنجي فيملين سان گڏ وڃجي، ٻارڙن کي ڪراچي جو سئر ڪرائي اچجي، باقي اسانجا سفر ته رڻن جا، دڙن جا، کنڊرن ۽ آثارن جو هوندا آهن. روشنين جي شھر، پارڪن سان پُر، سيني ۾ سمنڊ رکندڙ شھر يا سمنڊ جي سيني ۾ سمايل شھر جِتي رنگ ئي رنگ آهن. گُل ئي گُل آهن، سمنڊ ئي سمنڊ آهي. سنڌ ڌرتي جي هي دِل آهي، اسانجو ڪراچي.
حاجي ديدار ميمڻ کي چيوسين وين کڻي اچ، ادا منظور جي فيملي ۽ منھنجي فيميلي سڀئي تيار ٿي، سڀني پنھنجو هِڪ هِڪ وڳو ڪپڙن جو کنيو، پاڻي جو ڪولر ڀري گاڏي ۾ رکيو ۽ ٻيو جيڪو ضروري سامان هو کنيو باءِ پاس تان، پيٽرول جي ٽينڪ فُل ڪرائي. دُعاءِ سفر پڙهي روانا ٿياسين،

ڪراچي
روشنين جي شھر ڪراچي جو نالا به ٻين شھرن جيان کوڙ ٻُڌا پڙهيا آهن، جن ۾: ڪروڪالا، مورنٽو بارا، دڙٻو، سڪندري جنت، خوارالديبل، ڪڪرالو، ڪروڪل، ڪروڪالي، ڪائومارا، ڪروه، ڪراشر، ڪراسٽي، ڪلاچو، ڪورنجي، ڪراچر، کوراچي، ڪلاچي ۽ هاڻي ڪراچي. ڪراچي جي آس پاس جي آثارن مان تاريخ کي کولبو ته ڪراچي، به ذري گهٽ موئن جي دڙي جيتري پُراڻي مِلندي، ڪراچي جي تاريخ پڙهڻ لاءِ ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ڪتاب پڙهي وٺجو. اسين ته ڪراچي کي گهمڻ آيا آهيون.

قائداعظم جي مزار ۽ محمد علي ’جيڻا‘ (جناح)
سڀ کان پھرين آياسين قائداعظم جي مزار تي، پاڪستان جو باني آهي، ۽ اسان سان گڏ ننڍڙا ٻارڙا سڀئي ڪي پرائمري ۾ ڪي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ آهن، جيڪي هاڻي هاڻي ڪنھن ڪِتاب ۾ پڙهيا هوندا. ته قائداعظم پاڪستان جو باني آهي، هِن ڪيڏي ۽ ڪھڙي جدوجھد ڪري پاڪستان حاصل ڪيو. پر اِنھن ٻارڙن جا ڪچا ذهن آهن، تنھن ڪري اسان جي رياست اِنھن کي گهڻو سچ ناهي پڙهائيندا ته اُن پاڪستان جي باني سان اسان ڪھڙو حشر ڪيو، ڪيئن اُنھي کي ڦِٽل ايمبولينس ۾ وجهي مرڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو، اِهو ٻارڙا پڙهندا ته سندن ذهن تي بُرا اثر پوندا، تنھن ڪري هي رياست اسانجي ۽ اسانجي ٻچن جي خيرخواهه هميشه اڌ سچ اڌ ڪوڙ پڙهائندي رهي آهي.
مزار جي تمام ايريا ۾ ماربل لڳل آهي، جِتي ماڻھو شام جي وقت ويھي ڪچھري ڪري، سُڪون حاصل ڪري سگهي ٿو، چائني طرفن مختلف گُل، ٻوٽا، ڪونو وڻ جي ڪٽنگ ۾ مختلف گُل ٺھيل. مزار جي اندر اچون ٿا، ٻاهرين چئن ڪُنڊن کان چار جوان جيڪي گارڊ جي صورت ۾، چئني ڏِسائن ڏي مُنھن ڪري بيٺل آهن، بِلڪل مزار جي اندر چار گارڊ ساڳين پوزيشن ۾، جي ديوار هٽائجي ته ڄڻ هڪٻئي کي پُٺا ڏئي بيٺل آهن، جِن جا مُنھن وري مزار جي طرف. اِهو به هڪڙو ڪمال آهي، مرڻ کانپوءِ ايڏي حفاظت. ۽ جڏهن زنده هو ته...
پاڪستان جو اڏيندڙ جنھن جي جنم هنڌ تي به هميشه اعتراض رهيا، اسان جڏهن پرائمري کان پڙهندا اچون ته قائداعظم جهرڪن ۾ پيدا ٿيو، پوءِ گهڻي وقت کان پوءِ اوچتو ٻُڌوسين ته ’وزيرمينيشن ڪراچي‘ ۾ پيدا ٿيو. ماڻھن جي چوڻ سان نه ٿيندو، پوءِ اِهو اعتراض مٿين سطح تائين ٿيڻ لڳو، ۽ حڪومتِ وقت وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه طرفان هڪڙي ٽي رُڪني ٽيم پيار علي الانا، محمد بخش خاصخيلي ۽ سينيٽر امداد اعواڻ تي مشتمل جوڙي وئي، جنھن جهرڪن وڃي اُتي جي اسڪولي رجسٽرن ۾ به تصديق ڪئي. اُتي اسڪول ۾ هِن جو نالو ’محمد علي جيڻا ڀائي خوجاڻي‘ لکيل مِليو، ۽ اِهو به ٻُڌائيندو هلان ته هِن جو اصل نالو ’محمد علي جيڻا‘ آهي، جڏهن انگريزي ۾ جيڻا لکجي ٿو ته ماڻھو اُنھي کي جناح پڙهندا هُئا ۽ پوءِ ايئن ’محمد علي جناح‘ نالو ئي پَڪو ٿي ويو. ’جناح پونجا‘ ڪتاب لکندڙ ليکڪ جي اڃا ٽي ڳالھه اُهو وري چوَي ٿو ته: قائداعظم نه جهرڪ ۾ پيدا ٿيو نه ئي وزير مينشن ۾ پر قائداعظم، پُراڻي وسندي ’کارا در‘ جي چاڳلا گلي ۾ پيدا ٿيو، جِتي سندس پيءُ هِن جي والد جيڻا مسواڙ تي جاءِ ورتي هُئي، جڏهن اُتان به تصديق ڪرائي وئي ته هي جاءِ جيڻا محمد علي جي ڄمڻ کان ڪافي پوءِ ورتي هُئي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هِڪڙي سِڌي ڳالھه کي گهمائي ڦِيرائي خوامخواه ماڻھن کي گهمراه ڪيو وڃي ٿو.
