حيدرآباد جي هوائن ۾
اي حيدرآباد! تنھنجون هوائون، حُسن،
قسم سان گهڻا ٿا ڪاتيءَ ريءَ ڪُسن.
اڄ جمع جو ڏينھن ۽ تاريخ 28 سيپٽمبر 2012ع. صبح سويري وهنجي تيار ٿي، آيس لجپت روڊ، ٻُوڙ ڀاڄي ۽ ٻيو جيڪو گهر جو سامان هو، جمع جي ڏينھن وٺندو هئس، ورتم، گهر ڇڏيم، گهر ٻُڌايم ته منجھند جي ماني تي انتظار نه ڪجو، اڄ حيدرآباد جي سئر تي ٿو وڃان، جتي وقت ٿيو ڪجهه نه ڪجهه کائي وٺندس.، شام تائين موٽي ايندس. ربنواز لاشاري کي فون ڪيم. چيائين آئون ته تيار آهيان، تون اچ ٽاور مارڪيٽ اُتي هڪڙي دوست جي آفيس آهي، آئون به اُتي اچان پيو.
سُٺي ذوق ۽ شوق مان کِلندي ڪُڏندي اچي پُھتس ٽاوَر مارڪيٽ، اُتي ربنواز جي دوست جي آفيس ۾ پھرين پيتيسين چانھه، چانھه پي پروگرام ٺاهيوسين ته پھرين هلون پڪي قلعي پوءِ اُتان کان موٽي شاهي بازار، ٽاور مارڪيٽ ۽ پوءِ اڳتي ميرن جي مقبرن ڏانھن هلبو.
سَچي آهي نيت ۽ سُٺو ذوق آهي
ربنواز جي دوست پُڇيو، حيدرآباد گهمڻ جي خواهش ڪيئن ٿي؟ خواهش ته پُراڻي هُئي پر ڪجهه ڏينھن پھرين ربنواز لاشاري سان اِهو ذڪر ڪيم ته، يار منھنجي خواهش پُراڻي آهي، حيدرآباد جو سئر ڪرڻ جي، پر شروعات چاهيان ٿو ’پڪي قلعي‘ کان ڪريان، اِها ئي شروعات شھر جي به آهي، ته آئون به اِتان کان ئي شروعات ڪريان، پر هِڪڙو مسئلو آهي، ٻڌو اٿم پڪي قلعي تي هاڻي مڪمل پناهگيرن جو قبضو آهي، تنھن ڪري اندر ڪنھن ٻي نئين ماڻھو کي وڃڻ ئي ناهن ڏيندا، ۽ ايم ڪيو ايم جا ڪِرمنل ماڻھو به سڀ هِتي ئي رهن ٿا، تنھن ڪري، اِها شايد حيدرآباد جي سئر ڪرڻ واري خواهش منھنجي خواهش ئي رهي، پر هي منھنجو دوست ربنواز هميشه جيان ۽ هر ڳالھه تي چوندو ’اِها ڪھڙي ڳالھه آهي‘ هن ڀيري منھنجو اظھارِ خواهش ٻُڌي چيائين اِها ڪھڙي ڳالھه آهي، منھنجو هڪڙو دوست آهي، جيڪو ميونسپل جو ملازم آهي ۽ پڪي قلعي جو ئي رهندڙ آهي، انھيءَ کي چوندس پاڻ کي قلعو مڪمل گهمائيندو، اِها ڳالھه ٻُڌي مونکي بيحد خوشي ٿي، چيم يار پوءِ بس هِن ئي جمع کان شروعات ٿا ڪريون، ڇو ته جمعي جي ڏينھن مونکي به موڪل آهي ۽ توکي به موڪل آهي، تنھن ڪري هر جمع تي ڪنھن نه ڪنھن پاسي نِڪري هلنداسين، ايئن اسانجو پروگرام طئه ٿيو.
سچي آهي نيت ۽ سٺو ذوق آهي،
ٿيئي ٿو سو پورو، جيڪو شوق آهي،
سو اڄ منھنجي اِها پُراڻي خواهش ۽ پُراڻو ذوق ۽ شوق پورو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، تنھن ڪري مونکي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي. هونئن به چوَڻي آهي ته، ’کاڌي کان ڏِٺو چڱو آهي‘، سو آئون حيدرآباد ۾ رهان پيو، يا حيدرآباد جي تاريخ جا ڪِتاب مون وٽ آهن، اُهي پڙهي چوان ته مون سڄو حيدرآباد ڏِسي ڇڏيو، ايئن نه ٿيندو، ماڻھو پاڻ اُن اسپاٽ، اُن سائيٽ اُن جاءِ تي وڃي مشاهدو ڪري، ۽ اِهو به چوندا آهن ته مُشاهدو مطالعي کان وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. اِها حقيقت پُڻ آهي، اوهان ڪتاب ۾ پڙهندا، ڪجهه وقت کان پوءِ وسري ويندو، پر جيڪو اکين ڏِسندا پوري زندگي ياد هوندو.
پڪو قلعو
جيئن ئي پڪي قلعي جي مين دروازي تي پُھتاسين ته اڳيان چاچو نظام هليو، جيڪو اسانکي قلعي بابت معلومات به ڏيندو. مين دروازو مٽياسين، جنھن جو هڪ پاسو ٽوڙيو ويو آهي، هڪ پاسو بيٺل آهي. هن قلعي سان به قبضي خورن وڏي ويڌن ڪئي آهي.
اندر قلعي ۾ داخل ٿيون ٿا، دروازي جي ويجھو ئي اُوڀر طرف تھه خانو آهي، جنھن جي دروازي جا ٻئي تاڪ سلامت آهن، ۽ دروازو بند پيل آهي، دروازي ۾ تيز چھنبن وارا سُنڀا ٺھيل آهن، ربنواز ٻُڌايو ته اڳي هاٿين تي لشڪر ايندا هئا، ۽ هاٿي طاقتور جانور هوندو آهي، دروازن کي زور سان ٽڪر هڻندا هئا ته دروازا ٽُٽي پوندا هئا، تنھن ڪري، هي هِن نموني دروازو اڏرايو آهي، انھي ڳالھه ۾ وزن آهي، تقريبن سڀني قلعن کي دروازا اهڙا ئي آهن. انھي تھه خاني مان ئي مٿي سيڙهي نِڪري ٿي، مٿي هڪ ڪمرو ٺھيل نظر اچي رهيو آهي. جيڪو پھريان ڪلھوڙن جي رهائش گاهه ۽ پوءِ ٽالپرن جي رهائش گاهه ٻُڌائي وڃي ٿي.
ڪتاب ٻُڌائن ٿا ته: هن قلعي کي ميان غلام شاهه ڪلھوڙي تعمير ڪرايو، ذي القعد 1182هه، 1769ع ۾، هي قلعو ٽوٽل 36 ايڪڙ ايراضي ته مشتمل آهي، گنجي ٽڪر تي ٺھيل آهي، قطر هڪ ميل ۽ اوچائي 80 فوٽ ٻُڌائي وڃي ٿي، قلعي جو ڊگهي ۾ ڊگهو حصو اوڀر کان اولهه 2430 فٽ آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ويڪر اتر کان ڏکڻ 900 فٽ آهي. قلعي جي اتر واري ڀت 3100 فٽ ۽ ڏکڻ واري ڀت 3080 فٽ آهي. هن قلعي جي شڪل بيضوي آهي ۽ پنج ڪُنڊو اٿس.
اِهو ته آهي ڪتابن ۾ لکيل اصل حالت پر جڏهن هن وقت اوهان قلعو گهمي ڏِسندا ته روئڻ ايندو، قبضي گيرن قلعي جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي آهي، ديوارن تي به کُڏيون اڏي ويٺا آهن، مختلف هنڌن کان ديوارون ئي ٽوڙي ڇڏيون اٿن. اسين اڳتي هلون ٿا، اڳيان هڪڙو هال ٺھيل آهي، پر اصل حالت ۾ ناهي، يا ته بعد ۾ ٺاهيون ويو آهي، ٻاهر سائيڊ کان هڪڙو بورڊ لڳل آهي اُن تي پڙهيم ته ’ميوزم زيرِ تعمير‘ Museum Under Construction لکيل آهي. اُن کان اڳيان وڃون ٿا.
اُن جي سامھون هڪڙو باغيچو آهي، جنھن ۾ ڪجهه نمن جا وڻ، ڇٻر ۽ ڪونو جي وڻن جا ٺھيل گول گل آهن، هن باغيچي ۾ هڪڙو اهڙو ٿُڙ آهي، جنھن کي ڏِسي حيراني ضرور ٿئي ٿي، ۽ لڳي ٿو هي وڻ اُن وقت جو ئي آهي، ايترو قديم لڳي ٿو، جڏهن هن وقت مڪمل سلامت هُجي ها ته هِن جو وڏي پکيڙ ۾ ڇانوَ ڇٽ هُجي ها. اُن باغيچو جو وڏو حِصو جنھن ۾ ڪجهه ٻارڙن جي کيڏڻ کان لوهه جا ڀڳل جهولا، ترڪڻون وغيره پيل آهن، جيڪي هاڻي هن وقت جا آهن.
