لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو ويو هو. جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پڻ موجود آھي. عباس ڪوريجو لکي ٿو تہ ”سڌاريل ڇاپي ۾ سال 2015ع کان سال 2020ع جي ڇپيل ڪتابن جي فھرست کي پڻ شامل ڪيو آهي جيئن ايندڙ محققن لاءِ ميدان سنوت ۾ هجي.“

Title Cover of book جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي:

ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي:
قديم دؤر ۾ جڏهن ماڻهن گڏجي رهڻ شروع ڪيو، تڏهن ان عمل سماج جي ارتقائي شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. تڏهن سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪرڻ کان پوءِ شام جو جڏهن اهي ٿڪل ماڻهو گڏجي هڪ جاءِ تي ويٺا ٿي ته انهن هڪ ٻئي سان روزمرهه جون ڳالهيون ۽ مسئلا اوريا ٿي، يا سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ مٽائڻ واسطي هڪ ٻئي کي بهادريءَ جا دلچسپ قصا يا واقعا ٻڌايا ٿي، اهڙي ئي طريقي سان انهن روزمرهه جي ڪچهرين ۾ ڪجهه دلفريب ڳالهيون ۽ واقعا شامل ٿيندا رهيا، جن اڳتي هلي ڳالهه يا قصي ٻڌائڻ جو بنياد وڌو. اهو سلسلو اڄ سوڌو هلندڙ آهي، گهر جا پوڙها فرد اڪثر ڪري ننڍڙن ٻارن جي دل وندرائڻ يا کين ننڊ ڪرائڻ واسطي پَرين، جنن، بادشاهن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا رهن ٿا ۽ گهرن ۾ اهو ڪردار اڪثر ڪري نانيون يا ڏاڏيون نڀائينديون اچن، ان لحاظ کان “نانيءَ جون آکاڻيون” مقبول مثال آهي.
ننڍپڻ ۾ خاص ڪري سياري جي طويل راتين ۾ جڏهن گهر جا سڀ ٻارڙا نانيءَ جي کٽ جي چوڌاري ڦري ويندا آهن ۽ ضد ڪندا آهن ته کين ڪانه ڪا ڪهاڻي ٻڌائي وڃي ته پوءِ اها ناني پنهنجي عمر جي مشاهدن ۽ صدري روايتن کي آڏو رکندي ڪو نه ڪو قصو شروع ڪندي آهي، جنهن جي شروعات اڪثر هن طرح هوندي آهي ته هڪڙو هو بادشاهه... يا هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته....
ڳوٺاڻي ماحول ۾ اڄ به سياري جي راتين جو اڱڻ ۾ يا اڪثر ٻاهر اوطاقن تي هڪ وڏو مچ ٻاريو ويندو آهي، جنهن جي تاءَ تي ويهي ڪجهه جهونڙا ۽ نوجوان پنهنجو جسم سيڪيندا آهن ۽ جهونڙا وقت کي ريڙهڻ ۽ هڪ ٻئي جي دل وندرائڻ واسطي قصا ۽ ڪهاڻيون پڻ ٻڌائيندا رهندا آهن. جهونڙا جيڪي اڪثر سگهڙ پڻ هوندا آهن، اهي انهن ڪهاڻين ۽ قصن ۾ شعر، پروليون ۽ هنر پڻ ڪتب آڻيندا آهن ۽ ائين لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌارو ايندو ويندو آهي. ناليوارو ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي ڪهاڻيڪار پيءُ انيس انصاريءَ تي لکيل ڪتاب “ انيس انصاري: فن ۽ شخصيت” ۾ اهڙين ڪهاڻين جي باري ۾ لکي ٿو:
