روشني
رات جا نوَ ٿي ويا هئا عليءَ جي ماءُ عام طور ڏهين بجي سمهندي هئي پر ان ڏينهن سندس طبيعت خراب هئي هوءَ اٺين بجي رات جو ئي سمهي رهي. جيڪڏهن گھر ۾ لائيٽ هجي ها ته علي پنهنجي عادت مطابق ڪونه ڪو ڪتاب پيو پڙهي ها پر بجلي ويئي ته سخت سرد ۽ برسات واريءَ رات ۾ گھڙيون گھارڻ سندس لاءِ ڏکيو ٿي پيو ڪمري ۾ ڀت تي هڪ ڪِليءَ ۾ بتي ٽنگيل هئي جنهن جي روشني ڪمري جي ٿوري حصي ۾ اچي رهي هئي پر اهڙي به ڪانه هئي جو علي مطالعو ڪري سگهي جو کيس پڙهندي پڙهندي ننڊ اچي وڃي. انهيءَ ڪري هُو ڪرسيءَ تي ئي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ڪتابن، سنگتين، ساٿين ۽ استادن ۽ اسڪول جي باري ۾ سوچڻ لڳو، سوچيندي سوچيندي کيس هڪ پراڻو واقعو ياد آيو. جو ڪيترائي سال اڳ ۾ سندس والده کيس ٻڌايو هو. ماڻس ٻڌايس ته، ”هڪ رات سخت سرديءَ ۾ طوفاني برسات سبب بجلي هلي ويئي ۽ وٽس ڪا بتي به ڪانه هئي جو ان کي ٻاري ماني ٽڪي ٺاهي وٺي. ايتري اونداهي هئي جو پنهنجي هٿ به ڏسڻ ۾ نٿي آيو ۽ مون کي سخت بک لڳي هئي ۽ اهو به فڪر هئم ته علي پنهنجي ماسيءَ جي گھر ويو آهي خبر ناهي هن ڀيانڪ برسات ۾ هُو ماسيءَ گھران ڪيئن ايندو ۽ جي واپس گھر آيو ته ڇا کائيندو؟ ۽ انهن جي گھر منهنجي لاءِ روئيندو ته نه هوندو؟ اهو سڀ سوچي چادر پائي ٻاهرين دروازي تائين آيس ته جيئن ماسيءَ جي گھران عليءَ کي وٺي اچان. پر پير ٻاهر رکيم ته اهو گوڏي تائين پاڻيءَ ۾ هليو ويو، ظاهر آهي انهيءَ حالت ۾ مون کي گھر اندر واپس ورڻو پيو هاڻي ته پريشاني وڌيڪ وڌي ويئي. تيستائين دروازي تي ٺڪاءُ ٿيو. هڪدم ٻاهر تائين آيس متان علي پهچي ويو هجي پر ايندڙ آواز ڪنهن مرد جو هو جنهن چيو ته ”ادي ڪابه تڪليف ۽ مشڪل هجي ته ٻڌايو ته آئون توهان جي مدد ڪريان!“ هڪ پل لاءِ مون کي خيال آيو ته خبر ناهي ڪير آهي؟ پر مشڪل ايتري هئي جو اعتبار ڪري پنهنجي تڪليف ٻڌايم ۽ ڀيڻ جو گھر به ڄاڻايم. هو ٿوريءَ دير ۾ واپس آيو ۽ اچي خبر ڏنائين ته علي بلڪل ٺيڪ آهي ۽ ماني کائي سمهي رهيو آهي. هن شخص مون کي هڪ ٻرندڙ بتي ڏني ۽ هڪ رومال ۾ ويڙهيل ڪا کائڻ جي شيءِ ”مون کيس سڏ ڪيو ته“ ادا! اهو ٻڌايو هيءَ بتي توهان کي ڪٿي واپس ڪريان ۽ توهان جي وڏي مهرباني؟ اونداهيءَ ۾ آئون سندس شڪل به ڏسي ڪونه سگهيس ڄڻ الله تعالیٰ آسمان مان ڪو فرشتو منهنجي مدد لاءِ موڪليو هو“. علي اها ڳالھ ياد ڪري ٻيهر بتيءَ ڏي نهارڻ لڳو جا ڀت ۾ ٽنگيل هئي کيس خيال آيو ته يقيناً هيءَ اها ساڳي بتي آهي جا هن نيڪ انسان منهنجي اميءَ کي اونداهيءَ ۽ طوفاني رات ۾ ڏني هئي ۽ بيشڪ اها اهڙي ئي رات هوندي جهڙي اڄ آهي پر فرق ايترو آهي اُن رات امي جاڳي رهي هئي ۽ اڄ آئون پيو جاڳان ڇا اڄ به دروازي تي آواز ٿيندو؟ وري سوچيائين پر اڄ ڇو ٿيندو اڄ ته اسان ٻنهي پيٽ ڀري کاڌو آهي ان ڪري ڪو به آواز ڪونه ٿيندو. اهو سوچيندي هُو ڪمري ۾ هلڻ لڳو سندس ماءُ جي اک کلي ويئي چوڻ لڳي، ”علي! ڇو اڃان جاڳين پيو؟عليءَ جواب ڏنس امان بجلي ڪونه آهي هِن بتيءَ تي پڙهي نٿو سگهان پر ڪنهن جي مدد ضرور ڪري سگهان ٿو“.
