مڪلي جي ماٺ ۾
روانگي
اها ماٺ مڪلي! چئي ڏي چئي ڏي،
اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪھاڻيون لڪايون.
مٿيون سِٽون حليم باغي جي غزل جو بند آهي، جڏهن مڪلي جو نالو هئڊنگ ۾ لکيم ته هي سِٽون ذهن ۾ تري آيون. صبح سوير اُٿي تياري ڪرڻ لڳاسين، اقبال ڪُنري کان رات پُھتو هو. رات اسان ماتلي شھر اقبال کي گهمايو، پوءِ دير تائين ڪچھري ڪري سُتا هئاسين. اسانجي اڄ مڪلي جي ماٺار ڏانھن روانگي هُئي.
ادا منظور پنھنجي وائٽ مھراڻ ڪار جو پاڻي وغيره چيڪ ڪري، تياري مڪمل ڪئي، هاڻي اسانکي پھرين وڃڻو آهي، اسانجي چوٿين سفر جي ساٿي ڏانھن، ها، پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي، سائين جي گهر پھتاسين، سائين چيو ته ناشتو وغيره ڪري پوءِ ٿا نِڪرون، لائبرري کوليان ٿو، چيوسين لائبرري ڀلي کوليو، اقبال به ڏِسي، باقي ناشتو وغيره سڀ ٿي ويو آهي، بس اوهان تيار ٿي اچو. دُعاءِ سفر پڙهي چارئي روانا ٿياسين،
ڦُليلي پُـل
ڦُليلي پُل تي پھتاسين، اقبال چيو بريڪ ڪريو ته ڦليلي جو نظارو ڪري وٺون، ڦليلي جو نظارو ڪيوسين، پُل تان بيھي دور نظر تائين ماڻھو کي وڻندڙ منظر لڳن ٿا، پر ڪاش جي ايئن هُجي ته ڦليلي جا ٻئي پاسا اڏاوتن کي آجا هُجن، وڏا وڻ ۽ ڦليلي سائيڊ کان اهڙي آڏ هُجي جھڙي پُل جي پاسن کان ٺھيل هوندي آهي، پوءِ ڇا ته شھر جي خوبصورتي نظر اچي، ڪاش ڪو اهڙو وقت اچي. ڪا اهڙي حڪومت، ڪو اهڙو دؤر، ڪاش...
ڪڏهن وري گوني تنھنجي اوج ايندي،
ماحول هوندو وڻندڙ، هرسُو موج هوندي،
گسن تي هوندا گُل، آجيان لئه آتا،
مِٺا هوندا ماڻھو، سُٺي سوچ هوندي.
مور قبرستان
سائين عبدالجبار چيو ته هِتان پريان ويجهو ئي تاريخي مور قبرستان آهي، جنھن جي پُراڻي دؤر جي نشاني مسجد جون ديوارون به اڃا بيٺل آهن، ڏِسي اچون، اسان جي اِها عادت الائي سُٺي آهي الائي نه ته جيڏانھن سفر تي گهمڻ جي نيت ڪري نِڪرندا آهيون، ته پھرين بنيادي شيون ڏِسندا ويندا آهيون، سِڌو ٻڌي ٻوٿ وڃي منزل تي پھچون ايئن ناهيون ڪندا. مھراڻ کي پوئتي موڙي آياسين مور قبرستان تي، اقبال گاڏي مان لھندي چيو، مور تنھنجو قبرستان اچي ويو، ها ادا پر مزي جي ڳالھه آئون به اڄ اوهان سان گڏ ڏِسي رهيو آهيان، ڪجهه پَل ئي ترسياسين، فوٽوگرافي ڪري چارئي پاسن تان نظرون گهمائي، واپس ورياسين.
ڪڙيو گهنور
رستي ۾ اسان جي ڪچھري هلندي رهي، مختلف موضوعن تي. ڪھي پھتاسين ڪڙيو گهنور، شھر مان پُڇا ڪئيسين خليفي محمود فقير جي درگاهه ڏانھن ويندڙ واٽ جي، بس شھر کان جيئن ئي ٻاهر نِڪتاسين ته اڳيان ٿوري ئي پنڌ تي.