هڪ سنھي گهٽي مان گُذري اڳيان اچون ٿا ته: هڪڙو گرائونڊ آهي، جنھن کي ’قلعه گرائونڊ‘ چيو وڃي ٿو، هن وقت هِتي جا رهندڙ ڇوڪرا ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهن، ۽ ننڍڙا ٻارڙا الڳ هڪ پاسي راند کيڏي رهيا آهن، هن کي گرائونڊ تي ملڪ غدار، غدار سنڌ الطاف ٽيليفونڪ خطاب ڪندو آهي، ۽ سڀ مھاجر هن گرائونڊ ۾ گڏ ٿي بُت بڻيا ويٺا خطاب ٻُڌندا آهن. ظالم کي قدرت ڊگهو رسو ڏيندي آهي، پر جڏهن اُن جي پڪڙ ٿيندي آهي ته دُنيا دنگ رهجي ويندي آهي، هرڪو توبه توبه ڪندو آهي، بس انتظار آهي ته ڪڏهن ٿي هن ظالم جي پڪڙ ٿيئي. ’ٿيندي ضرور‘
چاچو نظام چوَي ٿو هاڻي اوهان کي چور دروازي ڏانھن وٺي ٿو هلان، مختلف ور وڪڙ سنھڙين گهٽين مان ٿيندا آياسين چور دروازي تي، هِتي لڳي ٿو ته قلعي ۾ آهيون، هِتي ديوار جنھن جي اوچائي 80 فٽ ٻُڌائي وڃي ٿي، لڳي ٿو واقعي ئي 80 فٽ ئي آهي ۽ ثابت آهي، اُنھي اوچي ديوار جي تر مان هڪڙو محراب نما دروازو ٺھيل آهي، هن وقت عام لوهه جو جالي وارو دروازو ٺھيل آهي، هي دروازو موجوده وقت جو لڳل آهي، جنھن کي چور دروازو چوَن ٿا. هاڻي اسين ٻاهر نِڪري آياسين.
اصحابي سڳوري جي قبر ’نوگزا پير‘
قلعي جي مين دروازي سامھون هِڪڙي ڊگهي قبر آهي، اُن لاءِ هِڪڙي روايت ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي ته: نيرون راجا جي زماني ۾ عربستان کان هِڪ اصحابي سڳور آيو هو، ۽ سنڌ ۾ رهي پيو هو. هِن شخص متعلق چوَن ٿا ته ڏاڍو قداور هوندو هو. ايتري قدر ڊگهو هو، جو جڏهن نيرون جو قلعو (نيروڻ ڪوٽ) ڊاهي ۽ اُن جي جاءِ تي ٻيو ڪوٽ ٺاهيو ٿي ويو، تڏهن هي شخص بيٺي بيٺي سرون، تغاريون ۽ ٻيو سامان رازن کي جيڪي مٿي تختن ويھي اوساري ڪندا هئا، انھن کي پھچائيندو هو، هن شخص جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ قلعي جي دروازي سامھون دفن ڪيو ويو هو. پوءِ ٻاهران آيل مھاجر اُهي هن کي ’نوگزا پير‘ ڪري ڪوٺيندا آهن. اسان هن اصحابي سڳوري يا نوگزا پير کان موڪلايوسين.
نوگزار پير جي سامھون پڪي قلعو جو مين دروازو ۽ هِنن ٻنھي جي وچ تي اولھه طرف لالي پٺاڻ جي چانھه جي هوٽل آهي اُن تي چارئي ڄڻا چانھه پيئون ٿا، پوءِ اڳتي شاهي بازار ڏانھن وڃون ٿا.
شاهي بازار
اڄ جمعي جو ڏينھن هئڻ ڪري بازار مڪمل بند هئي، هي جيڪا هن وقت شاهي بازار آهي، اِهو ڪنھن وقت ميان غلام شاهه ڪلھوڙي جو رستو هوندو هو، جيڪو قلعي کان شروع ٿي ڪافي فرلانگ سڌو ۽ ڊگهو اڳتي دنگ ڪري ٿو. انگريزن جي اچڻ کانپوءِ اُنھن ڪوشش ڪئي ته هن بازار کي ’آڪسفورڊ اسٽريٽ‘ جي نالي سان سڏجي، پر سنڌي ماڻھن انگريزن جي انھيءَ خواهش جي اُبتڙ هن کي ’شاهي بازار‘ کي سڏيو.
هِن وقت بازار ۾ مختلف گهٽين، چوراهن تي ٻار راند کيڏي رهيا آهن، ۽ اسين چار ڄڻا بازار جو وچ وٺي وڃي رهيا آهيون. جمعي کان علاوه ڇهه ڏينھن هي بازار کُليل رهندي آهي، هن ۾ ڪجهه دُڪانن کان اڳيان ٻنھي پاسن کان سونارن جا وڏا وڏا دُڪان شروع ٿيندا، اُنھن کي اڳتي، پنسارين جا به تمام وڏا دُڪان آهن.
چاچو نظام اسان کي ڪجهه گهٽين جا نالا به ٻُڌائيندو هلي ٿو، اوڀر طرف کان پھرين بَٺين جي گهٽي، اولھه طرف ٺاٺارن جي گهٽي، وري اوڀر طرف لونگ بازار، اهي ٿوري ٿوري پنڌ تي ترتيب وار گهٽيون آهن، جيڪي بازار مان نِڪرن ٿيون، سترن جي گهٽي، کھنباٽي لين اُن کان اڳيان فقير جي پِڙ وارو چوراهو اچي ٿو، هِتي هارن جا وڏا وڏا دُڪان آهن، پر گهوٽن جو گهربل سمورو سامان به هتان ملي وڃي ٿو. (انھن دُڪانن کان اڳتي فقير جو پڙ شروع ٿئي ٿو). اُن کي اڳتي هلون ٿا مُکي گهٽي، سرور جي قبي واري گهٽي. هاڻي وري ڇوٽڪي گهٽيءَ جو چوراهو اچي ٿو، هِن کي شھر جو سينٽر به چيو وڃي ٿو، چوٽڪي گهٽيءَ جي چوراهي کان اڳتي هلبو ته اوڀر واري پاسي سانول شاهه پڙ واري گهٽي، پُراڻا مڇي بازار، امير شاهه جو پڙ گهٽي، لعلواڻي گهٽي ۽ آخر ۾ سوچي بازار. پُراڻي زماني ۾ هِتي اچي بازار دنگ ڪندي هُئي، پر هاڻي اڳيان ٽاوَر مارڪيٽ شروع ٿئي ٿي.
ڀلا هي جيڪي چاڙهيون آهن، تلڪ چاڙهي، ڀائي خان چاڙهي وغيره ڪيتريون آهن، جيڪي اچي شاهي بازار ۾ مِلن ٿيون،؟
جيڪڏهن پاڻ پڪي قلعي کان ڳڻڻ شروع ڪنداسين ته: اولھه طرف کان، قدم گاهه واري چاڙهي، هومسٽيڊ هال چاڙهي، ڀائي خان چاڙهي، پکا پير چاڙهي، بلاول (زناني اسپتال) چاڙهي، بوچال شاهه چاڙهي، ڇوٽڪي چاڙهي، عيدگاهه چاڙهي، تلڪ چاڙهي. سڀئي شاهي بازار ۾ نِڪرن ٿيون، وري جي اوڀر طرف کان قلعي واري سائيڊ کان ڳڻڻ شروع ڪنداسين ته: ڏتل شاهه چاڙهي، هيمون چاڙهي، ٺوڙي واري چاڙهي، چٽيل چاڙهي، کائي روڊ واري چاڙهي، آخوند ڏاترني جي چاڙهي، ڊومڻ واهه واري چاڙهي، سخي پير جي چاڙهي، ڪاري موريءَ چاڙهي.
حيدرآباد کي رڳو هوائن ۽ حُسن جو شھر نه پر چاڙهين جو شھر به چئي سگهجي ٿو. ٻي هِڪڙي گلي شاهي بازار مان ئي نِڪري ٿي جنھن کي ’سرِيگهاٽ‘ چيو وڃي ٿو، هِتي جڏهن پھتاسين ته اسان کي ياد ئي نه رهي نه ئي ڪا دلچسپيءَ ئي هُئي، پر ڪنھن وقت ۾ سرَيگهاٽ جو وڏو اوج هو ۽ شھرت هُئي، هاڻي جي ڪا خبر ناهي، ته سرِيگهاٽ ساڳيو آهي، يا صرف نالو ئي بچيو آهي. سرِيگهاٽ جو حُسن ۽ اُن حُسن تي پروانن جو پرواز ڪرڻ ته مشھور هو ئي، پر هِتان کان چوَن ٿا جڏهن گُذربو هو ته خوشبوءَ پري کان ايندي هُئي، يعني هن گهٽي جو تعارف خوشبوءَ ڪرائيندي هُئي. (واهه)
مسجد حيات
هِتي هِڪڙي قديم مسجد آهي ’مسجد حيات‘ واهه سبحان الله، اندر آياسين، اِهو ڏِسي حيراني ٿي ته ايترو وقت گُذرڻ باوجود اڃا تائين، مسجد جي خوبصورتي ۾ ڪمي ڪانھي آئي، هي مسجد سن 1312هه ۾ خميسي حجام ٺھرائي هُئي. هن وقت 1434هه آهي، يعني 122 سال پھرين جي ٺھرايل مسجد آهي.
