موٽندي ڏِٺيسين مڪلي
روانگي
کِرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهن،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(شاهه)
گُهمڻ ڦِرڻ، رُلڻ، ڏِسڻ پَسڻ، پِرائڻ گهرجي، هِن مختصر مِليل زندگي ۾، پالڻھار جي بنايل خوبصورت ڌرتي، ڌرتي تي موجود، آثار، سمنڊ، دريا، ڍنڍون، ڍورا، پھاڙ، چشمه، باغات، پارڪ سموري سُونھن ۽ سُرهاڻ کي ساڻ رکجي سدائين، بھترين زندگي اِها ئي آهي، ’کاڌي کان ڏِٺو چڱو آهي‘ هڪ چو ڻي.
ڪالھه اسان جو پروگرام طئي ٿيو، ماتلي کان واٽر پارڪ، واپسي ۾ مڪلي گهمنداسين، حيدرآباد مان، مزمل صديقي، مزمل قريشي، آفتاب ميمڻ، محمد رحيم جوڻيجو، آيا، پيرولاشاري تان، آئون، جھانزيب ۽ معشوق آياسين، ماتلي مان سائين عبدالجبار نظاماڻي، ادا منظور، شعيب ۽ ديدار ميمڻ هئا، سڀ صبح سوير ادا منظور جي گهر گڏياسين، ديدار ميمڻ ڪيري ڪاهي آيو، ماتلي باءِ پاس تان سي اين جي ۽ پيٽرول ڀرائي، سفر جي دُعا پڙهي روانا ٿياسين. ڪڙيو گهنور، راهوڪي، گولاڙچي کان ڪراچي روڊ.
راهوڪي جو راڻو شھيد فاضل راهو
ماتليءَ کان حيدرآباد بدين روڊ تي متارو اسٽاپ ايندو، اُتان کان اولھه طرف ويندڙ گولاڙچي روڊ وٺبو، پھريون شھر ڪڙيو گهنور ايندو، تعلقي گولاڙچي جو هي وڏو شھر آهي. مقبول حفي بخاري، سرمد چانگ ۽ عمر سمون کي سلام موڪليان ٿو، شيشو کولي هوائن هٿان. اُن کان اڳيان ايندي راهوڪي، جيڪو شھيد فاضل راهو جو ڳوٺ آهي.
راهوڪي پھتاسين ته، جاني جي ياد سان گڏ راهوڪي جي پَٽن تي پير ڌريان ٿو. سنگت کي چوان ٿو، عوامي ليڊر شھيد فاضل راهو جي ڀر مان لنگهي وڃجي ۽ حاضري نه ڀرجي، اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، سڄي سنگت جو خيال هو ته سلام ڪريو هلون. آياسين مزار تي، مزار تي صرف لوهي جهنگلو چؤطرف ڦِريل آهي، ڪو به گُنبذ وغيرهه اڏيل ڪونھي، پر هِتي هڪڙي شئي نئين نظر آئي اُها اِها ته هيٺ زيرِ زمين ڪمرو ٺھيل آهي، اُن ڇت مان هڪڙو ڍڪ ٺھيل آهي، اُن کي مٿي کڻبو ته هيٺ سيڙهي ظاهر ٿيندي، سيڙي تان هيٺ اچبو ته وچ تي قبر ٺھيل آهي، اسان قُل پڙهي دُعا گُهريسين.
دُنيا ۾ اُهي ليڊر زنده رهن ٿا، جيڪي عوامي هُجن ٿا، عوام جي اهنجن، ضرورتن، سماجي حيثيت کان ڄاڻ رکندا هُجن، ۽ اُنھن جي تربيت، قومي شعور، قومي غيرت جو ذهنن ۾ ٻج ڇَٽڻ، سچ، ڪوڙ، حق نا حق ۾ سَنڌا ڪڍي سمجهائڻ وارو ئي عوامي ليڊر هوندو آهي، جيئن شھيد فاضل راهو هو، جيڪو 1934ع ڌاري راهوڪي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، پر پوءِ مٿين گُڻن ڪري، ٿوري ئي عرصي ۾ وڏو عوامي ليڊر ٿي اُڀريو، هِن عام کان عام ماڻھوءَ جي سڏ ۾ سڏ ڏِنو اُنھن جي خوشين ۽ غمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ هر وقت عوام جي مسئلن لاءِ سندس دروازا کُليل هوندا هئا، ڀلا اهڙا جي ليڊر هُجن ته ماڻھون ڇو نه اُنھن کي جيءُ ۾ جايون ڏيندا. 1962ع کان شايد سندس اِها پھرين مھم هئي، چورين جي خلاف تر جي عوام (ماڻھن) کي گڏ ڪري انتظاميه خلاف مھم هلائي، يو.سي جي چيئرمين جي سيٽ تي بيھڻ سان 1965ع ۾ بي ڊي جي اليڪشن کان هن ڄڻ ته سياست جي شروعات ڪئي. ۽ پوءِ جڏهن 4 مارچ 1968ع تي صدر ايوب جي دؤر ۾ شاگرد تحريڪ شروع ٿي ته اُن ۾ بدين کان حيدرآباد لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪيائين. سندس سوَين ڪم، جدوجهدون، ڪيس، جيل ٿاڻا، وڌندڙ مقبوليت کان گهٻرايل اسٽيبلشمينٽ کيس 17 جنوري 1987ع ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو.
اسين پنھنجي اڳتي سفر لاءِ وري به روانا ٿيون ٿا. گولاڙچي مان گُذرون ٿا ته سردار ڀٽي، رضا آڪاش، صالح نوحاڻي، حنيف زئي ۽ عباس ميمڻ کي هوائن ذريعي سلام چوان ٿو.
ڪراچي بدين مين روڊ تي اولهه طرف اسان هاڻي هلون ٿا منزل ماڳ ڏانھن. ٻُڍي ٽالپر مان گول گهمي ٿي گاڏي، ۽ ياد اچن پيا يار ڊاڪٽر رمضان ميمڻ ۽ پيارو پريت پال سنگهه سوڍو. اڳتي اسان جي گاڏي اسپيڊ سان فاصلن کي وِيڙهندي سجاول پھچي ٿي، سجاول جي سڄڻن اياز امر شيخ، سورج سجاولي، شبير جعفراڻي، مشتاق سعيد، واحد سوز ملاح، عبد سنڌي کي به سوچ سفر ۾ سلام ڪندا، دولھه دريا خان پُل تي پُھچون ٿا، ايئن ٺـٽي کي باءِ پاس ڪندي مڪلي منجهان مَٽي هوائن هٿان گُل بيبي شاهه، حميد مھراڻوي، غلام حسين خواجه، نور سرائي، اصغر خاصخيلي، رشيد جاکري، رمضان ميمڻ، شوڪت زئور، طارق امر عباسي، محبوب درس، مجاهد واريو، اعجاز واريو ۽ اڪبر دلواڻي کي دِل گهراين سان سلام چئي اڳتي اچون ٿا، پُھتاسين اچي پنھنجي اڄ جي ماڳ منزل تي. گاڏي کي پارڪنگ ايريا ۾ پارڪ ڪيوسين.
واٽر پارڪ Sunway Lagoon Water Park
ويجھڙ ۾ ٺھيل هي واٽر پارڪ وڏي شھرت ماڻي چُڪو آهي، ٽي سئو روپيا ٽڪيٽ کان شروع ٿي هاڻي اَٺ سئو روپين تي آيو آهي. اسان به اڄ اچي پُھتا آهيون، اُن واٽر پارڪ وٽ، ديدار ميمڻ کي اڳيان ڪريون ٿا، هو ڊرائيور آهي الائي ڪيترا ڀيرا هِتي آيو آهي، اُن کي سڄي خبر آهي، تنھن ڪري ٽڪيٽ وٺڻ وارو ڪم اُن کان وٺون ٿا. سڀئي قطار جي صورت ۾ اندر اچون ٿا، واهه جهنگل ۾ منگل ڄڻ ته ڪنھن سُڌريل مُلڪ جي ڪنھن پارڪ ۾ پُھتا آهيون، اندر هڪ سائيڊ کان سامان رکڻ جا لاڪر ٺھيل آهن، اُنھن جي چارج ڀري چاٻي ورتي پاڻي ۾ وهنجڻ لاءِ هڪڙي مخصوص ڪريم مِلي ٿي، اُها به اُن وٽ دستياب آهي، جيڪو وٺڻ چاهي نه چاهي، ۽ ڊريس چئنج ڪرڻ جو به الڳ سسٽم آهي.
هي پارڪ، واٽر پارڪ، تفريح ماڳ سڀئي سھولتون ماڻھن جي ذهنن کي سُڪون مھيا ڪرڻ جا سامان هوندا آهن، جيڪي ماڻھو صبح کان رات تائين، مشينن سان گڏ مشينن وانگر ڪم ڪن ٿا، اُنھن جي ذهنن کي تازگي، توانائي بخشيندا آهن، تفريح ماڳ آهي تنھن ڪري اسان عام عوام جيڪي آهيون اُنھن تي به اِهو فرض ٿئي ٿو ته اِنھن سمورن تفريحي ماڳن کي پنھنجو سمجهي استعمال ڪريون، اگر واقعي ئي ايئن سڀني جي سوچ هُجي ته ڪو به پارڪ تفريح ماڳ اُجاڙ حالت تي نه پُھچندو.