ياد اچي ٿو جھرڪن ۾ هِڪڙو 14 آگسٽ تي پروگرام رکيل هو، جنھن جي دعوت ادا منظور، پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي، مون کي ۽ صحافي ماما مجيد کي مِليل هئي، دعوت اسانکي فورم جي اڳواڻ ڏِني هُئي ۽ لازمي شرڪت لاءِ چيو هئائين. اُنھي پروگرام ۾ سائين، اُهو بُڪ به کڻي آيو اسٽيج تي تقرير ڪرڻ وقت جنھن ۾ اُن جي تصديقي ثبوت هو، ته قائداعظم جهرڪن ۾ ڄائو هو. سائين پاڻ به ماستر ۽ پڙهيل لکيل ماڻھو هو، اِن حوالي سان ڏاڍي جذباتي تقرير ڪري ويو هو، ته هِي ڪنھن جي ڄمڻ تي به ايڏي مشڪري ٿا ڪَن، هيڏا ثبوت، احوال، رڪارڊ پوءِ به انھيءَ ڳالھه تي اجائي واويلا ته ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. ڀلا ڪراچي به ته سنڌ آهي. جهرڪ به سنڌ آهي، سنڌ جي سرزمين تي پيدا ٿيو. ڪو ڏوهه ته نه ٿيو. پر سنڌ دشمن فيڪٽر کي سنڌ جي نالي کان ئي چڙ آهي.

ڪيا ماڙي بندرگاهه
وڏن ويڪرن رستن تان اسان جيAPV وين پنھنجا ٽائر گسائي ڊوڙي رهي آهي، اسان هِن روشنين جي شھر ۾ جوڙيل اجگر جيڏين جڳھين کي ڏِسندا رهون ٿا. جيستائين وين اچي هڪڙي بندر تي بيٺي، حاجي ديدار چيو هاڻي لھو، ڪياماڙي اچي وئي. هيٺ لٿاسين ته روڊ رستا ڪارا لڳا پيا هُئا، ڄڻ ڪنھن هفتو اڳ سڙيل شھر ۾ اچي بيٺا هُجون، هيٺ لھندي چيوسين، ابا هِي اسانکي ڪِٿي وٺي آيو آهين، چيائين اِها ته آهي ڪياماڙي، اوهين هِتي بيھو آئون سامھون پارڪنگ ايريا ۾ گاڏي پارڪ ڪري اچان. ويو گاڏي پارڪ ڪرڻ اسان هڪٻئي جي مُنھن ۾ ڏِسي عجب جھڙي مُسڪراهٽن سان مُسڪِرائندي چئون ٿا ’نالو وڏو ڳوٺ...‘.
’حاجي! واقعيءَ هي ڪياماڙي آهي؟!‘ ’ها هي ڪياماڙي بندر آهي، هِتي بحري ٻيڙن تي ڪوئلي جا ڪنٽينر ڀرجي ايڪسپورٽ ٿيندا آهن‘. ’اڇا... هاڻي سمجهياسين ته هي روڊ رستا، دَر، دريون ۽ ديوارون سڀ ڪارا ڪاريون ڇو آهن، هِتان ڪوئلو صاحب گُذرندو آهي‘. اسان کي وٺي هِڪڙي وڏي ٻيڙي وٽ اچي ٿو، سمنڊ جي بِلڪل ڪِناري ته جِتي ٻيڙا ٻَڌل ڏِٺاسين، مونکي ته هي ماحول ڏِسي ’سُر سامونڊي‘ ياد اچي ويو، سُر سامونڊي منھنجي پسند جو سُر آهي، ڇا ته هِن ۾ انتظار جي ڪيفيت بيان ڪيل آهي، پيار پاٻوهه ۽ اَٿاهه عشق اوتيل آهي، ٻي پاسي وِڇوڙي جا ورلاپ...
اُلوڙڻُ نه ڏِئي، وَرُ وِڌائِين وَنجَهه کي،
رَهُ اَڄوڪِي راتَڙِي لالَنَ! مُون لائي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ، سُپِرِين!.
هڪ لمحي لاءِ لڳو، ته مونکي اُها وڻجاري جنھن ونجهه کي ٻئي ٻانھُن جي وراڪن ۾ وڪوڙي رکيو هو. ٻيڙن جي ٻَڌل رَسن کي جھليندي، لوڏيندي، وِکريل وارن کي آڱرين سان چھري تان هَٽائيندي چوَندي هُجي.
آيَلِ! ڪَرِيان ڪِئ؟ مُھجو نِيههُ اَپَلَئو نه رَهي،
وِيو وڻِجاَرو اوهَرِي. مُون کي چاڙهي چِيّ،
مُھجو نِيههُ اَپَلَئو نه رَهي
۽ جيجل ماءُ کيس ڄاڙي تان هِٿ ڏئي سمجھائيندي هُجي ته:
وري ورندو واءُ، وري وَسندا مِنھن،
وِڇوڙي جا ڏينھن، رهي رهندا ڪيترو.
