لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو ويو هو. جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پڻ موجود آھي. عباس ڪوريجو لکي ٿو تہ ”سڌاريل ڇاپي ۾ سال 2015ع کان سال 2020ع جي ڇپيل ڪتابن جي فھرست کي پڻ شامل ڪيو آهي جيئن ايندڙ محققن لاءِ ميدان سنوت ۾ هجي.“

Title Cover of book جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

ڪهاڻيءَ يا افساني جا قسم:

ڪهاڻيءَ يا افساني جا قسم:

ڪهاڻي يا افساني جي قسمن کي مختلف رخن کان ڏسي يا ورڇي سگهجي ٿو. پر بنيادي طور ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم آهن هڪڙو موضوع جي لحاظ کان قسم ته ڪهڙي موضوع تي لکيل آهي پيار ڪهاڻي آهي يا سماجي مسئلن تي آهي ۽ ٻيو هيئت جي لحاظ کان قسم ته ڪهڙي فارميٽ ۾ لکي وئي آهي تمام ڊگهي آهي يا انتهائي مختصر، پر ڪهاڻيءَ جي پارکن ان جي ڪيترن ئي مختلف رخن کان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جنهن کي پڻ معلومات خاطر ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نامور ڪهاڻيڪار نجم عباسي پنهنجي ڪتاب “ڪهاڻي جو قافلو” ۾ ڪهاڻي جي پراڻي دؤر کي “زباني ڪهاڻي” ۽ جديد دؤر کي “قلمي ڪهاڻي” سڏيندي ڪهاڻي جي قسمن بابت پنهنجي راءِ هن طرح ڏني آهي:
“اڄوڪي ڪهاڻي ان ڪري به “قلمي ڪهاڻي” آهي جو ان جون ڪي نيون صورتون، جهڙوڪ:
1. خيال جو وهڪرو
2. مونولاگ يا پاڻ سان ڳالهائڻ
3. گفتگو جي صورت واري
4. اڌ اکري يا ابتي گرامر واري
5. خطن جي صورت واري
6. اکين ڏٺي احوال واري
7. اهڃاڻي ڪهاڻي” (30)
نجم عباسيءَ جي مٿين راءِ پنهنجي جڳهه تي، هتي اسان ڪهاڻي جي ڪجهه انهن قسمن تي بحث ڪنداسين جيڪي عالمي طور نه سهي پر مجموعي طور معياري سمجهيا، لکيا ۽ پڙهيا وڃن ٿا. تن ۾ موضوعاتي رجحان جي لحاظ کان قسم، پيشڪش جي لحاظ کان قسم، بياني لحاظ کان قسم، هيئت جي لحاظ کان قسم وغيره شامل آهن باقي ڪهاڻي جي فارم ۾ ٻيا به ڪيترائي تجربا ڪيا ويا آهن، جن ۾ اينٽي اسٽوري Anti Story ، اڌ اکري، تجريدي ڪهاڻي، ابتي گرامر واري ڪهاڻي يا ڳجهارتي ڪهاڻي شامل آهن ڇوته جيستائين توهان جي ان لکت ۾ ڪهاڻي پڻو ناهي تيستائين ان کي ڪهاڻي نه پر مضمون يا ٻيو ڪجهه چئي سگهجي ٿو. افساني جي ٽيڪنڪ ۽ قسمن بابت ثميرهه زرين پنهنجي مضمون “ سنڌي افساني جي اوسر” ۾ لکي ٿي:
“ افساني جي ٽيڪنڪ جا اهم اصول: اختصار، اشاريت، ڪردار جي حياتيءَ جو هڪ رخ پيش ڪرڻ ۽ تاثر جي وحدت، اڄ به اڳ وانگر آهن. انهن تي عمل پيرا رهڻ سببان نه افساني جي صورت بدلي آهي ۽ نه وري هن صنف کي ٻئي نالي ڏيڻ جي ضرورت ٿي آهي. البت ايترن تجربن افساني جي صنف ۾فني نقطي نگاري کان مختلف قسم ضرور پيدا ڪيا، جيئن ته مختصر افسانو، طويل افسانو، افسانو، خاڪو، رپورتاز ۽ فئنٽسي وغيره” (31)

مون مٿي ذڪر ڪيو ته بنيادي طور ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم ٿيندا آهن ۽ انهن ٻنهي بنيادي قسمن اندر وري ڪجهه فارم آهن، جن کي سمجهڻ واسطي انهن جي هيٺين طريقن سان ڇنڊڇاڻ ڪرين ٿا.
