رشيد ڪليري: سنڌ جو مٺڙو شاعر نوجوان شاعر، ڪمپيئر ۽ صحافي رشيد ڪليري ولد حاجي دلاور حسين ڪليري، ڳوٺ حاجي نيڪ محمد ڪليري تعلقه گهوٽڪيءَ ۾ 2- آگسٽ 1970ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽوٻا مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي.سي هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ مان 1986ع ۾ پاس ڪيائين. 1990ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي. ايس. سي پاس ڪئي ۽ ايم. ايس. سي 1993ع ۾ ڪيمسٽري ۾ ساڳيءَ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. 1998ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ شروع ۾ ٻارڙن جي رسالي گل ڦل ۾ لکڻ شروع ڪيائين، 1996ع کان فن جي دنيا ۾ بطور انائونسر ريڊيو پاڪستان خيرپور تان خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. 2002ع ۾ شاعري جي شروعات ڪيائين، سندس ادبي تربيت ۾ نامياري شاعر سيد اظهر گيلاني جو وڏو هٿ رهيو ۽ هن وقت شاعر ڊاڪٽر عبدالشڪور سولنگي کان شاعري ۾ اصلاح ڪرائي ٿو، سندس شاعريءَ کي کوڙ سارن سٺن سٺن فنڪارن ڳايو اٿس، جنهن ۾ انور حسين وسطڙو، ربنواز مهيسر، غلام شبير شاهاڻي، عاشق علي نظاماڻي، عبدالرحيم ميراڻي، نجب علي وسطڙو ۽ ٻين کوڙ سارن فنڪارن به ڳايو آهي. اُن کان علاوه سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ ايڊوائيزر به رهيو آهي، رشيد جي شاعري ۾ سادگي، نفاست ۽ حساسيت جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو، اها فني ۽ فڪري طرح پختي آهي، جنهن ۾ پيار جي ذڪر سان گڏ سماج جي فرسوده روايتن جي نندا شامل آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي ۽ سماجي شعور موجود آهي. سن 2007ع کان روزانه سنڌ اخبار جو نمائندو مقرر ٿيو، انهيءَ ۾ مختلف موضوعن تي سندس ڪالم ڇپيا. ان کان علاوه سال 2008ع کان گهوٽڪي 91 ريڊيو ايف. ايم تي ڪمپيئرنگ جا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. 2013ع ۾ يونين آف جرنلسٽ تعلقي گهوٽڪيءَ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. رشيد سٺو شاعر، مضمون نگار ۽ صحافي آهي. سندس ٻه ڪتاب لکيل آهن، مالي وسيلا گهٽ هجڻ ڪري ڇپجي ناهن سگهيا، جن ۾ ڪتاب ”اک ٿي ڦري“ ۽ ”اڻپورا خواب“ آهن، کيس هڪ پنهنجو ذاتي وڏو ڪتب خانو موجود اٿس، هن وقت سندس لائبريري ۾ مختلف موضوعن تي 1000 ڪتاب موجود آهن. اخلاقي، تاريخي، سماجي، اقتصادي، عام معلومات، شاعري، اسلامي ۽ ٻين موضوعن تي لائبريري جي زينت بڻيل آهن. ان کان سواءِ ريڊيو جي مختلف ڪمرشل پروگرامن ۾ ايوارڊ مليا. ڦلجي اسٽيشن ۾ پروگرام ”لوچين سي لهن“ جي سالگرهه جي فورم طرفان ايوارڊ سان نوازيو ويو، ان کان پوءِ سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ طرفان خيرپور ۾ ڪرايل سال 2013ع ۾ Dates Exhibition@Seminar Khairpur طرفان بهترين انائونسر طور سرٽيفڪيٽ مليو. کيس سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن ۽ مختلف تنظيمن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ مليا ۽ ٻين مختلف تنظيمن ڪيترائي ايوارڊ ۽ سندون ڏنيون، عملي زندگي ۾ هن وقت پاڻ پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ ادب سان گهڻو لڳاءُ اٿس ۽ ادبي سرگرمين ۾ سرگرم آهي. - عبدالحئي ڀٽو ماٿيلو مومل جي ماڙي 28 ڊسمبر 2015ع