سڀني پاڻ سان گڏ (صرف وهنجڻ لاءِ) آندل الڳ ڪپڙا بدلائي پھريل ڪپڙا ورتل لاڪرز ۾ رکي، چاٻيون هڪڙي ساٿي سائين عبدالجبار نظاماڻي حوالي ڪيوسين، اُهو هن پاڻي ۾ وهنجڻ نه پيو چاهي، اُن ايئن ئي گهمڻ ڦِرڻ جو لُطف پي ورتو، پوءِ اسان پنھنجا موبائل ۽ ڪئميرا به ڪنھن ڪنھن وقت اُن کي پي ڏِنا رکڻ لاءِ.
وهنجڻ لاءِ هِتي کوڙ ننڍا ننڍا تلاءُ آهن، پاڻي بِلڪل بلو ڪلر جو آهي، پاڻيءَ جو ڪلر ته صاف ئي هوندو آهي، پر هِتي پاڻي ۾ ڪئميڪل مِليل آهي يا ته لڳل ٽائلس جو بَلو ڪر آهي تنھن ڪري پاڻي تي بلو شيڊ ٿو پوَي. بھرحال ماحول واقعي من موهيندڙ آهي. ٻُڌو هو ته شروع ۾ ته هِن پارڪ ۾ صرف فيملي وارن جي انٽري هوندي هُئي، گهڻي وقت کانپوءِ انتظاميه طرفان پنھنجي وڌيڪ ڪمائي جو ذهن ۾ رکي پنھنجي ئي ٺاھيل قانون ۾ ترميم ڪري نرمي ڪئي وئي، ته هاڻي هر ماڻھو فيملي توڙي بنا فيملي اچي سگهي ٿو، اِها واپاري سوچ آهي، نه ته شاگردن جو گاڏيون ڀرجي اچن ٿيون اُهي ڀلا فيمليون ڪِٿان، ڇو ۽ ڪيئن آڻيندا، يا اسان جھڙا جيڪي ذهن کي تازگي ۽ توانائي پُھچائڻ خاطر تفريح ماڳن ڏانھن منھن ڪيئن ڪندا؟. اِهي سڀ ڳالھيون سوچي ئي پنھنجي بڻايل اصولن کي پاسيرو ڪيو اٿن.
ڪنھن تلاءُ ۾ مٿان کان هيٺ تائين ترڪڻون ٺھيل آهن، ڪِٿي گول ڦيري دار وڏا پائپ لڳل آهن، اُنھن مان ڦِرندو اچي هيٺ ڪِربو، ڪنھن تلاءُ ۾ وڏو پھاڙ اڏيل آهي، اُن پھاڙ جي چوٽي تي تيز اسپيڊ ۾ ڪِرندڙ پاڻي آبشار جي صورت ۾ اهڙو ته مزو ٿو ڏئي، اِن تلاءُ ۾ ٻين تلائُن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رش آهي، ڇو جو هن ۾ هڪ ئي وقت تيز وسندڙ برسات جو مزو، پس منظر ۾ هلندڙ موسيقي، ۽ ڪنھن چشمي يا آبشار جي صورت ۾ پاڻي جو مٿان ڪرڻ، اِهي سڀ مزا هڪ ئي هنڌ مِلن ته ضرور رش ته هوندي، اڃا جو خاص وجود کي واسڻ وارو واس، سُرهاڻ ۽ سڳنڌ، اکين کي ٺاريندڙ منظر عورتن جو موجود هُجڻ هو.
ايستائين اسين هِنن تلائن ۾ ترياسين، جيستائين اسانجون اکيون لال نه ٿيون، بدن سَت نه ڇڏيو، پيٽ ۾ بُک نه محسوس ٿي، تيستائين ڪير به پاڻيءَ مان نِڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو. جڏهن سڄي سنگت ۾ اِهي مختلف علامتون ظاهر ٿيڻ لڳيون ته آهستي آهستي نه چاهيندي به پاڻيءَ کان پساهه کي پري وٺي آياسين. سڀني سائين عبدالجبار نظاماڻي کي ڳولھڻ شروع ڪيو، چاٻيون اُن وٽ هيون، سائين ويو هو ظھر نماز پڙهڻ. ڪجهه دير هيڏانھن هوڏانھن رهيل فوٽوگرافي ڪئيسين، جيستائين سائين به سامھون ظاهر نظر آيو. سڀني پنھنجي پنھنجي لاڪرز جو چاٻيون ورتيون، ڪپڙا ڪڍي بدلائي سامان ساري سنڀالي کڻي، چاٻيون واپس ڪائونٽر تي جمع ڪرائي، هن واٽر پارڪ کان منجهيل منجهيل مَن سان موڪلايوسين.
جڏهن گاڏي ۾ ويھي گاڏي کي گير هڻي اڳتي هليو ته سڀني آواز ڪڍيا، بُک جو ڇا ڪجي، ڪِن چيو اڳيان ڪنھن سُٺي هوٽل تي هلي ٿا کائون، پر اڪثريت اِن تي راضي هُئي ته هِتي ئي جيڪو دال ماني مِلي کائي ٿا وٺون، اِهو راضپو اُنھن جو هو جن کي پاڻيءَ صفا سُڪائي سوڙهو ڪيو، نيٺ اڪثريت جي راءِ ورتي گاڏي کي واپس موڙي اُتي ئي موجود هوٽل تي وڃي ويٺاسين، هوٽل ته هوادار ۽ خُلاصي هُئي پر خاص نه هُئي، پوءِ وقت جيڪو مِليو، بھتر ئي هو. گڏ لسي به گهرائيسين، منجھند ويلا لسي جو گلاس به ڪمال ڪندو آهي. اصل اندر ٺاري ڇڏيندو آهي.
گاڏي ۾ ويھڻ کانپوءِ هاڻي سڀني جو اندازِ بيان بدلجي ويو آهي، مقصد ڪو گانو پيو جهونگاري، ڪو ڪنھن سان مشڪري پيو ڪري، ڪو لطيف پيو ٻُڌائي، ڪو ڪنھن کي ٽوڪي پيو. ڪوئي سڀني ۾ سوچي پيو.
’ڍئو بِنا ڍوليا!، ناهي ساڃاهه سونھن جي‘ (ش.ا)
موٽي ڏِٺيسين مڪلي
مڪلي جي منجھند ۾ ماٺاريل ماحول جي هلندڙ هوائن ۾ پنھنجا پير زمين تي رکون ٿا. ته مونکي هِڪڙو خيال اچي ٿو، سائين عبدالجبار کي چوان ٿو، سائين ڪنھن کي تڪليف ڏيڻ جي حق ۾ آئون هوندو ناهيان، پر منھنجو هڪڙو اِهو به ڏاڍو مضبوط مؤقف هوندو آهي ته جِتي به گهمڻ وڃجي لوڪل ماڻھو جو ساٿ ساڻ ضرور کڻجي. گهمي ته پاڻ به وينداسين پر بي ترتيب ۽ اڌو اڌ شيون پوئتي ڇڏي اڳتي هلندا رهنداسين، آئون چاهيان ٿو اڄ پاڻ وٽ وقت به پورو اڌ ڏينھن جو پيو آهي، چاهيان ٿو ترتيب سان گهمي وٺون، هونئن ته مڪلي گهمڻ لاءِ ٽي ڏينھن به ٿورا آهن، پر خاص خاص تاريخي حوالن ۾ اچڻ وارا آثار ڏِسڻا آهن. سائين چوَي ٿو پوءِ؟ چوانس پوءِ سنگت ته منھنجي مڪلي ۾ کوڙ آهي پر وري به پنھنجو هم خيال هم ذوق ماڻھو کي ساڻ کڻجي، آهن ته سڀ هم ذوق دوست پر پوءِ به پھريون نالو آيو حميد مھراڻوي جو چيم سائين حميد مھراڻوي کي ٿو ڪريان فون جيڏهن مِلي ٿو وڃي ته واه واه.
سائين حميد مھراڻوي جو نمبر ڊائل ڪيم، فون کنيئين سلام دُعا کان پوءِ پنھنجي اصل خواهش کان آگاهه ڪيومانس، چيائين اوهان ڪنھن جڳھه تي بيھو ته مونکي ٻُڌائي اُتي اچي ٿو وڃان، هڪڙي ڇپرا هوٽل جي پاسي ۾ وڏو نم جو وڻ هو اُن جي ڇانوَ ۾ گاڏي کي بريڪ ڪيوسين. پنج منٽ مس ٿيا ته سائين حميد اچي محبتن منجهان ڀاڪر پائي گلي مِليو، چيائين سامھون لغاري هوٽل تي پھرين پيون ٿا چانھه، پوءِ جيئن پروگرام ٺاهيو آئون حاضر آهيان. (دوستي اِن شئي جو نالو آهي).