خليفو محمود فقير نظاماڻي
جيئن ئي شھر کان ٻاهر نِڪتاسين ته اڳيان نظر آئي درگاهه خليفو محمود فقير نظاماڻي، درگاهه ۾ اندر اچي، قبر تي چار قُل پڙهي، آس پاس جو جائزو ورتو، هِتي ڪُل ست مزارون آهن سڀني جي وچ ۾ مزار خليفي محمود فقير جي آهي. ڀر ۾ مسجد به اڏيل اٿس، درگاهه جي سموري فرش ۽ ديوارن تي ٽائل، ماربل استعمال ٿيل آهي.
ورچي ويھه مَ سسئي، ڳليءَ هڏَ مَ ڳول،
رُلي ڇُلي ڇپرين، وڃين ڪيم وڙول،
آهي ڪوهيارو تو ڪول، ڏس ته لهنئي ڏکڙا.
هي بيت خليفي محمود فقير تڏهن چيو هو، جڏهن مٿس روحاني ذڪر ۽ فڪر جو اثر، پوري طرح اثر ڪري چُڪو هو، خليفو محمود فقير نظاماڻي، رئيس گهنور خان نظاماڻي جو فرزند هو، جيڪو 1189هه ۾ هن ڌرتي تي آيو، ڪيئي دُنيا جا دؤر ڏٺائين، پر جڏهن لڪڙي جي مسجد ۽ مدرسو ڳوٺ يوسف خان چانگ ۾ مخدوم ميان غلام محمد جي دعوت تي پنھنجي ڀاءُ عمر خان ۽ جمال شاهه سان گڏجي پير سائين راشد سان ملاقات ڪئي، انھيءَ ملاقات جي اثر جي ڪري سڄي دوري ۾ پير راشد ساڻ رهيو، پھريائين نقشبندي ۽ پوءِ قادري طريقي ۾ داخل ٿيڻ جو سبب به اِها ملاقات بڻي. ايئن پوءِ پير سائين راشد جي روحاني قافلو ۾ هلندي حيدرآباد تائين پھتو، پوءِ سڀني پَٽن تان پيرا گهمائي آخر ۾ اچي پنھنجي اباڻي اجهي ۾ رهيا ۽ پنھنجو سڄو ڌيان پنھنجي فقيرن ڏانھن هيو، 1267هه 1851ع تي 78 ورهين جي عمر ۾ هن فاني جھان کي الوداع ڪري ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيا. اسان پنھنجو رُخ رکيو کوراهه طرف، ساڳين ئي ڪچھري، تاريخ، تبصرا، ٽوٽڪا، چوڻيون، ايئن اسان وقت کي ويڙهي وري اڳين منزل تي.
مِليو سو کِلي اڄ ميان مير چانڊيو
کورواهه ۾ پھچندي ئي پنھنجي سنگتي ميان مير چانڊيو کي فون ڪيم جنھن ٻُڌايو ته ڳوٺ ويٺو آهيان، ميان مير چانڊيو سُٺو شاعر، پڙهيو لکيو ادبي ذوق رکندڙ دوست آهي، جنھن جو شاعري جو ڪتاب به ڪمپوز ٿي بٽر نڪري چُڪا آهن. ڳوٺ جو پتو ٻُڌايائين جيڪو، کورواهه کان گهڻو پري ڪونه هو تنھن ڪري انھيءَ جي اڱڻ تي به وڃڻو هو جو هِن جي والد هن فاني جھان مان وفات ڪئي آهي، اُن سان دُعا جا هٿ کڻڻا آهن. ڪجهه منٽن جي مسافري کان پوءِ پھتاسين ميان مير جي ڳوٺ. لاڪُڻ جي اڏيل اوطاق ۾ ٻه کٽون پيون هيون. ميان مير چانڊيو اسانجي انتظار ۾ اڳ ئي ويٺو هو. هيٺ تڏي تي قُل پڙهي، دُعا گهريسين، چانھه پي ڪچھري ڪري کانئس ڀاڪرين کِلي مِلي موڪلايوسين.
