پنهنجي پاران: (پهرين ڇاپي لاءِ)
مونوگراف ٿيسز ۾ گذريل 15 سالن دؤران ڇپيل ڪهاڻي ڪتابن بابت انگ اکر گڏ ڪرڻ کي جيترو آسان سمجهيم پئي اوترو ئي مشڪل ثابت ٿيا، ان لاءِ لائبريريون، ڪتاب گهر ۽ دوستن جي ذاتي ڪتب خانن جي ڪيترائي ڀيرا ڇنڊڇاڻ بعد ٻئي مرحلي ۾ پبلشرن ڏانهن رخ رکيو جن ۾ محترم يوسف سنڌي، سعيد سومري، سليم چنا، رياضت ٻرڙي ۽ ٻين پنهنجن ادارن جي ڇپيل ڪتابن بابت جامع معلومات ڏني. سنڌ رنگ ڊائجسٽ جي ايڊيٽر محترم ظفر عباسيءَ سان سندس ڪلينڪ تي وڃي ملڻ ٿيو، جنهن اها ڏکوئيندڙ خبر ڏني ته هو ادب کي الواداع چئي گذريل 8 سالن کان پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائي رهيو آهي ۽ هن پنهنجي ڪتابن کي رديءَ ۾ وڪڻندي باقي رهيل مواد سنڌو درياءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، خير ان موضوع تي الڳ سان لکبو، پر باوجود ان حال جي ظفر عباسي ڪنهن هڪ اڌ باقي رهيل ڪتاب جي ڪاپي آڻي اڳيان رکي، جنهن مان ان دؤر ۾ سندس ادارن پاران ڇپرايل ڪهاڻي ڪتابن جا تفصيل معلوم ڪيا ويا. وڌيڪ جن ڪتابن جا حوالا گهربل هئا، ان لاءِ اديبن کان فون ڪال توڙي روبرو ملي معلومات ورتي وئي. انٽرنيٽ تان پڻ ڪيترن ئي ڪتابن جي معلومات ملي. وڌيڪ ڪتابن جي جستجو ۾ ڪهاڻيڪارن تي لکيل خاڪن ۽ مختلف مضمونن مان استفادو حاصل ڪيو ويو. ڏسندي ڏسندي اها فهرست 190 کي وڃي پهتي. هندوستان سان تعلق رکندڙ بزرگ اديب مانواري سائين ڀڳوان ٻاٻاڻي “بندو” منهنجي گذارش تي هندوستان ۾ ڇپيل ان عرصي جا ڪهاڻي ڪتاب گڏ ڪري ٽيبل جي صورت ۾ اماڻيا، جيڪي جيئن جو تيئن الڳ ڪري رکيا آهن، جنهن لاءِ آءُ سندس سهڪار تي ٿورائتو آهيان.
ڪهاڻي هر دؤر ۾ ماڻهن جي دلچسپيءَ جو باعث رهي آهي، پوءِ اهو انساني ارتقا وارو پٿر جو دؤر هجي يا اڄ جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر هجي. اوائلي زماني جي ماڻهن پڻ مافوق الفطرت ڪردارن توڙي پاڻمرادو جوڙيل آکاڻين، داستانن ۽ رومانوي قصن وسيلي هڪ ٻئي کي وندرايو پئي. اهو ڪهاڻيءَ جو ٻڌڻ يا ٻڌائڻ وارو دؤر هو، اڄوڪو دؤر ڪهاڻيءَ جي پڙهڻ يا ڏيکارڻ جو دؤر آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي ڪتابي صورت ۾ لکجي پيش ٿئي ٿي يا ناٽڪ ۽ ڊرامي جي شڪل ۾ ڏيکاري وڃي ٿي. ڪهاڻيءَ ۾ عام لوڪ توڙي سڌريل سماجن جي حد کان وڌيڪ دلچسپي نظر ايندي. اهوئي سبب آهي جو ننڍن ٻارن کي تعليم ڏيڻ، مذهبي رسمون يا عقيدا سمجهائڻ توڙي دل وندرائڻ لاءِ هر عمر جو ماڻهو ڪهاڻيءَ جي صورت کي پسند ڪري ٿو. اهڙي دلچسپ صنف بابت هيءَ تحقيق پڙهندي ضرور ساڳئي ڪيفيت محسوس ڪندا.
هن تحقيق جو پهريون ڀاڱو، جيڪو ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي تي مشتمل آهي، ان ۾ مختصر ڪهاڻي جي تاريخ ۽ ارتقا سان گڏوگڏ ڪهاڻيءَ جي فن تي مثالن ذريعي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي، فني لحاظ کان ڪهاڻي ڇا آهي، ڪهاڻيءَ جون خوبيون ڪهڙيون هونديون آهن، ڪهاڻيءَ جا ڪهڙا ۽ ڪيترا قسم آهن، ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟، ڪهاڻيءَ سان لاڳاپيل ٻيون صنفون ڪهڙيون آهن، ڪهاڻيءَ جا هيئت جي لحاظ کان نوان قسم ڪهڙا آهن؟ وغيره وغيره شامل آهن، مون لکڻ وقت ان کي اڪيڊمڪ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن پڙهندڙ آسانيءَ سان سمجهي سگهن ۽ هن مان لاڀ پرائن. ڪهاڻيءَ جي قسمن توڙي فني عنصرن کي مختلف مثالن وسيلي آسان ۽ عام فهم بڻايو آهي ته جيئن پڙهندي هر ڳالهه کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي.
