ٻاراڻو ادب

ٽي تحفا

دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪھاڻيون، نھايت سبق آموز پڻ آهن. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون لکيل ٻارنھن ئي ڪھاڻيون دلچسپ تہ آهن ئي آهن پر انھن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن، خلق جي خدمت، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، مسلسل محنت ۽ جدوجھد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪھاڻين وسيلي، اسان جي نئين نسل ڏانھن منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا.

Title Cover of book ٽي تحفا

خود غرضي

ايمان پنهنجي والد کي زور ڀرڻ لڳي ته سندس ساهيڙيءَ جي سالگره آهي کيس گاڏيءَ ۾ وٺي شهر هلي ۽ سائره کي ڏيڻ لاءِ ڪو تحفو وٺي ڏي. اظهر دير سان آفيس مان اچڻ کان پوءِ ڏاڍو ٿڪل هو، پر ايمان تي دل گھڻي هيس ان جي ڪابه فرمائش رد ڪري ڪونه سگهندو هو. سو کيس خوش مزاجيءَ سان چيائين ته، ”ٻه شرط آهن اهي پورا ڪر ته هلندس“. ايمان ته بلڪل راضي هئي بنا پڇڻ جي چيائين ”شرط پورا ڪنديس توهان وٺي ته هلو“. اظهر کلي چوڻ لڳو، ”پهرين سٺي چانهن پيار“ ۽ ٻيو ته هڪ ئي دفعي تيار ٿي هل تحفو وٺي توکي ساهيڙيءَ جي گهر ڇڏي آئون پوءِ گھر اچي ويندس ۽ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ماني کائي وٺڻ ايندس“ ايمان ڪنڌ هاڪار ۾ ڌوڻي سڌي بورچيخاني ڏي ويئي ۽ چانهن جو پاڻي گئس تي رکي خود تيار ٿيڻ لڳي هوءَ هئي ته ڇهين درجي ۾، پر ماڻس منجھس ايترو ته سليقي منديءَ جو شعور وڌو هو جو ننڍيءَ عمر ۾ ڪيترا ڪم خود ڪندي هئي. ايمان جي ماءُ موجب ته، اولاد ۾ جيڪي عادتون ننڍيءَ عمر ۾ پونديون اهي ئي اڳيان هلي پختيون ٿينديون سندس چوڻ موجب پنهنجي اولاد جا اهي مائيٽ سڄڻ آهن جي کين تعليم سان گڏ تربيت ۾ پڻ هر وقت ڌيان ڏين ٿا.
ايمان جلدي جلدي تيار ٿي چانهن کڻي پيءُ جي ڪمري ۾ آئي هو به کيس خوش ڏسي سرهو ٿيڻ لڳو ۽ چانهن پي هلڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو. گھران نڪري هڪ وڏي دوڪان ۾ داخل ٿيا جتي ايمان پنهنجي ساهيڙيءَ لاءِ هڪ سٺي پرس ورتي ۽ پيڪ ڪرائي جلدي گاڏيءَ ۾ اچي پڻس کي چيائين ته، ”جلدي هلو،متان سائره جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽجي نه وڃي“ ۽ ائڊريس ٻڌائڻ لڳي پر اظهر کي ائڊريس ياد هئي جو اڳ ۾ به هڪ دفعو ايمان کي سندس ساهيڙيءَ سائره جي گهر ڇڏڻ آيو هو. دروازي تي پهتي مَسَ ته ايمان کي آواز اچڻ لڳو Happy Birthday To you هن اظهر صاحب کي چيو،”بابا! ڪيڪ ڪٽجي رهيو آهي آئون به صحيح پهچي وئي آهيان توهين ڪلاڪ ڏيڍ ۾ اچي وڃجو. پڻس مشڪي کيس مذاق ۾ چيو ”اوڪي مئڊم“ ۽ ايئن ايمان گھر ۾ داخل ٿي سالگره ۾ شامل ٿي ويئي.
اظهر جيئن ئي گھر واپس پهتو هن وهنجي ڪپڙا بدلائي ٽي.وي ڏسڻ شروع ڪئي ۽ ٽاڪ شو ۾ سندس ايترو ڌيان لڳو ويو جو ماني به ڪمري ۾ گھرائي کاڌائين اوچتو وقفي ۾ کيس اندازو ٿيو ته ٻه ڪلاڪ ٿي ويا آهن. ايمان انتظار ڪندي هوندي گھروارن کي ٻڌائي چاٻي کڻي ٻيهر پنهنجي پياري ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ ويو جا سندس انتظار ۾ ويٺي هئي، مهمان سڀ هليا ويا هئا. سائره کيس در تي ڇڏڻ آئي ۽ اظهر صاحب کي به اچڻ جي صلاح ڪيائين. ٻنهي پيءُ ڌيءَ کانئس موڪلايو.
واپسيءَ ۾ رستي ۾ اظهر صاحب ڏٺو ته هڪ ماڻهو روڊ تي ايڪسيڊنٽ جي ڪري پٽ تي پيو آهي ۽ رت ۾ ڀريل آهي کيس گھڻا ڌڪ لڳا آهن. ايمان رڙ ڪري چيس ته،”بابا! گاڏي روڪيو، هن ماڻهوءَ کي اسپتال پهچايون“، پر هن ڌيءَ کي چيو ته،”تون چري ته ڪونه ٿي آهين! رات جو ڏهين بجي هن شخص کي کڻي اسپتالن ۾ ويندس سڀ پڇا ڪندا ۽ پوليس کي الڳ منهن ڏيڻو پوندو“.