موضوعاتي رجحان جي لحاظ کان قسم:
موضوعاتي رجحان جي لحاظ کان ڪهاڻي يا افساني جا ٻه قسم آهن، حقيقت پسنديءَ واري مختصر ڪهاڻي ۽ افسانوي ڪهاڻي.
افسانو ۽ مختصر ڪهاڻي ڪي الڳ شيون نه آهن پر ٿوري تفريق جي ڪري الڳ سڃاتا وڃن ٿا. افسانو هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مبالغو يا افسانويت وڌيڪ هجي ٿي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ مبالغو گهٽ هوندو آهي. يعني اها ڳالهه جنهن ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل آهي، اها مختصر ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ افسانوي انداز اختيار ڪيو ويو آهي، اهو افسانو آهي. باقي صرف موضوع يا مضمون جي ڪري ڪهاڻي کي ڪهڙو به نالو ڏئي سگهجي ٿو. جيئن کل ڀوڳ جي موضوع تي لکيل ڪهاڻين کي مزاحيه ڪهاڻيون، تصوف جي موضوع تي لکيل ڪهاڻين کي صوفي ڪهاڻيون، تعليم جي ٻرندڙ موضوع تي لکيل تعليمي ڪهاڻيون، خاص ٻارڙن لاءِ لکيل ٻاراڻيون ڪهاڻيون، گهرن ۾ پڙهي سگهجندڙ موضوعن تي لکيل فيملي ڪهاڻيون، سائنسي موضوعن تي لکيل سائنسي افسانا اهڙي طرح جاسوسي، تجسسي، خوفناڪ ۽ ٻيون ڪهاڻيون پڻ ان قطار ۾ شامل ڪري سگهون ٿا.
پيشڪش جي لحاظ کان قسم:
پيشڪش جي لحاظ کان به ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم آهن، هڪ پلاٽ تي آڌاريل ڪهاڻي ٻيو اَڪهاڻي. پلاٽ تي آڌاريل ڪهاڻي ته اها ساڳي روايتي ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان عام طور تي مقصديت جي مفهوم ۾ اڳتي وڌايون ٿا ۽ ان واقعي کي بيان ڪندي شعوري طور تي ڪو نه ڪو پيغام پهچايون ٿا.
ا َڪهاڻي دراصل Plot less ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪوبه پلاٽ ناهي هوندو، ڪو خاص واقعو بيان ڪيل ناهي هوندو، لاشعوري ڳالهيون هونديون آهن. ان قسم جي ڳالهين کي سريئلزم ڪوٺيو ويندو آهي، يعني تحت الشعور تحت پيش ڪيل ڳالهيون. سريئلزم دراصل غيرمنطقي تصورن تي ٻڌل هڪ تحريڪ هئي، جيڪا پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان ٻي مهاڀاري لڙائيءَ واري عرصي ۾ سرگرم رهي. ادب ۽ آرٽ ۾ هن قسم جو فڪر پڻ پيش ڪيو ويو. سريئلزم وارو تصور اسان وٽ اَڪهاڻي واري انداز سان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تحت الشعور ۾ ڪيل ڳالهيون بيان ڪيون ويون آهن، جيئن خواب واري ڪيفيت، چريائپ يا وائڙائپ واري ڪيفيت يا بي ڌياني ۾ ڪيل گفتگو شامل آهن. هن قسم جي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ اخلاق انصاريءَ ۽ نسيم پارس گاد لکيون آهن، جيڪي “مان ڪائنات آهيان” ۽ “ ڪولاج ٿيل شخص جو پورٽريٽ” مجموعن ۾ شامل آهن.