اسان هو جنھن کي سنڀارن ۾ سانڍيو،
مِليو سو کِلي اڄ ميان مير چانڊيو.
شاهجھان مغل سان به ملياسين
واپس شھر کورواهه پھتاسين شاهجھان مغل جو فون ملايم، شاهجھان مغل ۽ نياز ميمڻ هڪڙي اين جي اوز هلائن ٿا، شاهجھان مغل، ٻُڌايو ته شھر جي ڀر ۾ ئي سندس اوطاق آهي، ڏس پُڇي پھتاسين، اوطاق پڪي ٻن ڪمرن سان ڏاڍي سُٺي ٺھيل آهن، ۽ آس پاس جو ماحول به خوبصورت آهي، وڻ ٻوٽا پوکيل آهن، ٽنھين پاسن کان، اِن سان اوطاق جي سونھن ٻيڻي ٿي وئي آهي. شاهجھان سان ڪچھري ڪئيسين، چانھه بسڪيٽ کائڻ کانپوءِ موڪلائڻ مھل گڏ گروپ فوٽو به ڪڍيوسين. هاڻي اڳيان اسانجي منزل دڙو آهي.
رهي ٿو جِتي يار يوسف سنڌي
دڙو ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور بٺورو جو ڀلوڙ شھر آهي، جتي اسان جو يار يوسف سنڌي رهي ٿو.
وڃون پيا دڙي گڏجي سڀئي،
رهي ٿو جِتي يار يوسف سنڌي.
يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل به رهيو آهي، هن جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ٿيل، مُرتب ڪيل، سھيڙيل، ۽ لکيل آهن، سنڌي ادب کيتر ۾ يوسف سنڌي جو تمام وڏو نالو شماريو وڃي ٿو.
يوسف سنڌي جي والده ٽيون ڏينھن پھرين هن جھان مان لاڏاڻو ڪري وئي آهي، اُن جي فاتح خواني به ڪرڻي آهي، يوسف سنڌي جي تڏي تي پھتاسين، جيڪو ڪنھن بنگلي ۾ وِڇايل هو، يوسف سنڌيءَ ٻُڌايو ته منھنجي چاچي حاجي شمس الدين جو بنگلو آهي، جيڪو بُزرگ پُڻ اُتي موجود هو. اُتي اڳ به ڪافي سنگت ويٺي هُئِي جيڪي پُڻ شاعر اديب آهن. يوسف سنڌي سڀني سان تعارف ڪرايو، جِن ۾ نوشھروفيرو ضلع جو بزرگ شاعر حاجي عبدالله شاد جلباڻي، سنگت جو پريس ترجمان زاهد راڄپر ۽ ضلع نوشھروفيروز جورابطه سيڪريٽري مظھر خاصخيلي شامل هئا. ڪچھري ڪئيسين، ڪجهه دير کانپوءِ منجھند جي ماني به آئي سڀني گڏجي ماني کاڌي. يوسف کان موڪلايوسين، ٻاھر تائين گڏجي آيو، ڀرسان سندس چاچي عبدالغفور الستي جي آفيس هُئي، اُها ڏيکاريائين، پوءِ الستي آفيس اڳيان به گروپ فوٽو ڪڍيوسين ۽ موڪلايوسين. آياسين ميرپور بٺورو.
ميرپور بٺورو
بٺوري ۾ غلام حسين رنگريزي به رهي ٿو ته نوجوان فنڪار الھڏنو خاصخيلي به هتان جو ئي آهي، قومپرست اڳواڻ نواز خان زنئور پُڻ شھر بٺوري واسي آهي.