۽ هي ٻنھي اکين مان لُڙڪن جون قطارو هيٺ ڪِرائيندي آيل کي ايئن چوندي هُجي.
سيئِي جوڀَنَ ڏِينھن، جَڏه سَڄَڻَ سَفَرِهَلِئا!
رُئان، رَهَنِ نه سُپِرِين، آيَلِ! ڪَرِيان ڪِئ؟
مُون کي چاڙهي چِيّ، وِيو وڻِجاَرو اوهَرِي.
مَن جي اسڪرين ته بِلڪل ايئن جو ايئن منظر ڏِسي رهيو آهيان، تيستائين ڪُلھي تي ڪنھن هٿ ڌريو. ’ڪيڏانھن گُم لڳو پيو آهين؟‘. ڏِٺم ديدار آهي، ’ها ٻيڙا پيو ڏِسان‘، ’ڏِس نه، هَلي ٻيڙي ۾ ويھه‘، ’ڪيڏانھن‘؟ ’منھوڙي‘، ’منھوڙي، ٻيڙي ۾ هلبو ڇا‘، ’ها ٻيڙي ۾ ئي هلبو‘، ٻيو ڪو رستو ناهي ڇا؟ ’نه‘.
ٻيڙي (لانچ، هوڙهي) ۾ ويٺاسين، جيئن جيئن سمنڊ جي اندر وڃي رهيا آهيون، ڄڻ گهري ۽ ڪاري پاڻي ۾ اندر پيا وڃون، منھنجي ايڏي گهري پاڻي ۾ هِن سمنڊ ۾ ڪنھن لانچ ۾ چڙهڻ جو هي پھريون موقعو هو.
اڃا سمنڊ جي ڪُن، ڀنوَر يا گهيري ۾ هُئاسين ته وري هَڪ پَل لاءِ منھنجو مَن مورڙي ڏانھن مائل ٿيڻ لڳو، هَل با!، هھڙي گهري سمنڊ ۾ مورڙو منڊو ميربحر، ايڏي دِل جو لھي پيو، پنھنجي ڀائرن کي ڳولڻ لاءِ، سلام اٿئي مورڙا ميربحر، توکي واقعي سلام آهي. اڃا کيس سلام پھتا الائي نه پر منھنجي مَن پڌر تي حسن درس جون هي سِٽو، سَڙپ ڪري ڪبوترن وانگر ڪِريون. کين کڻي مٿي هِن اڇي پَني تي رکيون آهن.
مڇيءَ جي پيٽ ۾ ماڻھو،
جِتي جيئرو بچي نِڪتو،
اُتي اُن شھر ۾ اڄ،
مورڙو رستي مٿان مئو آ!ٰ
ڪلاچي ڳوٺ تنھنجي ۾،
ڪڏهن نه سنڌ سوچيو هو،
اڪيلو آدمي تنھنجو،
هجومن جي هٿان مئو آ.

منھوڙي ۾ سمنڊ جي سيني (ٻيٽ) تي
سمنڊ جو سير ڪري اچي پُھتاسين اُن پار، جِتي اسان کي اچڻو هو، منھوڙي ۾ سمنڊ جي سيني (ٻيٽ) تي، لٿاسين سڀئي هڪ هڪ ٿي. هِتي فوٽوگرافي لاءِ بھترين پوائنٽ آهي، اسان خوب فوٽوگرافي ڪئي، توڻي جو منجھند تيز تپي ٿي ويو هو، فوٽوگرافي جو صرف هِڪ وقت صبح جا ٻه ٽي ڪلاڪ ۽ شام جا ٻه ٽي ڪلاڪ اهي وقت ڏاڍا بھترين آهن، فوٽوگرافي لاءِ.
جڏهن اڳتي شھر منھوڙي ڏانھن اچون ٿا، شھر به آهي ڳوٺ به آهي ٻيٽ به آهي، پر هِتي اچڻ کانپوءِ لڳي ئي نٿو ته اسان سمنڊ ۾ اندر آهيون، جڏهن ڪنھن کان پُڇون يا پڙهون ٿا ته هي هڪڙو ٻيٽ آهي، هِن کي چؤڌاري سمنڊ ڦِريل آهي، هِتي به بھترين بنگلا ٺھيل ڏِسي، ديدار کان پُڇيم يار پوءِ هي هيڏو مٽيريل سڀ هِنن هوڙهن تي اچي، يا ڪو ته رستو هوندو. ها هِڪڙو رستو آهي، پر اُهو اولھه طرف کان ڦِري اچي ٿو، گهڻو پَري آهي، سمجھه سڄي ڪراچي کي ٻاهران ڦِري اچبو، هِتان شيرشاهه کان پيراڊائز روڊ وٺي هاڪس بي کان ڦِري اچي سگهجي ٿو. جڏهن ته هِي سمنڊ وارو رَستو گهڻو ويجهو آهي، تنھن ڪري ماڻھو شھر ۾ ڪم ڪار، اچڻ وڃڻ گهڻو ڪري هِنن ٻيڙن (هوڙهن) تي ڪندا آهن.
هِتي 1797ع ۾ اُن وقت جي حاڪم مير ڪرم علي خان ٽالپر منھوڙي جو قلعو نالي هڪڙو قلعو تعمير ڪرايو هو. جنھن ٽڪري تي اڏيو ويو، اُن جي بُلندي هڪ سئو فُٽ ٻُڌائي وڃي ٿي، هي قلعو ڪراچي بندر گاهه جي حفاظت لاءِ جوڙايو ويو هو. هِن قلعي تي چؤڌاري اَٺ توبون رکيل هُيون، جڏهن انگريزن هِن قلعي تي حملو ڪيو ته اُن وقت ٽالپر لشڪر جا سپاهي سورھن کان ٽيھه جي اندر قلعي ۾ لڪل هئا. انگريز سرڪار هِن قلعي کي ٽوڙائي وري 1890ع ۾ نئين سِر قلعي جي تعمير ڪئي.