ٽاور مارڪيٽ (نولراءِ مارڪيٽ)
هاڻي اسين اچي ويا آهيون ٽاوَر مارڪيٽ. آهي ته يڪي ئي بازار پر ٽاور کانپوءِ وري ٽاوَر مارڪيٽ يا نولراءِ مارڪيٽ به سڏجي ٿي. هِتي هِڪڙو وڏو گيٽ ٺھيل آهي، اُن گيٽ مٿان خوبصورت ٽاوَر ٺھيل آهي، ۽ اُن ٽاوَر ۾ وري گهڙيال لڳل آهي، جيڪو ماڻھن کي وقت ٻُڌائيندو ۽ وقت جو احساس ڏياريندو رهندو هو. هن مارڪيٽ ۾ ڪرياني جا وڏا وڏا دُڪان آهن، (شادين) جي چَر جو سامان جي ڪير حيدرآباد مان وٺڻ ايندو آهي، ته هِتان ٽاوَر مارڪيٽ مان وٺندو آهي، سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شھرن ڏانھن جيڪي گڊز ڪمپنيون سامان کڻي وينديون آهن، اُهي به سڀ هِتي ٽاوَر مارڪيٽ جي حد ۾ اچي وڃن ٿيون. (آئون به پوري سنڌ ۾ مختلف شھرن ڏانھن ڪِتاب ٻلٽي ڪندو آهيان، ته اُهي هِتان کان ئي روانا ٿيندا آهن.) هِتي اسان چاچي نظام قريشي ۽ پرويس ڪمار کي اجازت ڏنيسين، آئون ۽ ربنواز ڪچھري ڪندا. اڳيان هلياسين، تلڪ چاڙهي ڏانھن.
ميان سرفراز ڪلھوڙو
شاهي بازار ختم ٿي، پھتاسين تلڪ چاڙهي. تلڪ چاڙهي تي ٿورو هيٺ لٿاسين اُترين هٿ تي، هِتي هڪڙو مقبرو پري کان ئي نظر ايندو. مقبري جي ويجهو آياسين، هي مقبرو ميان محمد سرفراز خان جو آهي، جيڪو ميان غلام شاهه جو پُٽ آهي. ميان سرفراز چوَن ٿا ته سٺو نعت گو شاعر هو. هِن کي اوائلي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو . هِن جي نالي پُٺيان هِڪڙي ڪالوني به آهي ’سرفراز ڪالوني، ۽ ’سرفراز چاڙهي‘ جي نالي سان چاڙهي به آهي. مھاجرن جي اچڻ کانپوءِ هِن جي مزار ۽ مقبري تي چراغان ڪري قوالي جو محفلون منعقد ڪرايو وينديون هيون.
سندس والد غلام شاهه ڪلھوڙي کانپوءِ جڏهن هِن حڪومت سنڀالي، حڪومت جو وارث ته ٿيو، پر هو ڪجهه پرمتـڙيو ثابت ٿيو، جو ٻين جي چوَڻ تي هِن ماڻھو مارائڻ شروع ڪيا، اُن ۾ هڪڙو غلام شاهه جي دؤر جو مير بھرام خان جيڪو هڪ جرنيل ۽ سپھه سالار طور مشھور هو، کي دربار ۾ گهرائي شھيد ڪرايو، اُن ويڙهه ۾ مير بھرام خان جو پُٽ مير صوبدار ۽ ميان غلام محمد پُڻ شھيد ٿيا، ۽ سندس درٻار جا به ڪافي ماڻھو شھيد ٿيا. هِن کي اچي خوف ورايو، پيرن اُگهاڙو درٻار جي پوئين دروازي مان ڀڄي ويو، پھرين هالا پوءِ ڪوٽڙي کان ٿي جڏهن قلعي ۾ پھتو ته سندس ئي محافظن طرفان قلعي اندر قيد ڪيو ويو. اِها خبر ميان عبدالنبي کي پئي ته هِن پنھنجي راهه هموار ڪرڻ لاءِ هِن کي قلعي اندر ئي شھيد ڪرائي ڇڏيو، هِن سان گڏ قيد ٻيا به ڪيترائي ڪلھوڙا جوان قتل ٿي ويا. هِتي قبرستان به آهي، جنھن کي شھيدن جو قبرستان چيو وڃي ٿو،
هيرا آباد
هلياسين هيرآباد ڏانھن. هي علائقو حيدرآباد جو تمام پُراڻو علائقو، وڏا ويڪرا رستا ۽ بلڪل نقشي تي سڌيون گهٽيون، گهٽيون به روڊن جيتريون، هِتي گهڻي آبادي واڻين جي هُئي، جيڪي ورهاڱي کان پوءِ هِتان کان لڏي، پنھنجا ماڙيون بنگلا ڇڏي انڊيا هليا ويا، جن ۾ ٻه نالا ته مشھور ۽ ياد آهن دادي ليلا ۽ پوپٽي هيراهنداڻي اُهي به هِن هيرآباد جو رهندڙ هيون.
ميرن جا مقبرا
جيل روڊ وٺي آياسين، سٽي گيٽ کان پھرين اولھه طرف هڪڙي گهٽي وڃي ٿي، اُها گهٽي وٺي اڳتي اچون ٿا بخاري محلو ۾ . هڪڙي بورڊ تي نظر پئي ٿي، ’ميرن ٽالپرن جا مقبرا‘ اندر لنگهي آياسين هي به وڏو قبرستان آهن، وڏا مقبرا اڏيل آهن. هِنن مقبرن ۾ سڀني کان وڏو مقبرو آهي، اُنھيءَ ۾ چوَن ٿا مير محمد خان آهي جنھن 1287هه ۾ وفات ڪئي.اُن کان علاوه ٻيا به ننڍا ننڍا مقبرا جڪي ڪاشي ۽ ڪاريگريءَ جو اعليٰ نموني آهن. جِن ۾ مير محمد نصير خان، مير صوبدار خان، مير ڪرم علي خان، مير شھداد خان ۽ مير الھه بخش خان جون قبرون ۽ مقبرا ٺھيل آهن. ڪجهه پريان سنگ سنگ مرمر جون قبرون ٺھيل آهن، هِنن ۾ چوَن ٿا معصوم ٻار ۽ عورتن مدفون آهن، ڪجهه پريان چار ديواري اندر به قبرون ۽ مقبرا نظر اچن ٿا، هڪڙو مقبرو اڇي سنگ مرمر ۽ سھڻي ڊزائن سان ٺھيل آهي، هِن ۾ مير عبدالله دفن ٿيل آهي. هتي فوٽوگرافي ڪري رهيا هئاسين ته هِڪڙو همراه آيو، چوَي پيو، هِتي فوٽوگرافي نه ڪريو ۽ هِتي اچڻ به منع آهي، سندس اِها ڳالھه اسان کي سمجهه ۾ نه آئي، بھرحال اسان ته سڀني مقبرن جي فوٽوگرافي ڪري چُڪا هئاسين. هاڻي هِتان کان نِڪري اڳيان صحافي ڪالوني ڏانھن روانا ٿياسين.
ميان غلام نبي ڪلھوڙو
هڪڙو ٻيو به بورڊ لڳل آهي جنھن تي انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکيل آهي: مقبره ميان غلام نبي ڪلھوڙو 1189هه (76- 1775ع ) تا 1190هه (1776ع)، ميان غلام نبي جنھن سنڌ تي تقريبن هڪ سال حڪومت ڪئي، بعد ۾ کيس 1190هه (1776ع) ۾ قتل ڪيو ويو. ميان غلام نبي جو مقبرو سندس ننڍي ڀاءُ ميان عبدالنبي تعمير ڪرايو. اِهو مختصر بورڊ تي ئي لکيل آهي. گيٽ کان اندر اچون ٿا، هي مقبرو آهي، پُراڻي حالت ۾، جيئن ٻيا مقبره آهن، هتي به فوٽوگرافي ڪري، نڪتاسين ٻاهر، هاڻي اسانجي اڄ جي سفر جي آخري منزل آهي ميان غلام شاهه ڪلھوڙي جو مقبرو، تنھن ڪري هاڻي اسين اڳيان ڪلھوڙا ڪالوني طرف وڌڻ لڳاسين.
ميان غلام شاهه ڪلھوڙو ، ’مڇلي والا بابا‘
اسانجي اڄ جي سفر جي هيءَ آخري منزل آهي، ربنواز مونکي رستي ۾ هڪڙي ڳالھه ٻُڌائي جنھن تان ٿوري حيرانگي ٿي، ٻُڌايان ته خبر ٿئي غلام شاهه ڪلھوڙي کي ماڻھن هاڻي پير به ٺاهي ڇڏيو آهي. اِهو وري ڪيئن پڇومانس؟ اِهو ايئن ته نالو به رکيو اٿنس ’مڇلي والا بابا‘ هينئر آهي ته منجھند جو وقت پر ٿي سگهي ته هِن وقت به ڪي ماڻھو اُتي موجود هجن، فيمليون جيڪي مڇي کائيندي نظر ايندا. ماڻھو گهران مڇي رڌي هِتي اچي کائيندا آهن، پوءِ چوَن ٿا اسان جي مَن جي مُراد پوري ٿيئي ٿي...سد افسوس!، بس، ماڻھن جا عقيدا، ماڻھن جي مرضي.
اسين اندر دروازي کان داخل ٿياسين، هن جو درواز به ٻاهران ڪنھن ڪوٽ قلعي جي دروازي وانگر ور وڪڙ ڪري ٺاهيو ويو آهي. اسين جيئن ئي اندر داخل ٿياسين، واقعي ئي هِتي ڪجهه فيمليون اڳ ئي موجود هيون، ربنواز چيو هاڻي مون واري ڳالھه جي ويجهي کان وڃي تصديق ڪر. اسين پھريان سڌو مزار اندر آياسين، گهمي ڦِري مقبري کي به ڏٺوسين، مقبري جي ٻاهر ٿلھي (اڱڻ) جي ڪُنڊ تي تڏا وڇايو فيملين مڇي ڀت پي کاڌو، سڀ ڪنھن جي مرضي جنھن کي جيئن صحي لڳي، اِن معاملي ۾ ڪير ڪنھن کي ڪجهه نٿو چئي سگهي.
