ٻاراڻو ادب

ٽي تحفا

دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪھاڻيون، نھايت سبق آموز پڻ آهن. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون لکيل ٻارنھن ئي ڪھاڻيون دلچسپ تہ آهن ئي آهن پر انھن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن، خلق جي خدمت، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، مسلسل محنت ۽ جدوجھد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪھاڻين وسيلي، اسان جي نئين نسل ڏانھن منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا.

Title Cover of book ٽي تحفا

ڏھ روپيا

محمد خان هڪ سلڇڻو سپوٽ نينگر هو. سندس والدين، مٽ، عزيز ۽ اسڪول وارا کيس گھڻو پيار ڪندا هئا. مائيٽن هُن جي تربيت اهڙي ڪئي هئي جو سندس لڇڻ وڻندڙ هئا. هو پنجين درجي ۾ پڙهندڙ هو. پاڙي جي دوست رفيق سان گڏجي صبح جو اسڪول ويندو هو. پهرين ته پنڌ ويندو هو پر پوءِ سندس والد هُن جي لاءِ گاڏي ۽ ڊرائيور جو پڻ بندوبست ڪيو جنهن ۾ پڻ پنهنجي گھٽيءَ جي دوست رفيق کي وٺي ويندو هو. رفيق هڪ ايماندار ۽ سچو ڇوڪرو هو سندس سنگت تي محمد خان جا مائيٽ خوش ٿيندا هئا. رفيق سندن گھر به ايندو ويندو هو ٻيئي گڏ پڙهندا به هئا ۽ رفيق جي والده سان پڻ محمد خان جي ماءُ جو اٿڻ ويهڻ هو اهڙيءَ طرح ٻنهي گھرن جا لاڳاپا ٻارن پويان ويجھا ٿي ويا. جڏهن محمد خان ڇهين درجي ۾ آيو تڏهن سندس ڪلاس ۾ ٻه سيڪشن ٿي ويا کيس اي (A) سيڪشن مليو ته رفيق کي بي (B) سيڪشن، انهيءَ ڪري سندن گڏ اٿڻ ويهڻ ۾ فرق اچڻ لڳو ۽ هوم ورڪ پڻ الڳ الڳ نموني جو ٿي ويو جو هر سيڪشن جو ٽائيم ٽيبل الڳ هو. رفيق ۽ محمد خان ته به اسڪول گڏجي ايندا ويندا هئا، باقي شام جو هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھر ۾ هوم ورڪ ڪندو هو.
اهڙيءَ ريت نئين سيڪشن ۾ محمد خان کي هڪ نئون دوست قاسم مليو جو سندس سيٽ جي ڀر ۾ ويهندو هو. قاسم پڙهائيءَ ۾ ته چڱو هو پر منجھس هڪ وڏي خامي هئي، اها هئي بي سبب مذاق مشڪريءَ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي. جنهن جي ڪري هُو زوريءَ ٻين کي کلائيندو هو. ٽوٽڪا ٻڌائيندو هو ۽ قسمين قسمين ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهيندو هو. پنهنجي انهن ڳالهين جي ڪري سمجھ دار ۽ هوشيار ڇوڪرا کانئس پاسو ڪندا هئا پر محمد خان جو سندس ڀر ۾ ويهندو هو سو آهستي آهستي ان جو عادي ٿيندو ويو ۽ کيس قاسم جي ڪوڙين ڳالهين ۾ ڪو نقص ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو هو، دل ۾ سوچيندو هو ته، ويچارو جيڪڏهن ڪنهن کي کلائي دل خوش ٿو ڪري ته ڇا ٿيو؟ اهوته هڪ بي ضرر ڪوڙ آهي ڪنهن جو نقصان نٿو ڪري، ڪنهن کي خوش ڪرڻ ته هڪ طرح سان نيڪي آهي. سندس ماءُ کيس سچ ڳالهائڻ جي عادت وڌي هئي، هوءَ کيس ڪوڙ کان هميشه روڪيندي هئي. ”ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ سچ ته بيٺو نچ“، جهڙيون چوڻيون ۽ مثال ڏيئي سندس تربيت ڪيائين پر حقيقت آهي ته سنگت سان ئي ماڻهو سڃاتو وڃي ٿو، سنگت سٺي آهي ته ماڻهو مانائتو آهي ۽ جي سنگت خراب آهي ته هرڪو ماڻهو ان کان پاسي ٿي ويندو آهي. محمد خان کان پڻ قاسم جي دوستيءَ جي ڪري سٺا دوست پاسو ڪرڻ لڳا ۽ هُو قاسم کي ويو پئي ويجهو ٿيندو، ”گدرو گدري کي ڏسي رنگ پڪڙيندو آهي“ سو قاسم جي صحبت ٿوري وقت ۾ محمد خان تي پڻ اثر ڪرڻ لڳي هو به ننڍي ننڍي ڳالھ ۾ بي سبب ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو ۽ ڪجھ وقت ۾ ته ايتري مهارت سان ڪوڙ ڳالهائڻ لڳو جو مٿس گمان ئي نه ٿئي ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي.
هڪ ڏينهن قاسم کيس چيو ته ”تنهنجي پيءُ جي سڄي دولت آهي ته تنهنجي لاءِ، ٻيو ته ڪو اولاد آهي ڪونه پوءِ هو توکي ايترا گھٽ پئسا ڇو ٿو ڏئي“؟ تون وڌيڪ جي گھر ڇو نٿو ڪرين هو سوچڻ لڳو ته،”بابو ته وڌيڪ پئسا ڪونه ڏيندو ڪو بهانو ڪريان جو کيس خبر نه پوي“ سو پيءُ کي چيائين ته، ”اسڪول ۾ غريبن جي مدد لاءِ فنڊ جمع ڪريون ٿا مون کي به پئسا ڏيو ته آئون هڪ جيڏن سان گڏ غريب فنڊ ۾ پئسا ڏيئي مانائتو ٿيان“ پڻس بلڪل خوشيءَ سان ڪافي پئسا ڏنس هُن کي محمد خان تي اعتبار هو. اهڙيءَ ريت ٻه ٽي دفعا ڪوڙا بهانا ڪري هن پنهنجي پيءُ کان پئسا کنيا ۽ اهي قاسم سان گڏجي خوب خرچ ڪري ختم ڪيا. چوندا آهن ڪوڙ جا پير نه هوندا آهن سو اهو راز ظاهر ٿي ويوي ته محمد خان ڪوڙ ڳالهائڻ سکيو آهي سندس والده کي خبر پئجي ويئي ته هن جي سنگت صحيح ڪانهي کيس گھڻو صدمو ٿيو هوءَ تمام سمجھ دار، ايماندار ۽ سلجھيل عورت هئي. هن محمد خان کي ته ڪجھ ڪونه چيو پر پنهنجي مڙس کي ڀروسي ۾ ورتائين ۽ ٻيئي سوچ ۾ پئجي ويا ته هن مشڪل مان ڪيئن نڪرون ۽ حل ڳولهڻ لڳا. محمد خان جي پيءُ جو ڪپڙي جو واپار هو ۽ هن جو هڪ گدام پڻ هو، جتي هو ڪپڙو سستي اگھ تي نفعي سان وڪڻندو هو وٽس جيڪي به ڪم ڪندڙ ۽ مئنيجر هئا سي سڀ نيڪ ۽ کيس فائدو ڏيندڙ هئا ۽ مٿن هن جو اعتبار هو.
هڪ ڏينهن هُو ماني کائي رهيو هو کيس مئنيجر جو فون آيو ته لاهور مان لاٽ ڪپڙن جو آيو آهي ڪيتري ۾ سودو فائينل ڪريون ان ڏينهن محمد خان جي والد جي طبيعت ٺيڪ نه هئي هُن پٽ کي چيو ته،”آئون آرام ڪرڻ چاهيان ٿو تون گدام تي وڃ ۽ مئنيجر کي چئج ته چاليھ روپين ۾ وال تي لاٽ جو فيصلو ٿيئي ته سودو ڪري ڇڏ“. ايئن چئي سيٺ صاحب سمهي رهيو، محمد خان وڃڻ بدران فون تي مئنيجر