“اهڙي طرح دنيا جي هر خطي ۽ ٻوليءَ ۾ صدين کان وٺي اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ ٻڌايون وڃن ٿيون. جيڪي آهستي آهستي اڳتي هلي ادبي روپ اختيار ڪري چڪيون آهن. ڌرتيءَ تي ڳالهائيندڙ ڪابه اهڙي ٻولي ڪانهي، جنهن کي پنهنجا لوڪ داستان، قصا، ڪهاڻيون نه هجن؛ ان ڪري افسانوي ادب جون پاڙون هر ٻوليءَ ۾ صدين کان وٺي ڦهليل آهن.” (1)

اهڙين لوڪ ڪهاڻين جي شروعات بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي پهرين مجموعي جي مقدمي ۾ لکي ٿوته :
“لوڪ ڪهاڻين ۾ انسان ذات جي ٻالاپڻ جا اهڃاڻ موجود آهن، عقل جي بلوغت ۽ جوانيءَ کان اڳ واري دؤر ۾، وهم ۽ وسوسا، سوڻ ۽ سنسا، مند ۽ منتر، سڳا ۽ ڌاڳا، ديو ۽ پريون، جن ۽ ڏانئڻيون، انسان جي ڪائنات جا اهم اسباب هئا ۽ انهن کي سندن عملي زندگيءَ ۾ وڏو دخل هو. جهڙيءَ طرح جهونن دڙن ۽ ڀڙڻ ۾ آڳاٽين تهذيبن ۽ تمدنن جا آثار مدفون آهن، اهڙي طرح لوڪ ڪهاڻين ۾ آڳاٽن نفسياتي رجحانن ۽ ذهني لاڙن جا آثار محفوظ آهن، “لوڪ ڪهاڻيون” ڄڻ لفظن ۽ بيانن جي صورت ۾ جهونا کنڊر آهن، جن کي ولَڻ ۽ ويچارڻ سان انسان جي آڳاٽي وهمن ۽ ويچارن، خوشين، ۽ خوفن، مرادن ۽ مقصدن، حڪمتن ۽ حيلن، ڪاميابين ۽ ناڪاميابين ۽ جي نوعن ۽ نمونن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.” (2)
هتي هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته آخر اهي شروعاتي ڪهاڻيڪار ڪير هئا، جن ويهي ٿي اهڙيون ڳالهيون، داستان، قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌايون، ظاهر آهي جڏهن ان سماج جا اڪثر ماڻهو شڪار يا اڳتي هلي ٻين ڪمين ڪارين سڄو ڏينهن سوگها رهڻ لڳا هئا، ان بابت ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو ته:
“ڪهاڻيءَ جي سٽاء جي شروعات غالباً پهريائين ڪنهن گهر جي ڀاتي يا سورهيه اڳواڻ جي ڪارنامن يا ڪنهن وڇڙي ويل شخص جي ڪشالن جي حقيقي بيان سان ٿي، جنهن کي وقت گذرڻ بعد وڌائي ويجهائي وڏو ڪيو ويو. اوائلي ڪهاڻيون سڀ حقيقي ڳالهيون هيون، جن تي پوءِ حڪايتي رنگ چڙهيو. اهو ڪهاڻين اُسرڻ جو اوائلي دؤر هو، ان بعد عالمن ۽ دانائن، نصيحت خاطر بادشاهن ۽ سردارن يا پنهنجن پٽن ۽ پوئلڳن واسطي عمداً ۽ ارادتاً ڳالهيون جوڙيون.” (3)

ڪهاڻيءَ بابت اگر ڪنهن عام ماڻهوءَ کان ڀي پڇندا ته اهو ننڍپڻ ۾ ناني يا ڏاڏيءَ پاران ٻڌايل جنن، پرين، بادشاهن، وزيرن يا ديون ۽ ڏائڻن بابت ڪهاڻين جو ذڪر ضرور ڪندو، ڇوته ڪهاڻي هميشه هر دؤر ۾ هر ماڻهوءَ جي دلچسپيءَ جو محور رهي آهي، جنهن جو مثال مختلف مذهبي ڪتابن ۾ موجود پراڻا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن، جن کي مثال بڻائيندي مذهبي تعليم کي عام ڪيو ويو آهي. پراڻي مذهبي ڪتاب رگ ويد ۾ موجود قصا، رامائڻ ۽ مهاڀارت جون ڪٿائون، بائيبل ۾ شامل ڪهاڻيون ۽ قران شريف ۾ موجود اڳين نبين، پيغمبرن ۽ ٻين ماڻهن جون تاريخي ڳالهيون شامل آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي پراڻي هجڻ ۽ پسندديدگيءَ جو موجود ثبوت آهن ڇوته ڪهاڻي هر دؤر ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود رهي آهي. ڪهاڻي جي بنياد بابت ناليوارو ڪهاڻيڪار نجم عباسي پنهنجي ڪتاب “ڪهاڻيءَ جو قافلو” ۾ لکي ٿو:
“ڪهاڻيءَ جون شروعاتي صورتون يعني قصا، داستان ۽ آکاڻيون زباني طرح ٻڌائڻ جو فن هيون. خود ڪهاڻيءَ لاءِ جيڪي نالا ڏنا ويا آهن، انهن مان به ڳالهائڻ جو مطلب نڪري ٿو. ڪهاڻي “ڪهڻ” مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي زباني طرح چوڻ. ان کي ڳالهه به سڏبو آهي. ڳالهه “ڳالهائڻ” مان نڪتي آهي، جنهن جو مطلب پڻ زبان سان چوڻ آهي، ان کي آکاڻي به چيو وڃي ٿو؛ هي لفظ “آکڻ” مان نڪتل آهي ۽ مطلب اهو ئي اٿس زبان سان چوڻ. اهڙي طرح اصل ۾ ڪهاڻي “زباني ڪهاڻي” هئي.” (4)
لوڪ ادب جڏهن اڳتي هلي سماجي ادب کي جنم ڏنو، تڏهن لوڪ صنفن جديد صنفن جو روپ ورتو، لوڪ ڪهاڻي، قصي يا داستان مان ناول جنم ورتو ۽ ناول مان وري مختصر ڪهاڻي يا افساني جنم ورتو، جنهن يورپ جي 18 صديءَ ۾ آيل صنعتي انقلاب جي ڪري مختصر ڪهاڻي جي جديد شڪل اختيار ڪئي.
سنڌي ڪهاڻيءَ کي عروج بخشيندڙ ڪهاڻيڪار امر جليل پنهنجي ڪتاب “لهندڙ سج جي لام” ۾ ڇپيل ڪهاڻي بابت ڪيل تقرير ۾ چوي ٿو:
“مان لاڳيتو لفظ ڪهاڻي استعمال ڪري رهيو آهيان، ڪهاڻيءَ مان منهنجو مطلب افسانو يا شارٽ اسٽوري ناهي. مون لفظ ڪهاڻيءَ کي وسيع معنى ۾ استعمال ڪيو آهي. ٽيليويزن، ريڊِيو ۽ اسٽيج ڊرامي ۾ ڪهاڻي هوندي آهي، اخبار يا رسالي لاءِ لکيل ڪنهن سياسي ۽ غير سياسي واقعي جي انويسٽيگيٽو رپورٽ ۾ ڪهاڻي هوندي آهي، ويندي جو اوهين پنهنجي گرل فرينڊ کي جيڪو خط لکندا آهيو، ان ۾ به ڪهاڻي هوندي آهي.” (5)
شارٽ اسٽوري جي اصطلاحي وضاحت بابت پروفيسر انور جمال پنهنجي ڪتاب “ادبي اصطلاحات” ۾ لکي ٿو ته:
