سچي خوشي
چاچو حيدر صبح جو سوير گھران سبزي منڊيءَ لاءِ نڪرندو هو، تازيون ڀاڄيون وٺي رڪشا ۾ گھر آڻي، پوءِ گاڏو سينگاري گھر گهر، گهٽيءَ گھٽيءَ ۾ ڀاڄيون وڪڻي ٻه بجي تائين گھر اچي ويندو هو. اڌ ڏينهن ڪم ڪندو هو ته به چڱا خاصا پئسا گڏ ٿي ويندا هئا ۽ عامر بي فڪريءَ سان پڙهندو به هو ته اسڪول ۾ پڻ سٺي خرچي کڻي ويندو هو پر جيئن مهانگائي وڌندي ويئي سندس پيءُ جي ڌندي ۽ ڪمائيءَ ۾ فرق اچڻ لڳو هاڻي چڱا آسودا ماڻهو پڻ شهر ۾ ڀاڄي منڊيءَ مان ڀاڄيون وٺڻ لڳا هئا ڇو ته، ٿوڪ جي حساب سان اُتان سستيون ٿيون ملن. چاچي حيدر جا گراهڪ گھٽجڻ لڳا. منڊيءَ مان به ڀاڄي مهانگي ملڻ لڳي ته رڪشا جو ڀاڙو به وڌيڪ ٿيڻ لڳو ۽ ڀاڄين جي کپت به گھٽ ٿيڻ لڳي هاڻي هو صبح کان شام تائين پيو هلندو هو ته به تمام ٿورا پئسا گھر آڻي سگهندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن عامر کي ويهاري چيائين ته، ”پٽ! آئون تنهنجي تعليم جو خرچ وڌيڪ نٿو کڻي سگهان ۽ آئون هاڻي ٻڍو ٿيندو پيو وڃان چاهيان ته آرام ڪريان پر گھر جي مجبوري مون کي آرام کان روڪي پيئي. جيڪڏهن تون به ڪٿي ڪم تي لڳي وڃين ته پاڻ پيءُ پٽ گڏجي گھر جو گاڏو هلايون“.
عامر کي ڳالھ دل سان لڳي پر وري به چوڻ لڳو، ”بابا منهنجي دل آهي ته اڳيان ڪاليج ۾ پڙهان جيڪڏهن ڪٿي ڪم ۾ لڳس ته پڙهي ڪونه سگهندس“. چاچو حيدر هڪ هوشيار ماڻهو هو هُو دردر رُلي چُڪو هو سو کيس تسلي ڏيندي چيائين، ”آئون جنهن پاڙي ۾ اڳ ۾ ڀاڄيون ڏيندو هئس اُتي وڏا بنگلا آهن آئون ڪنهن صاحب سان ڳالهايان ٿو ۽ کيس تنهنجي خواهش به ٻڌايان ٿو مَنَ ڪا سڻائي ٿي وڃي“.
ان ريت حيدر ٻئي ڏينهن ڊفينس جي علائقي ۾ جتي هو اڳ ۾ ايندڙ ويندڙ هو ويو ۽ اُتي کانئس ڀاڄيون نوڪر، نوڪرياڻيون يا ڪڏهن گهر جي مالڪياڻيون وٺندا هئا. ڪنهن صاحب جي هن ڪڏهن شڪل ڪونه ڏٺي هئي ۽ صبح جي وقت ظاهر آهي مرد ماڻهو ته پنهنجي ڪمن تي ويل هجن ٿا. هن هڪ نوڪر معرفت مالڪياڻيءَ تائين پنهنجو مسئلو ٻڌايو جا رحم دل هئي ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس ٻڌايائين ته سندن هڪ ننڍو هوٽل آهي جتي ڇوڪر شام جو بيرو ٿي ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ صبح جو بلڪل پڙهائي ڪري، حيدر گهڻو خوش ٿيو ۽ کين دعائون ڏيندو اچي گھر پهتو. ٻئي ڏينهن اُن ڏس پتي تي عامر کي موڪليائين، مالڪياڻيءَ اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ۽ ان ريت عامر کي اُن هوٽل تي نوڪري ملي ويئي پر خدا جي قدرت مهيني ۾ سندس والد فوت ٿي ويو. انهيءَ ۾ به ڪا رب جي رضا هئي جو هو پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي نوڪريءَ سان لڳي چڪو هو.