کي هدايتون ڏنيون پر پنهنجي مشڪريءَ واريءَ ڪوڙ جي عادت مطابق مذاق ۾ ڏھ رپيا وڌيڪ يعني پنجاھ روپيا وال چئي ڇڏيائين. مئنيجر ها ڪري ڇڏي پنهنجي مذاق تي دل ئي دل ۾ کلڻ لڳو. ان ئي رات هو پنهنجي والد جي ڪمري جي ٻاهران گذري رهيو هو ته کيس آواز آيو سندس پيءُ هن جي والده کي چئي رهيو هو ته محمد خان مون کي ڪٿي جو نه ڇڏيو، سندس انهيءَ ننڍي ڪوڙ يا لاپرواهيءَ جي ڪري ڏهن روپين وڌيڪ چوڻ سان مون کي لکن جو نقصان ٿيو آهي، سڄو لاٽ پوري ٽرڪ جو هو هزارين وال ڪپڙي تي ڏھ روپيا وڌيڪ مهانگي وٺڻ سان آئون ڪمائيندس ته ٽڪو به ڪونه پر مرڳو مون تي قرض چڙهي ويندو ۽ گاڏي به وڪڻڻي پوندي.
محمد خان جڏهن ٻڌو ته هُو هڪدم غريب ٿي ويا آهن، سندن گاڏي پڻ نقصان جي ڪري وڪامي رهي آهي کيس وڏو ڇرڪ پيو ته پنهنجي هڪ ننڍي غلط جملي ڳالهائڻ سان سندس پيءُ لاءِ جام مصيبت پيدا ٿي آهي هُو شرم ۾ ئي ٻڏي ويو. پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جون پريشانيءَ جون ڳالهيون ٻڌي سندس تاڪ لڳي ويا، ”ٻه به ويس ته ڇھ به ويس“، ان ڏينهن کي بددعا ڏيڻ لڳو جنهن ڏينهن قاسم سان دوستي ٿي هيس جنهن اهڙا غلط مذاق ۽ مشڪريون کيس سيکاريا، دل ۾ چوڻ لڳو ته مون ته فقط انهيءَ لاءِ ٿي ڪيو ته، بابا مئنيجر کي دٻون پٽي ڪاوڙ ڪري ۽ هُو معافيون گهري پر هيءُ ته سڄو قصو ئي ابتو ٿي ويو آهي. مائيٽن جي ڪمري جي ٻاهران سندس دل ٻڏڻ لڳي ۽ ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، هو روئڻ لڳو ۽ زمين تي ويهي رهيو. سندس ماءُ آواز ٻڌي ٻاهر آئي کيس ڀاڪر ۾ ڀريائين. محمد خان روئيندي پنهنجي ڪوڙ جو اعتراف ڪيو ته،”فقط ڏھ روپين وڌيڪ ٻڌائڻ سان اسان کي ايترو نقصان ٿيندو مون ته سوچيو ئي ڪونه هو هاڻي آئون ڪڏهن به ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندس ڀلي ڇا به ٿي وڃي. مون کي خدا پاڪ ئي معاف ڪونه ڪندو جي ڪوڙ ڳالهايان“. ماءُ هڪدم سندس منهن تي هٿ رکيو ۽ چيائين، ”نه پٽ ايئن نه چئو“، پر کيس روئڻ ڏنائين ماءُ سمجھيو ته هيءُ پشيمانيءَ جا لڙڪ آهن جن جو ڪرڻ ضروري آهي، اها سچي توبه آهي هاڻي سندس پٽ صحيح رستي تي اچي رهيو آهي. محمد خان جي پيءُ کيس اٿاري ڇاتيءَ سان لاتو ۽ پنهنجي گھرواريءَ کي آڳوٺي سان فتح جي نشان جو اشارو ڪيائين ۽ هوءَ به مرڪي پيئي جيڪڏهن مئنيجر کين فون ڪري سڄي صورتحال نه ٻڌائي ها ته کين اهو ڊرامو ڪرڻ جو موقعو نه ملي ها پر محمد خان کي سڌي رستي تي آڻڻ جو اهوئي طريقو بهتر هو. انهيءَ سان وڏو فائدو اهو ٿيو ته سندن پٽ مان هميشه لاءِ ڪوڙ جي عادت ختم ٿي ويئي ۽ غلط بياني ڪندڙ، چوري ڪندڙ، هڪ نقصانڪار دوست قاسم جي سنگت مان پڻ پنهنجي پٽ کي بچائي ورتائون.