وڻ پوکيو ثواب ڪمايو
هڪ ڏينهن عمير اسڪول مان وپس وڃي رهيو هو ته کيس رستي ۾ آواز آيو هن، مڙي آسي پاسي ڏٺو روڊ تي کيس ڪير نظر نه آيو، وري اڳيان وڌيو ته ساڳيو آواز آيو. ٻيهر ڏٺائين ته نِمَ جي هڪ گھاٽي وڻ هيٺ هڪ بزرگ شخص ويٺل نظر آيو جو ٻاهرين ڏيک ۾ فقير ته نٿي لڳو، پر پريشان ٿي ٻئي هٿ مٽيءَ ۾ وجھي صدا لڳائي رهيو هو ته، ”وڻ پوکيو ۽ ثواب ڪمايو“، هيءُ عجيب قسم جي صدا ۽ غريب قسم جو پيرمرد ڏسي عمير کي خيال آيو ته ڇو نه ساڻس ٻه ٻول ڳالهايان ۽ اهو سوچي روڊ جي پاسي وڻ وٽ پنهنجي سائيڪل کي بيهاري سندس ڀر ۾ زمين تي ويهي رهيو. کانئس پڇيائين ته، ”بابا! اهو ورجائي ورجائي چئي رهيا آهيو ”وڻ پوکيو ۽ ثواب ڪمايو“ ڇا مسئلو آهي توهان جون اکيون به آليون آهن، ڪهڙي داستان آهي جنهن توهان کي هن گرميءَ ۾ مٽيءَ تي وڻ هيٺ ويهاريو آهي؟ پيرمرد ڏانهس ڏسي چيو ”پٽ! تون هڪ سلڇڻو جوان پيو لڳين پر منهنجي دکدائڪ داستان ٻڌي ڇا ڪندين“؟ عمير جي توجھ وڌيڪ وڌي وئي چوڻ لڳو ته، ”بزرگ سائين توهين ٻڌايو آئون وڏن جون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندو آهيان مون کي انهن ۾ وڏو سبق ڏسڻ ۾ ايندو آهي“. پوڙهو چوڻ لڳو، پٽ! جڏهن مون انٽرميڊئيٽ پاس ڪيو آئون هڪ ڪاٺ جي ڪارخاني ۾ مزوري ڪرڻ لڳس پڙهيل هئڻ ڪري ماپ ۽ ڪٽنگ وغيره جو ڪم جلدي سمجھي ويس ۽ ڪم ۾ تمام جلدي هوشيار ٿي ويس، ايتريقدر مهارت حاصل ڪري ڇڏيم جو سڀ مون کان سڙڻ لڳا ۽ مون ۾ پڻ فخر ۽ غرور اچي ويو پر پنهنجي ان تبديليءَ کي نظرانداز ڪندي آئون اڳتي وڌندو رهيس ۽ خوش گذاريندو هئس.
هڪ ڏينهن ڪارخاني جي مالڪ کي ڪنهن ڳالھ تي ڪاوڙ اچي ويئي هن مون کي پڻ ٻين ڪم ڪندڙن سان گڏ دڙڪا ڏنا ۽ مون پنهنجي پاڻ کي مٿي ٿي سمجهيو ته، آئون هوشيار آهيان، قابل آهيان مون کي ڇو ٿو دڙي، سو بحث ڪيم ۽ وڌيڪ سندس ناراض ٿيڻ تي ڪاوڙ ۾ نوڪري ڇڏي آيس، گھر اچي اهو سڀ ڪجھ جيڪو وهيو واپريو هو سو پنهنجي ماءُ کي ٻڌايم پر منهنجي ماءُ کي منهنجي ڳالھ پسند ڪونه آئي هن مونکي سمجھايو ته، ”پٽ مالڪ، مالڪ هوندو آهي ۽ هُو چار ڏينهن توکان وڏو آهي تون نه بحث ڪرين ها نه نوڪري ڇڏين هان. هڪ ڏينهن کان پوءِ جڏهن سندس ڪاوڙ ٿڌي ٿيئي ها هُو خود احساس ڪري ها. وڏا جيڪي چوندا آهن انهيءَ ۾ ڪا ڀلائي هوندي آهي. اڄ ڪلھ جي نوجوانن وانگر تون برداشت جو مادو نه وڃائين ها“. پر مون کي امان جي ڳالھ ايتري پسند ڪونه آئي ۽ هڪ ڪَنَ مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيم ۽ ضد ۾ اچي فيصلو ڪيم ته هاڻي سيٺ وٽ وري وڃڻ بي عزتي آهي مون کي ته سڄو ڪم اچي ٿو آئون پاڻيهي سيٺ ٿي ڏيکاريندس. آخر مالڪ خود کي سمجھي ڇا ٿو؟ ۽ ڪجھ ڏينهن ۾ مون پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو، ڪجھ قرض کنيم ته ڪجھ پئسا هٿ ۾ هئا ڪاٺ جي ڪم جون چند مشينون وٺي هڪ ننڍي دوڪان کان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪيم. اهڙيءَ ريت منهنجو ڪم شروع ٿي ويو.