“افسانو داستان جي ترقي يافته صورت آهي، داستان جيڪو مافوق الفطرت ۽ غير عقلي واقعن جو مجموعو هو، سو حقيقي شڪل ۾ ناول بڻيو ۽ پوءِ ويهين صديءَ جي مشيني دؤر ان کي وڌيڪ سنواري“افسانو” ٺاهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ناول پنهنجي جاءِ تي الڳ نثري صنف طور بحال رهيو. افسانو زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ واقعي يا پهلو جي اها تخليقي ۽ فني پيشڪش آهي، جيڪو اڪثر ڪري ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. اهڙي تحرير ۾ اختصار بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ وحدت تاثر( Unity Of Impression)ان جي سڀ کان اهم خاصيت آهي .” (6)
ناميارو ليکڪ محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب “چار مقالا” ۾ افساني بابت لکي ٿو ته:
“انساني زندگي بيشمار واقعات ۽ گوناگون تجربات جي حامل آهي. ليڪن افساني نگار ان مان هڪ واقعي يا ڪنهن هڪ ڪردار کي انتخاب ڪري پنهنجي افساني جو اساس قرار ڏئي ٿو. هو ڪنهن هڪ تحريڪ کان متاثر ٿي قلم کڻي ٿو ۽ ان جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. هن جي ذهن ۾ واقعات جو ذخيرو محفوظ رهي ٿو. ليڪن ان مان هو رڳو ان واقعي جو انتخاب ڪري ٿو. جنهن جو سندس تحريڪ سان سڌو سنئون تعلق ٿئي ٿو. چنانچه افساني لکڻ وقت افساني نگار جي ذهن ۾ صرف هڪ منزل هڪ خيال ۽ هڪ نقطئه نظر هوندو آهي، جنهن کي هو پهرئين جملي کان وٺي آخر تائين قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو ته مقصد ۽ منزل جي ڪثرت هجڻ سبب افساني جي وحدت کي صدمو رسي ٿو، جنهن ڪري هڪ منزل ۽ هڪ تحريڪ کان وڌيڪ ان ۾ مطلب ڪڍڻ نه گهرجي ته افساني ۾ صرف هڪ واقعي جي عڪاسي ٿي سگهي ٿي. حقيقت ۾ مکيه يا اهم واقعو صرف هڪڙو ئي هوندو آهي. ۽ ٻيا ننڍا ننڍا واقعا يا حادثا به افساني ۾ ٿيندا آهن ليڪن اهي سڀ ان مکيه واقعي جون ڪڙيون هونديون آهن، جي ان کي اجاگر ڪنديون آهن ۽ افساني جي تڪميل ۾ مدد ڪنديون آهن. انهن ننڍڙن واقعن ۾ به زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي تصوير ڪشي ڪئي ويندي آهي. ليڪن مختصر افساني ۾ بيڪار بحث مباحثا، بيسود نظرين جو پرچار يا فضول واقعن جو ذڪر ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري ئي اهو مختصر ٿئي ٿو.” (7)
ڪهاڻي ڇا آهي؟ ان بابت معروف اردو افسانه نگار مظهرالاسلام پنهنجي ڪتاب’’گهوڙون ڪي شهر ۾ اڪيلا آدمي‘‘ ۾ لکي ٿو:
’’ڪهاڻي ڪاري دؤر ۾ رڙ آهي.
ڪهاڻي گلاب موسمن جو گل آهي.
ڪهاڻي ڦوهه جوانيءَ تي بيٺل عورت جو خواب آهي.
ڪهاڻي اندر اڊڙيل ماڻهو آهي.
ڪهاڻي ورق ورق ڇوڪري آهي.
ڪهاڻي عمر قيد ڪٽيندڙ قيدي آهي.
ڪهاڻي ولر کان وڇڙيل ڪونج آهي.
ڪهاڻي اڻ ڏنل چمي آهي.
