پنھنجي پاران
جسماني عذاب ۽ اھو به وري لڳاتار، ٻڌڻ سان ئي ڏڪايو وجھي. ھڪ ڀيري ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ٻڌايو ته لاھور واري قلعي ۾ کيس جنھن تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سڄي روئداد ھن لکي، جيڪا پوءِ ھڪ دوست ھٿان گم ٿي ويئي. سندس چواڻي ته ھن اھا ڊائري جنھن ڪيفيت ۾ لکي ھئي، تنھن جو ھاڻ تصور به نٿو ڪري سگھي.
اسان تي اھو تشدد ڏاڍي منظم رٿابنديءَ سان ۽ مختلف روپن ۾ جاري آھي. ڪڏھن ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ته ڪڏھن ايم- آر- ڊي تحريڪ جو بھانو بڻائي. ڪڏھن ٽوڙي ڦاٽڪ جي روپ ۾ ته ڪڏھن پھرين آڪٽوبر جي روپ ۾، سنڌين جو قتل عام ۽ نسل ڪشي لڳاتار جاري آھي. شھرن ۾ دھشت گرد کلي عام سنڌين جي خلاف ڪاروايون ڪندا ٿا رھن پر اسان جي حڪومت ۽ اڳواڻ محترم اخباري بيانن ۽ مذمت کانسواءِ ڪا وڌيڪ ڳالھ ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. حڪومت وعدا ته ڪري ٿي ۽ حڪومتي ايجنسين کي چڱي طرح خبر به آھي ته دھشت گرد ڪير آھن ۽ ڪٿي ٿا رھن، پر الائجي ڇو کين ھٿ لائڻ کان ھو ڊڄن ٿا.
باقي اسان جي اڳواڻن سڳورن ۾ ته ايتري ٿوم ڪونھي جو ڪو عملي قدم کڻي سگھن. باقي ڄنڊا پٽ ۽ سازشون ٺاھڻ (سو به ھڪ ٻئي جي خلاف) ۾ ايترا ته ماھر آھن جو کين ڄنڊا پٽ جو نوبل انعام ملڻ گھرجي. انھن مان به وري نام نھاد ڄٽ ليڊرن مان ته مورڳو اڙجي ويا آھيون. ڄاڙيون اھڙيون ٿا ھڻن جو خدا جي پناھ باقي....... باقي ڇا چئجي ۽ ڪھڙا سور اورجن.......
ھي ڪتاب الجزائري صحافي ۽ سورمي علي ھينري جي جيل جي ڊائري آھي، جنھن ۾ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان موجود آھن. سارتر چواڻي ته ”ھيءُ ڪتاب ڪمزور دل رکندڙن جي پڙھڻ لاءِ نه آھي.“ مون کي حيرت آھي ته علي ھينري فرانسيسي ھوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي ھم قوم حڪمرانن خلاف وڙھيو، نتيجي ۾ جيڪو ڪجھ ڀوڳيائين، سو سڀ ھِن ڪتاب ۾ موجود آھي. ڪي دوست اسان وٽ پنجابين جي وڪالت ٿا ڪن، پر ھو ڪو ھڪ پنجابي به ڏيکارين، جيڪو سنڌ جي ڪاز لاءِ وڙھيو ھجي، جڏھن ته الجزائر جي جنگ آزاديءَ ۾ سارتر ۽ سندس ساٿي الجزائرين جي حَقن لاءِ وڙھيا، جن مان ڪيترا ته شھيد به ٿيا.
ھا ته ايتري ظلم ۽ بربريت جي باوجود به علي ھينريءَ دغابازي نه ڪئي، ھيڻي نه ٻولي ۽ ڄميو رھيو: ”اوچتو مون کي ڏاڍي فخر ۽ خوشيءَ جو احساس ٿيو ته آءٌ جھُڪيو نه آھيان، ھاڻي مون کي پَڪ ٿي ويئي آھي ته جيڪڏھن ھنن وري قصو شروع ڪيو ته آءٌ سھي ويندس ۽ توڙ تائي ڄميو رھندس ۽ پنھنجو پاڻ کي ماري سندس ڪم کي سولو نه ڪندس.“
۽ ھي ڪتاب اوھان جي حوالي ڪندي آئون اوھان مان اھڙي ئي اُميد رکان ٿو!
يوسف سنڌي
دڙو
7- مارچ 1990ع