اهو هوٽل صاف سٿرو ۽ ماڊرن نموني جو هو. جنهن تي وڏيون وڏيون گاڏيون اچي بيهنديون هيون. سڄو ڪاروبار رات جو هلندو هو. شام جو پنجين بجي کان باربي ڪيو جو ڪم شروع ٿي ويندو هو، عامر به چار بجي گهر کان نڪرندو هو ۽ اڌ ڪلاڪ ۾ هوٽل تي پهچي ويندو هو ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪم ڪندو هو. جيئن ته هن هوٽل جي اعلیٰ معيار جي ڪري هتي جي ماني مهانگي هئي ۽ ان جي بورچين ۽ کاڌي ٺاهڻ ۽ هوٽل جي ٺاھ ٺوھ تي گھڻو خرچ ايندو هو انڪري اسٽاف کي ماني کائڻ لاءِ ڪونه ملندي هئي. پگهار باقي سٺو ملندو هو. ڪڏهن ڪنهن موقعي مهل تي يا اتفاق سان وڌيڪ بچي پوڻ تي بيرن يا ٻئي اسٽاف کي کاڌو ڏنو ويندو هو نه ته هر ڪو منجھد جو گھران کائي ايندو هو ۽ رات جو ڪم بعد پنهنجي گھر وڃي کائيندو هو.
هتي اڪثر سيٺ حماد ماني کائڻ ايندو هو، اڄ به هو سيخ ڪباب، نان ۽ چٽڻين سان کاڌو کائي بوتل پي رهيو هو. گاڏيءَ ۾ سندس پويان سندس پٽ شهريار ويٺل هو جيڪو پڻ ملائي ٻوٽيءَ مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، عامر هڪ پل لاءِ ڏِک سان سوچيو، ”هي ڪيڏا نه خوش قسمت آهن، کين ڪيتريون نه نعمتون مليل آهن، وڏين وڏين گاڏين ۾ ويهي بي فڪريءَ سان کاڌي جي لذتن سان ايئرڪنڊيشن ۾ خوشي پيا حاصل ڪن ۽ اسان جي قسمت اهڙي آهي جو اهڙيءَ سچي خوشيءَ کان محروم آهيون“.
سندس دل ۾ شدت سان اها خواهش پيدا ٿي ته هُو امير ٿئي ۽ سندس اڳيان به بيرو کاڌو رکي ۽ سندس چيو مڃي پر کيس خبر هئي ته اها خواهش پوري ٿيڻ ناممڪن آهي ۽ اهو سوچي هُو اداس ٿي ويو ۽ پنهنجي بدقسمتيءَ جو ڏک ڪرڻ لڳو، اهڙيءَ ريت هو جڏهن به سيٺ حماد کي پنهنجي پٽ سان گڏ هوٽل تي ايندو ڏسندو هو ۽ پاڻ جڏهن کين آرڊر پهچائيندو هو تڏهن هڪ لحظي لاءِ (شهريار جيڪو سندس عمر جو هو) کي ڏسي سوچيندو ضرور هو ته سندس قسمت ايتري خراب ڇو آهي؟ ۽ اهي ڳالهيون گھر اچي پنهنجي ماءُ سان ڪندو هو جا کيس اهو سبق ڏيندي هئي ته هر حال ۾ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي رب خبر ناهي ڇا ۾ راضي آهي ناشڪري ڪفر آهي.