ماڻس حيران ٿي ڏانهس نهاريو، عليءَ وري سندس هٿن کي جھلي چيو امان! اڄ رات جو مون کي توهان جو ٻڌايل بتيءَ وارو واقعو ياد اچي رهيو آهي آئون سوچيان پيو ته ايئن ته ڪونهي پاڻ جي آسي پاسي ڪو اهڙو گھر آهي جتي هن سيءَ ۽ برسات ۾ مدد جي ضرورت هجي. عليءَ جي ماءُ سندس ارادو سمجهي سوچ ۾ پئجي ويئي، عليءَ وري کيس ڀاڪر پائيندي اجازت گُهري ۽ چيو ته، ”امان توهان ئي ته چيو آهي ته نيڪ ماڻهو الله جو پيارو آهي ڇا توهين نٿا چاهيو ته منهنجو شمار به نيڪي ڪندڙن ۾ ٿئي. ماءُ پٽ جي مٿي تي پيار سان هٿ ڦيريندي چيو ته، ”پٽڙا بيشڪ وڃ خدا جي امان ۾ آهين بتي کڻي وڃج“.
علي بتي کڻي گهر مان ٻاهر نڪتو هُو آهستي آهستي هلندو مختلف گھرن وٽان گذرندو رهيو کيس ڪيترن ئي گھرن مان ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز اچي رهيا هئا ته انهن گھرن ۾ روشني به هئي ۽ کاڌو به پچي رهيو هو. هو اڳتي هلندو ويو. هڪ ٻئي پاڙي تائين پهتو. رستي ۾ گھڻي گَپَ ۽ چِڪَ هئي هو تمام سنڀالي هلي رهيو هو ته متان سندس پير نڪري نه وڃي. هڪ هنڌ اهڙو گھر ڏٺائين جنهن ۾ نه روشني هئي ۽ نه ئي ڪو آواز هڪ پوڙهي جي کنگهڻ جو آواز ٻڌي انهيءَ دروازي تي ٺڪاءُ ڪيائين بزرگ شخص ڪجھ دير کان پوءِ در تي آيو عليءَ کي ڏسي چيائين ”بابا! ڪير آهين هِن بيگاھ وقت ۾ ڇاجي لاءِ آيو آهين“؟ عليءَ وراڻيو ته، ”سائين اونداهي آهي، سردي ۽ سخت برسات ۾ گھران نڪرڻ توهان لاءِ مشڪل آهي. توهان کي جيڪڏهن ڪنهن به مدد جي ضرورت هجي ته آئون حاضر آهيان“. پوڙهي بزرگ ماڻهوءَ عليءَ کي غور سان ڏٺو ۽ چيائين، ”ڪجھ نه مون کي بک لڳي آهي ڪجھ کائڻ لاءِ ڪونهي مون لاءِ ڊبل روٽيءَ جا ٻه ٽڪر ئي ڪافي ٿيندا اها آڻي ڏيئيم ته وڏي مهرباني ٿيندي کيسي ۾ هٿ وجھي ڏهن روپين جو نوٽ ڪڍي عليءَ کي ڏنائين جو علي کانئس نه ورتو ۽ چيائين ”مون کي خبر آهي اڳيان هڪ دوڪان آهي آئون توهان لاءِ بن يا ڊبل روٽي وٺي ٿو اچان“.
علي آهستي آهستي نئين منزل ڏانهن روانو ٿيو هڪ هٿ ۾ بتي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڇٽي کڻي هو گپ چڪ کان بچندو هلندو رهيو، هڪ هنڌ سندس پير ڦاسي پيو ۽ ڪري پيو پر همٿ نه هاريائين، هلندو رهيو آخرڪار کيس هڪ اسپتال وٽ هڪ ننڍو دوڪان کليل مليو. جتان ڪجھ بسڪيٽ ۽ ڊبل روٽي وٺي واپسيءَ جي رستي ڏي مڙيو ۽ ايئن مُني ڪلاڪ ۾ ساڳئي هنڌ تي پهچي پوڙهي کي اهو سامان ڏنائين. جنهن کيس دُعائون ڏنيون ۽ پنهنجي گھر ۾ اندر ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ کائڻ شروع ڪيائين بتيءَ جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ علي ڏي نهاري چوڻ لڳو، پٽ مون لاءِ تون هڪ فرشتو ٿي آيو آهين. ننڍو معصوم فرشتو. پر عجب جهڙي ڳالھ آهي ته اهڙي ئي هڪ سخت ٿڌيءَ ۽ اونداهيءَ واريءَ رات ۾ مون هڪ عورت جي کاڌي جو بندوبست ڪيو هو“. عليءَ کي تمام گھڻي حيرت ٿي کيس پنهنجي سوال ۽ ڪيل نيڪيءَ جو جواب ملي ويو بزرگ کان موڪلائي دروازي ڏي ويندي کيس سڄي حقيقت ٻڌايائين ۽ بتي ڏيندي چيائين. بابا سائين! هيءَ بتي توهان جي آهي اها توهين رکو، پوڙهي چيس ته، ”پٽ آئون هاڻي ڪراڙو ٿي ويو آهيان مون کي روشنيءَ جي ضرورت ڪونهي. اها بتي توهان نوجوانن جي لاءِ آهي هن روشنيءَ کي هڪ هٿ مان ٻئي هٿ تائين وڃڻ گھرجي ۽ ان ريت هيءُ روشني ۽ نيڪيءَ جو سفر هلندو رهي.