ايمان چيو ته، ”بابا! پر اهو هڪ انساني زندگيءَ جو سوال آهي“، اظهر صاحب کي ڪاوڙ اچي ويئي کيس دڙڪو ڏيندي چيائين، ”بابا! تون اڃان ننڍي آهين پوليس ۽ اسپتالن جا معاملا نٿي سمجھين ان ڪري چپ ڪري ويھ انهن معاملن ۾ وڏن جي وچ ۾ دخل ڪونه ڏبو آهي“.
ايمان پنهنجي پيءُ جي انهيءَ رويي تي حيران ٿي ويئي ۽ سندن گاڏي اڳيان نڪري ويئي. گھر پهچي ايمان کي سالگره جي فنڪشن جي خوشي ئي وسري ويئي اهو پوڙهو سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳو رات جو کيس ننڊ به صحيح نه آئي.
ڪافي ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن اظهر صاحب پنهنجي لان ۾ چانهن پي رهيو هو جو سندس گھرواريءَ کيس چيو ته گئس نه پيو اچي ناشتو ٻاهران وٺي اچو. سڀني کي بک لڳي هئي. هن موٽرسائيڪل ڪڍي ته ويجهي دوڪان تان حلوو پوريون وٺي اچان ۽ دوڪان جي سامهون روڊ تي موٽرسائيڪل بيهاري جيئن ئي روڊ پار ڪيائين هڪ تيز رفتار گاڏي کيس ٽڪر هڻي ويئي، هُو فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي هيٺ ڪري پيو سندس مٿي ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو ۽ خون وهڻ لڳو ماڻهو گڏ ٿيڻ لڳا هرڪو گاڏيءَ واري کي گھٽ وڌ چوڻ لڳو پر ڪير به کيس کڻي اسپتال پهچائڻ لاءِ ويجهو نه آيو. اظهر جو مٿو سور سان ڦاٽي رهيو هو سندس مٿي مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو پر ڪوبه ويجھو اچڻ لاءِ تيار نه هو هن خود کي تمام بي وسيءَ ۾ محسوس ڪيو ايستائين هڪ ماڻهو سڀني کي هٽائي اڳيان وڌيو ۽ اچي اظهر کي کنيائين ۽ کيس اسپتال ۾ پهچائي ۽ گھر ۾ اطلاع ڪرايائين. اظهر کي گھڻي ڪمزوري ٿي رهي هئي کيس پنهنجي محسن جي نالي جي ڪابه خبر نه هئي پر دل ئي دل ۾ هو ان کي دعائون ڏيئي رهيو هو. هن کي اهو ضرور محسوس پئي ٿيو ته جنهن شخص کيس کنيو ۽ کڻي اسپتال پهچايو اهو سندس ڏٺل واٺل پئي لڳو پر جيئن ته هو پوءِ بي هوش ٿي ويو ۽ کيس هوش اسپتال ۾ ئي آيو. جتي سڀني رشتي دارن ۽ گھرڀاتين کي ڏسي هن جھيڻي آواز ۾ پڇيو ته، ”مون کي هتي ڪنهن پهچايو آهي“؟ سندس والده امير بيگم چوڻ لڳي، ”پٽ! اهو ته ڪو فرشتو هو جو تنهنجي مدد لاءِ ڌڻيءَ سڳوري موڪليو هو نه ته ڪير به هتي وٺي اچڻ وارو ڪونه هو“.
اظهر پنهنجي ماءُ کي چيو ته، ”امان توهين سندس نالو ته معلوم ڪرايو ها“، امير بيگم وراڻيو، ”پٽ! هن پنهنجي نالي ٻڌائڻ کان جواب ڏنو ۽ چيائين ته آئون پنهنجي نيڪي ضايع نٿو ڪرڻ چاهيان“، جڏهن سڀ اسپتال مان هليا ويا تڏهن اظهر جي نياڻي ايمان سندس ويجھي آئي ۽ چيائين، ؟بابا! توهان کي خبر آهي ته توهان کي هتي ڪنهن پهچايو“؟، ”نه پٽ!“ اظهر صاحب جواب ڏنو پاڻ کانئس سوال ڪيائين ته، ”ڇا توڱي خبر آهي ته اهو ڪير آهي“؟ جلدي ٻڌائي ته آئون سندس مهرباني مڃيان جنهن مون تي هيڏو وڏو ٿورو ڪيو آهي؟ نه ته هيءَ دنيا ته سڄي خود غرض آهي“. ايمان آهستي سان کيس چيو ته، ”بابا! هي اهو ماڻهو هو جيڪو ان ڏينهن روڊ تي ايڪسيڊنٽ کان پوءِ رت ۾ ٻڏل پيو هو ۽ ڪير به هن کي اسپتال پهچائي نه رهيو هو ۽ جنهن لاءِ مون پڻ توهان کي منٿ ڪئي هئي پر پاڻ پڻ ٻين جيان اڳيان نڪري وياسين سندس مدد ڪونه ڪئي سين“. اظهر صاحب جون اکيون آليون ٿي ويون هو شرمندگيءَ جي ڪري پنهنجي نياڻيءَ سان اکيون ملائي ڳالهائڻ جي جرات ئي نه پئي ساري سگهيو کيس احساس ٿيو ته دنيا ۾ موجود ٻين خودغرضن وانگر هن پڻ انهيءَ ڏينهن ڪيڏي نه وڏي خودغرضيءَ جو مظاهرو ڪيو هو.