جنين لوهه لڱن ۾ (جيل ڊائري), ليکڪ : علي ھينري

جنين لوهه لڱن ۾ (جيل ڊائري)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : جنين لوهه لڱن ۾ (جيل ڊائري)
ليکڪ : علي ھينري
سنڌيڪار : يوسف سنڌي
ڪيٽيگري : جيل ڊائري
ڇپيندڙ : سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 1990
شامل ڪيو ويو : 2016-06-13
ڏِٺو ويو : 2633 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1346 ڀيرا
هيءُ ڪتاب الجزائر جي صحافي علي هينريءَ جي جيل ڊائريءَ تي مشتمل آهي. جنهن جو ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪري ڇپايو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان بيان ڪيا آهن. علي هينري فرينچ هوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي هم قوم حڪمرانن خلاف وڙهيو. نتيجي ۾ جيڪي ڪجهه ڀوڳيائين، سو سڀ هن ڊائريءَ ۾ ڄاڻايو اٿس. هو لکي ٿو ته: هنن لفظن پڙهڻ مهل اوهين انهن ماڻهن بابت ضرور سوچيندا هوندا، جيڪي گم ٿي ويا آهن، جن کي پنهنجي آزادي ماڻڻ جو يقين هو ۽ جيڪي هن گهڙيءَ به بي ڊپا ٿي پنهنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آهن. انهن بابت، جيڪي ٽياس تي ٽنگيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ جيڪي نفرت ۽ تشدد جي باوجود به فرينچ ۽ الجزائري ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ دوستيءَ تي يقين رکن ٿا، ڇو ته هيءُ ڪتاب انهن مان هر هڪ جي ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿو.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري جيل ڊائري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