ميان غلام شاهه ڪلھوڙو جنھن سنڌ تي حڪومت ته ڪئي، پر هِن جي به عجيب ڪھاڻي آهي، ميان نور محمد هڪڙي گُلان نالي طوائف سان شادي ڪئي. چوَن ٿا ميان نور محمد، شاهه لطيف کان دُعا ڪرائي ته مونکي پُٽ جو اولاد ٿئي، شاهه لطيف جي دُعا سان پُٽ ٿيو، جنھن پوءِ سنڌ تي حڪومت ڪئي، اُها حڪومت سال کن هلي پوءِ بغاوت ٿي وئي، هي جيسلمر ڀڄي ويو، پوءِ ميان عطر خان سنڌ تي قبضو ڪيو، هي ظالم هو تنھن ڪري ماڻھن ٻيھر غلام شاهه کي گهرايو، پر هِن جو سنڌ جي هڪ حِصي تي قبضو هو، پوءِ جلد ئي مڪمل سنڌ تي پنھنجي حڪمراني شروع ڪيائين، جيڪا سورهن سال هلي. هن ٽين دؤر ۾ هِن تعميراتي ڪم به ڪرايا اُنھيءَ تعميراتي دؤر ۾ شاهه لطيف جو مقبرو به ٺھرايائين. هن مقبري اڳيان پارڪ به ۾ بھترين گُل ٻوٽا پوکيل اٿس، فوٽوگرافي لاءِ سُٺو ماحول آهي.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
مقبري جي ساڄي پاسي اچون ٿا، ٻه جاڙيون قبرون نظر اچن ٿيون، ربنواز چيو خبر ٿئي اِهي جاڙيون قبرون ڪنھن جون آهن، چيم نه، چيائين: ڪامريڊ حيدر بخش ۽ سندس گهر واريءَ جون آهن، مون اڳيان کان ڦِري ڪُتبو پڙهيو، هڪڙي تي لکيل آهي: مزارِ مقدس باباءِ سنڌ، ڪامريڊ حيدر بخش خان جتوئي، ولد فقير الھداد خان جتوئي، ساڪن بکو ديرو، لاڙڪاڻه تاريخ ولادت اڳيان انگ ڊٺل هو، تاريخ وفات 21 مئي 1970ع.
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جڏهن ڪامريڊ نه هو، ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ بکو ديرو ۾ 7 آڪٽوبر 1901ع ۾ جنم وٺندڙ تعليم قابليت لاءِ مختلف اسڪول مدرسن ۾ پڙهيو ۽ پوءِ آخر ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان بي اي سُٺي پوزيشن ۾ پاس ڪري. نوڪري ورتائين پھرين ڏوڪريءَ ۾ هيڊ منشي ٿيو، پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سڄي سنڌ مان پھريون نمبر کڻي مختيارڪار ٿيو. سنڌ جي مختلف شھرن، بدين، ڊگهڙي، جيمس آباد، گهوٽڪي ۽ ڏوڪري ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏِنائين. اُن کانپوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، 1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽري جھڙي ڪُرسيءَ کي ڇڏي اچي هارين جي حق جو طرفدار ٿيو. اِهو ڪھڙو جذبو يا جنون هو، خبر ناهي. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ هِي سنڌ صوبائي حقن ۽ سنڌ جي هارين حقن لاءِ وڙهندو رهيو. ون يونٽ مڙهيو ويو ته اُن جي به سخت مخالفت ڪيائين. هِن کي قومي شاعر به چيو وڃي ٿو، هِن جو هڪڙو شعري مجموعو ’جيئي سنڌ، جيئي سنڌ‘ نالي سان ڇپيل به آهي. هِن جيل به ڪاٽيا ته سنڌ جي ماڻھن به هِن سان محبت جو ثبوت ڏيندي، هِن تي لقب ڏِنائون ’باباءِ سنڌ‘- اِهو لقب ٻُڌي هِن کي ڏاڍي خوشي ٿي هُئي. ٻيو ڀيرو جڏهن وَن يونٽ ٽُٽڻ جو اعلان ٿيو هو ته اُن موقعي تي به وڏو خوش ٿيو هو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا ڊگها نظم جيڪا مشھور ٿيا، جيئي سنڌ- جيئي سنڌ، بلوچستان زنده آباد، اي مِٺي جيجل! اي سونھاري سنڌ، سازشي پنجاب مُرداباد وغيره. ٻي قبر جو ڪُتبو پڙهيم: محترمه ممتاز بيگم اهليه باباءِ سنڌ حيدربخش خان جتوئي20 آڪٽوبر 1970ع.
غلام محمد گرامي
مزار جي کاٻي پاسي آياسين هِتي به ٽي قبرون لائن ۾ آهن، پھرين قبر جو ڪُتبو پڙهيم: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو خدمتگار مولانا غلام محمد گِرامي، جنم 30 ڊسمبر 1920ع، وفات 15 سيپٽمبر 1976ع، پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ.
فتح علي خان لاشاري عرف فتو فقير
مرحوم گرامي جي قبر کان ٿوري فاصلي تي هڪڙي وڏي قبر ٺھيل آهي، اُن ۾ بقول ربنواز جڏهن ميان غلام شاهه ڪلھوڙي کي جنگ ۾ شڪست آئي هُئي ته لاهور هليو ويو هو، پوءِ اُتان جڏهن موٽيو ته فتح علي خان لاشاري کي ساڻ وٺي، آيو جنھن کي پنھنجي فوج جو سپھه سالار مقرر ڪيائين، پوءِ جڏهن حيدرآباد ۾ سينٽرل جيل وجود ۾ آئي ته اُن جو پھريون باني جيلر به اُن فتح علي خان کي ڪيائين، ماڻھو هن کي هن جي عرف واري نالي فتو فقير سان سڏيندا هئا.
ميان غلام شاهه ڪلھوڙو جي مقبري اڳيان پارڪ ۾ ڪجهه دير تائين ويٺاسين، فوٽوگرافي ڪري پوءِ ربنواز ۽ آئون آياسين ڪلھوڙا ڪالوني، ربنواز جو گهر به ڪلھوڙا ڪالوني ۾ آهي، گهر ڏيکاريائين، پوءِ هڪڙي هوٽل تي ويٺاسين، ٿڌو پيتوسين، هڪٻئي کان موڪلايوسين، وري ٻيھر ڪنھن ٻي سائيڊ تي ملڻ لاءِ.
ڪچو قلعو
آياسين مڪي شاهه روڊ تي جيڪو اولھه اوڀر وڃي ٿو، هِن روڊ تي موجوده وقت ۾ نئين پُل کان اولھه طرف وڃبو ته ٻنھي پاسن ۽ پُل هيٺان پُراڻن جوتن جا دُڪان نظر ايندا. جي اولھه طرف پوڻين ستين واري پُل تان اچبو ته روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٽائل ۽ ماربل جا دُڪان مِلندا. انھن ٻنھي جي وِچ واري فاصلي تي اُتر طرف کان هِڪڙي ٽڪري تي ڪچو قلعو اڏيل آهي، هِن قلعي اندر آياسين، روڊ کان ٿورو ئي اندر، هِڪڙو وڏو گيٽ ٺھيل آهي جنھن تي مٿي لِکيل آهي مقبرو ’سيد محمد مڪي شاهه‘، گيٽ اندر داخل ٿياسين، اڳيان وري مٿين طرف سنھڙيون سيڙهيون چڙهن ٿيون، سيڙهيون چڙهي مٿي آياسين ته جِتي مڪي شاهه مدفون آهي، ديوار کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هِڪڙو چاچو جنھن جي هٿن ۾ وڏيون مُنڊيون پاتل هُيون پڪ سمجهيم اِهو ئي درگاهه جو خدمتگار ٿي سگهي ٿو.
’اسلام عليڪم‘! ’وعليڪم اسلام‘ چاچا درگاهه جو خدمتگار ڪير آهي؟ ’بابا آئون ئي آهيان‘، چاچي جواب ڏِنو، آئون سندس پاسي ۾ ويھي رهيس. چاچا اوهان جو نالو؟، ’بلوچ‘، ’بلوچ ته ٺيڪ پر اوهان جو نالو؟‘ ’بابا منھنجو نالو ئي بلوچ آهي، مونکي بلوچ بلوچ ڪري سڏيندا آهن‘.
ڀٽ شاهه جي رهندڙ هِن بلوچ خدمتگار ٻُڌايو ته سائين جو اصل نالو ’مل محمود مڪي شاهه آهي‘ هِن کي جيئي شاهه به چوندا آهن ته ’مڪي شاهه‘ به چوندا آهن، هِي اصل ۾ مڪي کان آيل اصحابي آهي، باقي اسانکي وٽ ٻيو هِن جو ڪو به شجرو ڪا به معلومات ناهي، ڪنھن وٽ به ناهي، جڏهن پُڇيم ته هي هِتي ڪڏهن کان قائم آهي؟ ’ديوار ۾ لڳل هِڪ تختي ڏانھن اِشارو ڪندي ٻُڌايائين ته: 1082هه تي عالمگير هُجتي جي لڳل آهي، عالمگير هُجتي بادشاهه جي لاءِ چون ٿا ته جنھن مزار تي ويندو هو، اُن مزار تي کيس ڪا ورندي نه مِلندي هُئي ته اُن مزار کي مسمار ڪرائي ڇڏيندو هو. (اهڙي معلومات مون صرف هِن بلوچ خان کان ٻُڌي آهي).
