5
ھنن پارٽيءَ جي ھڪ روپوش اڳواڻ جي تصوير منھنجي سامھون ڪئي: ”ھي ڪٿي آھي؟“
مون چا ڏانھن ڏٺو جنھن سان ھن ڀيري ار به گڏ ھو، ۽ ورديءَ ۾ نه ھئڻ ڪري ڏاڍو سھڻو وڳو پاتل ھئس. اوڏيءَ مھل مون پنھنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ ھو اھو چوندو مون کان پري ھٽي ويو ته:
”ڏس! ھاڻ ھي ڏڪڻ لڳو آھي.“
”ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي.“ ساڻس گڏ بيٺل ھڪ ٻئي چيو.
”اھا ڳالھ مون کي پسند ڪونھي ۽ صحت لاءِ پڻ خراب آھي.“
ھو تڪڙ ۾ ھو ۽ کيس ڊپ ھو ته متان آءٌ ٿُڪي سندس سوٽ خراب نه ڪري ڇڏيان. مون سوچيو ته شايد کيس ڪنھن دعوت ۾ وڃڻو آھي، تنھن ڪري منھنجي گرفتاريءَ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڏينھن ٻيو به لنگھي ويندو ۽ ان گھڙيءَ اوچتو ان خيال سان مون کي ڏاڍي سرھائي ٿي ته ھي ظالم مون کي فتح ڪري نه سگھيا آھن.
ار جي وڃڻ کان پوءِ آءٌ گھڻي دير اڪيلو نه رھيس. ھن گمنام ڪوٺڙيءَ ۾ ھڪ عربيءِ کي وٺي آيا. کن پل لاءِ دروازو کليو، جنھن سان ڪجھ سھائي ٿي. مون ھن جو پاڇو ڏٺو، وضح قتع ۾ ھڪ خوش پوش نوجوان ٿي لڳو. سندس ڪرائين ۾ ھٿڪڙيون ھيون. ھو اڳيان وڌيو ۽ اونداھيءَ ۾ ھٿوراڙيون ڏيندو منھنجي ڀرسان ويھي رھيو. ٿوري ٿوري دير کان پوءِ آءٌ ڏڪڻ ٿي لڳس ۽ ڇرڪ ٿي ڀريم ڄڻ بجليءَ جو ڪرنٽ منھنجي پويان ھجي. ھن مون کي ڏڪندو محسوس ڪري گنجي منھنجي ڪلھن تي وجھي ڇڏيائين. ھن مون کي جھليو جيئن آئون گوڏن ڀر بيھي ڀت ڏانھن منھن ڪري مُٽي سگھان.
تنھن کان پوءِ ھن ليٽڻ ۾ مون کي سھارو ڏنو.
”ليٽي پؤ منھنجا ڀاءُ.“ ھن چيو.
”آءٌ علي آھيان. ’الجير ريپبليڪن‘ جو اڳوڻو ايڊيٽر، ٻاھر وڃي ھنن کي چئج ته آءٌ مري ويس.“ مون کيس اھو چوڻ ٿي گھريو پر لفظ منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ اھو چوڻ ۾ مون کي ڏاڍي ڪوشش ڪرڻي پئي. ۽ وقت به گھڻو نه ھو. اوچتو دروازو کليو، مون ورانڊي ۾ ڪنھن کي چوندو ٻڌو:
”ھن کي ھتي ڇو رکيو اٿوَ؟“ پوءِ ھو عربيءَ کي وٺي ويا.
ٿوري دير کان پوءِ دروازو ٻيھر کليو. ھن ڀيري ٻه پارا ھئا. ھڪ ٽارچ ٻاري منھنجي منھن تي ھنئي. آءٌ ڌڪن جو انتظار ڪرڻ لڳس، پر ھنن مون کي ھٿ به نه لاٿو. آءٌ اھو ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، ته ھو ڪير آھن، پر فقط انھن جو آواز ئي ٻڌي سگھيس.
”ھي ايترو خطرناڪ ته ڪونھي.“
”ھا....... ڏاڍو خطرناڪ!“ ٻئي وراڻيو. ۽ ھو ھليا ويا.
اوچتو بجلي ٻاري ويئي. ھي ار جي ٽولي جا ماڻھو ھئا.
