صوفن جو باغ
هڪ ڏينهن رابعه پنهنجي پيءُ جي گھر والد کي اڪيلو ڏسي پنهنجو اندر اوريو، چيائين، بابا توهين چوندا آهيو ته، ”اُتم کيتي وڌنڌڙ واپار، نيچ نوڪري پنڻ بيڪار“ ۽ ”کيتي سرسيتي آهي“، پر پنهنجي داماد کي سمجهايو هُو سست ٿي هر وقت گھر ۾ ويٺو آهي باغ مان اُپت صفا گھٽ آهي ۽ ٻارن جو خرچ به پورو نه پيو پوي، زمين کري رهي آهي آخر ڪلر ٿي ويندي پوءِ ڪجھ به نه ورندو. فاروق ٻين تي اعتبار ڪري ٿو پاڻ محنت نٿو ڪري نه ئي وڃي اُتي رهي ٿو، ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي سو” وڪڻي به ڇڏيون پر پوءِ فاروق ته ڪجھ به ڪونه ڪندو ۽ پئسا به کپي ويندا. آئون سخت پريشان آهيان“.
ابراهيم صاحب سڄي ڳالھ سربستي ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ ڏيئي کيس آٿٿ ڏني ۽ چيائين، ”منهنجي لڇمي ڌيءَ ذرو به اُلڪو نه ڪر آئون اڃان حيات آهيان توکي ڏکيو ڏينهن ڪونه ايندو، هُو داماد آهي، پٽ وانگر آهستي آهستي طريقي سان چوندومانس“.
ٻئي ڏينهن ابراهيم پنهنجي ناٺيءَ فاروق کي چيو ته، ”رات جي ماني اچي اسان جي گھر کائو“، هن اها دعوت خوشيءَ سان قبول ڪئي. بهترين ماني تيار ڪئي ويئي، دعوت کان پوءَ فاروق کي وٺي ابراهيم صاحب ڊرائينگ روم ۾ الڳ ويهاري ڪچهري ڪرڻ لڳو. ڪوئٽيا ۾ سردي هئڻ جي ڪري هُو ٻيئي هيٽر جي ويجھو ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. رابعه ۽ ٻار اندر گھر جي ٻين ڀاتين سان وندري رهيا هئا.
ابراهيم صاحب رازداريءَ جي نموني سان فاروق کي چيو ته، ”فاروق مون کي خبر آهي ته توکي سون گھڻو پسند آهي، مون وٽ سون ٺاهڻ جو هڪ ڪارگر نسخو آهي ۽ ان جي لاءِ سڀ شيون هٿ ڪيون اٿم پر هڪ شيءِ جي ڪمي آهي ۽ اها آهي تازن صوفن جي وڻن جي ٽارين جو پائوڊر. جي وڻن جو ميوو مڪمل لاهڻ کان پوءِ ان ۾ رهيل تازين ٽارين جو پنج ڪلو ڪٽيل پائوڊر ملي ۽ اهي وڻ صحتمند ۽ جاندار هجن ۽ اها شيءِ جيڪڏهن تون حاصل ڪري سگهين ته پاڻ سون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين“. فاروق پنهنجي سهري جي اها ڳالھ ٻڌي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. چوندا آهن، ”انڌو گھري هڪڙي اک هتي ته ٻه اکيون پئي مليون“ سو فاروق، ”نڪا ڪئي هم نڪا ڪئي تم“، سهري جي هٿ مٿي هٿ رکي چوڻ لڳو ته، ”آئون واعدو ٿو ڪريان ته هن ڀيري باغ ۾ محنت ڪندس ۽ ايترا ته بهترين صوف ٿيندا جو انهن جي بچيل لامن ۾ پڻ وڏي جان هوندي ۽ ڏينهن رات محنت ڪري توهان کي اهو پائوڊر هٿ ڪري ڏيندس. سهرو خوش ٿيو.