بياني لحاظ کان قسم:
بياني لحاظ کان ڪهاڻيءَ جا هيٺيان ڪجهه مقبول قسم آهن، مونولاگ، بياني قسم، ضمير حاضر وارو، خط وارو انداز، وجوديت وارو قسم ۽ مڪالمن تي مبني، ڊائريءَ جي ورق وانگر، ڪرداري ڪهاڻي ۽ متفرقه ڪهاڻي.
مونولاگ Monologue:
هن قسم جي ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪار خود هڪ ڪردار جي صورت ۾ موجود هوندو آهي، ۽ اها ڳالهه ٻڌائيندو ويندو آهي، ٻين ڪردارن جو تعارف پڻ ڪرائيندو آهي، ان واقعي يا حادثي بابت پنهنجي راءِ پڻ ڏيندو آهي، ٻين ڪردارن جي عملن، روين ۽ گفتگو کان پڻ واقف ڪندو ويندو آهي ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تي رسائيندو آهي. مونولاگ ڪهاڻيءَ لاءِ سعيد سومري جي ڪهاڻي “مون کي ننڊ نه ٿي اچي‘‘ مان هي ٽڪرو رکجي ٿو:
“اخبار وارو ڇوڪرو هوڪا ڏيندو منهنجي اڳيان اڳيان گذريو. مون کي وائڙن وانگر اخبارن ڏانهن ڏسندي، بيٺي پير ئي پڇائين: “سائين! اخبار کپي ڇا!؟”
مون ڇرڪندي “هونهن” ڪري هُن ڏانهن ڏٺو. سانوري رنگت، پوريل اکيون، وکريل وار، ميري قميص ۽ ڪيترن ڏينهن کان منهن نه ڌوتل.... اف! منهنجو ايندڙ نسل .... هيءُ..!؟
“ڪاوش ... سچ ... ڪوشش .... سنڌ ... جيڪا چئو ...!” هن وري ڳالهايو.
مون اکين تي نظر جو چشمو ٺاهيندي، روڊ کان ويندڙ گڏهه گاڏي تي ويٺل مايوس شخص ڏانهن ڏسندي هاڪر کي چيو. “نه پُٽ .. مون کي اخبار نه گھرجي، اخبار ۾ رڳو ڏکن جون خبرون اچن ٿيون ۽ مان ڏک سهڻ جھڙو ناهيان رهيو ....!”
“سائين! اخبار وٺندوَ ته مون کي روپيو بچندو. مون کي امان جون دوائون وٺڻيون آهن سائين!”
منهنجو هانءُ اُٻڙڪو ڏيئي ڄڻ پيرن ۾ اچي ڪريو. مون تڪڙ ۾ کيسي ۾ هٿ هنيو ته رڳو ٻه روپيا مس هئا. ڇوڪرو مون کي ائين وساميل ڏسي سمجھي ويو.
“پٽ! مون وٽ پيسا ڪونهن، تون هيءُ ٻه روپيا رک...! مون هٿ هن ڏانهن وڌائيندي چيو.
“نه سائين!” ڪري هن هلڪڙي وک اڳتي کڻندي جھيڻو هوڪو ڏنو. “س ... چ ... سن ...ڌ...”
مون کي لڳو ته ڄڻ مان گورڪن ٿي ويو آهيان ۽ ڪي قبرون کوٽڻ ۾ مصروف آهيان.” (32)

بيانيNarrative :
ٻين پاران ٻڌايل يا ڪهاڻيڪار پاڻ اهو قصو يا ڪهاڻي بيان ڪندو ويندو آهي ۽ هر واقعي، ڳالهه يا تاثر کي بياني انداز ۾ ٻڌائيندو اڳتي وڌندو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. مطلب ڳالهه ٻڌائڻ واري جو ڳالهه سان سڌو سنئون تعلق ناهي هوندو، ٻڌڻ واري جو به ناهي هوندو پر ان ۾ واقعي جي دلچسپيءَ جي ڪري ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارو حِضُ حاصل ڪيو ويندو آهي. هتي قاضي مقصود گل جي ڪهاڻي “ٻارن جو وڪرو” پيش ڪجي ٿي:
“ڪراچي جي ريگل چوڪ جي فوٽ پاٿ تي پڪي عمر جو هڪ مرد ۽ هڪ عورت، ٻه معصوم ٻارڙا کارن ۾ ويهاريو اڳيان رکيو ويٺا هئا، ۽ هوڪا ڏئي رهيا هئا؛ “ٻار وٺو! ٻار وٺو!” عورت جو منهن لٿل ۽ مايوس هو پر مرد پنهنجي مايوسيءَ ۽ درد کي، هٿرادو مرڪ مرڪي، پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو.