”ھن اڃا سوڌي ڪجھ به نه چيو آھي.“
”فڪر جي ضرورت ڪانھي ....... اجھو منٽن ۾ ٿو ٻڌائي.“
”سچ! ٻئي چيو، ”تو ليفٽيننٽ کي پنھنجو خيال ٻڌايو آھي.“
”جي ......ھا.“
آءٌ سمجھي ويس ته منھنجي لاءِ گھاٽ گھڙجي رھيو آھي. ايتري ۾ ھنن جي پويان ار کي بيٺل ڏٺم. پوءِ ھو اڳيان وڌي اچي مون تي جھڪيو ۽ ڇڪي ڀت سان بيھاريائين، ۽ ڇڪي منھنجي گنجي لاٿائين. ھن جون ٽَنگون منھنجي ٽَنگن کي سھارو ڏيئي رھيون ھيون ۽ ھو فرش تي بلڪل منھنجي سامھون بيٺو ھو. پوءِ ھن ورديءَ جي کيسي مان ماچيس ڪڍيو ۽ تيلي ٻاري منھنجي نگاھن جي سامھون آندائين ۽ اھو ڏسڻ لڳو ته منھنجون نگاھون شعلي جو پيڇو ڪن ٿيون يا نه ۽ آءٌ ڊڄي ته ڪونه رھيو آھيان. پوءِ ھو تيلي ٻاريندو منھنجي مٿي ۽ ڇاتيءَ کي واري واري سان ساڙڻ لڳو، گڏوگڏ پنھنجي نائب کي مخاطب ٿيندي چيائين:
”ھاڻي تون شروع ڪري سگھين ٿو.“
اھو ٻڌي ھن ڪاغذ جي اھا مشعل ٻاري جيڪا ھو کڻيو تيار بيٺو ھو، ۽ منھنجي پيرن جون تريون ساڙڻ لڳو. سندس ان عمل تي مون نه ته ڪا رڙ ڪئي۽ نه وري ڪا چرپر. آءٌ ته بي حس ٿي چڪو ھئس. جڏھن ار مون کي ساڙي رھيو ھو ته آءٌ ھن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڏسي رھيو ھئس. اھو ڏسي ڪاوڙ ۾ اچي ھو مون کي ڪُٽڻ لڳو.
بجليءَ جي ڪرنٽ منھنجي زبان، چپن ۽ ڳلي کي بلڪل ساڙي ڇڏيو ھو ۽ ھو ڪاٺ جيان سخت ٿي ويا ھئا. ار کي اھا خبر ھئي ته بجليءَ وسيلي عذاب ڏيڻ سان اُڃ تمام گھڻي ٿي لڳي. ھن ماچيس رکي ھٿ ۾ جڳ ۽ گلاس کڻندي چيو:
”تون ڪجھ پيئندين، ٻه ڏينھن ٿي ويا آھن، ۽ چئن ڏينھن کان پوءِ تون اُڃ وگھي مري ويندين ..... چار ڏينھن ڊگھا به ٿي سگھن ٿا ۽ تون پنھنجو پيشاب به چٽڻ چاھيندين.“ اھو چئي ھن جڳ ۽ گلاس منھنجي اکين جي بلڪل سامھون آڻي انھي ۾ پاڻي اوتيو ۽ پوءِ پنھنجو وات منھنجي ڪَن جي ويجھو آڻيندي ڀڻاٽ ڪندي چيائين:
”ھا! ڳالھاءِ، تنھنجي ڳالھائڻ جي دير آھي ..... پوءِ تنھنجي پيئڻ لاءِ مَٽ پاڻيءَ جا حاضر ٿي ويندا.“
ھن گلاس جي ڪنارن جي زور سان منھنجا چَپ کوليا، گلاس ۾ پاڻي صفا ٿورو اوتيل ھئو ۽ آءٌ صاف پاڻيءَ کي گلاس جي تر ۾ ڇلندو ڏسي پي سگھيس، پر ھڪ ڦڙو به پي نه ٿي سگھيس. ار جو منھن بلڪل منھنجي سامھون ھو ۽ منھنجي پاڻي پيئڻ جي ڪوشش تي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
”ڇوڪرن کي چئو ته اچي ٽانٽلاس (Tantalus) جو عذاب ڏسن.“
ٻيا پارا کليل دروازي وٽ بيٺا ڏسي رھيا ھئا ۽ حد درجي جي ٿڪاوٽ جي باوجود به، جنھن جي خلاف آءٌ لڙي رھيو ھوس، مون پنھنجو ڪنڌ مٿي کڻي پاڻيءَ کي ڏسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيئن منھنجو عذاب ھنن وحشين جي تفريح جو سبب نه بڻجي.