ڪهاڻي ٻارڙي جي سليٽ تان ڊٺل سوال آهي.‘‘ (8)
ڪهاڻي ڇا آهي؟ ان لاءِ سنڌي ڪهاڻي کيتر جي نامياري ڪهاڻيڪارا تنوير جوڻيجو، پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب ’’عيبن هاڻِي‘‘ ۾ لکي ٿي ته:
’’ دراصل انساني زندگي واقعن ۽ حادثن جو مجموعو آهي. واقعا ۽ حادثا جيڪي انساني دل ۽ دماغ تي گهرو اثر ڇڏن ٿا، انهن کي ڏانوَ ۽ ترتيب سان لکڻ ئي ڪهاڻي آهي.‘‘ (9)
افسانوي ادب تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي تحقيقي ڪتاب ’’آزاديءَ کان پوءِ افسانوي ادب جي اوسر‘‘ ۾ ڪهاڻيءَ بابت لکي ٿو ته:
’’مختصر ڪهاڻي هڪ اهڙو مختصر فڪري داستان آهي، جنهن ۾ ڪنهن هڪ واقعي يا ڪنهن هڪ ڪردار تي روشني وڌي وڃي ٿي. ان جي پلاٽ ۽ واقعات جا تفصيل ڳنڍيل ۽ ڳتيل ٿين ٿا. ۽ ان جو بيان ايتري قدر ته منظم ٿئي ٿو، جو ان مان هڪڙو واحد تاثر پيدا ٿي سگهي ٿو.‘‘ (10)
ايڊگر ايلن پو، جنهن کي ڪهاڻيءَ جو ابو سڏيو وڃي ٿو، ان جي مختصر ڪهاڻي بابت راءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي:
’’افسانو نثر جي اها صنف آهي، جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست (اڌ کان ٻن ڪلاڪن تائين) پڙهي پوري ڪري.‘‘(11)
ڪهاڻيءَ بابت مختلف ٻولين جي ٻين ڪجهه مشهور اديبن، نقادن ۽ محققن جا قيمتي رايا هتي پيش ڪجن ٿا، جيڪي پڻ ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ لاءِ ڪارائتا آهن:
’’ڪابه ننڍي رچنا، جيڪا ويهن منٽن جي اندر پڙهي پوري ڪري سگهجي، تنهن کي ڪهاڻِي چئي سگهجي ٿو.‘‘ ايڇ جي ويلس
’’ڪهاڻي ادب جي سڀني نثري روپن ۾ وڌيڪ لچڪدار آهي، ڪهاڻي گهوڙي جي موت کان وٺي هڪ جوان ڇوڪريءَ جي پهرين محبت بابت به ٿي سگهي ٿي.‘‘ ايڇ اي بيٽس
’’ زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ پهلوءَ ۽ جذبي کي افسانو چئجي ٿو.‘‘
منشي پريم چند
’’مختصر افسانو نثري ادب جو معراج آهي، ۽ نثر اتي پهچي شعر ۽ تغزل سان وڃي همدوش ٿئي ٿو. ڪامياب مختصر افسانو پنهنجي جاءِ، لفظن جي چونڊ، معنيٰ ۽ مطلب جي وسعت، جذبات جي لطافت ۽ گهرائي ۽ آخري تاثر جي لحاظ کان نثري شعر آهي.‘‘ محمد ابراهيم جويو
’’فسانہ نگاری ادب کی سب سے زیادہ آسان صنف ہے۔ ایک معمولی پڑھا لکھا آدمی جو خط لکھنا جانتا ہو تھوڑی سی کوشش سے افسانہ لکھ سکتا ہے بشرطیک وہ یہ جانتا ہو کہ زندگی کی حقیقتوں کو کم سے کم لفظوں میں کس طرح پیش کیا جاسکتا ہے۔ اور افسانہ نثر کی تمام اصناف میں اس لیئے برتری رکھتا ہے کہ وہ چند صفحات میں لکھا جاسکتا ہے اور زندگی کی حقیقت کو پیش کرسکتا ہے۔‘‘
اردو افسانه نگار غلام عباس
’’مختصر ڪهاڻي ادب جي هڪ نهايت مقبول صنف آهي. جديد دؤر ۾ هن ادبي صنف کي جيتري مقبوليت حاصل ٿي آهي، تنهن جو ڪو ٻيو مثال ورلي ملندو.‘‘ ڊاڪٽر قاضي خادم
ڪهاڻي هڪ مختصر ڳالهه آهي، ان ڳالهه ۾ واقعي جو سلسليوار بيان هوندو آهي ۽ ان بيان کي ئي ڪهاڻي چيو ويندو آهي، اهو بيان حقيقي به ٿي سگهي ٿو ته افسانوي به، تنهن هوندي به جيڪڏهن اهو بيان حقيقي هوندو ۽ سماج جي حقيقتن جي عڪاسي ڪندڙ هوندو ته ڪهاڻي جي بنيادي گهرجن جي لحاظ کان بهتر آهي. ڪو حادثو يا واردات ڪهاڻي کي جنم ڏئي ٿي ۽ ڪهاڻيڪار ان کي پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي افسانوي انداز ڏئي ٻين تائين پهچائي ٿو.
