شهزادو راهب
بادشاھ راڻي سلطانه جي ڳالھ سان متفق ٿي ٻئي ڏينهن اهو پڙهو گھمايو ۽ پنهنجي ٻن وزيرن ۽ قاضيءَ کي انهيءَ ڪم تي لڳايو ته ماڻهن کي خيرات ڏين ۽ بنا ڪنهن فرق جي مدد ڪن ۽ خزاني جا دَرَ کولي ڇڏين. هفتي کان پوءِ هڪ ٻئي ملڪ جو مسافر هن ملڪ ۾ داخل ٿيو جو هڪ پهتل شخص هو. جڏهن کيس حقيقت جي خبر پيئي تڏهن بادشاھ عادل سان ملاقات جو خيال ڪيائين ۽ وزيرن کي جيڪي سڀني جي مدد تي مقرر هئا. عرض ڪيائين ته، ”آئون توهان جي خيرات پوءِ کڻندس پهرين بادشاھ سلامت سان ملاقات ڪندس“. اهڙيءَ ريت اهو مسافر بادشاھ عادل سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن درٻار ۾ سڀ موجود هئا تڏهن هُن عرض ڪيو ته آئون بادشاھ سان اڪيلي ۾ ملڻ چاهيان ٿو ۽ سندس مسئلي ۾ مدد ڪندس. بادشاھ سلامت حڪم ڪيو ته، سڀ درٻار خالي ڪري وڃن اهڙيءَ ريت هُو بادشاھ جي تخت جي ويجھو اچي زمين تي ويهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”بادشاھ سلامت! مون کي خبر آهي ته توهين اولاد لاءِ پريشان آهيو، پر آئون توهان کي هڪ حَل ٻڌايان ٿو. اميد ته الله پاڪ ڪاميابي ڏيندو. بادشاھ سندس ڳالھ توجھ سان ٻڌي رهيو هو. چيائين، ”توکي موڪل آهي تون بيان ڪر!“ فقير چوڻ لڳو ته، ”بادشاھ سلامت! دنيا جي وڏن وڏن ولين ۽ نبين اولاد ڪاڻ ڌڻيءَ کان دُعائون گھريون آهن. آئون توهان کي هِڪ تسبيح ڏيان ٿو ۽ هڪ ورد انهيءَ تي پڙهڻ لاءِ پر شرط آهي ته توهان چاليھ ڏينهن پڙهو ۽ وچ ۾ ناغو نه ڪريو. ٻي ڳالھ شڪراني جا ٽي روزا مڃيو جيڪي پهرين رکڻا آهن، انهيءَ دوران توهان ورد ڪندا رهو . خير خيرات ڪندا رهو، ڌڻي سڳورو ضرور مهربان ٿيندو“. بادشاھ جون اکيون ڀرجي آيون تخت تان لهي هيٺ اچي ويٺو. فقير کيس چيو ته، ”بادشاھ سلامت! توهان کي انشاءالله هڪ نه پر ٽي پٽ ملندا ۽ جيڪي توهان جو نالو روشن ڪندا. عادل بادشاھ ڏک ۽ خوشيءَ وچان روئڻ لڳو“. تحقيق ايئن ئي ٿيو اهو فقير ٿورن ڏينهن ۾ موڪلائي ويو پر بادشاھ عادل کي الله پاڪ عبادت، خيرات ۽ غريبن جي دُعائن جي صدقي شهزادي گل منير سان نوازيو، چند سالن ۾ سندس ٻيا ڀائر شهزادو سمير ۽ شهزادو راهب پڻ پيدا ٿيا، بادشاھ پنهنجي ٽنهي شهزادن کي ڏسي خوشيءَ ۾ بار بار رب جا شڪر ادا ڪندو هو.