چاچو بلوچ خان اسان کي مزار کان اندرين طرف وٺي ويو، جِتي پريان ڪُنڊ ۾ ۽ ڪچي قلعي جي وڏي ڪچي اڏيل ديوار جي هيٺ به هِڪڙي مزار آهي، اُن طرف وياسين، بلوچ خان ٻُڌايو ته اِهو ’جلالي بابا‘ آهي، اُن تي اسانکي عورتن جو رڙيون ٻُڌڻ ۾ آيون، ويجهو آياسين ته عورتون مزار جي پڃري سان زور زور سان مٿو ٽڪرائي رڙيون ڪري رهيون آهن، بلوچ خان ٻُڌايو ته اِنھن کي حساب وغيره هوندو آهي ته اُهي هِن جلالي بابا تي اينديون آهن. مقبري جي ڀر ۾ مسجد به آهي، هتي قبرستان به آهي، جنھن ۾ چوَن ٿا ڪجهه ڪلھوڙا حاڪم مدفون آهن، ڪجهه ٽالپر ڪمانڊر به دفن ٿيل آهن.
پڪي قلعي جيان هِن قلعي کي به هاڻي رڳو تاريخ جي ڪتابن ۾ ئي پڙهي نقشو ذهن ۾ ٺاهي سگهجي ٿو، باقي حشر هِن قلعي جو به ساڳيون ئي ٿيو آهي، جھڙو پڪي قلعي جو، هِتي به پناهگيرن ئي ڀينگ ڪئي آهي، مونکي ته اُن وقت جي حڪمرانن تي ڏاڍي چِڙ ٿي اچي جن هِنن کي ڪنھن آس پاس نه رهايو، پر ههڙا تاريخي ورثه اُن اندر گهر جهوپڙا اڏي، قبضي ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏِنو، حيرت ٿي ٿئي، اُن وقت جا حڪمران صفا ڪي بدذوق ۽ سنڌ دشمن ٿا لڳن، جن سنڌ جي تاريخي ورثن جي هھڙي ڀيلاڙ ڪئي، نه ته پنجاب ۾ تاريخي قلعو آهي. اُتي به آيا هُئا پناهگير اُتي ته قبضو ڪرڻ نه ڏِنو ويو. سو ڳالھه پي ڪيم ته تاريخ جا ڪِتاب ئي لکن ٿا ته هِن قلعي کي ڏِکڻ طرف کان ٻه دروازا هئا. ۽ ڪچي قلعي کي ڪُل نئون (9) برج اڏيل هئا. ڪچي قلعي کان موڪلايوسين، هاڻي روانا ٿياسين ريلوي اسٽيشن طرف.
ريلوي اسٽيشن
پُل تان آياسين سِڌو پڪي قلعي جي پاڙ وٽ لالا اُسامه کي چيم هِڪڙي تصوير اِتي ڪڍ، هِتان کان ٿورڙي ئي پنڌ تي ڏکڻ طرف وياسين، هِتي به ٻنھي طرفن کان هوٽلون شروع ٿين ٿيون، ڪي وڏيون هوٽلون ڪي ننڍيون هوٽلون. هوٽلن جي گهڻائي جو سبب ريلوي اسٽيشن آهي، ڇو ته حيدرآباد جي هيءَ اسٽيشن سڄي سنڌ جي مصروف ريلوي اسٽيشن آهي، هِتان کان سڄي سنڌ ڏانھن ماڻھو ريلوي ذريعي سفر ڪري سگهي ٿو. مون به پھريون ڀيرو، شھدادپور مان واپسي تي ريل جو سفر ڪري هِتي هِن اسٽيشن تي لٿو هئس، ۽ ٻيو ڀيرو جڏهن ’آل پاڪستان ٽوئر‘ تي ويا هئاسين، اُن وقت پاڪستان ڪوچ ۾ هِتان کان لاهور تائين سفر ڪيو هو، وري پندرھن ڏينھن کانپوءِ واپسي به هِتي ٿي هُئي. اِهي ٽي سفر ڪيا اٿم.
قدم گاهه موليٰ علي
اسٽيشن کان ٿورڙي ئي پنڌ تي اُتر طرف هلنداسين، هِتي به ٻنھي طرفن کان ٿيلھن (بيگس) جا دُڪان جا نظر ايندا، جيڪي تقريبن پٺاڻن جا آهن، اُن کان اڳيان ٽائرن جا ۽ ڪٻاڙ جا دُڪان آهن. اوڀر طرف گيٽ ٺھيل آهي، گيٽ کان ئي ڏکڻ طرف هيٺ دُڪان مٿي رهائشي هاسٽل نما مسافر خانه ٺھيل آهن. اڳيان آياسين ته وچ تي وڏو گول ٺھيل آهي، اُن جي وچ تي عَلم لڳل آهي، اُتي قبرستان به آهي، مٿي سيڙهين تي چڙهي اندر آياسين، جِتي هِڪڙو پٿر شيشي جي وڏي فريم اندر بند پيل آهي، جنھن تي پيرن جا نشان بيٺل آهن. چوَن ٿا ته مولا علي جي قدمن جا آهن. (ولاعلم). هِن رکيل پٿر کان اُتر طرف تمام وڏو گُنبذ تياريءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي، جيڪو ايران يا عراق ۾ ٺھيل مقبرن/ گُنبذن جھڙو آهي. ۽ ڏکڻ طرف به هاڻي نئين وڏي بلڊنگ تيار ٿي آهي. هاڻي اسين ٻاهر آياسين روڊ تي، اُتر طرف.
ريشم گلي
ريشم بازار ڏانھن، جھڙو اٿس نالو ريشم گلي، اهڙي ئي ريشم آهي، هِن ۾ ضرورت زندگي جي هر شئي مِلي وڃي ٿي، گهڻائي ڪپڙن ۽ جوتن جي دُڪانن جي آهي، ۽ دُڪانن اڳيان ريڙها به گھڻي تعداد ۾ بيٺا هوندا آهن، تقريبن هر دُڪان جي اڳيان، جيترا دُڪان اوترا ريڙها. رش ته هِن بازار ۾ ڪڏهن گهٽ ٿي ئي ناهي، پر عيدن جي موقعن تي ته سڄي بازار ۾ سي سي ٽي. وي ڪئمرائون هڻي ٻاهر اسٽال لڳائي اُتي هڪڙو پوليس آفيسر ۽ ٻيا عملدار ويھي مانيٽرنگ ڪندا آهن. تاريخ جي ڪتابن ۾ هِن جو پراڻو نالو ’خاطو بندي‘ گهٽي هو، خاطو بند اُنھن کي چوندا هئا، جيڪي شيشي (آئيني) کي فريم ۾ بند ڪندا آهن. اُن کان علاوه تصويرون ۽ ٻيون به ڪي اهڙيون شيون جنھن کي فريم ۾ بند ڪرايو وڃي. اڳي هِتي فريم سازي جا ئي دُڪان هوندا هئا. ريشم گلي جا جڏهن رنگ ڏِٺم ته مونکي غلام رسول ٽالپر جو مزاحيه شعر ياد اچي ويو، ’ريشم گلي، ريشم گلي‘ اِهو وڏو شعر آهي، جنھن ۾ ريشم گليءَ جا سڀ رنگ ٻُڌايا اٿس. ريشم گلي مان گُهمي ڦِري فوٽوگرافي ڪري ٻاهر نِڪري ساڳئي سُلطان چونڪ تي اچون ٿا.
حيدرچونڪ
سُلطان چونڪ کان اولھه طرف ٿوري پنڌ تي آياسين ته اڳيان هڪڙو چونڪ اچي ٿو، جنھن تي دُعا وارا ٺھيل هٿ لڳل آهن. هٿن ۾ تسبيح ڏِنل آهي، پر بدذوق ماڻھن هِنن هٿن تي به پرچا چنبڙائي ڇڏيا آهن. ۽ پارٽِين جا جهنڊا هڻي ڇڏيا آهن. هي حيدرآباد جو ڄڻ مرڪز آهي، يا حيدرچونڪ کي حيدرآباد جي دِل به چوندا آهن. هِتان کان جي ڏکڻ طرف وڃبو ته قاضي قيوم روڊ جيڪو نئين پُل، پوءِ اڳيان سبزي منڊي، بدين اسٽاپ، ميرپورخاص ۽ ڪراچي اسٽاپ وغيره. جي سِڌو اولھه طرف هلنداسين ته اڳيان اولڊ ڪئمپس، ايس. ايس. پي آفيس، ڪورٽ، گُل سينٽر، شھباز بلڊنگ، راڻي باغ ۽ پوءِ قاسم آباد وغيره. جي هلنداسين اُتر طرف ته رسالا روڊ. پھرين ئي منزل اولھه طرف چونڪ تي ئي ’حيدر منزل‘ آهي/ هُئي. ڪجهه اُن جي به ڪھاڻي جيتري معلوم آهي، اوهان پڙهندڙن کي ٻُڌائيندو هلان.
حيدر منزل
حيدر منزل کي به هاڻي اسان ڪِتابن ۾ ئي پڙهي سگهنداسين، ڇو ته ڪجهه سال پھرين سندس پُٽن هن تاريخي بلڊنگ کي تين وال ڪري وڪڻي ڇڏيو، ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي عوام طرفان تنقيد ٿي، ته هنن ٻيو ڪم ڪيو جو ڊٺل بلڊنگ اڳيان، هڪڙو تنبو جو گُل لڳائي اڳيان هڪڙو پٿر نصب ڪرائي، مرحوم رسول بخش پليجو کان اُن جي پيڙهه جو پٿر رکرائي چيائون ته حيدرمنزل جي نئي سِر تعمير ٿا ڪرايون. ( اُن تقريب ۾ آئون به شريڪ ٿيو هُئس، منھنجي ساحل پبلڪيشن به پاسي ۾ ئي رابعه اسڪوائر اندر آهي، آئون شروع کان وٺي ڄڻ سڀ ڪجهه اکين سان ڏِسندو اچان پيو.)، ڪجهه ڏينھن کان پوءِ اُهو بنياد جو هنيل پٿر پٽيو ويو، ڪم شروع ٿيو، بِلڪل نئين سِر سڄا دروازا شيشي جا، ۽ اندر ’باٽا هائوس‘ تعمير ٿي ويو، پاسي کان زونگ وارن جي آفيس. شايد وري ڪِٿان ڪنھن تنقيد ڪئي (شايد) ڏِسندي ڏِسندي اُنھن وڏن شيشن جي دروازن ٻاهران پُراڻي طرز جي سنھڙين سِرن سان پُراڻي ڊزائن ڪرائي وئي. جيئن پُراڻو لُڪ نظر اچي. پاسي ۾ زونگ کان پوءِ هِن وقت ’بليڪ برائون بيڪري‘ قائم آهي.