ماڻهن جي هجوم مان هڪ گراهڪ ڳالهايو؛ “گهڻو...... گهڻو!”
مرد وراڻيو؛ “ٻه ٻه هزار.”
گراهڪ چيو؛ “نه! هڪ هڪ هزار!”
“ڏي ڀلا!” مرد هٿ ڊگهو ڪندي چيو.
“نه نه مون کي نه کپن...! بس مون ائين ئي چيو، اگهه پڇڻ لاءِ...!” گراهڪ چيو.
ٻارن جي ماءُ ڏکوئيندڙ لفظن ۾ چيو؛ “پئسا نه ڏي! تون ٻار ائين ئي وٺي وڃ! بس منهنجي ٻارن کي ڍَوَ تي ماني کارائجانءِ..!”
ماءُ جون اکيون آبشار ٿي ٽمڻ لڳيون..!” (33)
ضمير حاضر وارو Second Person :
هن قسم جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي جي ڪنهن ڪردار کي ائين مخاطب ٿي لکيو ويندو آهي ڄڻ اهو اڳيان ويٺو هجي ۽ ان جي موجودگيءَ ۾ ان سان گهاريل اهي واقعا يا ڳالهيون شيئر ڪبيون آهن جيڪي انهن ٻنهي ۽ ٻين جي وچ ۾ گڏيل طور واقع ٿيون هجن، ان قسم جي ڪهاڻي کي ضمير حاضر واري ڪهاڻي شمار ڪجي ٿو. طارق عالم ابڙي پنهنجي ناول “رهجي ويل منظر” ۾ اهڙو انداز ڪتب آندو آهي پوءِ جا آيل ڪجهه ناول پڻ انداز سان پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ منير چانڊيي جا ناول پڻ شامل آهن. هن قسم جو انداز ڪهاڻي ٻڌائڻ واري روايت کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ناني يا ڏاڏي ننڍڙن ٻارن کي مخاطب ٿي چوندي هئي/آهي ته پيارا ٻارو! خبر اٿوَ ته پوءِ اڳتي ڇا ٿيو....؟ مثال طور رفيق سومري جي ڪهاڻي “ڀونءِ تري ۾ ڦاٿل ڀوري ڇوڪري” مان ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“ڀينرو! اچو ته آئون اوهان کي پنهنجي آتم ــ ڪٿا ٻڌايان.
مان خليل جبران جي مٺڙي وطن لبنان جي سهڻي، من ــ موهيندڙ ۽ حُور ــ پرين جي شهر بيروت جي رهواسڻ آهيان. ڪالهه تائين، مون پنهنجي حياتيءَ جا ٻارنهن سال ڌرتيءَ جي پيٽ (انڊر گرائونڊ بيسمينٽ) ۾ گذاريا. پنهنجي ننڍپڻ ۽ ٻالڪپڻ جا ٻارنهن سال، معصوم، ڪومل، نرم ۽ نازڪ جذبن سان ٽمٽار، نفيس ۽ خوبصورت خيالن ۽ حسرتن ڀريل ٻارنهن سال، ڀونءِ تري ۾ نهايت وحشتناڪ ڪيفيت ۾ گذارڻا پيا. منهنجو هڪ هڪ ڏينهن ڊپ، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ۾ اذيتن جي اولڙي ۽ پيڙائن جي پهري ۾ گذريو آهي ۽ اهڙيءَ ريت مون پورا چار هزار ٽي سوءُ اسي ڏينهن هڪ غار جهڙي اونداهي ڪوٺي ۾ ڪاٽيا آهن.” (34)

ڊائريءَ جو ورق Diary Page Form:

هن قسم جي ڪهاڻيءَ اندر ڪو ڪردار پاڻ سان سلهاڙيل ٻي ڪردار سان مخاطب ٿي پنهنجي اندر جي ڳالهه اوريندو آهي، مثال طوراصغر گگي جي ڪهاڻي“تو لئه تڪيندي ڏيئا اجهاڻا” مان هيٺيون ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“اچي ڏس ته مان ڪيئن جلي آهيان، ٿورو ٿورو ٿي...تون ڪٿي آهين... ٻڌين ٿو نه...مان توسان آهيان...مان جا جنم جنم کان تنهنجي آهيان...توکي يقين نٿو اچي...تون يقين ڪر مون تنهنجي اچڻ جي آس ۾ ڏيئا ٻاريا آهن....۽ تنهنجي راهه تڪيندي رهي آهيان...لڇندي آهيان...پر ڪجهه به ڪڇندي ناهيان...ڪنهن سان پنهنجو اندر اوريان..ديوارن سان...يا ديوارن کان وڌ چپ رهندڙ پڦين سان...هتي رهندڙ مرد سڀ ٻوڙا ۽ انڌا آهن...انهن کي اسان جي جوڀن جي اڀرندڙ سج جي خبر ئي نه پئي آهي...سج ڄڻ هنن ديوارن مٿان اڀرندو ئي ناهي.