مڪلي قبرستان
جيستائين ڪنھن آثار يا مقبري تي پھچون، رستي هلندي ٿورو مڪلي قبرستان تي ٿا ڳالھايون، هن قبرستان لاءِ چيو وڃي ٿو ته ايشا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي، هي تقريباَ َ 10 ميل چؤرس ايراضي تي پکڙيل ٻُڌايو وڃي، ٿو، هِن قبرستان جي وچان قومي شاهراهه گُذرڻ ڪري هي هاڻي ٻن حِصن ۾ ورهائجي ويو آهي. هن قبرستان تي نالو به ڪنھن مائيءَ جي پُٺيان پيو، جنھن جي قبر پُڻ هِن قبرستان ۾ آهي، ’مائي مڪلي‘ اگر وقت اجازت ڏِني تي اُن تي به هلنداسين، پوءِ احوال لکبو. تيستائين سائين حميد مھراڻوي چوي ٿو، مور ساگر پھرين پاڻ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي تي هلون ٿا، چيم جي سائين ڀلي.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح
جيئن ئي درگاهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پھچون ٿا، پاسي ۾ گڏ مسجد به آهي، پھرين پڙهون ٿا نماز ظھر، ٽائيم گهڻو ٿي ويو آهي. نماز پڙهيم. (ياد آيو هِن مسجد ۾ 1991ع ۾ پھريون ڀيرو آئون آيو هئس، تڏهن به ظھر نماز پڙهي هيم). ٻاھر نِڪتاسين، لوھي جهنگلي ۾ بنا مقبري يا ڪنھن گنبذ جي قبر آهي، ڪُتبو پڙهون ٿا، پر عربي ۾ لکيل آهي، صرف نالي المخدوم محمد هاشم بِن عبدالغفور السندي، پڙهي سگهياسين. هڪڙو ٻيو وڏو بورڊ نما جيڪو اڇي رنگ جي ٽائلس تي امبوز ٿيل ڪارن اکرن ۾ درود کان هيٺ درگاهه شريف الحاج مخدوم محمد هاشم ٺٽوَيرح تاريخ پئدائش 10ربيع الاول 1104ع، تاريخ وفات 6 رجب المرجب 1174ع، متولي خليفه حاجي محمد نور جوکيو اذ بعد فرزند نذير احمد جوکيو.
تاريخ ٻُڌائي ٿي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوَيرح، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح ۽ مخدوم محمد معين ٽٺوَيرح هڪ دؤر جا آهن، مخدوم محمد هاشم محتسب وزير جي حيثيت ۾ غير شرعي ڪمن تي ماڻھُن کي ٿڏي تي ئي سزائون ڏيندو هو. هي بزرگ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پُڻ آهي، سندس ڪتاب دين اسلام فقه تي مشھور آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سندس سازن تي ڪلام ڳائڻ واري ڳالھه سخت نا پسند هوندي هُئي.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پنھنجو علم پورو ڪرڻ کان پوءِ پرهيزگار ۽ پابند شريعت اسلامي عالم ٿيو. سندس تصنيفون تقريباَ َ ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ آهن. چوَن ٿا هي بُزرگ خليفن ۽ پوينئرن کي سختي سان منع ڪري ويو هو ته، جڏهن آئون گُذاري وڃان ته منھنجي قبر مٿان ڪو به مقبرو، گُنبذ يا ڪا ڇِت ڀت نه ٺھرائجو. اُنھيءَ جي وصيت موجب، سادي قبر ٺھيل آهي.
پير حُسام الدين راشدي
سائين حميد چيو، هيڏانھن اچو اوهانکي سنڌ جي ڏاهي، اديب، ليکڪ، پير حُسام الدين راشدي سان مِلايان، هٿ جي اشاري سان ڏِيکاريندي چيائين اِهو سامھون ئي آهي. آياسين پٿر تي اُڪر جو ڪم ٿيل قبر، ڪاريگري جو بھترين نمونو، مٿان ڪجهه گلابن جا سُڪل گُل پيل آهن، سامھون ڪُتبي تي، بسم الله جيڪا به پٿر جي اُڪر سان لکيل آهي، اُن هيٺان انگريزي ۾، پير حُسام الدين راشدي، 1911ع – 1982ع لِکيل آهي. سيد محمد حامد شاهه راشدي ڀاڳوند والد آهي، جنھن جي اڱڻ تي ٻه اهڙا گلاب پيدا ٿيا، جن ادب جي دُنيا ۾ پري پري تائين پنھنجي خوشبوءَ جو اثر ڇڏيو آهي. پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي، پير حسام الدين راشدي جنھن جو جنم 20 سيپٽمبر 1911ع راشدي پيرن جو ڳوٺ جيڪو نصرت اسٽيشن لاڙڪاڻو جي ڀر ۾ آهي. هن شروعاتي تعليم چار درجا ۽ فارسي تعليم سڪندر نامه تائين حاصل ڪيائين، فارسي تعليم به ضروري هُئي حاصل ڪيائين، انگريزي تعليم به خانگي طرح حاصل ڪيائين. هِن جي لائبرري ۾ چونڊ اهم ڪتابن سميت ڪتابن جو تمام وڏو ذخيرو هوندو هو. پير حسام الدين راشدي صحافت ۾ پھرين اخبار ’جاڳڻ‘ جيڪا 1926ع شڪارپور مان شايع ٿي ۾ نامه نگار ٿيو. اُن کان پوءِ کوڙ سارين اخبارن، ماھوار رسالن، هفتيوار اخبار جو ايڊيٽر، نامه نگار ٿي رهيو، کوڙ سارا ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيائين. 1950ع ۾ ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جو ميمبر مقرر ٿيو، اُن کانپوءِ صحافت جيان ادبي ادارن جي به وڏي لسٽ آهي، جنھن ۾ سنڌي توڙي اردو ادبي ادارن جو ميمبرن طور ڪم ڪيائين. هن سير سفر جي شروعات 1952ع ۾ عراق، مصر، لبنان، شام ۽ لنڊن جي سير کان ڪئي، اُن کان پوءِ ٻيا به تمام گهڻا مُلڪ گهميو.
ڪانارئا ڪُڻڪَن، جنين لوڇَ لڱن ۾،
پاڻھي ٻڌن پَٽيون، پاڻھي چڱان ڪَن. (شاه)
هن صاحب به پنھنجي وصيت ڪئي هُئي ته مونکي مخدوم محمد هاشم ٺٽوَي جي احاطي ۾ دفنايو وڃي. ۽ سندس خواهش مطابق کيس هِتي دفن ڪيو ويو آهي.
شيخ عبدالمجيد سنڌي
مخدوم محمد هاشم ٺٽوَي جي پاڙي ۾ (يعني مقبري ويجهو)، هڪڙي بِلو ڪاشي سان ٺھيل قبر به آهي، جيڪا پير حسام الدين راشدي جي قبر سان بلڪل گڏ آهي، اڳيان کان ڦِري ڪُبو پڙهيم: مرحوم مغفور جنت مڪان دوزخ حرام. هِتي سنڌ جو سُڄاڻ، سوره، سپوت، شيخ عبدالمجيد سنڌي جيڪو ايندڙ سمورن نسلن لاءِ حق ۽ اصول، دانائي ۽ دليري، جدوجھد ۽ قربانيءَ جو اُهڃاڻ آهي. جنم 7 جولاءِ 1889ع، لاڏاڻو 24 مئي 1978ع.
اينميري شمل يادگار پٿر
پير حسام الدين ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌ ٻنھي جي قبرن کان ٿوري پريان پيرن وٽان هڪڙو پٿر نصب ٿيل آهي، حميد مھراڻوي اُن پٿر وٽ وٺي آيو، ٻُڌايائين ته ڊاڪٽر اينميري شمل جيڪا جرمن جي اسڪالر آهي، جڏهن هِتي سنڌ آئي هئي ته پير حسام الدين راشدي جي شخصيت کان ايترو متاثر ٿي، جو جيئري ئي پنھنجي هٿن سان هي پٿر هِتي هڻائيندي اِها وصيت ڪيائين ته جڏهن آئون گُذاري وڃان ته مونکي پير حسام الدين راشدي جي پيرن وٽان رکجو، پر وقت جي ڳالھه آهي، سندس زندگي جي پُڄاڻي سندس اباڻي مُلڪ جرمنيءَ ۾ ٿي، پوءِ اُهي ڪِٿي ٿا هيڏانھن موڪلين يا اِن وصيت کي اهميت ڏين، بھرحال وصيت وارو لڳل پٿر ڏِٺوسين، پٿر جو فوٽو پُڻ ڪڍيم.
خليفه محمد معين الدين نقشبندي
محمد معين الدين پنھنجي وقت جو وڏو عالم بزرگ ٿي گُذريو آهي، هِن لاءِ تاريخ ٻُڌائي ٿي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ويجهو دوست هوندو هو، شاهه صاحب پاڻ ٺٽي اچي محمد معين الدين سان رهاڻيون ڪندو هو. ۽ چوَن ٿا ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو اُستاد پُڻ هو. ۽ پاڻ وري پنھنجي لاءِ وصيت ڪئي هئائين ته مونکي منھنجي مرشد جي پيرن وٽ دفن ڪجو. تنھن ڪري کيس سندس مرشد شيخ ابوالقاسم نقشبنديرح جي پيراندي وٽ دفن ڪيو ويو آهي، سندس قبر تي لڳل ڪُتبي تي پُڻ لکيل آهي: مخدوم ابوالقاسم نقشبنديرح جو خليفه محمد معين الدين نقشبندي سراسر نورِ،، تاريخ وصال 1161 ننگر ٺٽه.هِن سان گڏ ساڳئي ڇت هيٺ ٻيون به کوڙ قبرون آهن. اسين هاڻي ٿوري اڳيان ٿا اچون.
