ٽي تحفا
هڪ دفعي وٽن هڪ درويش بزرگ اچي لانگهائو ٿيو. ڳوٺ ۾ پهريون گھر قاسم بابا جو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس نالو نيڪ ناميءَ ۾ مشهور هو. قاسم بابا انهيءَ بزرگ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ بنا ڪنهن اجوري جي ۽ بنا ڪنهن لالچ جي. هُو کيس پنهنجي پيءُ جيئن سمجهندو رهيو ۽ بزرگ احمد کي به نه فقط قاسم بابا پر سندس پٽ حامد مان پڻ راحت ايندي هئي. هُو انهن جي گھرجي ڀاتيءَ جيان وٽن اوطاق ۾ رهندو هو سڀ گڏجي ماني ٽڪي کائيندا ۽ مسجد ۾ ويندا هئا. ڳوٺ جا ماڻهو پڻ درويش احمد جي سٺي عزت ڪندا هئا. جڏهن چئن سالن کان پوءِ احمد درويش موڪلايو تڏهن قاسم بابا کي ٽي تحفا ڏنائين جي هُن سنڀالي رکيا.
قاسم بابا هڪ ڏينهن اوچتو بيمار ٿيو ۽ سندس بيماري وڌي ويئي سمجهيائين ته هاڻي آخري وقت آهي پنهنجي پياري، سٻاجھي، سمجهدار ۽ فرمانبردار پُٽ کي پاسي ۾ ويهاري چيائين ته،
”پٽ حامد توکي هدايت ٿو ڪريان ته، دين جي رستي تي هلجانءِ، خلق جي خدمت ڪجانءِ، وڏي ننڍي جي عزت ڪجانءِ، اڄ جو ڪم سڀان تي نه رکجانءِ، پاڙو نبين کي پيارو آهي، پاڙي جو خيال رکجانءِ، ”ڪڙم قبيلي کان شل ڪتو به ڌار نه ٿيئي“ سو پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي کي اکين تي رکجانءِ، ”پنهنجا وري به پنهنجا آهن ماري به ڇانوَ ۾ وجهندا“ پر جي ساڻن هٿ سڃبو ته ڪڏهن به ڪونه گُسندا ڇو ته، ”رت دانگيءَ تي ورندو آهي“. نيڪي پڌري پٽ موجود آهي ان کي هٿ ڪرڻ جا سانباها ڪج اڄ توکي ٽي تحفا ڏيان پيو جي بزرگ احمد مون کي ڏنا هئا. پيتي کولي هڪ ٽوپي، تسبيح ۽ منڊي کڻي حامد جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ چيائين ته ٽوپيءَ جي خاصيت اها آهي ته ٽوپي پائي جڏهن به ڪنهن جي ڳالھ ٻڌندا ته سچ ۽ ڪوڙ جي خبر پئجي ويندي. تسبيح پڙهي ڪنهن بيمار کي ڪابه دوا ڏبي ته اهو ٺيڪ ٿي ويندو ۽ منڊي پائي جي جنگ تي وڃبو ته دشمنن تي فتح حاصل ٿيندي.
بابا قاسم انهن شين بابت پنهنجي پٽ حامد کي هدايتون ڏنيون ڪجھ ئي ڏينهن ۾ سندس وفات ٿي ويئي. حامد پنهنجي پيءُ جي تدفين ۽ پوءِ چاليهي تائين ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ جي نصيحت مطابق خلق جي خدمت واسطي دنيا جي سير تي روانو ٿي ويو ڪيترن ئي ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ هڪ شهر ۾ پهتو جتي گھڻي رونق ۽ هلچل هئي، کيس ڏاڍو مزو آيو سوچيائين هن ئي شهر ۾ رهي علم حاصل ڪري پوءِ وطن واپس ويندس ۽ ڪيترائي ڏينهن هِن شهر خداآباد ۾ رهي پيو. هڪ ڏينهن انهيءَ شهر ۾ اعلان ٿيو ته سڄو عوام اڄ بادشاھ جي درٻار ۾ اچي، جو غداريءَ جي هڪ مقدمي جو فيصلو آهي. سو حامد پڻ انهيءَ مقدمي جي فيصلي کي ڏسڻ لاءِ درٻار ۾ پهتو. بادشاھ جي وڏي وزير تي اهو الزام هو ته هُن بادشاھ خلاف سازش ڪئي آهي ته جيئن کيس تخت تان لاهي پاڻ بادشآھ ٿئي. جنهن جي لاءِ گواھ پڻ موجود هئا جيڪي قسم کائي قاضيءَ کي چئي رهيا هئا ته وڏو وزير مجرم آهي جڏهن ته وزير سليمان پنهنجي ڏوھ مڃڻ کان بلڪل انڪاري هو. قاضيءَ کيس آخري دفعو چيو ته، ”ڏوھ قبول ڪري ۽ بادشاھ چيو آهي ته، سندس جي سچ ڳالهائڻ تي معافيءَ جي لاءِ غور ڪيو ويندو“ پر سليمان وزير جو هڪ ئي جواب هو ته، ”هن ڪابه سازش ڪونه ڪئي آهي ۽ هو بادشاھ جو خيرخواھ آهي، کيس بي گناھ ڦاسايو پيو وڃي“.