اسين پھرين ته اچون ٿا بيچ تي، واهه آدم قد کان وڏيون ويرون (ڇوليون) ڇُلي اچي اسان کي پيرين پرڻام ڪَن ٿيون. اسين به پنھنجا بوٽ ٻاهر ئي لاهي پيرين اُگهاڙا ڇولين کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ اڳتي وڌون ٿا. هي ڇوليون به شرميلي نار جان بس بدن ڇُھي واپس وڃن ٿيون ۽ اسين اويلي آيل مُسافر جيان وائڙا ٿي ڏِسندا رهون ٿا.
اسين هِن سمنڊ ۾ ڪنھن پياسن روحن جيان رَلي وياسين، ڇولين سان ٻوليون ڪري، جڏهن گهڻو وقت گُذريو، ته ڪَپ تي آياسين، اوٺار پنھنجن اُٺن کي سوَ سوَ سينگار ڪري ڪاهيو وتَن، مُسافرن کي وندرائڻ خاطر، اسان به اُٺ جي سواري ڪئي ۽ فوٽوگرافي به ڪئي، سمنڊ مان سُڪون ماڻي آياسين ٻاهر، هِتي مِٺي پاڻي (واٽرسپلاءِ) جون بوتلون ڀري وڪڻن پيا، جيئن ماڻھو کاري پاڻي وارا پير ڌوئي جوتن ۾ وجهن. ڏهه روپيا ننڍي بوتل ويھه روپيا وڏي بوتل، اسان به کوڙ بوتلون ورتيون، سڀني پير ڌوتا.
هونئن به هي وقت مانجھاندي جو ٿيو آهي، پر شايد اِهو ڪو قدرتي حساب آهي جو جڏهن به ماڻھو پاڻي سان مِلي ايندو آهي ته پيٽ کي الائي ڇو بُک محسوس ٿيندي آهي، توڻي جو اسين مڪمل وِھنتا به نه هئاسين، پر پوءِ به محسوس ٿيئي پيو ته هاڻي ئي هاڻي ماني مِلي. سمنڊ ڪِناري ٿا ماني کائون ته سامونڊي مڇي ته ضرور هُجڻ گهرجي. ٻه ٽي ٻوڙ گُهرايا پر اُنھن ۾ وڌيڪ مڇي ئي گهرائي هئي. اسان وَڏن سڀني مڇي کاڌي. ٻارڙن وري ٻيا ڀاڄين جا ٻوڙ ۽ گڏ پڪوڙا به هُئا، جنھن کي جيڪا شئي وڻي کاڌي.
وري ساڳين پوائنٽ تي آياسين. قطار ۾ بيھڻ کان پھرين هِتي کوڙ ساريون سوکڙيون، ڇوڪرا کڻيون پيا هلن، جيئن ميلن ۾ کڻي هلندا آهن، ٻيا ريڙهن تي به پيل آهن، اسان ڪجهه شيون ورتيون جيڪي سمنڊ جي ڪوڏن مان ٺھيل هيون. هاڻي اچي بيٺاسين قطار ڪري. لانچون لڳنديون ويون، ڀربيون ويون. هِن ڀيري بھترين ڪُرسين واري ۽ وڏي لانچ مِلي هُئي، هڪ ڀيرو وري به ساڳئي سمنڊ جو سفر شروع ٿيو. هي سامونڊي سفر تقريباّ اڌ ڪلاڪ هلي ٿو. ۽ مونکي منھنجو غزل ياد اچڻ لڳو.
لُڙڪ لُڙڪ ٿي ٺھي ٿو سمنڊ.
اسان جي اکين ۾ رهي ٿو سمنڊ.

هُن پير پُسايا ته جهومي اُٿيو،
رقص ۾ ڄڻ ته لڳي ٿو سمنڊ.

ڪو ڪنھن لاءِ نه لُڙڪ ٻه هاري سگهي،
ڪو ڪنھن لاءِ اکين ۾ رکي ٿو سمنڊ.

سي ويو - بلاوَل پارڪَ
هاڻي اسين اچي پھتاسين سي ويو، سمنڊ مان ته ٿي آياسين هاڻي چيوسين ڪلفٽن پارڪ گهمون، ساهي به کڻو، ڪجهه کائون پيئون. آئون ته ساحل تي هِن سي ويو تي، هِن کان پھرين ٽي ڀيرا اڳ ٿي ويو آهيان،

اي سمنڊ جي ٿڌڙي هير!،
اي شام جا پھر!،
لھندڙ سج کي ساکي بنائي،
ساڄي ڳِل تي صنم،
رکندي پنھنجا چَپَ چُميو هو،
۽ لوڏيندي پنھنجا هَٿ چيو هو،
هاڻي هلون ٿا. او ساگر! اي سمنڊ!