شيخ نورالحق ابوالقاسم نقشبندي
هِتي خليفه محمد معين الدين نقشبندي جو مرشد ڪامل، بزرگ هستي نورالحق ابوالقاسم نقشبندي، مدفون آهي. ۽ هن جي قبر جي پاسي هِڪڙي ننڍڙي مسجد نما ’حجره حضوري‘ اسانکي حميد مھراڻوي وري اِن طرف وٺي اچي، ٿو.
حجره حضوري
هِتي سائيڊ کان هڪڙو بورڊ نماز پٿر نصب ٿيل آهي، جنھن تي هي تاريخ اردو ۾ لکي وئي آهي، مٿان ڪُنڊ تي لکيل آهي، اقتباس از تاريخ صُوفياءِ سنڌ.
بِسمِ اللہ اِلرحمّنِ الرَّحیم
حُجرہء حُضوری اِقتباس از تاریخِ صُوفیائے سندھ
یہ وہ اعلیٰ مُقام ہے جسے اللہ تعالیٰ نے یہ شرف بخشا ہے کہ یہاں پر حضوراکرم صلّی اللہ علیہ وسلم جلوہ افروز فرما ہئے ھے۔ یہاں پر حضرت محّمدصلّی اللہ علیہ وسلم اور مخدوم ابوالقاسم رح کےدرمیاں محفل سجتی تھی اور روحانیت کے بڑے بڑے مسائل حل ہوتے تھے ۔ اولیائے نظام اس مقام کی بڑی تعظیم کرتے ہیں یہ ہی وہ مقام ہے جہاں کی جاروب کشی کو بڑے بڑے بزرگ اپنی سعادت سمجھتے تھے۔ یہاں سے حضرت مخدوم محمد ہاشم ٹھٹوی نے بھی اکتاب فیض کیا ہے۔ صوفیائے سندھ کے مصنف اعجاز الحق قدوسی صفحہ ۵۷ پر تحریر فرماتے ہیں کہ خانقاہ کے جس حُجرہ میں آپکا قیام تھا وہ حضوری کہلایا ۔ حُجرہ کے حضوری ہونے کی وجہ تسمیہ یہ ہے کہ ایک رات نماز عشاعہ کے بہت دیر بعد آپ کے حُجرہ سے آہستہ آہستہ باتیں کرنے کی آوازیں آرہی تھیں خانقا کے فقیروں نے سمجھا کہ عمائدین شہر میں سے کوئی آیا ہے جس سے آپ گفتگو فرمارہے ہیں تھوڑی دیر بعد آپ حُجرہ سے باہر تشریف لائے اور تازہ وضو کیا۔ خانقا کے ایک فقیر سے ہماری دستار لائو فقیر حُجرہ سے دستار لانےکے لیئے گیا۔ جب وہ اندر داخل ہوا تو کوئی دوسرا آدمی موجود نہیں تھا۔ وہ بہت دیر تک حیران ہو کہ حُجرہ میں کوئی موجود نہیں تو دوسری آواز کس کی تھی۔ کچھ دن بعد اس خادم نے راز میں اس کے متعلق پوچھا تو فرمایا جنا ب رسواللہ ﷺ تشریف فرما تھے۔ اس دن سے آپ کے حُجرے کا نام حُجرہ حُضوری پڑ گیا۔
نوٹ: زائرین سے التماس ہے کہ اس مقدس مقام کا احترام کرتے ہوئے دو (۲) نفل اس حُجرہ میں ادا کریں اور اس کو ثواب نبی اکرم ﷺکی وساطت سے مخدوم ابوالقاسم نقشبندی کی ارواح ِ مبارک کو پہنچائو۔ تحریر: ۴ جنوری ۱۹۹۱ع
داعی الخیر: سیّد منہاج الدّین شاہ جیلانی قادری نقشبندی۔ متولی درگاہ مخدوم شیخ البوالقاسم نقشبندی رحمتہ اللہ علیہ (مکلی)
مون اِن مٿين تحرير جو فوٽو پنھنجي موبائل جي ڪيمره سان محفوظ ڪيو، جيڪو هاڻي لکڻ وقت اکر به اکر اُتاريو اٿم. سائين عبدالجبار نظاماڻي چيو ته جيڪي به بورڊ نظر اچن ٿا اُنھن جا فوٽو ڪڍي وٺندو ڪر، ڪم ايندا.
مخدوم آدم عليه ’مڇي وارو پير‘
سائين حميد هڪڙي ٻي مقبره ڏانھن وٺي ٿو اچي، پاڻ ٻُڌايائين ته هي مخدوم آدم عليه السلام عرف ’مڇي وارو پير‘، آهي. هِن کي مڇي وارو پير سڏيندا آهن، ۽ مڇي رڌي کڻي اچي هِتي کائيندا آهن، مون چيو اِهو ساڳيون ڪم غلام شاهه ڪلھوڙي جي مقبري تي به آهي، اُن کي به ’مڇلي والا بابا‘ چيو ويندو آهي، ۽ ساڳي نموني اُتي مڇي رڌي کڻي اچي کائيندا آهن، اِهو مون پاڻ پنھنجي اکين سان ڏٺو آهي، منھنجي ’حيدرآباد جي هوائن ۾‘ واري سفر ۾ تفصيل ڏنل آهي. حميد مھراڻوي ٻُڌايو ته هِتي ساليانو عرس به ٿيندو آهي. ڪھڙي تاريخ تي اِهو ذهن مان نِڪري ويو آهي.
کوهه
انھن مقبرن جي ٿورو پريان هڪڙو کوهه ڦِٽل حالت ۾ ڏيکاريائين ۽ ٻُڌايائين ته هي کوهه ڪنھن وقت برسات جو پاڻي جمع ڪري پوءِ پيئڻ جي ڪم آڻيندا هئا، پر هاڻي گهڻي عرصي کان هي اتيِ ڦِٽل حالت ۾ موجود آهي.
سائين حميد مھراڻوي چيو مور ساگر سڄو مڪلي تاريخ آهي، اوهان وٽ ايترو وقت ناهي، تنھن ڪري جيڪي خاص خاص تاريخي ڪتابن، حوالن ۾ آثار يا مقبره اچن ٿا اُهي اوهانکي ڏيکاريان پيو، تنھن ڪري هاڻي وري هلون ٿا، هوڏانھن اولياءُ جي ٻي حِصي ۾. چيم: سائين سچ پڇو ته اڄ آئون ڏاڍو خوش آهيان، هِتي اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا اچڻ ٿيو آهي، شايد آئنده به ٿئي، پر منھنجي هڪڙي خواهش هئي ته ڪو ڄاڻو ماڻھو گڏ هُجي ۽ مونکي هي تاريخي آثار ۽ مقبره ترتيب ۾ ڏيکاري اُنھن بابت ٻُڌائي اڄ اوهان اِها منھنجي خواهش پوري ڪئي آهي. اِهو مون لاءِ يادگار رهندو. هاڻي روڊ ڪِراس ڪري اچون ٿا.
مرزا محمد باقي بيگ
مرزا باقي جي مقبره جي ويجهو آياسين، حميد مھراڻوي چيو ته هي مرزا باقي ۽ مرزا جاني ٻئي پنھنجي دؤر جا وڏا ظالم بادشاهه ٿي گُذريا آهن، چيم سائين بس اندر يا ويجهو هلڻ جي ضرورت ناهي، ظالم کان پاسو چڱو جيئري به ته مُئي به. پر پوءِ مون تاريخ ضرور پڙهي، ڪي ٻُڌل ڳالھيون به هونديون آهن.
مرزا محمد باقي جنھن 1566ع کان 1584ع تائين پنھنجي بادشاهت قائم رکي، مرزا باقي جي شروعاتي ڏينھن ۾ هي عام حڪمرانن وانگر هوندو هو، ارغون سردارن کي جيڪي نصيحتون يا آرڊر ڪندو هو، هو اُنھن تي ڪو به ڌيان نه ڏيندا هئا، نيٺ هڪڙو وقت آيو جو مرزا باقي کي ڏاڍي چڙ آئي، هن ڇا ڪيو جو پنھنجي اعتماد وارن ماڻھن کي سڏائي چيائين ته اوهان کي موڪل آهي وڃي ارغونن کي ماريو، قتل ڪريو، سندن مال ملڪيتون، عزتون لُٽيو، ڦُريو، ماڻھن کي بادشاهه موڪل ڏِني ڌن دولت جي لالچ ۾ ارغونن جي سرن ۾ لابارو وجهي ڏِنائون، مال ملڪيتون، عزتون ڪجهه به نه بچو چوَن باقي ڪي ٿورا ارغون رهيا، جيڪي پنھنجي سر بچائي ڀڄي ويا. اِن کانپوءِ هِن جو سمورو وقت هِڪڙي ظالم بادشاهه طور گُذريو.