ڪامريڊن لاءِ ڪڏهن هو ويٽنام بٺورو،
شاعرن سڏيو هن کي هيرن هندورو،
ٿيو توسان ناتو، تڏهن اسان ڄاتو،
ڀلو آهي بِـلڪُـل، هي ميرپوربٺورو
هن شھر سان گذريل ٻن سالن کان ڄڻ ته سُٺي آشنائي ٿي وئي اٿم، هِتي مھر شاهه جي درگاهه به ٻُڌائي وڃي ٿي، جتي ساليانو ميلو پُڻ لڳي ٿو، سيد مھر شاهه جي درگاهه جو به اُن ئي ٻُڌايو هيو، مھر شاهه جي درگاهه تي به حاضري لڳائي موٽياسين.
ميمڻ اڪبر سڏيو سِڪ مان
سجاول شھر کي باءِ پاس ڪري، دولھه دريا خان پُل ڪِراس ڪري، ٺٽي شھر کي به ڇڏي اچي پھتاسين مڪلي جي ماٺاريل ماحول ۾. شام ويلا ۽ مڪلي جو ماحول، جيڪو به اُتي رهي ٿو، سو ڄاڻندو هوندو ته ڪيڏو وڻندڙ آهي. پھرين ملياسين علي اڪبر ميمڻ سان، سائين اڪبر جي والده به ڪجهه ڏينھن پھرين هن جھان مان لاڏاڻو ڪري وئي هُئي اُن سان به هٿ فاتح ڪئيسين ۽ ڪچھري به ٿي، عصر نماز پڙهي.
ٿڌيون هيرون، مِٺا ماڻھو، وڏي ماٺار مڪلي ۾.
هينئن جا هار هِت آهن، مِٺا منٺار مڪلي ۾.
ميمڻ اڪبر سڏيو سِڪ مان پُھتاسين اچي پَل ۾،
ڪيو هو جنھن اسان جو اڄ، يڪو انتظار مڪلي ۾.
پير غلام شاهه جيلاني سان ملاقات
سائين اڪبر اسان کي وٺي آيو، پير غلام شاهه جيلاني رح جي حويلي ۾ سائين جن مُريدن سان حسبِ معمول گفتگو ڪري رهيا هئا، اسان جي اچڻ سان سائين سُٺي نموني مِليو، حال احوال ڪيائين، خليفن مٺائي به آندي پي، هڪڙي خليفي کي چيائين مھمانن کي مِٺائي کارائي. مٺائي کاڌيسين، مُريدن کي ڪجهه دير لاءِ ڇڏي اسان سان حال احوال ڪيائين، پوءِ گڏجي فوٽو ڪڍرايائين، پاڻ سان گڏ ويجهو ويھاري ٻه ٽي فوٽو ڪڍرايائين، سائين جن فوٽو ڪڍرائين جو شوق رکن ٿا، سائين اعليٰ ذوق وارو پير محسوس ڪيوسين، سندس ٺھرايل پارڪ، مسجد ۽ هُجرو ڏِسي ئي اسان سندس ذوق کي داد ڏِنوسين، حُجرو ۽ مسجد سڄي ڇت ۽ ديوارُن سميت شيشي جي ٽُڪ واري ٺھيل آهي، جنھن جي وچ ۾ الله جا نالا ۽ آيتون ۽ سائين جن پاڻ جا شعر به اُن شيشي جي ٽُڪ سان لکيل آهن. پارڪ جي اسٽيج تي مڪمل ڪلمو لکيل آهي، پارڪ ۾ وڻ، ٻوٽا، گل ڇٻر، پکي ۽ پاڻي ڪڍڻ وارو نار به ٺھيل آهي، جيڪو بجلي ته هلي ٿو، پارڪ کي پاڻي ڏي ٿو. ڏاڍو خوبصورت ماحول لڳو پيو آهي. اسان جي سفر جا ٿڪ ئي لھي ويا، ڪجهه دير پارڪ ۾ پسار ڪئيسين، فوٽوگرافي به ڪئيسين، مغرب نماز باجماعت پڙهي پوءِ سائين اڪبر جي گهر طرف آياسين، رات واري مانيءَ جو بندوبست سائين اڪبر ڪيو هو، سائين سدائين مڪلي تي اچي ماني کائڻ جي دعوت ڏيندو هو، تنھن ڪري اڄ سائين اڪبر ماني خوب کارائي، گڏ پڪوڙا ۽ مِٺائي به شامل هُئي، ڪچھري ڪئيسين، بعد ۾ کائنس کِلي موڪلايوسين.