ٻئي ڏينهن کان ئي فاروق صبح جو سوير اُٿي باغ تي وڃڻ لڳو کيس تمام گھڻو افسوس ٿيو ته سندس لاپرواهيءَ جي ڪري صوفن جا وڻ ته سُڪي ويا هئا ۽ انهن ۾ جان به گھٽجي ويئي هئي. پر هن کي به سون ٺاهڻ جو شوق هو سو سڀني وڻن کي اعلیٰ قسم جو ڀاڻ ڏيارائي مهانگا اسپري ڪرايائين ته ڪي وڏا ولايتي وڻ پڻ پوکيائين ۽ باغ جي پاڻيءَ تي ۽ باغ جي وڻن پنن تي مڪمل ڌيان ڏيڻ لڳو. هو پنهنجي والد سان به ڪم ڪندو هو کيس ٻنيءَ ٻاري ۽ باغ جي سار سنڀال جي خبر به هئي پر فقط پنهنجي شيءِ جي مالڪي نه ڪرڻ تي اهو وڏو نقصان ٿيو هو. هاڻي سندس اک کُلي ويئي، اوڙي پاڙي جا ڪُڙمي ۽ زميندار حيران ٿي ويا ته ”اڄ هيءُ سج ڪٿان اڀريو آهي؟ فاروق ۽ هيتري محنت؟ ڪهڙو سج اڀريو آهي؟ پر چوندا آهن جڏهن خدا مَتِ ڏئي سو سون جي لالچ سان کيس مَتِ اچي ويئي هئي. سندس محنت صاب پئي، وڻن ۾ صوف لڳڻ ۽ پچڻ شروع ٿي ويا هئا. آخر اهو وقت به اچي ويو جو فاروق صوفن جي ڪٽائي ڪرڻ شروع ڪئي پر کيس صوفن کان به وڌيڪ دلچسپي انهن سنهين ٽارين سان هئي جن کي سُڪائي سون ٺاهڻ لاءِ پائوڊر ٺاهڻو هو. کيس اهو ڌيان ئي نه رهيو ته سندس زال ۽ پٽ مالهيءَ سان گڏجي صوفن جو ڪيتريون پيتيون ڀري بازار ۾ موڪلين پيا.
ڪيترن ئي ڏينهن جي محنت کان پوءِ فاروق اهي ٽاريون سُڪائي پائوڊر ٺاهي سهري وٽ کڻي ويو ۽ پڇڻ لڳو ته، ”هاڻي سون ٺاهڻ جو ڪم ڪڏهن شروع ڪندا“؟ سهري مرڪي جواب ڏنس ته،”سون ته تنهنجي گھر ۾ تيار پيو آهي. وڃي گھر ڏس ته تون ڪيتري ڍڳ سون جو مالڪ ٿي ويو آهين، سون جا سڪا تنهنجي محنت جو ڦل آهن جي گھر ۾ موجود آهن. هو تڪڙو تڪڙو گھر پهتو جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿيو ته سندس گھرواري ۽ ٻار وڏي ڪمري ۾ سندس انتظار ڪري رهيا هئا ۽ ميز سون جي سِڪن سان ڀري پئي هئي. فاروق حيران، پريشان ۽ خوش ٿي چوطرف نهارڻ لڳو. کانئن پڇيائين ته، ”هيترا سارا سون جا سِڪا توهان وٽ ڪٿان آيا“؟ هن جي زال مُرڪندي چيو، ”اُهي اسان وٽ تنهنجي گھڻي محنت سان آيا آهن. اهي سون جا سِڪا صوفن کي وڪڻي اسان سوناري کان ورتا آهن خدا ڪندو ته ايندڙ سالن ۾ به پاڻ کي ايترو سون ملندو رهندو“. هاڻي فاروق کي احساس ٿيو ته سندس سهري کيس ڪيئن نه ”حرڪت ۾ برڪت“ جو سبق سيکاريو آهي، هن پنهنجي دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته آئينده ڪڏهن به پنهنجي زال، ٻارن ۽ گھر جي مسئلن طرف بي توجھي ڪونه ڪندو ۽ نه ئي محنت کان گھٻرائيندس.
پيارا ٻارو! محنت ۾ عظمت آهي، پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ ۾ اسان لاءِ سون لڪيل آهي جيڪڏهن اسان محنت ڪريون ۽ وقت جي قدر ڪريون ته گھڻو فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا.