محبت ۽ زندگيءَ جو شاعر- رشيد ڪليري
شاعري پيار ڪندڙ هڪ شاعر جي زبان به آهي ته پيار ڪندڙ هڪ عام ماڻهوءَ جي به زبان آهي. شاعريءَ ۾ هر قسم جي اظهار کي اظهاري سگهجي ٿو. شاعريءَ ۾ پيار جا جذبا به بيان ڪبا آهن ته نفرت جا احساس به- هر وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ ڳالهه جو اظهار به ڪبو آهي. اهڙي قسم جا احساس آهن اَسانجي پياري دوست ۽ محبوب شاعر رشيد ڪليريءَ جي شاعريءَ ۾ جيڪو اڄ پنهنجو شعري مجموعو ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ نالي سان اوهانجي آڏو پيش ڪري رهيو آهي.
جهڙيءَ طرح عشق، پيار، محبت ۽ زندگي ۾ ڏک، سک، غم ۽ خوشيءَ جهڙا احساس ۽ لمحا گڏ گڏ هلن ٿا، اهڙي طرح شاعريءَ ۾ به اهي احساسَ گڏ گڏ هلن ٿا. محبت ۽ زندگيءَ جيان شاعري به هڪ ئي وقت اگر گلن جو هار به آهي ته ڪنڊن جي سيج به. هن شاعريءَ جي سفر ۾ ڪٿي گلن جا هارَ به ملندا آهن ته ڪٿي ڪنڊن جهڙا چُڀندڙ ۽ ايذائيندڙ رويا ۽ جملا به ملندا آهن. رشيد ڪليري محبت ۽ زندگيءَ جو شاعر آهي. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙن جذبن کي به اظهاري ٿو:
گلن جو هارُ محبت آ، ڪنڊن جي سيج محبت آ،
ايئن ڏک سک پيا سهندا، مٺا ماڻهو زماني ۾.
رشيد ڪليري پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ پيار، محبت، وڇوڙي، ميلاپ، درد ۽ ڏک جا قصا ته بيان ڪيا ئي آهن، پر اُن سان گڏ هن محبوب سان اٿاهه پيار جو اظهار به ڪيو آهي. ڪٿي شڪوه شڪايتون به ڪيون آهن ته سڄڻ جون ساراهون به بيان ڪيون آهن. مطلب ته رشيد ڪليري جهڙي جهڙي ڪيفيت مان گذريو آهي، اُن جو اظهار ڀرپور نموني ۾ شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. دردَ ۽ وڇوڙي جي ڪيفيت مان جڏهن رشيد گذري ٿو ته هن جي تڙپَ جو انوکو اظهار هن جي شاعريءَ ۾ هن طرح ملي ٿو:
نيڻ ٿڪي پيا روئي روئي،
دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي.
جنهنکي ساههَ سهارو سمجهيم،
سورَ ڏئي ويو ساههَ کي سوئي.
پٿر دل محبوبُ ڪيئي ڇو،
دِل هاڻي تون تڙپ اُڪوئي.
ڪر نه ڪليري پيار تون ڪنهن سان،
روڪيو ”رشيد“ گهڻن گهڻو ئي.
هتي بنا رديف جي غزل پڙهي مون کي نارائڻ شيام ياد اَچي ويو. رشيد جي هن غزل ۾ قافيي طور ٻن لفظن ”اُڪوئي“ ۽ ”گهڻوئي“ جو استعمال ڏاڍو وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي. مون سنڌيِ شاعريءَ ۾ انهن لفظن خاص طور ”اُڪوئي“ جو استعمال پهريون ڀيرو رشيد جي شاعريءَ ۾ پڙهيو آهي. واه واه!
وڇوڙي جي ورلاپ ۾ ورتل هڪ ٻيو رشيد جو غزل آهي:
هُو ڌارَ ڪري ويو آ،
آزارُ ڪري وَيو آ.
هي سُڃَ سڄو مون لئه،
سنسار ڪري ويو آ.