مون هي ڳالھيون ٻُڌي ڪري حميد مھراڻوي ۽ عبدالجبار نظاماڻي سان اِهو اظھار ڪيو ته، جنرل طور ايئن چئي سگهجي ٿو ته اڳي حڪمران سڀ ظالم هوندا هئا، ڪي پنھنجي حڪومت بچائڻ لاءِ ڪي وري علائقا ڦٻائڻ لاءِ سدائين جنگيون جوٽيندا هئا، ۽ پوءِ ويچارا عام سپاهي پيا هميشه قتل ٿيندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به قتل ٿي ويندا هئا. اُن جي ڀيٽ ۾ هن وقت جا حاڪم ڪرپٽ ضرور آهن، پر اهڙا ظالم ناهن.
مرزا جاني بيگ
هي مقبرو پري کان ئي نظر اچي ٿو، مقبرو سِرن جو بلو ڪلر جي ڪاشي سان ٺھيل آهي، مٿي چوٽيءَ ۾ ڪوڻيءَ جي گُل جھڙي ڊزائن ٺھيل ۽ ڪلر به وائٽ آهي، اسان هِن مقبري جي سامھون به فوٽوگرافي ڪئيسين.
مرزا جاني بيگ 1584ع کان 1591ع تائين حڪومت ڪئي، هي رشتي ۾ مرزا باقي جو پوٽو هو، شروعاتي ڏينھن ته مرزا باقي جا ويجها همراه جِن هن نئين بادشاهه جاني بيگ تي زور ڀريو ته باقي کي فِلاڻن فِلاڻن قتل ڪيو آهي، اُنھن جي چوَڻ ۾ اچي هِن اُنھن بي ڏوهي ماڻھن کي ڏاڍيون اذيتون، سزائون ۽ قتل ڪيا، پر پوءِ ٿوري وقت گذرڻ بعد هن پنھنجي اِن روش کي تبديل ڪيو. مرزا باقي جي لُٽي ڦُري رکيل خزانن کي کولي اُنھن کي غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيائين، هن جي اِن بدلاءُ ٺٽي جي ماڻھن جي مُنھن تي ٻيھر مُرڪون آڻي وڌيون، جيڪي مرزا باقي جي اچڻ کانپوءِ اُڏامي ويون هُيون.
چور کوهه
مرزا جاني بيگ ۽ مرزا باقي بيگ جن جي مقبرن جي سامھون اولھه طرف کان هي کوهه آهي، جنھن جا ٻه طبقا آهن، پھرين منزل تي دالان آهي ۽ هيٺين منزل تي حجره نما ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون، (بيٺڪون) ٺھيل آهن، وچ ۾ کوهه آهي، حميد مھراڻوي ٻُڌائي ٿو ته هِن کوهه تي چور کوهه اِن ڪري نالو پيو آهي، جو چور آس پاس مان چوريون ڪري پوءِ هِن کوهه ۾ لڪندا هئا، پوءِ رات پوندي هئي يا ماحول ۾ ماٺار ڏِسي پوءِ نِڪري ويندا هئا، تنھن ڪري هِن کوهه تي ’چور کوهه‘ نالو پيو.
”ٺٽو صدين کان“ ڪِتاب ۾ پڙهيو هيم ته: هيٺين حِصي جنھن ۾ ننڍا ننڍا حُجرا آهن، مجلسون منعقد ٿينديون هيون، جڏهن برسات جو پاڻي کوهه ۾ پوندي هو ته پاڻي مٿي چڙهندو هو، پوءِ وري مٿين منزل جي دالان تي مجلسون ڪندا هئا.
ٽي روايت: اِها آهي ته هي کوهه قيدين کي سزا ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، جنھن ۾ خطرناڪ قيدين کي قيد ڪري رکندا هئا، ۽ اُنھن کي سزا ڏيندا هئا. مون کي هن ٽي روايت ۾ دم لڳي ٿو، اُهو اُن ڪري جو ظالم بادشاهه جاني بيگ ۽ باقي بيگ جن جي مقبرن جي پاسي ۾ ويجهو ئي آهي.
مرزا عيسيٰ ترخان
هِن جو مقبرو پوري مڪلي جي قبرستان ۾ الڳ، منفرد ۽ هڪڙو شاهڪار آهي، هن کي رانڪ به سڏيندا آهن، اوهان سنڌي چئنلن تي هلندڙ ڪِن گانن ۾ مڪلي جو قبرستان جا آثار ڏِٺا هوندا ته اُهو گهڻو ڪري هن مرزا عيسيٰ ترخان جي مقبري اندر جا منظر رڪارڊ ٿيل آهن، سڄو ڪم پٿر ۽ اُن تي اُڪر، چٽ چٽيل ۽ ڊزائن ڏِسي ماڻھو حيران رهجي وڃي ٿو. چوَن ٿا هِن ۾ استعمال ٿيل پٿر هندستان کان آيل آهي، ۽ هن جي تعمير مرزا عيسيٰ پنھنجي حياتي ۾ ئي ڪرائي هُئي، هي مقبرو، رانڪ جنھن کي تعمير ٿيڻ ۾ ارڙهن سالن لڳا. جڏهن ته هِن جي حياتي ۾ مڪمل ٿي نه سگهيو. اسان هِتي خوب فوٽوگرافي ڪئي. اندر مڪمل گهميوسين.
ٻارھن سال سنڌ تي حڪومت ڪندڙ حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان جو ڏوهٽو هو، مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ هي ابوالقاسم سلطان سان شريڪ ٿيو ۽ اُن جي برپا ڪيل بغاوت ۽ فساد ۾ گهڻو حصو وٺندو هو. جڏهن ابوالقاسم سلطان جون اکيون نڪتيون ۽ گرفتار ٿيو، تڏهن عيسيٰ پنھنجو ساهه بچائي شهنشاهه اڪبر وٽ وڃي پناهه ورتي. هي چالاڪ ذهن هئڻ ڪري اُتي نوڪري دوران وڏيون چالاڪيون ڪري، جهانگير بادشاهه جي حڪومت جي پوئين سال ۾ ’چار هزاري‘ (چئن هزارن سپاهين جي سپھه سالاري) جي عھدي تي ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو. ٺٽي ۾ ٿورو ئي وقت رهيو ته وري ڪرنال قلعي جي سنڀال لاءِ اوڏهين وڃڻ جو حڪم مليس. شاهه جھان بادشاهه جي تخت نشين ٿيڻ تائين هو ڪرنال ۾ ئي هو.
هن پنھنجي جيئري ئي پنھنجي مقبري تيار ڪرڻ لاءِ ڪرنال مان عمدا پٿر روانا ڪيا هئا، جن مان مڪلي ٽڪريءَ تي سندس مقبرو ٺھڻ شروع ٿيو. ارڙهن وريهه انھيءَ مقبري ٺھڻ ۾ لڳا ته به سندس خواهش مطابق اڃا ڪم مڪمل نه ٿيو هو ته پاڻ وفات ڪري ويو، ۽ هن کي پوءِ انھيءَ اڻ مڪمل مقبري ۾ کيس دفن ڪيو ويو، هن مقبري کي ’مرزا عيسيٰ جي رانڪ‘ به چيو وڃي ٿو.
ديوان شرفه خان
هي مقبرو به مڪمل طور بِلو رنگ جي ڪاشيءَ سان جُڙيل آهي، ۽ هِن جي شڪل گول آهي، هِن مقبري جي سامھون به فوٽوگرافي ڪئيسين. هاڻي اڳيان آياسين، اُن جي پاسي ۾ ئي هڪڙو ٻيو مقبرو آهي، جيڪو سُلطان ابراهيم بن عيسيٰ خان جو ٻُڌايو وڃي ٿو، هي مقبرو به ٻين مقبرن جيان بھترين اڏاوت جو نمونو آهي.
ڄام مبارڪ خان عرف دولھه دريا خان
ٻاهران چؤڌاري پٿر جي ديوار ڏِنل، وڏيون سيڙهيون ٺھيل، پاسي ۾ بلوڪلر جو بورڊ لڳل، بورڊ تي لکيل، مقبره ڄام مبارڪ خان عرف دولھه دريا خان، 1490ع ، 857هه لکيل آهي، پڙهي چيم هي ته مشھور شخصيت آهي، ’دولھه دريا خان‘ ڪتابن ۾ گهڻو پڙهيو آهي، ۽ هِن تي ڪجهه ڪتاب به آيل آهن. هن جي قبر تي به ضرور قُل پڙهبا، سيڙهين تان مٿي آياسين پر دروازو ڏِنل هو، دروازو جي چوڪ مان چؤکٽ نڪتل هُئي، اندران ڪڙو ڏِنل هو، تالو وغيره نه هو، ڪڙو لاهي اندر آياسين، مقبرو سڄو پٿر جو سھڻي اُڪر ٿيل اٿس، گُل ڪاري جو به بھترين نمونو آهي.