باب ٻيو روايتي هجڻ ۽ ان بابت اڳواٽ گهڻ رُخي تحقيق موجود هجڻ ڪري ان کي جيئن جو تيئن رکندي ناليواري اسڪالر محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب “چار مقالا” مان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي.
باب ٽئين ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت جانچيندي سنڌي ڪهاڻيءَ جا سنڌي سماج تي اثر پيش ڪيا آهن، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي روايتن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن پيش ڪيو آهي، يا سياسي ۽ سماجي حالتن کي سنڌي ڪهاڻيءَ ڪيئن منهن ڏنو آهي، اجتماعي طور سنڌي ڪهاڻيءَ جو سنڌي سماج جي اجتماعي ترقي پسند شعور ۾ ڪيترو حصو آهي. سنڌي ڪهاڻي جي اثر هيٺ سنڌي سماج ۾ ڪهڙيون مثبت تبديليون ۽ لاڙا آيا وغيره شامل آهن. ڪهاڻيءَ جهڙي جامع موضوع کي مفصل ۽ جامع طريقي سان سمجهڻ واسطي سهنجو اندازِ بيان اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن ادب جا شاگرد، نوان لکندڙ توڙي مقابلي جي امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگرد پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهن.
ڪجهه ڏهاڪا پهرين سنڌي ڪهاڻي جي مرڻ جي ڳالهه نڪتي ته ٿرٿلو مچي ويو هو ته سنڌي ڪهاڻي نٿي مري سگهي! ڪهاڻي هميشه رهڻي آهي! جيسين ماڻهو جيئرو آهي، ڪهاڻي جيئري رهندي! وغيره وغيره. هن مطالعي مان جيڪو مون محسوس ڪيو، اُهو اِهو آهي ته سنڌي ڪهاڻي پوين پندرنهن سالن ۾ 200 کان مٿي ڪتاب ڏنا آهن، پر انهن ۾ معياري ڪتابن جو انگ تمام ٿورو آهي، سنڌي ڪهاڻي مئي ناهي، واقعي مرندي به نه، پر ڳالهه آهي معيار جي، معياري سنڌي ڪهاڻي لکرائڻ لاءِ معياري تربيت جي ضرورت هئي ۽ جنهن جي اسان وٽ ڪافي کوٽ آهي. اها تربيت ڏيڻ جي هي ادنى ڪوشش آهي.
آخر ۾ هڪ ڳالهه ضرور ونڊبي، اُها اِها ته سائين انورفگار هڪڙي جي اُها فاتحانه کِل شايد مونکان ڪڏهن به نه وسري، جڏهن مونوگراف مڪمل ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ پڇيوهئائين، “عباس! ڏي خبر، تحقيق جي ميدان ۾ پير ڀرڻ کان پوءِ ڇا محسوس ڪيو اٿئي!” مون جواب ۾ فقط اهو چيو هو ته “سائين ننڊون حرام ڪري ڇڏيون اٿوَ، اجهو رات ئي خواب ڏٺو ته ڪنهن ڪتاب گهر ۾ بيٺو آهيان ۽ ڪو ڪهاڻي ڪتاب هٿ چڙهيو آهي، محسوس ٿيو ته اهو مون فهرست ۾ شامل ناهي ڪيو، اڻ تڻ ۾ اهو ڪتاب پڙهڻ ۽ نوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر لکي نٿو سگهان ۽ اک کلي وڃي ٿي ته خواب ۽ ڪتاب ٻئي گم ٿي ٿا وڃن.”
مان ٿورائتو آهيان پنهنجي محترم استاد ۽ هن مونوگراف لکڻ ۾ نگران سائين انور فگار هڪڙي جو، جنهن وقت سر پنهنجي قيمتي راين سان نوازيو ۽ مدد ڪئي. سائين اسحاق سميجي سان پڻ مشاورت ٿيندي رهي، جنهن جي وقتائتي صلاحن لاءِ سندس شڪرگذار آهيان، ڀڳوان ٻاٻاڻي، اسد الله کوکر، سعيد چانڊيي، علي حسن ملاح، سليم چنا، مولابخش محبتي ۽ انهن سڀني دوستن ۽ ساٿين جو ٿورائتو آهيان، جي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هن تحقيق مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجا سهڪاري بڻيا.
عباس ڪوريجو
03003434235 abbaskorejo@gmail.com www.abbaskorejo.com