سندس وڏو وزير بدنيت ۽ شيطان گير هو، ننڍي پٽ شهزادي راهب جي پيدا ٿيڻ جي ستن سالن کان پوءِ بادشاھ عادل جو انتقال ٿي ويو. وڏي وزير جي نيت ڦري ويئي هن راڻيءَ سلطانه کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ شهزادن کي مارڻ جو منصوبو سٽيو پر چوندا آهن ته، ”هڪڙي بندي جي مَنَ ۾ ته ٻي ڪري الله“، سو وڏي وزير جي سازش ناڪام ٿي وئي، ڪي اڃان به رحم دل ماڻهو عادل بادشاھ جا وفادار موجود هئا جن کي سڄي ڳالھ جي جيئن ئي خبر پئي، هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري شهزادن کي ملڪ مان روانو ڪري ڇڏيو ۽ وڏي شهزادي کي ڳالھ سمجھائي کين پري موڪلي ڇڏيو. هاڻي شهزادن پنهنجا قيمتي ڪپڙا ۽ هيرا جواهر ته گڏ ڪونه آندا ته متان ڪي ڦورو کين ڦرڻ لاءِ ماري وڃن سو تمام سادن ڪپڙن ۽ ٿوري پئسي ۽ کاڌي سان سفر ڪرڻ لڳا. رستي ۾ ٿڪجي هڪ هنڌ وڻ هيٺ ويٺا کين ننڊ اچي ويئي، جيئن ئي سجاڳ ٿيا ته شهزادي گل منير چيو ته، ”مون هڪ خواب ڏٺو آهي“، ٻئي شهزادي سمير چيو ته، ”مون به خواب ڏٺو آهي“. شهزادي گل منير کانئس پڇيو ته، ”ڪهڙو خواب ڏٺو آهي“؟ شهزادي سمير وراڻيو ته، ”مون خواب ڏٺو آهي ته، مون کي مڇي ۽ ماني ملي ٿي جا کائي آئون پورو ڍؤ ٿو ڪريان“، شهزادي گل منير چيو ته، ”مون به خواب ڏٺو آهي ته مون کي ڪير کير جو پيالو ۽ اڦراٽو پيو ڏي جو کائي آئون خوش ٿيان ٿو“. ٻنهي شهزادن، شهزادي راهب ڏي نهاريو، ته توهان ڪو خواب ڏٺو آهي؟ راهب چيو ته، ”آئون ٻڌائيندس ته توهين يقين ڪونه ڪندا، ان ڪري ڇڏي ڏيو“، پر انهن جي اصرار کان پوءِ چيائين ته، ”مون خواب ڏٺو آهي ته، آئون شهزادو ٿيو آهيان ۽ صبا نالي سان منهنجي هڪ راڻي آهي“، انهيءَ تي سندس ٻيئي ڀائر واقعي مٿانس چٿرون ڪرڻ لڳا، وڏي شهزادي چيس، ”جيڪڏهن تون ايترو خوش نصيب هجين ها ته اسين پنهنجي پيءُ جي بادشاهت کان محروم ڪيئن ٿيون ها“، راهب شهزادو سندن ڳالهين جي ڪري ڏک وچان روئڻ لڳو ۽ اتي وڻ هيٺ ئي ويهي رهيو. ڀائرن چيس ته، ”هاڻي چپ ڪر اڳيان هلون“، پر هن جواب ڏنو، چيائين، ”آئون توهان سان گڏ ڪونه هلندس مونکي ڇڏي ڏيو آئون هتي ئي رهندس، سندس ڀائر چئي چئي جڏهن ٿڪا تڏهن اڳيان وڌڻ جو فيصلو ڪيائون. اهڙيءَ ريت راهب اُتي ئي ويٺو رهيو جيڪا ماني ٿوري بچيل هئي کائي ڇڏيائين کيس ٿوري دير ۾ ننڊ اچي ويئي. اتفاق سان انهيءَ وڻ مٿي هڪ ديو اچي ويٺو، انسان جي ٻچي کي هيٺ ننڊ ۾ سُتل ڏسي سندس وات ۾ پاڻي اچي ويو ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو ته اڄ شڪار سٺو آهي ڇو نه هن ٻار کي آئون کائي ڇڏيان، اهو ديو آدم خور هو. پر خدا جي قدرت جيئن ئي هو شهزادي کي کائڻ لاءِ ويجھو ٿيو سندس پياري شڪل ڏسي کيس دل ۾ رحم اچي ويو ۽ شهزادي راهب کي کائڻ جو ارادو ترڪ ڪري واپس مٿي وڻ تي چڙهي ويٺو. ڪافي دير کان پوءِ اُتان وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته کيس شهزادي جو فڪر ٿيو ۽ سمجهيائين ته هن ٻار کي جيڪڏهن هتي وڻ هيٺ ڇڏي آئون اڳيان وڌندس ته هِن کي