3
”ڇا، تون ٻڌائڻ گھرين ٿو، تو پنھنجو ارادو بدلايو ته ڪونھي؟“
مون ڏانھس ڏٺو پر لفظ به نه ڪڇيم.
”ھن کي کوليو.“
لو اھا رسي کولي ڇڏي، جنھن جي ذريعي آءٌ سيخ سان ٻَڌل ھئس، جڏھن ته ٻئي ڄڻي مون کي ٻانھن کان جھلي ڇڪيو، جنھن ڪري آئون منھن ڀر سڌو وڃي ڪريس.
”اُٿ .....“
مون ۾ اُٿڻ جي طاقت نه ھئي. جڏھن مون کي ٻنھي طرفن کان ٽيڪ ڏيئي اٿاريو ويو ته مون کي پنھنجا ٻئي پير ايترا ته سُڄيل محسوس ٿيا جو ھر پير خلائن ۾ گُم ٿيندو لڳو. مون گنجي ۽ پتلون پاتي ۽ ھڪ ڏاڪڻ تان ٿڙندو ٿاٻڙندو ھيٺ لٿس.
اتي مون کي ھڪ ٻئي فوجيءَ اٿاريو ۽ مون کي ٻنھي ھٿن ۾ جھلي منھنجي پٺ ديوار سان ھنيائين. مان سيءَ ۽ اعصابي ٿڪاوٽ جي ڪري ڏڪي رھيو ھئس ۽ منھنجا ڏند وڄي رھيا ھئا. لو جي ساٿيءَ جنھن رنڌڻي ۾ منھنجي سار سنڀال لڌي ھئي، سو به ھيٺ لھي آيو ھو.
”ھل ڙي ....“ ھن چيو ۽ پوءِ مون کي اڳيان ڌڪو ڏيئي لت ھڻي پٽ تي ڪيرائي ڇڏيائين.
”ڏسينس ته سھي حالت ڪيڏي نه خراب اٿس؟“ ھڪ ٻئي فرانسيسي لھجي ۾ چيو. ”ھن کي اڪيلو ڇڏي ڏي.“ مون اھي پھريان انساني ھمدرديءَ جا لفظ ٻڌا. ”ھھڙن ڪمينن جي ته..... ھون ..... چڱي طرح ترائي وٺڻ گھرجي.“ مون ايذاءَ ڏيندڙن جو آواز ٻڌو.
آئون ٽَنگن جي زور تي بيٺو ڏَڪي رھيو ھئس ۽ ڪِرڻ کان بچڻ لاءِ مون پنھنجو مٿو ۽ ھٿن جون تريون ورانڊي جي ديوار تي ٽيڪي ڇڏيون. ھن منھنجا ھٿ چيلھ جي پويان ڪري انھن ۾ ھٿڪڙي ھنئي. تنھن کان پوءِ ھنن مون کي ھڪ کوليءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
ديوار سان گڏ ھڪ تونئري پئي ھئي. آءٌ گوڏن ڀر گسڪي اوڏانھن وڌيس ۽ پيٽ ڀر ليٽڻ جي ڪوشش ڪيم پر اندر سنھيون سنھيون تارون ڀريل ھيون. اوڏيءَ مھل مون دروازي جي پويان ٽھڪ ٻُڌو.
”مون تونئريءَ ۾ ڪجھ چھنبدار تارون ھنيون آھن.“
پوءِ ھڪ ٻئي ماڻھوءَ ورندي ڏني. ”بھرحال! ھن پنھنجي سنگتين کي بچي نڪرڻ لاءِ ھڪ رات ڏيئي ڇڏي آھي.“
ھٿڪڙيون منھنجي ڪرائيءَ ۾ کُپي ويون ھيون، ۽ منھنجي ھٿن ۾ ڏاڍو سُور ٿي رھيو ھو ۽ وري جنھن نموني منھنجا ھٿ ٻڌل ھئا، ان سان ته مرڳي ٻانھون ٿي نڪتيم. ان مھل مون مجبور ٿي پنھنجون آڱريون کھري سيمنٽ تي رڳڙيون جيئن منجھائن رت نڪري ۽ منھنجي سڄيل ھٿن جي پيڙا ۾ ڪجھ گھٽتائي اچي.