ٻيو ڀيرو سائين پروفيسر ضرار رُستماڻي ۽ پروفيسر عبدالحفيظ احمداڻي سان گڏ، ڪُلياتِ احمد جي ٽين ڇاپي لاءِ فينسي پيپر وٺڻ لاءِ آيا هُئاسين، ٻيا ته پھريون بُڪ نيوز پيپر ۾ (ڪراچي مان)، ٻيو انڊونيشن پيپر ۾ (حيدرآباد مان) ڇپرائي ڏِنا هئا، پر هِن ڀيري سائين ضرار جو شوق هو ته اَڃا به اُچو پيپر هُجي اُهو ته فينسي پيپر هوندو آهي، اُن لاءِ چيم سائين اِن پيپر لاءِ اوهان کي پاڻ هلڻو پوندو ڇو ته هي پيپر باقي سڀني پيپرن کان ٻيڻ تي مھانگو هوندو آهي، ۽ اهڙو مھانگو پيپر ته اوهان کي پاڻ ئي پسند ڪري وٺڻو پوندو. اِن سلسلي ۾ اسين رات اچي ڪراچي جي جماعت اسلامي وارن جي سينٽر تي ترسياسين. صبح اسين ٻھراڙي جا ماڻھو سويري اُٿياسين، هِتي ڪراچي کُلي ٻارھين وڳي، تنھن ڪري اسان چيو ته هَلي ٿا سمنڊ سي ويو جو سئر ڪري اچون. فوٽوگرافي ڪئيسين، ٻيو ڀيرو اياز علي (منھنجو ڀاڻيجو) اسان ٻئي فيملين سميت آيا هُئاسين، اُهو وري شام جو پھر هو، يعني صبح جي پھر به سمنڊ جو سئر ڪيو آهي، ۽ شام جي پھر ۾ به سمنڊ جو سئر ڪيو آهي، اڃا اڳتي به شايد گهڻو اچڻ ٿي سگهي ٿو.
شھيد راڻي جي موڀي پُٽ بلاوَل جي نالي پُٺيان ٺھيل هِن پارڪ ۾ ويٺي سوچيم ته: پيپلزپارٽي ڪرپشن ضرور ڪئي هوندي، شروع کان اڄ تائين سڀئي پارٽيون ڪرپشن ڪنديون آيون آهن، پر سنڌ ۾ ڪم جيڪي به ٿيا آهن، اُهي به هِن پارٽيءَ جي کاتي ۾ اچن ٿا، هِن وقت جنھن به شھر ۾ وڃو اوهان کي بھترين پارڪ ٺھيل مِلندا، پر سڀئي هِنن نالن سان مثال طور: بلاول پارڪ (جنھن ۾ هِن وقت ويٺا آهيون)، هڪڙو بلاول پارڪ بدين ۾ به آهي، هڪڙو بلاول پارڪ ٽنڊي باگي ۾ به آهي. بينظير پارڪ، هِڪڙو ته هِتي ڪراچي ۾ وڏو پارڪ آهي، هِڪڙو بدين ۾ به بھترين پارڪ آهي، يا ڪنھن ٻي شھر ۾ به هوندو، آصفه پارڪ، بختاور پارڪ وغيره. سو جڏهن به جنھن به شھر ۾ ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ يا ذهن کي سُڪون ڏيڻ لاءِ اوهان جڏهن به جنھن پارڪ ۾ ويندا، اُهو گهڻو ڪري هِنن جو ٺھرايل مِلندو، پر پوءِ به گهڻي تنقيد هِنن تي ٿئي ٿي، (اِها ڳالھه به سچي آهي ته: اوهان ڪجهه به نه ڪندا، ڪير ڪجهه به نه چوندو، پر اوهين ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، ماڻھو تنقيدون ڪرڻ شروع ڪندا) جيترو وقت هي حڪومت ۾ رهيا آهن، ٻيون پارٽيون يا ڊڪٽيٽر هنن کان وڌيڪ رهيا آهن. خير...
سو هِن بلاوَل پارڪ ۾ ويٺاسين فوٽوگرافي ڪئي، جوس، بوتلون ليزچَپس جنھن کي جيڪو وڻيو ورتو، کاڌو، پيتو. ڪجهه پَل سائي ڇٻر تي ساهي کئنيسين. ٻاهر نِڪتاسين، هِتي به ساڳيون سُوکڙيون سمنڊ جي ڪوڏن مان ٺھيل، هِتان به ڪجهه سُوکڙيون ورتيوسين.

ڪلفٽن تي شام ۽ چانھه
شام ٿيڻ تي هوندي آهي ته چانھه جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، ڄڻ شام سان چانھه جو ڪو تعلق هُجي ٿو. بِلڪُل ايئن جيئن پُراڻين يادن جو رشتو گهڻو ڪري شام سان هوندو آهي. هِڪڙي اهڙي هوٽل ڳوليسين جھڙيون باءِ پاس روڊن تي، سُپرهاءِ وي يا نيشنل هاءِ وي تي هونديون آهن، وڏيون ڪُشاديون ۽ ڪاٺ جا وڏا صندل اُنھن تي وِڇيل غلم ۽ گول ويھاڻا. سو اهڙي هوٽل مِلي وئي. شام واري چانھه پيتي، چانھه به اهڙي جي بدن جا سارا ٿڪ لھي ويا. چانھه جو بِل ڏيندي، پريان ساحل ڪَپ تي لھندڙ سِج کي هٿ هوائن ۾ لوڏيندي موڪلايم.
پيو سِج لھي هاڻي هلون ٿا ’ساگر‘،
پريان ٻانھون پکيڙي سڏي ٿو سمنڊ.

عبدالله شاهه غازي ...ساحل جو پَل کَن وِڇڙڻ
ديدار کي چيوسين هاڻي رستي ۾ گهمڻ لائق ڪھڙي شئي آهي، چيائين رستي ۾ ويجهو ئي عبدالله شاهه غازي آهي، چيوسين هَلو فِي الحال جيڪو ويجهو آهي، جڏهن عبدالله شاهه غازي جي ويجهو پھتاسين، ته گاڏين ۽ ماڻھن جي رَش ڏِسي، اسان سڀئي غيرمتفق ٿي وياسين، ڪي چوَن هَلجي، ڪي چوَن نه رَش وڏي آهي، پر پوءِ نيٺ چيوسين ڀلا گهڻو وقت نه ڏينداسين اچي ويا آهيون، ته عبدالله شاهه غازي جو ديدار ڪندا هلون. ديدار چيو: ’آئون گاڏي پارڪ ڪريان ٿو، اوهين وڃي ٿي اچو‘، گاڏي مان لٿاسين.