گول بلڊنگ
رسالا روڊ وٺي ڪجهه پنڌ اڳتي آياسين، گول بِلڊنگ آئي، هي بلڊنگ به تاريخي آهي، سڄي گول ٺھيل آهي، هيٺ گول دُڪان ۽ مٿي، آفيسون ۽ رهائش. هِن بلڊنگ اندر پھريون ڀيرو آئون تڏهن آيو هئس جڏهن آفتاب اخبار جو دفتر هِن بلڊنگ اندر هو. مون پنھنجو لکيل ڪالم ’ڪشمير جي مِٽي ۾ شھادت ماڻيندڙ – امين‘ ڏِنو هو. ٻي ڏينھن جي اخبار ۾ اِهو ڪالم شايع ٿيو هو. منھنجي ڳوٺ جو مون سان گڏ پڙهندڙ، امين ولد نور علي جوڻيجو آرميءَ ۾ ويو، جتان پوءِ، نواز شريف ۽ مشرف دؤر ۾ ڪارگل واقعي ۾ شھِيد ٿي ويو هو. اُن وقت هِن اخبار جي ايڊيٽوريل پيج تي شايد رياض عمراڻي ٽنڊي ڄام وارو ڪم ڪندو هو. هِن وقت هِيٺ چؤطرف فرنيچر وارن جا دُڪان قائم آهن.
شھيد هوش محمد شيدي چونڪ
گول بلڊنگ وٽان ئي اُتر طرف نظر ڪبي ته هڪ چونڪ نظر ايندو، ٻه ٽي قدم اڳيان آياسين، ٽي ڪُنڊن تي ٺھيل هي چونڪ، جنھن تي هڪڙو اڳيان وڏو گهوڙو تنھن تي شھيد هوش محمد شيدي سوار آهي، هڪ هٿ ۾ تلوار هڪ ۾ جهنڊو ٽي گهوڙي سوار پويان آهن. اُنھن سڀني جي پويان سنڌ جو وڏو نقشو لڳل آهي.
هوش محمد شيدي، ميرپورخاص پرڳڻي جي حڪمران مير شير محمد ٽالپر جي فوج جو سپھه سالار هو. انگريزن سان جنگ ڪندي 22 ريجمينٽ جي توب جي گولي سان شھيد ٿي ويو. چوَن ٿا ته مير شير محمد هِن کي جنگ هلندي صلاح ڏِني ته تون پاسو ڏئي ميدان ڇڏي وڃ، پنھنجي طاقت گڏ ڪري ٻيھر هِنن سان جنگ ڪجان، پر هِن ميدان ڇڏڻ مِھَـڻو سمجهيو ۽ پوءِ’مَرسون مَرسون سنڌ نه ڏيسون‘ جو نعرو هڻندي 1843ع ۾ شھادت جو جام نوش ڪيائين. هِن بھادر سپھه سالار جي قبر جي خبر ڪنھن کي ئي ناهي ته ڪِٿي آهي. ڪي پڪي قلعي ۾ ٿا چوَن ته، ڪي دُٻي واري جنگ واري جاءِ تي ٿا چوَن. تاريخ جي اِها به وڏي ستم ظريفي آهي. هي چونڪ، مخدوم رفيق الزمان جي ناظمي واري دؤر ۾ ٺھيو هو.
پريس ڪلب حيدرآباد
سامھون اولھه طرف پريس ڪلب آهي، هِن پريس ڪلب اندر هيٺ ’ڪنگ پن‘ دوست عمران ڀٽو جو ڪتاب گهر آهي، جيڪو عارضي ڪتاب ميلو ٻه ٽي ڏينھن لاءِ هو، پر هاڻي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن، اڄ تائين قائم آهي. مٿي پريس ڪلب هال آهي، اُن ۾ ته اڻڳڻين پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي اٿم. هڪڙي ڪتاب بدين جي صحافي الھبچايو جمالي جي ڪتاب ’ايل بي او ڊي هڪ مھا آفت‘ جي مھورت هئي، جنھن ۾ رسول بخش پليجو جي صدارت هُئي، جنھن ۾ مون به ڪتاب تي ڪجهه ڳالھايو هو. ٻيو عالمي ٻولين جو ڏينھن هو، جنھن ۾ پوري پاڪستان کان شاعرن اديبن جي شرڪت هُئي. اُن جي ڪمپئرنگ نسرين الطاف پي ڪئي. اِن ۾ مون پنھنجو غزل پھريون ڀيرو ترنم ۾ ٻُڌايو. باقي شرڪت ته ٿيندي رهندي آهي. پر اِنھن سڀني پروگرامن کان پھرين پھرين پريس ڪلب جي ڇت تي مصطفيٰ قريشي فلمي دُنيا جو بي تاج بادشاهه ۽ اُن جي ونيءَ روبينا قريشي جيڪا به پنھنجي دؤر جي سُريلي آواز واري سنگر هُئي. سان شام ملھائي وئي هُئي. جنھن ۾ به رسول بخش پليجو صدر محفل هو. خليل کوسو کي به پھريون ڀيرو مون هِن پروگرام ۾ ٻُڌو، جنھن ۾ اِهو مشھور نظم ’واهه وڏيرا تنھنجا ڪم‘ پڙهيو هئائين. هاڻي سامھون ئي صدر بازار طرف ٿا هلون.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
پريس ڪلب جي پاسي ۾ ئي چند قدم اڳتي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن آهي، هي اسٽيشن به پاڪستان جيتري پُراڻي آهي. پھريون ڀيرو، 1997ع ۾’ اِسرار شام‘ جي معرفت پندرھن روزه ’سنڌي ادبي سنگت‘ پروگرام نشر ٿيندو هو، نصير مرزا پيش ڪندو هو، اُن ۾ شاعر طور پنھنجي شاعري پڙهي هُيم، رڪارڊنگ به نصير مرزا پاڻ ڪئي هُئي. اُن کانپوءِ، يونس باري، ماڪن شاهه رضوي، ميرمُرڪ واڍو هِن اداري ۾ رهيا، سڀ دوست آهن، ۽ ريڊيو پاڪستان منھنجي پاسي ۾ آهي، اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي. هڪ ڀيرو ريڊيو پاڪستان جي سالگره پروگرام ۾ به شرڪت ڪئي هئي، پروگرام ريڊيو پاڪستان جي پارڪ ۾ ٿيو هو.
حاجي شاهه بُخاري جي مزار، صدر
ٿورو ٻه ٽي قدم اڳيان مٿي، ٻه ٽي دُڪان ڇڏينداسين ته هِتي هڪڙي وڏي مسجد نظر ايندي، اندر هڪ بزرگ جو مقبرو به ٺھيل آهي، جنھن ۾ ’حاجي شاهه بُخاري جي مزار‘ آهي، هي بزرگ اُنھيءَ سادات خاندان مان آهي، جيڪي نيرون ڪوٽ واري دؤر ۾ هِتي اچي آباد ٿيا هئا.
هِن درگاهه جي خدمتگار فدا حسين اُنڙ جيڪو پنھنجي عمر هِن وقت 78 سال ٻُڌائي ٿو، چوَي ٿو ته اسان جا وڏا يو پي مان آيل هئا اُن وقت مغلن جو دؤر هو. هِن کان جڏهن پُڇيم ته اوهان هِن درگاهه تي ڪڏهن کان خدمتگار آهيو؟ ’ٻُڌايائين ته اسان کي هڪ سئو اسي سال ٿيا آهن، ناناڻن کان وٺي هِن درگاهه جا خدمتگار آهيون، جڏهن پُڇيم ته هي گهٽي جي وچم ۾ ڪيئن مزار قائم ٿي، ٻُڌايائين ته اُن وقت به انگريزن جي حڪومت هُئي ماڻھن اِها شڪايت ڪئي پوءِ وڏو انگريز ڪرنل آيو جنھن چيو ته هِن مزار کي هتان ڊاهيو، اسانجي ماڻھن انڪار ڪيو ته پاڻ مشين گهرائي ڊهرائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته هِتان زمين مان اندران پاڻي وانگر رت نِڪرڻ لڳو، پوءِ انگريز پُڇيو هي ڇا آهي، ماڻھن ٻُڌايس ته هي بزرگ آهي الله جو ولي، پوءِ انگريز ڇڏي وٺي ڀڳو. اُن وقت چن ۽ ريتي سان ٺھيل مزار هُئي ۽ هيٺ ساڳوان جي ڪاٺين جا پيلر لڳل هئا. مسجد بانس جي ڪاٺين سان ٺاهي وئي هُئي.
صدر بازار
حيدرآباد جي هي مشھور بازار آهي، صدر بازار هِن بازار مان به زندگي جي ضروريات جون سڀ شيون مِلي وڃن ٿيون. هِتي هڪڙي بوهري ڪاٺياواڙي ڪميونٽي جا تمام گهڻا دُڪان آهن. هِتي سڀني بئنڪن جون شاخون به موجود آهن. هِتي به ڪجهه پُراڻي دؤر جون بِلڊنگون اڃا تائين موجود آهن.