تون ڪٿي آهين؟ ڇا تو تائين منهنجا سڏ نٿا پڄن...مان توکي ئي سڏي رهي آهيان... ” (35)

خط وارو قسم Letter Form :
خط واري انداز ۾ لکي ويندڙ ڪهاڻي هيئت جي لحاظ کان هڪ الڳ قسم آهي ڪهاڻي جو. جنهن ۾ خط واري انداز ۾ واقعو بيان ڪندي ڪهاڻيءَ جون گهرجون پوريون ڪيو وينديون آهن. قاضي خادم جي ڪهاڻي “ هڪ شخص چار خط” هن اسٽائيل ۾ لکيل آهي. هتي نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار علي صفدر جي ڪهاڻي “آخري خط” مان اقتباس پيش ڪجي ٿو:
“ پياري فري.... اميد ته خوش هوندينءَ!!
ٻڌم ته تون ڪالهه منهنجي گهر آئينءَ..!! گهر ۾ داخل ٿي تون ڏاڍو رعبدار نموني سان منهنجي ننڍڙي گڏيءَ کي گاريون ڏئي وئينءَ.... منهنجي گڏيءَ جو ته ڪوبه ڏوهه نه هو... ڏوهه ته منهنجو هو....ــــــــ.....بس ان لاءِ تون پنهنجي گارين واري خوشبوءِ مون وٽ نه ڇڻڪجانءِ....
تنهنجي صفوران.....” (36)

وجوديت Extentialism:
وجوديت هڪ فلسفو آهي پر ڪهاڻي جو هڪڙو فارميٽ هن نظريي سان هڪ جهڙائي رکي ٿو هن قسم جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻي جو هر ڪردار پنهنجي ڳالهه پاڻ ٻڌائيندو آهي، يا ائين کڻي چئون ته واقعي واري هنڌ بيٺل هر ماڻهو ان واقعي کي پنهنجي پنهنجي انداز سان بيان ڪندو آهي، تيئن ڪهاڻي ۾ پڻ هر ڪردار ان واقعي کي پنهنجي پنهنجي انداز سان پيش ڪندو آهي؛ پوليس جڏهن ڪنهن قتل ڪيس جي تفتيش ڪندي مخلتف ماڻهن کان انهن جا رايا ۽ واقعي بابت معلومات حاصل ڪندي آهي ته هر ماڻهو ان واقعي کي ڪيئن ڏٺو، پنهنجي انداز سان پيش ڪندو يا ٻڌائيندو آهي ان کي وجوديت وارو ڪهاڻي قسم چئجي ٿو. ان جي مثال طور شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ ڪهاڻيڪار انور ڪليم جي مجموعي “32” مان هڪڙي ڪهاڻي “ٽي رنگ” مان هيٺيان ٽڪرا پيش ڪجن ٿا:
“چوندا آهن ته محبت جا ڪيئي رنگ هوندا آهن ۽ هر ڪو انهن رنگن کي پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي. هن ڪهاڻي ۾ موجود محبت جي “رنگ” کي ٽي اهم ڪردار پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسن ٿا ۽ بيان ڪن ٿا.