منهنجي ماءُ مون کي هميشه وڻن جا فائدا ٻڌائيندي هئي ۽ اڪثر چوندي هئي ته وڻ بيشڪ اسان جي ضرورت آهن پر ميويدار وڻ ۽ جتي پکين جا آکيرا هجن يا جتي انسانن ۽ پکين کي آرام ملي انهن کي ڪٽڻ کان پاسو ڪيو. اهڙيءَ ريت امان وڻن کي ڪٽڻ جي سخت خلاف هئي. هڪ ڏينهن آئون هڪ وڻ ڪٽڻ ۾ مشغول هئس ته انهيءَ وڻ مان روئڻ جو آواز اچي رهيو هو، اڳيان پويان نهاريم پر ڪير ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. آئون وري وڻ ڪٽڻ ۾ مصروف ٿي ويس ٿوريءَ دير ۾ هڪ جھرڪي وڻ مٿي اُڏامندي گوڙ ڪرڻ لڳي پر تيستائين وڻ ڪٽجي ويو هو. گھر اچي امان سان ڳالھ ڪيم ته هوءَ چوڻ لڳي اهو روئڻ جو آواز انهيءَ وڻ جو آهي جنهن کي تون ڪٽي رهيو هئين. وڻ جاندار آهي ۽ هُو فرياد ٿا ڪن ته اسان کي نه ڪٽيو اهي ساھ کڻن ٿا، محسوس ڪن ٿا ۽ ان ننڍي جھرڪيءَ جو به اُتي بلڪل آکيرو هوندو“. پر مون پنهنجي ماءُ جي ڳالھ کِلَ ۾ ٽاري ڇڏي. چيو مانس ته، ”امان ڀلا وڻ به ڪڏهن روئندا آهن اهي ته ڳالهائي به نٿا سگهن“. بهرحال امان کي منهنجي ڳالھ ڪونه وڻي ۽ آئون پنهنجيڌَن ۾ اڳيان کان اڳيان وڌندو رهيس وڌيڪ ڪاٺ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ کان وڌيڪ وڻ ڪٽي گڏ ڪندو رهيس. اهڙيءَ ريت منهنجو ڪم تمام گھڻو مقبول ٿي ويو.
ٿوري وقت ۾ منهنهجي ماءُ وفات ڪري ويئي، آئون گھر ۾ اڪيلو رهجي ويس منهنجي اڃان شادي به نه ٿي هئي،گھڻو وقت پنهنجي ڪاٺ جي ڪارخاني ۾ گذاريندو هئس. هڪ ڏينهن مون کي اُتي ننڊ اچي ويئي، اک کليم ته سڄي ڪمري ۾ دونهن پکڙيل هو پاڻ کي بچائي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم سمجھي ويس ته ڪارخاني اندر ڪاباھ لڳي رهي آهي پر منهنجي وَسَ ۾ ڪجھ ڪونه هو جو آئون بي هوش ٿي ويو هئس اک کليم ته اسپتال ۾ هئس. جتي مون کي شديد ساھ جي تڪليف ٿي پئي هئي ۽ ننڍو ڪارخانو سڄو سڙي رک ٿي ويو. ان وقت مون کي پنهنجي ماءُ ياد آئي. جنهن چيو هو ته، ”پٽ! پکي، جانور، وڻ سڀ جاندار آهن ۽ محسوس به ڪن ٿا ۽ انهن جي اندر زندگي آهي. هن مشڪل وقت ۾ منهنجي دُعا ڏيندڙ ماءُ مون سان گڏ نه هئي، گھڻي تڪليف ڏسڻ کان پوءِ ئي مون کي عقل آيو هاڻي ته صبح جو سوير روزانو اٿي فجر پڙهي الله پاڪ کان معافي گھرندو آهيان ۽ فيصلو ڪيو اٿم ته ڪڏهن وڻ ڪونه ڪٽيندس ۽ وڌيڪ ٻوٽا ۽ وڻ لڳائيندس.
پيرمرد مون کي پنهنجي حياتيءَ جو سبق آموز واقعو ٻڌائيندي روئي پيو ۽ چوڻ لڳو، ”پٽ عمير! اڄ کان تون به هڪ ٻوٽو ضرور لڳائي ۽ هميشه انهيءَ جو خيال رکجانءِ ته جيئن توکي دُعائون ملن“. عمير ساڻس واعدو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن ننڍو ٻوٽو لڳايو جنهن تي هڪ ننڍو بورڊ به هنيائين ته، ”وڻ پوکيو ۽ ثواب ڪمايو“.