لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو ويو هو. جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پڻ موجود آھي. عباس ڪوريجو لکي ٿو تہ ”سڌاريل ڇاپي ۾ سال 2015ع کان سال 2020ع جي ڇپيل ڪتابن جي فھرست کي پڻ شامل ڪيو آهي جيئن ايندڙ محققن لاءِ ميدان سنوت ۾ هجي.“

Title Cover of book جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

ارپنا

سنڌي ٻوليءَ  کي جديد بنيادن تي آڻڻ لاءِ پاڻ ارپيندڙ هن صديءَ جي سنڌي   جوڌي  سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سرواڻ 

 عبدالماجد ڀرڳڙيءَ

 جي نالي

۽

سنڌي ادب جي اُفق تي سفرنامن ۽ ترجمن وسيلي چئن ڏهاڪن کان چمڪندڙ ستاري  

هردلعزيز شخصيت 

 الطاف شيخ

 جي نالي