افسانو يا ڪهاڻي قصي جي اها شڪل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Short Story سڏيو وڃي ٿو. مختصر ڪهاڻي قصي، داستان ۽ آکاڻين مان ڦٽي نڪتي آهي. ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتڪاريءَ جو دؤر آيو ته ماڻهن جي زندگي ايتري ته تيز ٿي وئي جو ڊگهو ادب پڙهڻ لاءِ وقت نه رهيو، تڏهن مختصر ڪهاڻي/افسانو لکڻ جو رواج پيو. افسانو سماجي مسئلن جو عڪس هوندو آهي ۽ عام پڙهندڙ جي ان ۾ خاص دلچسپي ڏٺي وئي. آمريڪن افسانانگار ايڊگر ايلن پو جي مضمون مطابق، “ افسانو نثر جي اها ڪهاڻي آهي، جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست (اڌ کان ٻن ڪلاڪن تائين) ۾ پڙهي پوري ڪري.”

انسائيڪلوپيڊيا آف سوشل سائنسز ۾ ڪجهه هن طرح وصف بيان ڪئي وئي آهي، “ هي اها فني تخليق آهي، جنهن کي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪوبه سچو مفهوم ناهي.”

ثابت ٿيو ته ڪهاڻي هڪ مختصر ڳالهه آهي، ان ڳالهه ۾ وقت جي لحاظ کان واقعن جو سلسليوار بيان هوندو آهي ۽ ان سلسليوار بيان کي ئي ڪهاڻي يا افسانو سڏجي ٿو ۽ اهو بيان فرضي هوندو آهي ۽ ان جا ڪردار ڪهڙا به هجن پر تن جو تعلق اسان جي سماج سان هوندو آهي.

تخليقي ادب ۾ افساني جو نرالو مقام آهي. جنهن تمام تيزيءَ سان دنيا جي مڙني ٻولين ۾ شهرت حاصل ڪئي. افسانو يا مختصر ڪهاڻي دراصل فڪشن جو حصو آهي، جنهن مان مراد اهڙو تخليقي ادب جيڪو غير حقيقي، جڙتو ۽ ڪوڙي قصي تي آڌاريل هجي. فڪشن ۾ ناول، داستان، قصو ۽ افسانو اچي وڃن ٿا.