بادشاھ ڪاوڙ ۾ اچي فيصلو ٻڌائڻ وارو ئي هو جو حامد اچي بيٺو ۽ شاهي انداز سان بادشاھ کي جھڪي سلام ڪري اجازت وٺي تجويز ڏنائين ته بادشاھ فيصلي ڪرڻ کان اڳ سندس هٿ ۾ موجود ٽوپيءَ کي پائي ڏسي، بادشاھ حامد کي پرديسي ۽ مسافر سمجهي سندس چوڻ ڪيو ۽ ٽوپي پاتي، جيئن ئي هُن ٽوپي پاتي سندس ڪنن ۾ غيبي آواز آيو ته، ”اي بادشاھ گواھ ڪوڙا آهن ۽ سڀ ڪجھ سپھ سالار جي چوڻ ۾ پيا ڪن وڏو وزير بي ڏوهي آهي. بادشاھ کي وڏي وزير تي اڳ ۾ ئي يقين هو سو کيس غيبي آواز بلڪل سچ لڳو سپھ سالار کي قيد ڪري سندس گواهن تي جڏهن سختي ڪئي ويئي تڏهن انهن ڏوھ قبوليو ۽ وڏو وزير هڪدم آزاد ٿيو ۽ شان سان بادشاھ جي ڀر ۾ ويٺو. بادشاھ حامد کي پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ طلب ڪيو ۽ کانئس ٽوپيءَ جي حيرت انگيزيءَ بابت معلوم ڪيو، جنهن سڄي ڳالھ پيرائتي ڪري ٻڌائي بادشاھ کيس انعام ۽ اڪرام ڏنا جي کڻڻ کان حامد انڪار ڪيو ۽ چيائين ته، ”مون کي خوشي آهي ته مون هڪ صحيح شخص جي حوالي هيءَ جادوئي ٽوپي ڪئي آهي“.ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ويجھي واري ملڪ، خداآباد ملڪ تي حملو ڪيو جيئن ته سپھ سالار قيد هو ۽ ٻيو ڪوبه فوج جي اڳواڻيءَ لاءِ ڪارگر سپھ سالار نه هو ان ڪري بادشاھ فيصلو ڪيو ته هُو پاڻ فوج جي سربراھي ڪندو حامد کيس منڊي ڏني ۽ چيائين ته،”هن جي پائڻ سان انهيءَ مان اهڙيون روشنيءَ جون لهرون نڪرنديون جن سان وقتي دشمنن جا سپاهي انڌا ٿي ويندا“. بادشاھ اهو ٻڌي خوش ٿيو هن هڪدم منڊي پاتي ۽ بي جگريءَ سان دشمنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوج جي اڳواڻي ڪيائين ۽ کيس ڪاميابي حاصل ٿي ۽ دشمن فوج نامراد ٿي واپس ويئي.
بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيو، هُن هڪدم جنگ تان واپس اچي حامد جي پُڇا ڪئي کيس خبر پئي ته حامد ٻئي ملڪ هليو ويو آهي. درحقيقت حامد اهو سوچيو ته هتي وڌيڪ رهندس ته بادشاھ مون تي مهربانيون ۽ عنايتون ڪندو جي مون کي قبول نه ڪرڻ گھرجن، آئون ته هي سڀ خلق جي خدمت لاءِ پنهنجي پيءُ قاسم بابا ۽ بزرگ احمد جي خواهش مطابق ڪري رهيو آهيان مون کي ڪنهن به واپسيءَ جي تحفي ۽ انعام ۽ اڪرام جي لالچ ڪانهي.
اهڙيءَ ريت حامد هلندو هڪ ٻئي وڏي ملڪ ۾ پهتو جتي جو بادشاھ دشمن ملڪ سان جنگ ڪندي زخمي ٿيو هو، جنهن کي حڪيمن لاعلاج قرار ڏنو. حامد وڃي وڏي حڪيم سان مليو ۽ کيس تسبيح ڏنائين ته انهيءَ تي الله جو نالو پڙهي علاج شروع ڪري، حڪيم ان ريت ڪيو ۽ بادشاھ ٺيڪ ٿيڻ شروع ٿيو. حڪيم نيڪ فطرت انسان هو هُن بادشاھ جي چڱي ڀلي ٿيڻ تي کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، بادشاھ حامد گھرائي کي چيو ته، ”هو جيڪي طلب ڪري جيڪي گھري بادشاھ کيس ضرور ڏيندو“. حامد ادب سان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته، ”بادشاھ سلامت! توهان جنهن ملڪ سان جنگ وڙهي رهيا آهيو، منهنجو واسطو انهيءَ ملڪ سان آهي، منهنجي همدردي انهن سڀني فوجين سان، سندن گھروارن ۽ اولاد سان آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي جنگين ۾ مارجي رهيا آهن. منهنجي خواهش آهي ته توهان جنگ نه ڪريو بلڪ دوستيءَ جي ذريعي جائز مقصدن جو پورائو ڪريو“. بادشاھ جي سمجھ ۾ حامد جي ڳالھ اچي ويئي ۽ هن ٻئي ملڪ ڏانهن صلح ۽ دوستيءَ جو خط موڪليو ۽ پنهنجي پٽ لاءِ سندن شهزاديءَ جو سڱ گھريو. اهڙيءَ طرح حامد پنهنجي ملڪ جي بادشاھ کي به وڃي راضي ڪيو ۽ ان طرح جنگ جو خاتمو ٿيو ۽ ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾ مائيٽيءَ جو رشتو قائم ٿيو. بادشاھ حامد مان گھڻو خوش ٿيو پنهنجي ملڪ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ انهن جي آس پاس جون زمينون حامد جي نالي ڪيائين ۽ هو پنهنجي پيءُ قاسم بابا جي چوڻ تي عمل ڪندي پنهنجي قوم جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لڳو.