ڊاڪٽر لائن
هاڻي اسين جِتي پھتا آهيون، هِن کي ڊاڪٽر لائن ۽ ڊاڪٽر گلي به چوندا آهن، پر ڪجهه ماڻھو ’ڪاسائي گلي‘ جي نالي سان به سڏيندا آهن. غلط اُهي به ناهن. جنھن جو واسطو پيو هوندو اُن کي خبر هوندي، مونکي بِلڪل خبر آهي. ٻنھي طرفن کان اَڻ ڳڻيا ميڊيڪل اسٽور، ليبارٽريون ۽ ڊاڪٽر هر قسم جي بيماري جي علاج لاءِ موجود آهن. بيماري ڇڏي نه ڇڏي ڊاڪٽرن جو اُن سان ڪو تعلق ناهي. بيماري معمولي هُجي، پر اوهان کي ٽيسٽون سڀ ڪرائڻيون پونديون. گهڻا ڊاڪٽر ته پرچي جي ڪُنڊ تي ليبارٽري جو نالو به لکي ڏيندا آهن. اگر اوهان ڀلجي ٻي ليبارٽري تان ٽيسٽ ڪرائي وڃي ڏِيکاري ته چوندا هِن ليبارٽري جي ٽيسٽ تي ڪو ڀروسو ناهي هوندو. اِهو به هڪڙو سوال آهي، جنھن کي سمجهه ۾ اچي. پر اسانجي ته دُعا آهي سڀني جي صحت ڪاڻ، ۽ اِها به دُعا ٿا گُهرون ته هِن گلي کان رب پاڪ سڀني کي پري رکي. هاڻي اسين اڳيان ٿا نِڪري هلون.
ضياءَ الدين پارڪ
ضياءَ الدين پارڪ ۾ گهڻو ڪري رات جي وقت گرمي جي موسم ۾ فيلميون اينديون آهن. اسين به ڪڏهن ڪڏهن هِن پارڪ ڏانھن نِڪري ايندا هئاسين، عابد ٿيٻو (وڪيل)، عبدالخالق لغاري (وڪيل)، اسان هڪ ئي روم ۾ رهندا هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ اسرار لوهار به اچي ترسندو هو، اُن کي به وٺي ايندا هئاسين. هي هڪڙو بھترين پارڪ آهي.
قاسم چونڪ ۽ قاسم پارڪ
آرمي جي حد ۾ هئڻ ڪري، ڏاڍو خوبصورت ٺھيل، گُل ۽ وڻ پوکيل، صاف سُٿرو اهڙو جو ماڻھو شام جو اچي ته رات ڪري پوءِ اُٿي، پر جيئن ته آرمي جو چونڪ هئڻ ڪري، ماڻھو هِتي شام جي وقت ويھن نٿا، باقي فوٽوگرافي لاءِ بھترين اسپاٽ آهي.
قاسم چونڪ کي جيئن ئي ڪِراس ڪري اُتر طرف ڄامشورو رود تي آياسين، اولھه طرف هڪڙو بھترين پارڪ ٺھيل آهي، هِن جو نالو ’قاسم پارڪ‘ آهي، گرمي جي موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن هِن پارڪ ڏانھن نِڪري ايندا هئاسين. صاف سُٿرو پٿر جون بئنچون به ٺھيل، ڇٻر کي به روزانو پاڻي سان ڌوتو وڃي ٿو، اهڙا پارڪ ماڻھو جي زندگين ۾ آڪسيجن جو ڪم ڪن ٿا.
قاسم آباد
جڏهن واڌو واهه تي پُھچون ٿا ته قاسم آباد جي حد ۾ داخل ٿيون ٿا، منھنجي عمر کان به ننڍي عمر رکندڙ هِي شھر، پھرين يونين، پوءِ ٽائون، ۽ هاڻي حيدرآباد جو تعلقو آهي، قاسم آباد ٿوري عرصي اندر تيزي سان ترقي ڪئي آهي. 1988ع وارن وڳوڙن کانپوءِ سنڌي هِتي اچي آباد ٿيا هئا. ۽ اُهو دؤر ماڻھو رُڳو ياد به ڪري ٿو ته بدن جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا، تنھن ڪري اُن دؤر جو ڪو به ذڪر نٿا ڪريون. هاڻي ته هِتي سڀئي قومون مھاجر، پٺاڻ، پنجابي سڀ آباد آهن. ۽ سڀئي پُرسڪون زندگي گُذاري رهيا آهن. حيدرآباد سڄي ۾ هن تعلقي تي اليڪشن دوران وڏي گهما گهمي هوندي آهي. ۽ مزي جي ڳالھه ته سڀئي اڳواڻ قومپرست به هِتي ٿا رهن. جنھن ۾ اهم ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو باقي ٻيا به اڻڳڻيا آهن. پر اليڪشن ۾ سڀئي هڪٻئي جي سامھون فارم ڀرائيندا آهن. ۽ نتيجو اِهو نِڪرندو آهي، جو هر ڀيري سيٽ پ پ پ جو ميمبر کڻندو آهي.هوندو اُهو به سنڌي آهي، پر قومپرست پ پ پ سان ناهن ٺھندا. اِهو سلسلو اڃا اڳتي ڪيترو هلندو اِهو ايندڙ وقت ٻُڌائيندو.
راڻي باغ
حيدرآباد جي سڀني پارڪن مان موجوده وقت جو وڏو ۽ مشھور پارڪ ’راڻي باغ‘ آهي، هِن پارڪ کي ٻه مين گيٽ آهن، هڪڙو ڏکڻ طرف کان ’ٿڌي سڙڪ‘ وٽان ۽ ٻيو اُتر طرف ’سنڌ ميوزيم‘ روڊ وٽان، اسين سنڌ ميوزيم روڊ واري گيٽ کان اندر آياسين. مونسان گڏ اقبال، جھانزيب، رحيم، آفتاب، سڀ هئا، هونئن هِن پارڪ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو آهي، اَڻ ڳڻيا ڀيرا هِن ’راڻي باغ‘ ۾ اچي گهمي ويو آهيان. هِتي اڳي ته جانور به تمام گهڻا هوندا هئا، اُنھن ۾ شينھن ۽ شينھڻ به موجود هوندا هئا، پر هاڻي اُهي به ناهن رهيا. هِتي اُتر طرف هڪڙي وڏي عيد گاهه پُڻ آهي. جِتي عيد نماز پڙهبي آهي. بھترين ننڍا پارڪ ٺھيل آهن. اُنھن ننڍن ننڍن پارڪن ۾ ڪيئي جوڙا به ڪچھرين ۾ مست مگن هوندا آهن، ڪيئي قول اقرار به هِتي ٿيندا آهن، پھريون ملاقاتون به هِتي ٿينديون آهن ته وِڇوڙا به هِتي ٿيندا آهن. هِن ئي راڻي باغ ۾ ٻه ٽي عورتن جا پُڻ قتل ٿي چُڪا آهن، جن جا خاص سبب سامھون ته نه اچي سگهيا، پر اسين ته راڻي باغ کان پُڇون ٿا.
هاڻي هِتي حيدرآباد شھر ۾ ٿا رهون، تنھن ڪري َهڪ نه ٻي جمعي تي ٻارڙن کي وٺي ايندو آهيان، هِتي ٻارڙن جي دلچسپي جي لاءِ رانديڪن کان وٺي ريل گاڏين تائين، ٻيڙين کان وٺي جهولن تائين سڀ رنگ رچيل هوندا آهن.
سنڌ ميوزيم
راڻي باغ مُڪمل گهمي هاڻي ساڳين گيٽ کان ٻاهر نِڪتاسين ڇو ته اسانکي اڳيان سنڌ ميوزيم وڃڻو آهي. سنڌ ميوزيم پُھتاسين پھرين ٽڪيٽ ورتيسين، پوءِ جيئن ئي گيٽ جي اندر داخل ٿيون ٿا. ساڄي هٿ تي ظفر ڪاظمي گئلري آهي. ظفر ڪاظمي هڪ بھترين آرٽسٽ هو، جنھن ئي هِن ميوزيم کي سنواري سُڌاري آباد ڪيو، اُن وقت ظفر ڪاظمي سنڌ ميوزيم جو ڊئريڪٽر پُڻ هو. هِن جو ساٿ جن ڏِنو هو، اُنھن ۾ حيدرآباد مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بدين (لاڙ) مان محمد سومار شيخ ۽ ٿرپارڪر مان معمور يوسفاڻي صاحب جن به پنھنجي خاص دلچسپي سان هِن سنڌ ميوزيم کي سنوارڻ ۾ هٿ ونڊايو. اُن گئلري جي پاسي ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو گئلري به آهي، جنھن ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ سندس خاندان جون يادگار تصويرون، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جون يادگار تصويرون لڳل آهن. اڳيان هاڻي شروع ٿين ٿا شيشين اندر ٺھيل پر هڪ پَل لاءِ حقيقي لڳندڙ منظر، جنھن ۾ سنڌ جي ثقافت کان وٺي شاهه جي سورمين، لوڪ داستانن تائين ڏيکاريل منظر واهه جو وڻندڙ من لُڀائيندڙ آهن. اُن کان علاوه موهن جو دڙو، انسان جو مھذب بنجڻ ۽ پُراڻي دؤر جون شيون جنھن ۾ ٺِڪرن، پٿرن کانسواءِ سِڪا ۽ هٿيار به سجائي رکيل آهن. هُنر جا نمونا، اُنھن ۾ نصرپور جا کيس ۽ سوسيون، سنڌي ۽ بلوچي لباس گجن جا نمونا، هالا جي جنڊيءَ تي ٺھيل شيون ۽ ڪاشي جا نمونا. مطلب ته عجائب گهر ۾ جيڪو هئڻ گهرجي اُهو سڀ ڪجهه هِن ’سنڌ ميوزيم‘ ۾ موجود آهي.