دولھه دريا خان، جنھن لاءِ تاريخ جا ڪِتاب ٿوري گهڻي روايتن ۽ تاريخي حوالن جي ڦيرڦار سان اِها، اِها ڳالھه سڀني ۾ هڪجھڙي آهي ته، هي هڪ مسڪين ۽ يتيمن، قبوليو يا مبارڪ نالي نوڪر هو، جنھن کي ڄام نظام الدين سُڃاتو ۽ سمجهيو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي آيو، هِن جي سُٺي تربيت ڪيائين دلير ۽ دانا اڳ ۾ ئي هو، پوءِ هن کي اهم ذميوارين تي، فوج جو سپھه سالار، گورنر، وزير اهم عھدن تي رکندي آخر ۾ پُنھنجو پُٽيلو به بڻايائين، جيڪو نه صرف پنھنجي عھدن سان سچو رهيو، پر سنڌ ڌرتيءَ سان به سچو رهي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي کوڙ خدمت ڪيائين. تحفته الڪرام، تاريخ، معصومي، تاريخ طاهري سڀ پنھنجا پنھنجا رايا ٿا ڏين، هڪڙا کيس لاشاري ٿا سڏين هڪڙا سيد زادو ٿا چوَن، ڪِن جو چوڻ آهي ته عام ماڻھو مسڪين يتيم ايڏن عھدن تي نٿو پھچي سگهي، سيد زادو هو، پوءِ قيد ٿي نوڪر ٿي رهيو. بھرحال اِها ڳالھه گهڻن هنڌن تي ساڳي پڙهي آهي ته لکدير وٽ نوڪر هو، ڄام نظام سفر تان موٽيو ٿڪل هو، پاڻي گهريائين قبوليو نوڪر پاڻي ۾ ڪک ملائي ڏِنا، ڄام اُن جو سبب معلوم ڪيو، ٻُڌايائين ته جيئن سائين جن يڪي ساهي نه پيئن متان ڪو نقصان ٿيئي، اِها ڳالھه نظام الدين کي وڻي ۽ لکدير کان هي نوڪر خريد ڪري ورتائين، پوءِ پاڻ وٽ نوڪري ڏِنائين، پوءِ ... باقي مٿي لکي آيو آهيان. مون تقريبن سڀئي ڪتاب جانچيا، پر ڪو به متفق هڪ ڳالھه تي ناهي، تاريخ کان وٺي نالن تائين... جيئن عمر مارئي جو قصو آهي، جيئن رني ڪوٽ جي تاريخ آهي، جيئن سھڻي ميھار جي ڪھاڻي آهي، بھرحال سنڌ جو بھادر سپاهي ۽ سنڌ جو حلالي پُٽ هو، جنھن ٻاهرين حملي آورن مھاڏو اٽڪايو ۽ نيٺ شھيد به ٿيو. اسان قُل پڙهيا. پوءِ فوٽوگرافي ڪري ٻاهر نڪتاسين.
ڄام نظام الدين
هِن سڄي قبرستان ۾ هي مقبرو ٻين سڀني کان منفرد آهي، هڪ ته ٻه منزله آهي، سيڙهين ذريعي اسين مٿي به چڙهياسين، ٻيو ته سڄو پٿر جو بھترين نقش نِگاريءَ جو اعليٰ نمونو آهي.جنھن ۾ پکي، گُلن جا نمونا آهن، هِن تي ٿيل اڏاوت ۽ گُلڪاري ۾ اسلامي هندي، سنڌي، ايراني ۽ گجراتي فن ڏيکاريل آهن.
ڄام نظام الدين غير روايتي حاڪمن جي صفت جو مالڪ ۽ سُڃاڻپ رکندڙ حاڪم هو، هو علم سان بي پناهه چاهه رکندڙ هو. اِهو ئي سبب جو هن جي تخت نشين ٿيڻ وقت، وقت جا عالم، صالح، سپاهي ۽ رعيت سڀئي متفق ۽ مطمعن هئا، شروع وارن ڏينھن ۾ ته چوَن ٿا مدرسن ۽ خانقاهن ۾ رهندو هو. هي طبيعتن تمام ٻاجهارو، حليم، بھترين عادتن جو مالڪ، عادل به هو ته زاهد ۽ عابد به هو.
مون جيترن به حڪمرانن جي تاريخ پڙهي آهي، پر ايتريون خوبيون ۽ صلاحيتون ڪنھن لاءِ به نه پڙهيون، واقعي ئي هي غيرروايتي حاڪم ئي چئي سگهجي ٿو.
هي مقبرو ڄام نظام الدين جي پُٽ ڄام فيروز جوڙايو هو، جيڪو اُن وقت نوجوان هو، تنھن پنھنجي دل و جان سان مقبري تي محنت ڪرائي هُئي ۽ ساڻس اُن وقت مبارڪ خان عرف دولھه دريا خان به گڏ هو، هي مقبرو915هه ۾ جوڙائڻ شروع ڪيو، پر اڃا ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، تيستائين ڄام فيروز جي ڪوتاهين ۽ دريا خان جو دل شڪسته ٿي پري وڃڻ ۽ وچ مان ٻين موقعي پرست مغل دشمني ڪندي، دهلي جي بادشاهه کي خط لکي، حملو ڪرايو. ۽ پوءِ مبارڪ خان عرف دولھه دريا خان ته جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي شھيد ٿي ويو، باقي ڄام فيروز پير پٺي واري سائيڊ تي ڀڄي وڃي پناهه ورتي، پوءِ معافي نامو موڪلي سڀئي شرط مڃي حڪومت ڇڏي هڪڙي ٽڪري تي باقي ڏينھن گُذارڻ جو لکي ڏنائين ته هِن جي جان بخشي ٿي. ايئن اِن مقبري جو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. اسان خوب فوٽوگرافي ڪئي، ۽ شام جا پاڇا لڙڻ لڳا آهن. اڃا اڳتي ڪافي مقبرا آهن، ۽ آخر ۾ عبدالله شاهه اصحابي تي به وڃڻو آهي.
شيخ حماد جمالي ۽ جامع مسجد مڪلي
زبون حال مسجد ڏِٺيسين، جنھن جي اُتر اولھه ۾ هڪڙو بِلڪل زبون حال مقبرو آهي، جنھن لاءِ ٻُڌايو ويو ته هي وڏو بزرگ ۽ مانَ مرتبي وارو الله لوڪ انسان شيخ حماد جمالي آهي، جيڪو بدن تي صرف اوگهڙ ڍڪڻ جيترو ڪپڙو استعمال ڪندو هو، مُنھن تي سدائين نقاب هوندو هئس، سدائين حُجري جي اندر رهندو هو، ۽ سوتليءَ جي ڳوڻ تي سمھندو هو، تاريخ جا ڪتاب هن بزرگ بابت ٻُڌائن ٿا ته: اُچ شريف واري شيخ رشيدالدين جمالي جو فرزند هو، ۽ مشھور مشائخ بزرگ شيخ جمال جو ڏوهٽو هو. اسين جنھن زبون حال مسجد مڪلي وٽ بيٺا آهيون، اِها مسجد به هِن بزرگ جوڙائي هُئي. اُن وقت هِتي جو حڪمران ڄام جوڻو هو. چوَن ٿا ڄام جوڻي جڏهن ڄام تماچيءَ کي دهلي جي سرڪار کان قيد ڪرائي نظر بند ڪرائي ڇڏيو هو، ته هِن درويش جي دُعا سان نه صرف دهلي جي قيد مان آزاد ٿيو، پر سنڌ جي حڪومت جي تخت تي به ويٺو. اسين هاڻي اڳيان هلون ٿا. حميد مھراڻوي ٻُڌائي ٿو، هاڻي اچو ته پاڻ مائي مڪلي سان مِلي اچون.
مائي مڪلي
سامھون ئي هڪڙي قبر جيڪا کُلي ميدان تي آهي، قبر جي صرف هڪ طرف کان ديوار آهي، جنھن ديوار تي بورڊ لڳل آهي، اُن بورڊ تي لکيل آهي ’مائي مڪلي‘ ويجها اچون ٿا، قبر تي ڪو به فن نه فنڪاري، سنگ مرمر نه ڪاشي، بس عام قبرن جيان قبر ۽ مٿان پيل ليڊيز ڪپڙن جا پَـڙَ. ديوار ڀر ۾ پيل چندي جي پيتي، ۽ اِها به روايت آهي ته هِن مائي جي نالي پُٺيان ئي هِن قبرستان جو نالو ’مڪلي‘ پيو آهي. جنھن جي نالي پُٺيا هيڏو قبرستان ۽ اُن جو وري مرڻ پوءِ به اِهو قدر، واهه زمانه تنھنجا انصاف.
نوريءَ ڄام تماچي
انھيءَ قبر کان وري ٿورو اڳتي اُتر، اولھه تي بِلڪل آخر ۾ هڪڙي خوبصورت ڇتري (ڇٽي) پٿر جي ٺھيل نظر اچي ٿي، اُن ڏانھن وڌون ٿا، حميد مھراڻوي ٻُڌائي ٿو ته: هي جيڪي ٻه قبرون آهن، اِنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته نوري ۽ ڄام تماچي جون آهن، ڇٽي هيٺ ٺھيل ٻن قبرن ڏانھن اِشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو، پر اِن تي اڃا تائين متفقه رايو ناهي، ڪي محقق چوَن ٿا جي ڄام ۽ نوري هِتي آهن ته پوءِ ڪينجهر جي وچ ۾ ڪير آهي، ڪي چوَن ٿا ته اُهو ڪو ٻيو درويش آهي. چيم معنيٰ ته هي به قصو، مارئي جي قبر، سھڻي ميھار جي قبر وانگر قصو آهي، ڪنفرم ڪنھن کي به ناهي، روايتن جي آڌار تي پيو ڪم هلي.
هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچي جي ساءِ،
لڳي اُتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
شاهه لطيف ته هِن نوري ڄام تماچي جي عشق واري داستان کي ڳائي هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيو، پوءِ قبر ملي نه ملي. محققن جي مرضي، شاعرن ته پنھنجي شاعري ۾ لازوال داستان بڻائي تاريخ لکي ڇڏي.
نه ڪو ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ،
ننڍي وڏي گندري، سڀن آه سياءُ،
”لم يلد و لم يولد“، اي نجابت نياءَ
ڪير ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو.
مولائي شيدائي ’جنت السنڌ‘ ۾ ڄام تماچي، نوريءَ مھاڻيءَ جي ڪھاڻي هيئن ٻُڌائي ٿو:
ڄام تماچي بِن ڄام خيرالدين
ڄام ٻابينه ثانيءَ کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄام تماچي سمن جو حاڪم ٿيو، اڳ دهليءَ ۾ نظربند هو. شيخ حماد جمالي جنھن جي خانقاه مڪليءَ هيٺان آهي. تنھن جي دُعا سان تماچي ۽ سندس پُٽ ڄام صلاح الدين سنڌ ڏانھن موٽي آيا. ٻنھي ڄڻن کي ڄام جونا خان خفيه طور دهلي روانو ڪيو هو.
ٺٽي تعلقي ۾ ڪينجهر جي ڍنڍ اڄ تائين موجود آهي، انھيءَ ڍنڍ جي ڪِناري تي گندرا (مھاڻا) رهندا هئا، جي ڪينجهر جي آس پاس جي ڍنڍن جي مڇيءَ جي پئدائش وغيره جا اُجاره دار هئا. وٽن هڪڙي خوبصورت ڇوڪري ’نوري‘ نالي هوندي هئي. چوَن ٿا ته هوءَ دراصل ڪا وڏ گهراڻي ڇوڪري هئي، پر ننڍي هوندي ڪنھن طرح مھاڻن سان گڏجي ويئي هئي، جن پنھنجو ڪري نپايو هوس. ڄام تماچي ڪينجهر ۾ شڪار ڪندي مھاڻن وٽ ڇوري ڏِٺي، سو دِل دوياني ٿي پيس ۽ مھاڻن کان سندس سڱ گهريائين، مھاڻن ان کي پنھنجي خوش نصيبي سمجهي، نوريءَ سان سندس نڪاح قبول ڪيو. ڄام نوريءَ لاءِ ڪينجهر جي ڪپ تي شاهي محلات ٺھرايو. مھاڻن کي ڍنڍ جو اُجارو معاف ڪيو ۽ ٻيون به ڪئين بخششون ساڻن ٿيون. ڄام تماچي اڪثر وقت گنڌرن توڙي پنھنجي ٻئي پورهيت عوام سان گذاريندو هو. تماچي ۽ نوريءَ جون قبرون شيخ حماد اولياءَ جي مقبري هيٺان گڏوگڏ آهن. هي قصو به سنڌ جي هڪ لاثاني رومانوي داستان شمار ڪيو ويندو آهي.
عبدالله شاهه اصحابي
مڪليءَ جي سفر جي اڄ هي آخري درگاهه آهي، ۽ آسمان به بِلڪل هاڻي محبوبه جي ڳاڙهن رُخسارن جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. شام جي اهڙي لالاڻ تي منھنجو هڪڙو چئوسٽو آهي، ياد پيو اچي:
هي شام جي مِٺا جيڪا لالاڻ آهي،
تنھنجي چپڙن جي سا ڳاڙهاڻ آهي،
گُلابن جي خوشبوء جنھن کي ٿو سمجهان،
پَڪ تنھنجي بدن جي سا سُرهاڻ آهي.
آياسين ڪيريءَ ۾ چڙهي، عبدالله شاهه اصحابي جي مزار تي. هي مزار ٻين مقبرن کان ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي، تنھن ڪري، گاڏي ۾ ئي اچڻو پيو.
ٺٽو صدين کان ۾ رسول بخش تميمي ٻُڌائي ٿو: هن بزرگ جو نالو سيد عبدالله هو. پاڻ سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جي پشت مان هو. سندس ڄمڻ جي تاريخ 928هه، 1521ع تي گهڻو ڪري سڀئي مؤرخ هڪ راءِ آهن. هي بزرگ بغداد کان گجرات رستي ٻن ساٿين شاهه ڪمال ۽ شاهه مبين الدين شيرازي سان گڏ ٺٽي آيو. اهو زمانو شاهه حسن ارغون جو هو. ٺٽي ۾ اچڻ بعد هتان جي ماڻھن هن بزرگ کي ٻي طرف وڃڻ نه ڏِنو ۽ هي صاحب ڪرامات هتي ئي رهي پيو. سندس ترغيب و تبيلغ سببان ڪافي غير مسلم مسلمان ٿي ويا. روايت موجب ميمڻ قوم سندس ئي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. جڏهن ته اِها ڳالھه سيد يوسف شاهه سان به منسوب آهي. بھرحال اهو درست آهي ته ن جي روحاني ۽ حقاني تعليم هزارين دليون مطيع ڪري وِڌيون. سيد عبدالله شاهه ٺٽي ۾ هڪ سادات خاندان مان شادي ڪئي. جنھن مان کيس ٻه فرزند، سيد حسن ۽ سيد محمد فاضل شاهه ٿيا. سيد حسن شاهه پساور ۾ آرامي آهي، جتي سيد حسن جيلاني جي نالي سان معروف آهي. سندن پويان پشاور ۾ ”الحسن“ نالي پندرهن روزه ڪڍندا آهن.
سيد عبدالله شاهه، زهد و عبادت ۾ ئي رهندو هو. اڪثر نقاب ڍڪيندو هو. ساڻس گهڻيون ئي ڪرامتون منسوب ڪيون ٿيون وڃن. هن بزرگ جي وفات بعد کيس سندس رهڻ واري جاءِ تي دفن ڪيو ويو. سندس وفات سن 1060هه ۾ ٿي، سندس درگاهه لڳ هڪ پُراڻي مسجد آهي، جنھن تي 1093هه 1692ع جو ڪتبو لڳل آهي. بزرگ جي تربت تي جديد مقبرو اڏايو ويو آهي، جيڪو 1350هه مطابق 1913ع ۾ تعمير ٿيل آهي ۽ مقبري جي اولھه ڀر هڪ ننڍي جديد مسجد پڻ تعمير ڪئي وئي آهي.
هن ذي وقار بزرگ جو ٻارهو ڏيھاڙو شعبان مھيني جي 13،14،15 تاريخن تي عقيدت ۽ شان سان ملھايو ويندو آهي. جتي گهڻيون ئي دنياوي خرابيون ٿينديون آهن. ۽ بزرگ جي ڏِنل تعليم جو تقدس مجروح ڪيو ويندو آهي. اڪثر ڪري درگاهُن تي ماڻھو سُڪون وٺڻ گهٽ ٿا اچن، پر پنھنجا ڪي ٻيا مقصد کڻي به اچن ٿا. اهڙا ماڻھو ڀلي کڻي ٿورڙائي ۾ هُجن پر چوندا آهن ’سُڪن سان گڏ ساوا به سڙندا آهن‘.
اسان درگاهه ۾ اندر وڃي دُعا گهري فوٽوگرافي ڪئي، درگاهه اندر عورتن جي اچڻ تي پابندي آهي، البت هڪڙي دري کُليل آهي، اُن دري مان ڄڻ ديوانيون هُجن ڳاهٽ ڪري مزار ڏانھن هٿ کڻي دُعا گهري رهيون آهن، الائي ڇا ڇا چئي رهيون آهن، اِهو لقاءُ ڏِسي ماڻھو حيران ٿي وڃي ٿو، مزار ٻاهران احاطي ۾ وڏو قبرستان آهي، جِتي الائي ته ڪيتريون قبرون آهن، پر ماڻھو جيڪي اُتي راتيون رهن ٿا، اُهي قبرن جي ڏاڍي بي حُرمتي ڪن ٿا، قبرن تي مٿو رکي سُمھن، گوڏا ڏئي ويھن، کائن پيئن اُتي. ٻاهر آياسين ٻارڙن لاءِ هِتان ننڍڙا ننڍڙا رانديڪا ورتا، ننڍڙين لاءِ گُڏيون ورتيون. پوءِ آياسين، واپس ساڳي رستي تان.