پيءُ: شروع شروع ۾ مون ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ته اسان جي گهر جي سامهون وارو دوڪان، ڪافي وقت بند رهڻ کان پوءِ ٻيهر کوليو ويوآهي. هن ڀيري به دوڪان کولڻ وارو مون لاءِ اوپرو هيو ۽ ڌنڌو به نئون هيو. دوڪان کولڻ وارو خوش لباس نوجوان هيو ۽ ڊراءِ ڪلينر يعني ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ جو ڌنڌو کوليو هئائين.
ڌيءُ: شروع شروع ۾ مون ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ته اسان جي گهر جي سامهون وارو دوڪان، ڪافي وقت بند رهڻ کان پوءِ ٻيهر کوليو ويوآهي. مان پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي هن وقت تائين ان دوڪان کي ڪيئي ڀيرا کلندي ۽ بند ٿيندي ڏسي چڪي آهيان، هن ڀيري دوڪان هڪ خوش لباس نوجوان کوليو آهي. شروع جي ڏينهن ۾ مون سوچيو هو ته هو به ٻين مردن جيان مونکي اکيون ڦاڙي ڏسندو.
محبوب: شروع شروع ۾ مون ان ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڏنو ته جتي مون دوڪان کوليو آهي، ان جي بلڪل سامهون واري ننڍڙي گهٽيءَ ۾ هڪ گهر به آهي. ان گهر ۾ ڪنهن مرد يا ائين چئجي ته ڪنهن نوجوان لاءِ دلچسپيءَ واري ڪا “شيءِ” هئي ته اها ان گهر ۾ رهندڙ هڪ سانوري نوجوان پر قبول صورت ڇوڪري.” (37)
مڪالما Dialogue:
هن قسم جي ڪهاڻي سڌي سنئين مڪالمن تي آڌاريل هوندي آهي، ان قسم جي ڪهاڻين کي ڊائلاگ اسٽوري پڻ سڏيو ويندو آهي. ان قسم جي ڪهاڻي ۾ ڪوبه بيان ناهي هوندو، ڪابه وضاحت ناهي هوندي، پوري ڳالهه صرف ڪردارن جي گفتگو وسيلي ظاهر ڪيل هوندي آهي. هتي مثال طور عباس ڪوريجي جي ڪهاڻي “پنهنجي ڌرتي” جو هڪڙو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“هيلو!”
“هيلو! سيٺ رامون مل ڳالهايان پيو. . . . . ”
“سيٺ مون کي سڃاڻين ٿو. . . . !؟”
“بابلا! مان فون تي تنهنجو فوٽو ته ڪونه پيو ڏسان!”
“سيٺ! مان ڪلال مڪراڻي ٿو ڳالهايانءِ! ”
“اڙي ڪلو خوش آهين، ماڻهين پڻهين خوش آهن!؟”
“سيٺ! تو سٺو ناهي ڪيو!”
“اڙي باشاهه! مان ڇا سٺو ناهي ڪيو؟”
“سيٺ! تو ٽي ڏينهن اڳ منهنجي ماءُ کي اوڌر تي ڪپڙو نه ڏنو هو!”
“اڙي باشاهه! توهان ڏي اڳيان پئسا به رکت ڪيل آهن، اهي به اڃا ناهن مليا!”
“سيٺ! ۽ مان جو توکان چئن مهينن جي “منٿلي” ناهي ورتي؟!”
“چڱو چڱو باشاهه ڪلو! ماڻهين کي موڪل ته هزار جو ڪپڙو وٺي وڃي. . . . . چڱو . . . . . نمستي!!” (38)
ڪرداري ڪهاڻي Protagonist :
ڪرداري ڪهاڻي اهڙي قسم جي ڪهاڻي کي چيو ويندو آهي، جيڪا ڪهاڻي جي مکيه ڪردار جي سورهيائي بيان ڪندي ان جي چوڌاري ڦري. هن قسم جي ڪهاڻي جو انداز ڪهڙو به هجي پر پلاٽ ان ڪردار جي ئي چوڌاري ڦرندڙ هوندو. هن قسم جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ گهڻيون لکيون ويون ۽ تمام گهڻيون مقبول پڻ آهن، جن ۾ اياز قادري جي بلو دادا، جمال ابڙي جي پشو پاشا، غلام رباني جي شيدو ڌاڙيل يا رشيد ڀٽيءَ جي ميرل شامل آهي.