سندس ماءُ کيس اهو به چوندي هئي ته، ”پٽ! دنيا ۾ فقط اسين نه پر لکين ماڻهو غريب آهن ۽ ڪيترائي امير آهن. هر ڪنهن جا الڳ الڳ مسئلا آهن، اميرن جا پنهنجا مسئلا آهن ۽ غريبن جا پنهنجا مسئلا آهن. ”مٺ مٺ سورن جي هر ڪنهن وٽ آهي“، الله هر ڪنهن کي آزمائيندو آهي ڏيئي به ۽ نه ڏيئي به، دنيا ۾ هميشه ڪنهن کي به ڪونهي رهڻو. ڪامياب اهو آهي جو الله جي رضا ۾ راضي آهي“. عامر اڪثر پنهنجي ماءُ سان بحث ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن کيس ماءُ جي ڳالهين مان سڪون به ملندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن هو سڀ ڳالهيون وساري ڇڏيندو هو وري جڏهن شام جو هوٽل تي ويندو هو اميرن جا نمونا ڏسندو هو تڏهن سندس دل اداس ٿي ويندي هئي. کيس لڳندو هو ته غريب جو ڪير ڪونهي غريب جو ته واءُ به ويري آهي ۽ غريبي هڪ اهڙي مصيبت آهي جنهن مان ڇوٽڪارو ناممڪن آهي.
اڄ به سيٺ حماد جي گاڏي جيئن ئي هوٽل جي پارڪنگ ۾ اچي بيٺي ته دل ئي دل ۾ هن سندس قسمت تي هڪ ٿڌي آھ ڀري ۽ گاڏيءَ جي ويجھو آرڊر کڻڻ لاءِ ويو. عامر جو هن هوٽل تي ڪم ٻاهر پارڪنگ ۾ آيل گاڏين جا آرڊر اُتي پهچائڻ هو. سو جڏهن سيٺ جي ڪاري ڪرولا وٽ پهتو ته کيس سيٺ اداس ڏسڻ ۾ آيو ۽ شهريار به ويٺل ڪونه هو، عامر هڪدم پنو پين کڻي، آرڊر پڇيو، سيٺ صاحب ٿڌي نموني کيس چيو، ”پٽ! فقط آئيس ڪريم کڻي اچ“، عامر حيران ٿي ويو کيس خبر هئي ته سيٺ حماد جڏهن به ايندو آهي سٺو آرڊر ڏيندو آهي ۽ کيس به خرچي ڏيندو آهي، اڄ ڇا ٿي ويو جو خالي آئس ڪريم! ايتري ۾ هوٽل جو مالڪ سيٺ حماد کي ڏسي اچي ڪار وٽ بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”ڇو سيٺ صاحب اڄ صرف آئس ڪريم سان پيٽ ڀريندا ڇا؟ جيڪي چئو حاضر ڪريون“. مالڪ جي سيٺ سان دوستي به هئي.
سيٺ حماد جي منهن تي اُداسي وڌيڪ وڌي ويئي، ايترو چئي سگهيو ته، بس هاڻي گھڻو کاڌم پيتم هاڻي ته فقط آئس ڪريم ئي کائي سگهان ٿو، مالڪ عجب سان سيٺ کي ڏٺو تيستائين سيٺ پاڻ چيو، ”ڇا ٻڌايان گلي جو ڪينسر ٿي پيو آهي هاڻي ڊاڪٽرن ٻين سڀني شين کان جھليو آهي فقط آئس ڪريم جي اجازت ڏني آهي“. ايئن هو آهستي آهستي ڳالهائڻ لڳو سندس گلي ۾ تڪليف محسوس ٿي رهي هئي. عامر جون اکيون کليون ئي رهجي ويون. سيٺ حماد جي ڳالھ ٻڌي حيران، پريشان ٿي ويو کيس سندس ماءُ جا جملا ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته، ”پٽ! تقدير اڳيان تدبير نٿي هلي خدا پاڪ سڀني کي آزمائي ٿو. عامر سوچيو وٽس دنيا جي وڏي دولت، صحت، سچي خوشيءَ جي صورت ۾ موجود آهي. اوچتو کيس لڳو هُو دنيا جو امير ترين شخص آهي سيٺ حماد کان به وڌيڪ آسودو.
واقعي سياڻن صحيح چيو آهي ته، ”تندرستي هزار نعمت آهي“.