مون پيارُ آڇيو ۽ هُو،
انڪار ڪري ويو آ.
هُو غير جي محفل ۾،
سينگار ڪري ويو آ.
محبوب پاڻُ کان ڌارَ ڪري اهو وڏو الميو آهي. هڪ عاشق ۽ هڪ شاعر لاءِ اُن کان وڏو الميو اهو آهي، جو محبوب ڪنهن غير ڏي وَڃي سوبه سينگار ڪري وڃي. اهو وڏو عذاب آهي، هڪ شاعراڻي دل جي لاءِ مان ته چوان ٿو اهڙو عذاب دوزخ کان بلڪل گهٽ ناهي. استاد بخاري صاحب چيو هو نه ته:
ڪِيس ڪيڏا ڪيهءِ حسنَ جي انڌَ تي،
باهه ٻاري وڌئي هانءَ جي هنڌَ تي،
غيرَ جي پنڌ تي پيرَ تنهنجا ڏٺم.
چوٽ ڏاڍي رسيم.
۽ استاد بخاري ائين به چيو هو ته:
جَهل ته نه جهلجي، پَلِ ته نه پلجي،
جهڙي مُٺِ ۾ واري، بيقدري جي ياري.
ڪائنات ۾ ڏک، درد، پريشانيون ۽ مسئلا صدين کان وَٺي ساڳيا هلندا پيا اَچن ۽ شاعر به ساڳين احساسن کي ورجائيندا پيا اَچن پر ڳالهه آهي احساسن کي پنهنجن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ۽ انداز جي. اهڙن احساسن کي رشيد به پنهنجي انداز سان بيان ڪيو آهي.
بيقدرن سان ياري ڪهڙي؟
جهلجي مُٺِ ۾ واري ڪهڙي؟
توکي قسم ڏيان ڪنهنجو، پرچين،
توکي شيءِ آ پياري ڪهڙي.
تون ئي ٻڌاءِ مون سهڻا سائين،
تنهنجي ڳالهه آ ٽاري ڪهڙي.
رِڻ ۾ ڇڏيو ٿي”رشيد“ کي رولي،
دل تو ”ڪليري“ ڌاري ڪهڙي.
رشيد ڪليريءَ جو هڪ ٻيو خوبصورت غزل آهي، جنهن ۾ رشيد محبوب کي کلڻ لاءِ آزيون ڪري رهيو آهي:
ڪهڙي خطا آ ’کل ته سهي مَنَ‘،
تنهنجي عطا آ، کل ته سهي مَن!
چئن ڪتابن ۾ چڙ ڪانهي،
تنهنجي مرڪَ خوشي ٿي بخشي،
غم جي دوا آ، کِل ته سهي مَن!
چڙ نه روا آ کل ته سهي مَن!
پنهنجن کان آ پردو ڪهڙو،
ڇا جو حيا آ، کل ته سهي مَن!
واقعي محبوب جي مرڪَ ۽ کل هر غم ۽ دردَ جي دوا آهي
چڙ، ڪاوڙ غصو نه رڳو اسلام ۾ هر مذهب ۾ جائز ناهي.
فقير حسين بخش ”خادم“ چيو هو ته:
چئني دفترن ۾ ڪاوڙ حرام آهي،
ڪاوڙ حلال جنهن ۾ سو آهي ڪتاب ڪهڙو؟
باقي اڄڪلهه مٺا ماڻهو ته پردو ئي پنهنجن سان ٿا ڪن. اَسان وٽ موجود گل فقير ڊکڻ سومرو شاعر هوندو هيو، اهو چوندو هو ته محبوبَ ٻين سان خوش پر گل فقير سان ٽانڊو.
بهرحال رشيد ڪليري صاحب جي شاعري ۽ زندگيءَ جي ڪاميابين لاءِ هر وقت دعاگو آهيان ۽ رهندس.
مشتاق بخاري
P.O ڊکڻ، ضلعو شڪاپور
13- مارچ 2015ع