ميوزيم سان لڳ اوڀر طرف ’ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال‘ به موجود آهي، جنھن ۾ ڪا رات مشڪل سان خالي هُجي نه ته هر ڏينھن يا هر رات ڪو نه ڪو پروگرام ضرور هوندو آهي. منھنجي به هِن ميوزيم ۾ کوڙ پُروگرامن ۾ شرڪت ٿيندي رهي آهي. ڀٽائي آرٽ سرڪل طرفان هڪڙي ايوارڊ پروگرام ۾ مونکي به سنڌ جي قومي شاعر ’آڪاش انصاري‘هِٿان ’بھترين شاعر‘ جو ايوارڊ ڏياريو ويو ۽ ٻيو عبدالحئي پليجو جي ڪِتاب ’واقعاتِ عالم‘ جي مھورتي تقريب ۾ ڪِتاب تي ۽ عبدالحئي پليجو تي ڏهه منٽ کن ڳالھايو هو. اِهي پھريون يادگيريون آهن، هِن آڊيٽوريم هال جون.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
سنڌ ميوزيم جي اولھه طرف سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، (سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو) جي بلڊنگ موجود آهي. اُن طرف وڃڻ لاءِ ساڳين گيٽ مان ٻاهر مين روڊ تي اچي ٻه ٽي قدم اڳيان هلون ٿا، پوءِ وري هِن اداري جي مين گيٽ کان اندر اچون ٿا، هِتي ڪو به ٽڪيٽ وغير ناهي، پر گارڊ کاٻي هٿ کان وڻن هيٺ ويٺل نظر ايندو. اداري اندر اچڻ لاءِ ساڄي هٿ رسيپشن آهي، اُن رجسٽر تي پنھنجي رجسٽريشن ڪرائي پوءِ اڳيان ڪنھن به آفيس ۾ ڪنھن سان مِلي سگهجي ٿو. آئون مختلف وقتن تي يا ڪمن ڪارين سان ايندو ويندو آهيان. هڪ ڀيري شمشيرالحيدري جي ورسي جو ڪارڊ جيڪو تاج جويو کي ڏيڻون هو، مصطفي جمالي چيو ته تون پاڻ وڃي ڏئي اچجان، تاج جويو اُن وقت سيڪريٽري هو. سلام ورائي اندر آفيس ۾ ويس، صرف ويٺي ويٺي ٻه آڱريون هٿ جون وڌايائين، مونکي عجب لڳو بلڪِ حيرانگي ٿي، هيڏو وڏو نالو، مِلڻ جو ڍنگ ئي ناهي، بھرحال ويھڻ مون به مناسب نه سمجهيو، ڪارڊ ڏئي کيس هليو ويس، ٻيو ڪارڊ محمد ابراهيم جويو کي ڏيڻو هو. اُهو به هٿو هٿ، خير دوست جي چوڻ جو احترام ڪندي، آيس محمد ابراهيم جويو جو گهر پُڇائي، جيڪو صحافي ڪالوني ۾ آهي، ملازم دوازو کوليو، هِتي به مونکي حيراني ٿي، اُها اُن ڪري جو سائين جويو صاحب صفا ضعيف هو، پوءِ به اُٿي مِلڻ چاهيائين، مون کيس جُھڪي مِلندي چيو سائين اوهان تڪليف نه ڪريو، چيائين نه مھمان سان ويھي ڪڏهن ناهي مِلبو. سائين ابراهيم جويو کي ڪارڊ ڏِنومانس، ملازم کي سڏ ڪندي چيائين شربت پيار مھمان کي، ملازم شربت جو گلاس کڻي آيو. جڏهن موڪلايم ته اُٿي ڪمري جي دروازي تائين آيو. پڙهندڙ پيارا ٻئي ماڻھو نالي وارا سندن سڀاءُ جو فيصلو اوهان تي ٿو ڇڏيان، آئون ڪو رايو نه پيو ڏيان. هِن واقعي جي لِکڻ جي هِتي ِضرورت نه هُئي پر جڏهن هي ادارو گهمڻ ايندس ته ضرور ياد ايندو. رسيپشن کان ساڄي هٿ تي آفيسون آهن ته کاٻي هٿ تي ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال‘ موجود آهي، جنھن ۾ به انيڪ پروگرام اٽينڊ ڪيا اٿم. اُنھن مان ڪي ياد رکڻ جھڙا آهن، جيئن سنڌي ادبي سنگت جو هڪڙو پروگرام هو لائف ٽائم اچيوَمينٽ ايوارڊ تقريب هئي، (يوسف سنڌي جي سيڪريٽري جنرل واري دؤر ۾) جيڪو ايوارڊ الطاف شيخ ۽ امر جليل کي ڏِنو ويو هو، ۽ ٻيا به ڪجهه ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ عيوض رکيا ويا هئا، جنھن ۾ ٻوليءَ جي ڏيھاڙي 21 فيبروري کان 28 فيبروري تائين هفتي اندر هڪ لک ڪارڊ سڄي سنڌ جي شاخن هٿان صدر آصف زرداري ڏانھن پوسٽ ڪرايا ويا هئا ته ’سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏِنو وڃي‘. ڪارڊ مُھم ۾ مون به پنھنجو حِصو مِلايو هو، تنھن ڪري مونکي به ’ٻولي جي خدمت‘ عيوض ’سنگت نشان‘ طور سنڌ جي ٺھيل نقشي وارو ايوارڊ ڏِنو ويو هو. جيڪو ’ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو‘ هٿان ڏياريو ويو هو. ٻي يادگيري اِها ته هن ئي هال ۾ ’تبديلي پسند نيٽ ورڪ‘ جي ’سفيرن جو اجلاس‘ هو جنھن ۾ آئون به تبديلي پسند سفير هُئس، پر جڏهن اجلاس هليو ۽ دوستن واري واري ته ڳالھائڻ شروع ڪيو ته سڀني سواءِ علي قاضي جي ساراهه کان علاوه ڪجهه به نٿي ڳالھايو، ڪا ڪارائتي ڳالھه، ڪا راءِ، ڪا نئين تجويز ڪجهه به نه هو، اٺن ڏهن دوستن جي ڳالھائڻ بعد آئون نيٺ هلندڙ اجلاس مان اُٿي هليو آيس. هاڻي اسين رسيپشن واري گيٽ کان ٻاهر نِڪرنداسين ته، اولھه طرف وڏو ڪتاب گهر نظر ايندو. آياسين ڪتابن وٺڻ يا ڏِسڻ، هي ’مرزا قليچ ڪتاب گهر‘ جي نالي سان هِن ئي اداري جو ڪِتاب گهر آهي.
جيڪي سفر ۾ همسفر هيا:
ربنواز لاشاري: اسسٽنٽ پبليڪيشن آفيسر آف سنڌ يونيورسٽي، هي انتھائي گهڻ پڙهيل نوجوان آهي، هي سڀ کان پھرين ڪمپيوٽر آپريٽر ٿيو، جنھن مختلف هنڌن تي ڪم ڪيو، پوءِ گل ڪونڌر جي ڪونڌر اڪيڊمي ۾ به آپريٽر طور ڪم ڪيو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ به ڪم ڪيائين، لئنگئيج اٿارٽي ۾ بطور ڪميپوٽر آپريٽر ڪم ڪيائين،ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۾ به مھارت رکندڙ آهي، اُتي ئي لئنگيئج اٿارٽي ۾ ڪم ڪرڻ دوران سنڌ يونيورسٽي ۾ پوسٽون انائونس ٿيون، ڪميشن جو امتحان ڏِنائين پاس ٿي ويو، هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پبليڪيشن آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.
نظام الدين قريشي: ٽائلس لڳائڻ جو بھترين ڪاريگر آهي، پڪي قلعي جي گهرن ۾ تقريبن هن جو ئي گهڻو ڪم ڪيل آهي، تنھن ڪري هن کي پڪي قلعي جا ماڻھو سڃاڻين، سندس رهائش گائوشالا ۾ آهي.
پرويس ڪمار: ميونسپل ۾ سينٽري سپروائيزر طور ڪم ڪري ٿو. هن کي به ميونسپل ۾ هئڻ ڪري پڪي قلعي ۾ سُڃاڻين ٿا،.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪون بُليا‘
( 28 سيپٽمبر 2012ع)
(ٻي ڀيري سفر ۾)
سرور اقبال ميمڻ: اصل ۾ ميمڻ ڪُنري جو رهندڙ آهي هاڻي گهڻي عرصي کان هِتي ڪنري پاڪ ۾ رهي ٿو ۽ هِتي ”ميمڻ پريس ڪنري“ نالي سان پرنٽنگ پريس به اٿس. انتھائي بھترين انسان ۽ دوستي جي قابل آهي. دوستن لاءِ دِل درياءَ رکي ٿو.
محمد رحيم جوڻيجو: ڳوٺ ميون ملوڪ سان تعلق اٿس، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي مئنيجر طور ڪم ڪري ٿو.
جھانزيب علي جوڻيجو: پيرولاشاري سان تعلق رکي ٿو، هن وقت ساحل پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو، منھنجو ڀائٽو آهي.
آفتاب ميمڻ: ڪُنري سان تعلق اٿس، محمد صالح جو وڏو پُٽ آهي، حيدرآباد ۾ ساحل پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ڪمپوزر طور ڪم ڪري ٿو.
(ٽين ڀيري)
لالا اُسامه: هِن وقت الرزاق پرنٽرز تي ڪم ڪري رهيو آهي، اصل لطيف آباد جو رهواسي آهي.