جانور ته کائي ويندا ان کان بهتر آهي کيس ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچايان اهو سوچي ننڍڙي راهب کي هٿ ۾ کڻي بلڪل هڪ شهر جي ويجهو وڏي رستي تي وڻ جي هيٺ رکي ڇڏيائين ۽ احتياط ڪيائين ته سندس ننڊ خراب نه ٿيئي. شهزادي راهب جي جيئن ئي اک کلي هو حيران ٿي ويو، سوچڻ لڳو ته آئون ته ويران جهنگ ۾ هئس هي ڪٿي پهچي ويو آهيان. اٿي سنئون ٿيو ڪلمو پڙهي خدا جو شڪر ادا ڪيائين ۽ اڳيان شهر ڏي وڌڻ لڳو. دل ۾ سَوين پور پچائيندي هڪ فيصلو ڪيائين ته هن شهر ۾ ته منهنجو ڪير به ڪونهي. ڪير به مون ڏي هٿ سَڃَ ڪو نه ڪندو. ماني ٽڪي ڪٿان کائيندس؟ بهتر آهي مسجد ۾ وڃي ويهان. ايئن سوچي هڪ مسجد ۾ داخل ٿيو جتي کيس مسافر سمجهي نمازين ماني کارائي جڏهن سڀ هليا ويا تڏهن مولوي صاحب حال احوال ورتس ۽ کيس اهو ڄاڻي حيرت ٿي ته هُو شهزادو آهي. راهب شهزادي کي چيائين، ”پٽ! مون کي اولاد ڪونهي هلي مون وٽ رھ آئون توکي تعليم پڻ ڏيندس مون وٽ ٻيا ٻار به پڙهڻ اچن ٿا. توکي سک ٿي پوندو“ شهزادي راهب هائوڪار ڪئي ۽ مولوي صاحب جي گهر ۾ جيڪو مسجد سان گڏ ئي هو هُو رهڻ لڳو. شام جو مسجد ۾ ٻيا ٻار پڙهڻ آيا ته راهب پڻ ساڻن قرآن پاڪ ۽ ٻيا ديني ڪتاب پڙهڻ لڳو مولوي امام دين وٽ وڏن معزز گهراڻن جا ٻار ۽ ملڪ جي بادشاھ جي نياڻي شهزادي صبا ۽ وزيرزادي بانو پڻ پڙهڻ اينديون هيون. ايئن شهزادي صبا آهستي آهستي راهب جي طور طريقي ۽ علم ۾ هوشياريءَ کان متاثر ٿي ۽ کيس هو گهڻو پسند آيو. ڪجھ وقت کانپوءِ اها به خبر پيس ته هي ڇوڪرو شهزادو آهي ۽ سندس ڀائر ۽ پاڻ جان بچائي پنهنجي ملڪ مان نڪتا آهن. وقت گذرندو رهيو. شهزادو راهب مولوي صاحب وٽ رهي سڀ علم سکي ويو. شهزادي صبا به اچي جوان ٿي هُن پنهنجي والد بادشاھ نوشيروان کي پنهنجي خواهش والده معرفت پهچائي. بادشاھ نوشيروان هڪ سلجهيل ذهن جو مالڪ شخص هو کيس ڪو به پٽ جو اولاد ڪو نه هو فقط هڪڙي ئي ڌيءَ شهزادي صبا هئس جنهن کي گهڻو پيار ڪندو هو. سندس خواهش کي ٽاري نه سگهيو ۽ شهزادي راهب کي دعوت ڏيئي گهرايائين ۽ شهزادي هئڻ جي پَڪَ به ڪيائين آخر شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪري شهزادي راهب کي پنهنجي محلات ۾ پاڻ سان گڏ رهايائين نوشيروان بادشاھ ڪجھ سالن کان پوءِ فوت ٿي ويو ۽ شهزادو راهب تخت تي ويٺو ۽ سندس ننڍپڻ جو خواب اڄ سچو ثابت ٿيو بادشاهي ملڻ کان پوءِ کيس پنهنجي وطن، ڀائرن ۽ والده جي خبر گيري ڪرڻ جو خيال دل ۾ آيو ۽ پنهنجي ملڪ جي سڄي پڇا ڳاڇا کان پوءِ ان تي حملو ڪري پنهنجي وطن کي ظالم وزير کان آجو ڪرايائين ۽ والده راڻي سلطانه جا وزير جي قيد ۾ هئي تنهن کي آزاد ڪرائڻ کان پوءِ پنهنجي ڀائرن جي ڳولها شروع ڪيائين ترت ئي انهن جو پتو به پئجي ويو کين پنهنجي ماءُ سان ملائي وڏي شهزادي گل منير کي تخت ڌڻي ڪيائين. اهڙيءَ ريت راڻي سلطانه پنهنجي ٽنهي شهزادن کي ڏسي خوش ٿيندي هئي ۽ راهب شهزادي جي شڪر گذاريءَ جي ڪري کيس الله پاڪ راڻي صبا عطا ڪئي ته بادشاھ پڻ بنايو.