”اڙي اسين ايترا خراب به ڪونه آھيون. اسين ته توکي پاڻي پيارڻ ٿا گھرون.“ اھو چئي ھن منھان منھن ڀريل گلاس منھنجي چپن تائين آندو. گھڙي کن ترسي، منھنجي نڪ مان جھلي ڪنڌ کي پويان ڪري سڄو گلاس وات ۾ اوتي ڇڏيائين. اھو بنھ گندو ۽ ڌپارو پاڻي ھو.
منٽن يا شايد ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ نئين مداخلت ٿي، ڪپتان ڊي آيو، ساڻس گڏ لو ۽ اھو ٿلھو پارا به ھو جنھن اربع واري ڏينھن جي اذيت ۾ حصو ورتو ھو. ھنن مون کي ديوار لڳائي بيھاريو ۽ لو تارون منھنجي ڪنن ۽ آڱرين تي چنبڙايون. آءٌ ھر جھٽڪي سان اڇلجيس ٿي، پر اف به نه ٿي ڪيم. ھاڻي ته آءٌ بلڪل بي حس ٿي چڪو ھئس. اھو ڏسي ڊي کين ترسڻ جو اشارو ڪيو.
ھو زمين کان ٿورو مٿڀرو، ھڪ کوکي تي ويھي سگريٽ پيئڻ ۽ بلڪل نرم آواز ۾ ڳالھائڻ لڳو، جيڪو ٻين جي رنڀن ۽ ڏاڍاين جي بلڪل ابتڙ ھو، جيڪي اڃا منھنجي ڪنن ۾ ٻري رھيون ھيون. ظاھري طرح ھو بلڪل غير اھم موضوعن جي باري ۾ ڳالھائي ۽ کل ڀوڳ ڪري رھيو ھو ۽ سوالن ڏانھن ھلڪو اشارو به نه ڪيائين، جيڪي شروع ۾ زوري مون کي ذھن نشين ڪرايا ويا ھئا. ٻين ڳالھين کان سواءِ ھن مون کان پڇيو:
”توکي خبر آھي ته فرينچ پريس فيڊريشن سان تمام گھڻيون اخبارون لاڳاپيل آھن.“
آءٌ کين جواب ڏيان ھا، پر پنھنجي ٺَوٺ ۽ سخت ٿي ويل چپن کي ڏکيائيءَ سان چوري سگھيس، ۽ منھنجي ڳلي مان بس ھڪ مئل سيٽي نڪتي. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان مون ٻه ٽي ٻول ٻولڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوارن ھو مون سان ڳالھائيندو رھيو، ڄڻ ھڪ سوال ٻئي سوال سان لاڳاپيل آھي.
”۽ آئون! ھو تنھنجو گھاٽو سنگتي ھو نه؟“
اھا ڳالھ خطري جي اشاري جيان ھئي. آءٌ سمجھي ويس ته ھو ھوريان ھوريان مون کي پنھنجي دلچسپي وارن موضوعن ڏانھن آڻڻ ٿو گھري، جيئن مون کي احساس ئي نه ٿئي. جيتوڻيڪ گھڻي مارڪٽ ۽ اذيت جي ڪري منھنجو ھوش جاءِ تي نه ھو، پر ھڪ اڪيلو خيال، منھنجي ذھن ۾ وڄ وانگر وراڪا ڏيئي رھيو ھو ته، ”کين ڪجھ به نه ٻڌائي ...... سندن ڪابه مدد نه ڪر.“ ۽ مون پنھنجي زبان بند رکي.
اھو ڏسي ڊي جو صبر ختم ٿي ويو ۽ اٿي کڙو ٿيو ۽ منھنجي منھن تي مُڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنائين، ۽ منھنجو مٿو ھن جي ٺونشن جي تال تي ڪڏھن ھڪ طرف ته ڪڏھن ٻئي طرف ٿي جھڪيو. ھاڻي مون ۾ ڪوبه احساس نه رھيو ھو. ايستائين جو ھن جو ھٿ منھنجي طرف ٿي آيو، ته به مون اکيون نه ٿي پوريون. ٿوري دير کان پوءِ ھو ھنن کي پاڻي آڻڻ جي لاءِ چوڻ لاءِ ترسيو پوءِ ھن جڳ ۽ گلاس ورتو جيئن پھرين ليفٽيننٽ ڪيو ھو، تيئن منھنجي اکين جي سامھون پاڻي ھڪ ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ اوتڻ لڳو ۽ گلاس منھنجي چپن تائين ائين آندائين جو آئون پي سگھان. پر مون پيئڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. پاڻي پيئڻ ۾ منھنجي دلچسپي نه ڏسي ھن گلاس پٽ تي رکي، گھڙي کن ترسي مون کي لت وھائي ڪڍي ۽ آءٌ گھوماٽجي ھڪ طرف ڪريس ۽ ڪرندي منھنجو ھٿ گلاس کي لڳو، جنھن ڪري اھو ھارجي پيو.