هاڻي مکيه شاهراه تي پُھتاسين، سائين حميد مھراڻوي کي چيوسين، سائين اوهان جا لکين قُرب اوهان پنھنجي پروگرام هڪ پاسي رکي، ٽائم ڪڍي اسان کي مڪلي جو اسانجي خواهش مطابق سئر ڪرايو، وڏا وڙ اوهان جون اِهي محبتون ياد رکبيون، بقول بخاري: لاهي نه سگهبيو ته به ڳائبيون ضرور، هاڻي اڳيان شاھجھان مسجد آهي، اِها اسين گُهمي نِڪري وينداسين، چيائين نه بابا ايئن نه ٿيندو، ٺٽي جو سير ڪرائبو ته يڪو ڪرائبو، پوءِ اُتان شاهجھان مسجد وٽان موڪلينداسين، چيوسين ٺيڪ سائين وري به اوهان جا قُرب، جيڪا اوهان جي مرضي. اچي پُھتاسين، پُراڻي تخت گاهه ٺٽو شھر اندر. بس انسان جي زندگي جي اِها ڪھاڻي آهي،
ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾ (شاه)
نـنگر ٺـٽو جي نگري ۾
ٺٽو سنڌ جو تمام پُراڻو شھر شماريو وڃي ٿو، هِتي ڪيترا ڀيرا شھر آباد ٿي برباد ٿيو، ڪيتريون حڪومتون آيون ويون، بادشاهه توڙي ظالمن سان مڪلي قبرستان ڀريو پيو آهي. ڪنھن دؤر ۾ هي ٺٽو پرڳڻو جي نالي سان حڪومتي تخت گاهه هوندو هو، هِن وقت ضلعي هيڊڪوارٽر آهي. هِن شھر جي ٻين تاريخي مقبرن، مسجدن، بازارن جڳھين کان علاوه ٻه شيون مشھور آهن، جيڪي تحفي طور ڏبيون، وٺبيون يا موڪلبيون آهن. هڪڙو ’درس شربت‘ ٻيو ’رٻڙي‘. درس جي شربت تان ياد آيو، سائين نثار احمد ’ناز‘، آغا جان آغا ۽ رزاق ميمڻ، اسين چارئي سجاول مان اياز امر شيخ جي شادي تان واپس ٿيا هُئاسين، ته نثار احمد ناز چيو هو، هلو اوهان کي گُل بيبي شاهه صاحبه سان مِلايان، سڀئي آياسين، محترمه گُل بيبي شاهه شاعره وٽ، جيڪا ٺٽو ڪورٽ ۾ پراسيڪيوٽر پُڻ آهي، اسان جي ڏاڍي عزت ڪيائين، گهر بيٺڪ ۾ ويٺاسين، اسان کي ريفريشمنٽ، چانھيون، آخر ۾ جڏهن موڪلايوسين ته اسان چئني کي ٺٽي جي سوکڙي ’درس شربت‘ جا چار شيشا تحفي طور ڏِنا هئائين. سندس اِها پنھنجائپ، عزت ۽ محبت هميشه ياد رهندي.
تاريخن جا ڪِتاب پڙهجن ٿا ته ماڻھو جي دِل چوَي ٿي بس ايترو ئي لکي ڇڏجي هي شھر تمام گهڻو پُراڻو شھر آهي، باقي هڪڙا ڪِتاب لکن ٿا ته: هي شھر سُلطان محمد تغلق 1350ع ۾ ٺٽي جي آبھوا ڪري بيمار ٿيو، تنھن کانپوءِ فيروز شاهه تغلق هن شھر جو گهيرو ڪيو. هڪڙا ڪِتاب لکن ٿا ته ٺٽي شھر کي 1494ع ۾ تعمير ڪرايو. هڪڙا چوَن ٿا ته مرزا عيسيٰ هِن شھر کي ٻيھر 1555ع ۾ تعمير ڪرايو ويو. ها پھرين، ٻيھر ۽ ٽيھر ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اڳي تقريبن سڀئي شھر هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڀيرا زلزلن ذريعي يا جنگين ذريعي غرق ٿيا يا ساڙيا ويا، وري اُهي شھر ڪي ٻيھر ڪي ٽيھر آباد ٿيا... خير... هِن شھر جي ڪھڙي ڳالھه ڪجي، جڏهن مغليه دؤر ۾ سنڌ جو تخت گاهه هو، جڏهن سالياني آمدني ٽيويھه لک ويھه هزار هئي، جڏهن سوٽي، ريشمي ڪپڙي ۽ چمڙي جا ڪارخانه هُئا، جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني هِتان ڪپڙو خريد ڪندي هُئي. جڏهن هِتي جو لُنگيون لُنڊن ۾ 60 فيصد منافع تي وڪبيون هُيون. ۽ جڏهن تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شھر ۾ نير مھانگو.
شاهجھان مسجد
اچي پھتاسين اسانجي اڄ جي سفر جي آخري منزل مسجد شاهجھان تي، مسجد اندر جيئن ئي پُھتاسين، خاص طور جيڪي دوست پھريون ڀيرو پيا ڏِسن، سُبحان الله سُبحان الله واه واه ڪري وات ڦاٽي وين، اڃان به رات ويلا هُئي، تنھن ڪري ايترو خاص گهمڻ جي لحاظ کان لُطف نه پي آيو، جيترو ڏينھن جي وقت ايندو آهي. (1991ع جي ڳالھه آهي جڏهن آئون پھريون ڀيرو هِتي آيو هئس، مون سان گڏ منھنجو سئوٽ سجاد به هو، اسان پورو اڌ ڏينھن هِن مسجد کي ڏِنو هو، اسانجي هِڪڙي ڳالھه ٻُڌل هُئي اُن وقت ته هِن مسجد ۾ اڏيل قُٻا (گنبذ) ڪُل 100 سئو آهن، پر اڄ ڏينھن تائين ڪو به سئو پورا ناهي ڳڻي سگهيو، ڪيئي هِتي شرطون لڳائي زور لاهي ويا آهن. سو اسان به چيو ڀلا اسان به هڪ ڀيرو ڪوشش ڪريون. اسان ٻئي پاسا ورهائي کنيا هڪ پاسي تون وڃ هڪ پاسي آئون، پر واقعي انگ پورو نه پيو بيھي، ٻيھر ٻنھي ڄڻن گڏجي ڳڻيا، پوءِ به سئو جو انگ پورو نه ڳڻي سگهياسين، خبر ناهي اِن ۾ڪھڙي حِڪمت هُئي، بھرحال اُن کانپوءِ انيڪ ڀيرا هِتي هِن مسجد ۾ اچڻ ٿيو آهي، پر وري ڪڏهن اهڙي ڪوشش ناهي ڪئي، ۽ اِها ڳالھه اسان جي ماڻھن جي واتان ٻُڌل هُئي پڙهيل نه هئي).
شھنشاهه شاهجھان مغل خبر ناهي ڪھڙي مقصد لاءِ سنڌ کي هي تحفو ڏِنو پر، هِن کي آئون ته سلام ٿو ڪريان، سوَين سال اڳي به اهڙا شھنشاهه هُئا، جِن جو ذوق اهڙو ڀلو هو، نه ته اڪثريت ته ڦورو، لُٽيرا، ظالم، ڪاسائي، ڌاڙيل ٿي گُذريا آهن، جن شھرن جا شھر ڦُريا، لُٽيا، ماريا ۽ ساڙيا، اهڙن دؤرن اندر جي اهڙا باذوق بادشاهه به ٿيا، جن شھر ٺاهيا، جوڙيا، وڌايا اُنھن کي تاريخ جو به سلام آهي. ڪڏهن سوچيندو آهيان، هاڻي وري دؤر ۾ اُنھن بادشاهن کان وڌيڪ دولت رکندڙ آهن، پر ڪو به اهڙو يادگار ڪم، ڪا اهڙي يادگار بلڊنگ، الائي ڇو نٿا جوڙائن، جنھن کي صدين تائين سندن ئي نالي سان ياد رکيو وڃي.
آگرو انڊيا ۾ تاج محل، رياست خيرپور ۾ فيض محل، کڏهرو ٽنڊوباگو ۾ صاحب محل اِهي به اُن وقت جا بادشاهه، يا امير هُئا. پر هِن وقت ۾ ڪا اهڙي يادگار آهي ڪِٿي؟
جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:
عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منهنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هن جا سهيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪرءِ نظاماڻي“ وڏو ڪتاب لکيو اٿس، جنهن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سهيڙيل، مرتب ڪيل اٿس.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
ديدار حسين ميمڻ: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: ڊرائيور آهي پنھنجي گاڏي ڪيري اٿس.
مزمل صديقي: حيدرآباد، لطيف آباد جو رهندڙ آهي، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو.
مزمل قريشي: حيدرآباد، لطيف آباد جو رهندڙ آهي، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو.
معشوق علي جوڻيجو: ڳوٺ پنگريو (هاڙ) سان تعلق اٿس، هن وقت پيرولاشاري تي رهائش اٿس هن وقت الرزاق تي ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪري ٿو.
محمد رحيم جوڻيجو: ڳوٺ ميون ملوڪ سان تعلق اٿس، هن وقت الرزاق پرنٽرز تي مئنيجر طور ڪم ڪري ٿو.
جھانزيب علي جوڻيجو: پيرولاشاري سان تعلق رکي ٿو، هن وقت ساحل پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر، ڪمپوزر ۽ ڊزائنر طور ڪم ڪري ٿو، منھنجو ڀائٽو آهي.
آفتاب ميمڻ: ڪُنري سان تعلق اٿس، محمد صالح جو وڏو پُٽ آهي، حيدرآباد ۾ ساحل پرنٽرز تي ڪمپيوٽر آپريٽر ڪمپوزر طور ڪم ڪري ٿو.
شمس الدين جوڻيجو: ڳوٺ ميون ملوڪ سان تعلق رکي ٿو، حيدرآباد ۾ ساحل پرنٽرز تي ڪم ڪري ٿو.
شعيب احمد جوڻيجو: ادا منظور جو وڏو پُٽ
( 30 مئي 2014ع)