بِڪڪ تي پيتيوسين بوتلون
ٺـٽو شھر گهمڻ جو وقت ته نه هو، پر اقبال ڪُنري کان آيل هو جنھن جو شھر ڏٺل نه هو. بِڪڪ هوٽل تي کيس بوتلون پياريوسين، يا الله يا محمد جي نالن واري چونڪ تي آياسين، فوٽوگرافي ڪئي پر، رات هئڻ ڪري ڪا صاف رزلٽ نه آئي. رستو پڇوسين شاهجھان مسجد ڏانھن وڃڻ وارو.
شاهجھان مسجد
هڪ منٽ جي ڊرائيور تي سجاول روڊ تي موجود شاهجھان مسجد ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين ته رات ٿي وڃڻ جي ڪري ڪو خاص مزو نه هو، پر اقبال ميمڻ کي مسجد ڏيکاريسين، فوٽوگرافي به ڪئيسين. هاڻي اسان هِتان کان وري سجاول روڊ ورتو، سجاول ۽ ٺٽو جي شھر وچ ۾ سمجهو ته اها دريا تي اڏيل دولھه دريا خان پُل ئي وڇوٽي آهي، ڪو خاص وقت نٿو لڳي.
وري ٻيھر مِلڻ لاءِ موڪلايون ٿا اياز!
شھر ۾ پھچڻ سان پھرين ڪار ۾ پيٽرول ڀرايو، اياز امر جو نمبر ڊائل ڪيم اِن نيت سان ته شھر ۾ هوندو ته ٻه منٽ ملاقات ڪري وٺبي جي ڳوٺ هوندو ته ٺھيو، اياز فون کنيو، پڇومانس شھر ۾ يا ڳوٺ چيائين اِتي شھر ۾ آهيان. چيم اسين به شھر ۾ آهيون، ٻُڌايائين ته مين بس اسٽاپ تي اچو اُتي ئي هوٽل تي ويٺو آهيان. اسين پُڇائي پھتاسين، وڏي حُب سان مليو، سائين عبدالجبار نظاماڻي ۽ اقبال ميمڻ جو تعارف ڪرايم ۽ اياز جو هنن سان، اياز نئين ٽھي جو نوجوان نمائده شاعر آهي، اياز سان منھنجي پھرين ملاقات زرعي يونيورسٽي ۾ ٿي هئي، اُها سرواڻ سنڌي جي معرفت ٿي، اياز تمام سٺو ۽ گهڻو لکي رهيو آهي. اياز اسانکي چانھه پياري، ڪچھري ڪري کائنس مُرڪي موڪلايوسين،
مِٺا ڏي مُرڪي موڪل، هلون ٿا اياز!
رکون دِل ۾ سانڍي، هي محبتون ٿا اياز!
اسين هاڻي وينداسين ماتلي ڏانھن موٽي،
وري ٻيھر مِلڻ لاءِ، موڪلايون ٿا اياز!
جيڪي سفر ۾ همسفر هيا
عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منهنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هن جا سهيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪتاب لکيو اٿس، جنهن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سهيڙيل، مرتب ڪيل اٿس.
سرور اقبال ميمڻ: اصل ۾ ميمڻ ڪُنري جو رهندڙ آهي، هاڻي گهڻي عرصي کان هِتي ڪنري پاڪ ۾ رهي ٿو ۽ هِتي ”ميمڻ پريس ڪنري“ نالي سان پرنٽنگ پريس به اٿس. انتھائي بھترين انسان ۽ دوستي جي قابل آهي. دوستن لاءِ دِل درياءَ رکي ٿو.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
( 28 نومبر 2009ع)