هي بزرگ جنھن لاءِ اڪثر ڪراچي جا ماڻھو (جڏهن سامونڊي طوفان ايندا آهن) چوندا آهن ته جيستائين عبدالله شاهه غازي آهي، ڪراچي ڏانھن سمنڊ نه ايندو. هي سمنڊ کي روڪيو ويٺو آهي. هي بزرگ سمنڊ ويجهو ڪلفٽن تي مدفون ٿيل آهي. هي مديني شريف ۾ 98هه ۾ پيدا ٿيو ۽ 151هه ڪراچي ۾ وفات ڪيائين. هِن وقت سندس درگاهه ڪلفٽن ڪراچي ۾ واقعي آهي، هِن بزرگ تي روزانو سوين ماڻھو ايندا رهندا آهن، وڏي رش هوندي آهي.
اسان جي سنڌ سونھاري بزرگن، پيرن، فقير، صوفين سان ڀري پئي آهي. گهڻو وقت اڳي هِڪڙي مِٺائي واري سان ڪچھري ٿي هئي، جيڪو ميلن ۾ مِٺائي جا دُڪان لڳائيندو آهي. اُن ٻُڌايو ته پوري سنڌ ۾ 365 ڏينھن مان ڪو به ڏينھن خالي نه هوندو آهي، جنھن ڏينھن تي ميلو نه هوندو آهي، تنھن ڪري اسان جا ٻارھن مھينا هي ڪاروبار هلندو رهندو آهي. اِن مان اندازو لڳايو ته ڪيتريون درگاهون، ۽ ميلا آهن سنڌ سونھاري ۾.
اسين اندر آياسين، چيڪنگ، واڪ ٿرو گيٽ، جينٽس لائن الڳ، ليڊيز لائن الڳ، اهي مرحلا طئه ڪري جڏهن مزار جي سيڙهين تي پھتاسين ته بس مقبري جي احاطي ۾ ئي هئاسين، اندر وڃڻ يا قُل پڙهڻ جو ته سوچيوسين ئي ڪونه، پر چيوسين بس تڪڙو ٻاهر نِڪرون. جيئن ئي ٻاهر لاءِ نِڪتاسين ته سڀني تي نظر ڪئيسين، سڀ موجود هئا سواءِ ساحل جي، ساحل، ساحل پھرين آهستي، پوءِ ٿورو زور سان، ٿوري هيڏانھن ٿورو هوڏانھن اڃا زور سان ساحل .... ساحل.... ســــ ا حــــــــ ل، هِڪ پيءُ جي پُٽ جي اهڙي رش ۾ گُم ٿيڻ لکڻ لاءِ لفظ ناهن، منھنجا حواس ڪم ڇڏي ويا، جيئن چريو ماڻھو جهوتون پائيندو هُجي بِلڪُل ايئن، سندس امڙ ته سيڙهي کي جھلي هيٺ پَٽ تي ويھي رهي. سڀئي پريشان ٿي ويا هُئا، شعيب ۽ نعمان اسان کان اڳ نِڪتا هئا، ٻاهر سائڊ تي ڪو ماڻھو هِن کي جهلي بيٺو هو. ۽ هي به هراسيل ۽ ڀيڙ ۾ وِڇڙيل هو. اُن جي به حالت بيان ڪرڻ کان مَٿي آهي. شُڪر ٿيو جو شعيب ۽ نعمان جي نظر هِن تي پئي، جيتوڻيڪ اُنھن کي اِها خبر به نه هُئي ته ڪو هي وڃائجي ويو آهي، هو اسانکان اڳ اڌ مان ئي واپس وريا هُئا. ساحل کي هِنن ورتو، مونکي جو ٻاهر تائين ڊوڙندو ڏِٺئون ته چيائون ساحل هيڏانھن آهي. ڄڻ ته منھنجي مُئل جسم ۾ ساهه پئجي ويو ۽ حواس بحال ٿيا، اکين مان وهي آيل پاڻيءَ کي رومال سان صاف ڪري. شُڪر منھنجا مالڪ! چئي ساحل کي سيني لاتم. هي واقعو اسانکي پوري زندگي ياد رهندو، مون وري هِتي ننڍڙن ٻاررن کي وٺي اچڻ کان هميشه لاءِ توبه ڪئي. ۽ ڪنھن وڏي صدمي کان بچي وڃڻ لاءِ الله پاڪ جو هميشه شڪرگذار رهندس. سڀني جي ٻچن جي سلامتي لاءِ دعاڳو رهندس،

70 ڪِلفٽن کان گُذرياسين
اسانجي گاڏي جڏهن ستر 70 ڪِلفٽن تان گُذري ته ديدار ٻُڌايو اُهو آهي، 70 ڪلفٽن، ذهن ۾ هڪڙي اُجڙيل آهيري جو تصور تري آيو، جنھن گهر کي ڄڻ ڪا بد نظر لڳي هُجي، ۽ هِڪ هِڪ ٿي سڀ گهر ڀاتي شھيد ٿي ويا. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بي ڏوهه ڦاهي چاڙهيو ويو نامعلوم مخلوق هٿان، شاهنواز ڀٽو کي پنھنجي گهر واريءَ هِٿان مارايو ويو، مير مرتضيٰ ڀٽو (مير بابا) کي پنھنجي ستن بھادر ساٿين سميت هِتي ئي آس پاس ڪنھن روڊ تي گهات لڳائي ويٺل نامعلوم مخلوق سرِعام قتل ڪري ڇڏيو.