فني حوالي کان افسانو هڪ اهڙي ڪهاڻيءَ کي سڏجي ٿو، جنهن ۾ هڪ وقت فقط هڪ ئي واقعو بيان ڪيل هجي، جنهن ۾ تاثر جي وحدت هجي، يعنى ڪنهن به هڪ ئي مقصد تي زور ڏنو ويو هجي. هڪ کان وڌيڪ واقعن بيان ڪرڻ سان اهو افسانو يا ڪهاڻي نٿو رهي بلڪه ناول يا ناوليٽ جي شڪل اختيار ڪري ٿو. فقط هڪڙي ئي واقعي کي فوڪس ڪرڻ کي ئي مختصر ڪهاڻي سڏجي ٿو، پوءِ اهو واقعو ڪيترو ڀي ننڍو يا ڪيڏو ڀي طويل ڇونه هجي، پر طوالت جي افساني اندر هڪ حد ضرور مقرر ڪيل هوندي آهي، ڇوته افساني جي بنيادي خوبي اختصار آهي، اختصار بابت روسي ڪهاڻيڪار ائنتون چيخوف ڇا ته خوبصورت انداز سان سمجهاڻي ڏني آهي:
“ڪهاڻي کي نه شروعات هجڻ گهرجي ۽ نه ئي پڇاڙي.” انهيءَ تشريح بعد هو ڪهاڻيڪارن کي ياد ڏياري ٿو ته هو اگر ڪهاڻيءَ جي پهرين صفحي تي ڀت تي ٽنگيل بندوق جو ذڪر ڪري ويٺا آهن ته اها بندوق ڇٽڻ ئي گهرجي.” (12)
مختصر ڪهاڻي جي اختصار بابت مختلف رايا آهن، ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته افسانو هڪ ئي نشست ۾ پڙهي پورو ڪرڻ جيترو هجي، ڪجهه نقاد ان راءِ جا آهن ته اڌ ڪلاڪ ۾ پڙهي پورو ڪري سگهجي، ان کي افسانو سڏجي، پر اڪثريت جي راءِ اها آهي ته مختصر ڪهاڻي کي وقت جي پيماني ۾ بند ڪرڻ جي بدران ڪهاڻيڪارن کي اجائي ڊيگهه کان گريز ڪرڻ کپي۽ فقط اهي ڪردار، ماحول يا شيون بيان ڪرڻ گهرجن، جن جو ان افساني ۾ ڪونه ڪو عمل دخل هجي.
پهرين جديد ڪهاڻي ڪنهن لکي؟ پهرين جديد افساني جو/جي ليکڪ ڪير آهي؟ ان بابت ميڊم فهميدهه حسين پنهنجي مضمون “ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو روپ” ۾ لکي ٿي:
“صحيح معنى ۾ اهڙي پهرين ڪهاڻي آمريڪا ۾ لکي وئي. واشنگٽن ارونگ 1819ع ۾ “اسڪيچ بوڪ” نالي ڪهاڻي لکي، جنهن جو مقصد محض تفريح مهيا ڪرڻ ٻڌايو وڃي ٿو.” اڳتي ان جي وڌاءَ ۾ لکيو آهي. “ فڪشن جي هڪ خاص صنف طور پهريون ڀيرو ڪهاڻيءَ کي مڃڻ وارو برانڊر ميٿيوز هو، جنهن 1885ع ۾ هڪ ڪتاب لکيو Philosophy of Short Story .هن ڪهاڻي ۾ زمان، مڪان ۽ عمل جي وحدت (Unity of time, Place and Action) کانسواءِ ڪردار جي وحدت تي به زور ڏنو.” (13)
ڪهاڻي يا افساني بابت ڪنهن نقاد اهو به لکيو هو ته افسانو نثري صنفن ۾ ائين آهي، جيئن شعري صنفن ۾ غزل آهي. ڪهاڻيءَ بابت جن به نقادن، ڪهاڻيڪارن پنهنجا پنهنجا رايا پيش ڪيا آهن، يا ڪا مخصوص وصف ڏني آهي يا وقت جي پابندي ڏيکاريندي تشريح ڪئي آهي، اهي سڀ ڪهاڻي جي هيئت، فن ۽ ارتقا تي پابندي مڙهڻ مثل آهن، ڇو ته ڪهاڻي ڪنهن به هڪ مخصوص وصف جي محتاج ناهي. ڪهاڻي هڪ آبشار مثل آهي، جنهن جو پاڻي (مرڪزي خيال) هيٺ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو وهڪرو (پلاٽ) پاڻ ٺاهيندو، ڪنهن نه ڪنهن نديءَ ۾ وڃي ڇوڙ (ڪلائيميڪس) ڪندو آهي.
ڪهاڻي کي سمجهڻ واسطي هيٺيون خيال پڻ ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو:
“ ڪهاڻي هڪ اهڙي مختصر فڪري ڳالهه آهي، جنهن ۾ ڪنهن خاص واقعي تي روشني وڌي وڃي ٿي. جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ يا جانور سان پيش آيو هجي.”