”اڙي ھي اگھي ڇڏ...... نه ته ھي چَٽيندو.“ ار چيو. ڳچ دير کان پوءِ ٻيھر دروازو کليو ته مون ار کي ٻن آفيسرن سان اندر ايندي ڏٺو، جن کي مون اڳ ۾ نه ڏٺو ھو. انھن مان ھڪڙو اوندھه ۾ ھوريان ھوريان ھلندو مون وٽ آيو ۽ منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين: ”آءٌ جنرل ايم جو ايڊ- ڊي ڪيمپ آھيان.“ اھو ليفٽيننٽ ما ھيو.
”توکي ھن حال ۾ ڏسي مون کي سخت افسوس ٿيو آھي. تنھنجي عمر اڃا ڇٽيھ سال کن مس آھي ۽ اھا مرڻ واسطي ايتري ڪانھي.“ پوءِ ھن مُڙي ٻين کي وڃڻ لاءِ چيو. ”ھي فقط مون سان اڪيلائيءَ ۾ رھاڻ ڪندو.“ اھو ٻڌي ھو ٻاھر ھليا ويا ۽ اسين ٻئي اڪيلا رھجي وياسين.
”توکي اھو ڀؤ آھي نه، ته متان ھنن کي خبر نه پئجي وڃي ته تو سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو آھي. ائين نه؟ پر منھنجو توسان مڙساڻو اقرار آھي، ته ٻڙڪ به ٻاھر ڪانه نڪرندي ۽ اسين تنھنجي حفاظت ڪنداسين. توکي جيڪا به خبر آھي سا مون کي ٻڌاءِ ۽ آءٌ ھينئر ئي توکي اسپتال موڪليان. ھفتي کان پوءِ تون فرانس ۾ پنھنجي زال ۽ ٻارن وٽ ھوندين. اھو اسين توسان وچن ٿا ڪريون ...... پر جيڪڏھن نه...... ته پوءِ تون ھميشہ لاءِ گُم ٿي ويندين.“ اھو چئي ھو جواب جو اوسيئرو ڪرڻ لڳو. پر منھنجي ذھن ۾ جيڪو جواب ھو سو مون ڏنو.
”اھو ڏاڍو خراب ٿيندو.....“
”تنھنجا ٻار به آھن؟“ ھن چيو. ”آءٌ شايد ساڻن ملي سگھان .... تون چاھين ٿو ته آءٌ کين ٻڌايان ته آئون سندن پيءُ کي سڃاڻان ٿو؟..... تون ڪونه ٻڌائيندين؟ پر جيڪڏھن تون مون کي ھينئر وڃڻ ڏنو ته ٻيا موٽي ايندا ..... ھن ڀيري ھو.....“
مون ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ھو اٿي کڙو ٿيو، پر وڃڻ کان اڳ چيائين:
”بس تنھنجي سامھون اھوئي رستو آھي ته آپگھات ڪري ڇڏ.“ پوءِ مون کيس ورانڊي ۾ ٻين سان ڳالھيون ڪندو ٻڌو جيڪي سندس اوسيئڙي ۾ ھئا:
”ڏھن پندرھن سالن کان ھنن سڀني جي ذھن ۾ فقط ھڪ ئي ڳالھ آھي ته جيڪڏھن گرفتار ٿي ويا ته کين ڪجھ به ڪڇڻو نه آھي ۽ کين لڪائڻ جو ڪوبه طريقو ڪونھي.“
مون محسوس ڪيو ته آءٌ پنھنجي آزمائش جي ھڪ مرحلي تي پھچي ويو آھيان ۽ واقعي گھڙي کن کان پوءِ ٻه پارا ڪمري ۾ آيا ۽ منھنجا ھٿ کولي مون کي سھارو ڏيئي بيھاريائون ۽ ائين اڱڻ ۾ وٺي آيا. ھر ٻن ٽن وِکن کان پوءِ ھنن مون کي ساھي کڻڻ لاءِ بيھڻ ٿي ڏنو. رستي ۾ ڏاڪڻين جي ويجھو بيٺل ٻن پارا ٽروپن کين ٽوڪيو: ”اڙي ھن مڙھه کي ڪيڏانھن کڻي پيا وڃو...... ھي ھي ھي ..... ھي ته چُري به ڪونه ٿو سگھي.“
مون وارن سونھن مان ھڪ ڄڻي ساڻن معذرت ڪئي.