پڙهيم اڄ اخبار جو،
لُڙڪن جو وهي واهه پيو،
ڪا خاص سُرخي هُئي لِکيل،
ڪو جِسم هو پاهه ٿيل،
ڪو گهوٽ هو رَت ۾ ٻُڏل،
ڪو گهر سارو هو ڊٺل،
اونداهو سارو شھر هو،
ڪيڏو ٿيو قھر هو،
اي ڪلاچي! تُنھنجي ڪُن ۾،
هِڪ دؤر دُهرايو ويو،
ڪو مور وري ماريو ويو،
رَت وري هاريو ويو،
ڪيڏو آهي سانحو ٿيو،
جيجل سنڌوءَ سان وري،
ڪيڏو آهي هاڃو ٿيو.
اسانجي ڪراچي جي وڏين وڏين بِلڊنگن هيٺان، ڪُشادن رستن مٿان اسان جي گاڏي ڊوڙي رهي هُئي ۽ منھنجي مَنَ ۾ مير مُرتضيٰ جو اُهو جبل جيڏو جگر سمنڊ جي ڇولين جيان ڇُلي رهيو آهي، جنھن جگر مٿان قميص جا بَٽن کوليندي هنن روڊن تي دشمنن کي ڏيکاريندي للڪاريو هو ته ڏِسو مُرتضيٰ ڀٽو کي بدن مٿان ڪو به بِلٽ پروف جيڪيٽ ناهي پاتل، اسان جو جگر جبل جيان مضبوط آهي. ۽ سندس دُشمنن اُنھيءَ تقرير کي آخري تقرير بڻائي ڇڏيو، جيئن ئي تقرير پوري ڪري پنھنجي ساٿين سميت واپس وريو ته کيس گولين سان گهايو ويو، ۽ سندس ڀيڻ بينظير جيڪا هِن سان ڏاڍو پيار ڪندي هُئي، پيرين اُگهاڙي هِنن روڊن تان ڊوڙندي اسپتال پھتي هُئي، پر مير مرتضيٰ سان زندگي وفا نه ڪئي ۽ دشمن پنھنجي چال ۾ ڪامياب ويا. پر هِنن جي چال اِتي دنگ نه ڪيو. هڪ ڌڪ سان ٻه شِڪار، ڀاءُ کي قتل ڪري، ڀيڻ جي حڪومت ڪيرائي وئي، نامعلومن به ڀُٽن سان وڏا کيل کيڏيا آهن، هِنن جو ڏوهه صرف اِهو جو هي غريب عوام جي ڳالھه ڪندڙ آهن، حق ۽ انصاف لاءِ لڙندڙ هُئا، جيڪا ڳالھه رياست جي صفا خلاف آهي. ڀلا جنھن رياست ۾ رهي رهيا هُجن ۽ اُن جي اڻ وڻندڙ ڳالھه کي هي پنھنجو آئين، ۽ مقصد بنائن اُهي هِت ڪِٿي ٿا هَلي سگهن.
۽ پوءِ آخر ۾ 27 ڊسمبر 2007ع جي اَڀاڳي شام سنڌ جي راڻي آخري چراغ کي به گولي سان گهائي اُجهائي ڇڏيو. ۽ منھنجي کيس کي ڀيٽا آهي ته:
جبل جان اٽل رهئين،
هر جبر آڏو،
هر ظالم جي سيني ۾،
هُئين تير جان
لرزيا هئا ايوان
تنھنجي للڪار سان،
ضياءَ باقيات لاءِ
ببر شير هئين،
سچائي جو مچ اُڀارڻ خاطر،
پنھنجي جان جو دان ڏيئي ڇڏيو تو
تنھنجي هِن شھادت تي سُرخ سلام
وڏي مانَ، شانَ ۽ احترام سان،
او شھيدِجمھوريت!
او سنڌ راڻي!
آ توکي سلام،
آ توتي سلام.

ٽي تلوارون
ٽي تلوار چونڪ وٽان گُذران ٿو، وين جي دَري مان ئي فوٽو ڪڍي ٿو وٺان، هي ٽي تلوارون ٽِن شھيدن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي ياد ڏياريندي آهي، جن کي نامعلوم مخلوق قتل ڪري ڇڏيو آهي. جنھن جو ڪيس هِن ڌرتي تي ته نه وڙهيو ويندو، باقي آخري عدالت انصاف ڪندي، اُها عدالت جنھن لاءِ چيو ويندو آهي ته: ”دير ضرور ٿيندي آهي، پر انڌير ناهي ٿيندي“ جڏهن ڪري، اُن جي مرضي، شھيدن جي خون جو انصاف ضرور ٿيڻو آهي ۽ ٿيندو. ٿيو به آهي. ڪجهه پنھنجو انجام ڀوڳي چُڪا، ڪجهه اڃا آهن.
اسان جي وين مختلف روڊ رستا پارڪ ڪندي، گول گهمندي اچي، پي اي ايف ميوزيم وٽ بريڪ ڪري ٿي.

پي اي ايف پارڪ ۽ ميوزيم
توڻي جو هاڻي سج به ڪنوار جيان ڳاڙهو جوڙو پائي چُڪو هو، رات پنھنجا وار کولڻ جي تياري ڪري رهي هُئي. اسين اچي پُھتاسين پي اي ايف پارڪ ۽ ميوزيم. جيئن ئي گيٽ کان اندر داخل ٿياسين، چارئي پاسي ڏِسندي ڏِسندي حيران ٿي وياسين، يار اسانجي ڪراچي ۾ اهڙا به پارڪ آهن، ۽ اسين بي خبر.
مون پنھنجي اڳين سفرنامن ۾ به اِها ڳالھه ضرور دُهرائي آهي ته اسانجو مُلڪ، اسان جي ڌرتي به ڏاڍي خوبصورت آهي، وڏا وڏا پھاڙ، سرسبز واديون، خوبصورت ڍنڍون، تار وهندڙ درياء، ڇوليون هڻندڙ سمنڊ، سمنڊ تي سڀ رنگ رچيل. بس خرابي آهي ته اسانجي حُڪمرانن ۾ جِن کي پنھنجا ڀڀ ڀرڻ کان علاوه ٻيو ڪُجهه ياد ئي ناهي. جي هي ٽوئرازم کي انڊسٽري بنائي سڀئي سھولتون، آسانيون، فراهم ڪن ته ماڻھو ٻاهرين مُلڪن ڇو وڃي موڪلون ملھائن. پاڻ ٻاهريان مُلڪ هِتي اچن گهمڻ لاءِ، پر اهڙا ايماندار ۽ ملڪ جا خيرخواهه الائي ڪڏهن ايندا.
هي پارڪ تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، پارڪ ۾ هر قسم جا گُل، هر قسم جا ٻوٽا، ڇٻرون، هلڻ لاءِ ٺھيل ماربل وارا رستا، پارڪ ۾ لڳل لائٽنگ، ڇو ته اسان اڃا گيٽ کان ٻاهر هُئاسين ته رات وار کولڻ جي تياري ڪري ڇڏي هُئي، جيستائين ٽيڪيٽون وغيره ورٺي اندر داخل ٿياسين ته رات مڪمل کُليل وارن سان ڪاراڻ ڪري ڇڏي هئي تنھن ڪري پوري پارڪ ۾ لائٽون ٻري رهيون هُيون، ۽ ٻيو ته مڇرمار اسپري سڄي پارڪ ۾ هلي رهيو هو. اسان هِن پارڪ ۾ سڀني رنگن کان سواءِ سڀني جھازن، ميزائلن، توپن جا کُتل مڪمل ڍانچا ڏٺا، پر گُمان پيو ٿئي ته اصل آهن. سڀني سامھون فوٽوگرافي ڪندا هلياسين. ڇو ته اڃا ته فوٽوگرافي ٿي رهي هُئي، پر جيئن ڪلاڪ اڌ کانپوءِ مڪمل رات ڇائنجي ويندي ته فوٽوگرافي مزو نه ڏيندي. سڄو پارڪ گُهمي، آخر ۾ ميوزيم ۾ وياسين، اُتي به گهڻو ڪجهه ڏِٺوسين. ۽ پوءِ آهستي آهستي اڄ جي هِن سفر جي آخري منزل تان پنھنجا پير پوئتي هٽائيندي هٽائيندي اچي، وين ويجهو پُھتاسين.
الوداع اي روشنين جا شھر ڪراچي الوداع، هاڻي هلون ٿا.

واپسي
هاڻي حاجي کي چيوسين، دُعاءِ سفر پڙهون ٿا، سِڌو هَليو هَل، رات واري ماني لاءِ جنھن به هوٽل کي مُناسب سمجهين اُتي بريڪ ڪجان. حاجي ديدار هاڻي ايڪسيليٽر تي رُڳو لت رکي، پلڪ جهپڪ ۾ اچي ’عثمانيه ريسٽورانٽ‘ تي بريڪ ڪيائين. اسانکي ايترو ڪراچي کان حيدرآباد به شايد وقت نه لڳي ها جيترو هِتي ماني جي آرڊر ۾ لڳو، بس رش به هوندي آهي، ٻيو ڪجهه وڏين هوٽلن جو، شايد اِهو سسٽم آهي، ته گراهڪ کي ٿورو دير سان ماني پيش ڪري، بِلڪل تازي ڀاڄي ماني کارائڻ جو روب ڄمائڻ، جي آرڊر جي پنج منٽ ۾ ماني کڻي اچي ته ڪير اعتبار ڪندو ، تازي ٺھيل آهي، سڀ ڪو چوندو ٺھيل کڻي آيو آهين، شايد دير جو هِڪڙو اِهو به لاجڪ ٿي سگهي ٿو هوٽل واري جي ذهن ۾. نيٺ ته ماني مِلي کاڌي، بل ڀريو، ويٺاسين اچي وين ۾ وري به رات، حيدرآباد ڏانھن اُڏام ۽ اسين. شل خير خيرت سان پھچون.
آئون ڪراچي جي ڪري آيل سفر بابت ذهن جي اسڪرين تي ڪجهه دير پھريان جا پَل ڄڻ تي ريورس ڪري هلائي ڏِسي رهيو آهيان. ۽ خوش به ٿي رهيو آهيان ته اسانجي ڪراچي جي خوبصورت شھر جو سئر زندگي رهي ته هر هر پيو ڪبو. اڄ جي سڄي سفر ۾ خاص ۽ خوبصورت سفر منھوڙي جو لڳو، اُن تي پھچڻ لاءِ سمنڊ ۽ لانچن جو سھارو وٺڻ، اِهو پھريون ڀيرو هو تنھن ڪري، اڄوڪي سڄي سفر جا يادگار لمحا منھوڙي مٿان گهاريل گهڙيون آهن. سمنڊ جي ڪِناري تي ڇولين جا ڇوهه ۽ اسان جو ڇولين سان ڇُلڻ، اِهي سڀئي زندگيءَ جا سُندر پَل ڪنھن نعمت کان گهٽ ناهن. اڄ جي سفر جو انتھائي ازيت ڏيندڙ پَل عبدالله شاهه غازي جي مزار تي جڏهن ساحل جو اسانکان هِڪڙي پَل لاءِ وِڇڙي وڃڻ. بس اِيئن لڳو ته اسانکي ساحل مِلي نه سگهندو ۽ اسين جيءَ نه سگهنداسين. پر الله پاڪ کي اسانجي حال تي رحم آيو ۽ ساحل اسانکي ڪجهه ئي گهڙين بعد پاڻھي ملايائين. ڄڻ ته اسان ۾ هاڻي ساهه پيو ۽ پاڻ کي زنده پيا تصور ڪريون.