اداري پاران:
عباس ڪوريجو ــ نئين ٽهيءَ جي انهن ڪهاڻيڪار ساٿين منجهه اهم حيثيت رکندڙ آهي، جن کي نه رڳو ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ آهي پر ڪهاڻي جي فني باريڪ بينن تي گفتگو جي ڏات پڻ آهي.
’’چنڊُ پيرن هيٺ‘‘ (2005ع) کان پوءِ ايوارڊ يافته ڪتاب ’’پنهنجي ڌرتي‘‘ (2014ع) جهڙن خوبصورت ڪهاڻين جي مجموعن جي ڪاميابي بعد سندس ماسٽرس جي ٿيسز ڪتابي صورت ۾ اشاعت ڪندي جتي بي پناهه سرهائي محسوس ٿي پئي، اُتي ڪنول پبليڪيشن جيCentennial Golden Jubilee ڪتاب اچڻ تي اداري جي روان سفر جي پڻ دلي خوشي آهي.
عباس ڪوريجي جي هيءَ اهم پيشڪش ان ڳالهه جي گواهي آهي ته ادبي حالتن جي ڪيتري به ابتر شڪل هجي، جيڪڏهن نوجوان نسل تي ايمان رکجي ته اُهو گهڻين اميدن کي ساڀيان جو روپ بخشي سگھي ٿو. 2000ع کان پوءِ شايع ٿيندڙ ڪهاڻي ــ ڪتابن تي پهرين تحقيق ڪندڙ عباس ڪوريجي به ڪهاڻي جي فن ۽ موضوع تي جامع رنگن سان هن مختصر زماني کي زنده جاويد ڪندي، ايندڙ وقت جي محقق ۽ پاڙهوءَ لاءِ آسان رستي جي تخليق ڪئي آهي. جديد ڪهاڻيءَ جو فن، نه رڳو نئين ٽهي سمجهي ٿي پر خوبصورت اسٽائيل ۾ لکي به ٿي. ضرورت ان جي درست وقت تي پذيرائيءَ جي آهي. عباس ڪوريجي نه رڳو پنهنجي همعصر ڪهاڻيڪار دوستن جي ڪهاڻي ڪتابن جو مختصر جائزو ورتو آهي بلڪه ان جي نتيجن تي پڻ ڳالهائي هڪ محقق دانشور جو حق ادا ڪيو آهي.
سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جي ڀرپور جيئدانَ لاءِ، ڪهاڻين جي نوَن ڪتابن سان گڏ ڪهاڻي بابت ۽ ڪهاڻيڪارن جي فني ۽ فڪري اڇل بابت سيرِ حاصل ڳالهه ٻولهه ٿيڻ سان ئي سنڌي ادب ترقي ڪري سگهي ٿو. ’’ماٺ‘‘ رڳو مقامن ۾ ئي سونهي ٿي.
سعيد سومرو
ڪنول پبليڪيشن قنبر
Cell: 0333-7523132
Saeedsoomro4@yahoo.com