مثال طور غلام رباني آگري جي ڪهاڻي “شيدو ڌاڙيل” مان ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“سج ٻه ڪانا کن مٿي چڙهي آيو هو. اڱڻ ۾، ڇنل کٽ تي، ڦاٽل رلهيءَ ۾ ويڙهيو سيڙهيو، هو ستو پيو هو. کٽ جي چوڌاري اسڪولي ٻارن جو ڊنب مڙيو بيٺو هوس.
“شيدو، شيدو، سائين ٿو سڏيئي!”
“اڙي ائين ڪونه اٿندو: هلو ته سائينءَ کي سڏي اچون،” ٻئي واڪو ڪيو.
پر شيدو اهوئي ستو پيو هو.
تنهن تي، ٽئين ڇوڪر وڌي سندس منهن تان رلهيءَ جو پلئه لاٿو. ڇوڪر جو پلئه لاهڻ ۽ شيدوءَ جو واڪو ڪري اٿڻ، “وڃي پنهنجي بابي ماستر کي ٻڌايو! مان ڪونه ايندس، ڪونه ايندس” ۽ سٽ ڏيئي رلهيءَ جو پلئه ڇڏائي، هو وري ويڙهجي سيڙهجي سمجهي پيو.
ڇوڪرا چپ چاپ هليا ويا.
’غفور اصل ڪونه مڙندو- ضرور سائينءَ کي چوندو ته سائين، شيدوءَ هيئن ٿي چيو. قالو به ته ٺاهي جوڙي ڳالهه ۾ لوڻ مرچ گڏيندو. ڀلا ڪريم؟ نه نه، هو به حرامي آهي- اهو به چوندو ته سائين توهان کي گاريون ٿي ڏنائين” اهي ويچار ويچاريندي شيدو اٿيو. رلهي پري ڦٽي ڪري، کٽ هيٺان پيل پاڻيءَ جي ٻٽي دلي مان جهڙو منهن ڌئڻ لاءِ پاڻيءَ لپ ڪڍيائين، تهڙو پاڻي، ڀڳل گهانگهي مان پٽ تي وهي ويو.
“ڀيڻسان دلو به ڀڳل.... ڀلا هجي ابو امڙ ته.....” هن جون اکيون آليريون ٿي ويئون. کٽ تان رلهي کڻي، منهن اگهي، جهڙوئي در ڏانهن وڌيو ته پٽ تي هاريل پاڻيءَ تان پير ترڪي ويس. ڌومنهن ڀر وڃي ڪريو. ڪاري ڪپڙي جي پنيءَ تائين گوڏ به گپ ۾ ڀرجي ويس. اڃان اٿيوئي مس ته در کڙڪيو، ۽ ائين ڊنب ٻارن جو گهر ۾ گهڙي آيو. در تان ماستر واڪو ڪيو، “اڙي کنڀي اچوس”!.... ۽ ڇوڪرا شيدوءَ کي چنبڙي ويا. ڪو ٽنگن کان ڪو ٻانهن کان، ٽنگوٽالي ڪري هو کيس ائين ماستر ڏانهن کنيو پئي ويا جيئن ماڪوڙيون ڪنهن مئل ڏينڀوءَ کي پنهنجي ڏرڙ ڏانهن نينديون آهن. “هل اسڪو!” ماستر، شيدوءَ کي ڇوڪرن جي وچ ۾ ڪري اڳ ۾ ٿي هليو.
“سائين گپ ۾ ترڪي پيو آهيان. گهڙي کن ڇڏيو ته گڏ تان وهنجي اچان.”
“وهنجي ٿو پٽ!” ماستر، شيدوءَ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي ٻير جو لڪڻ هڻندي خار وچان چيو.
اسڪول ۾ پهچي ماستر رڙ ڪئي، “حمزا!”
“جي سائين!”
“پاڻيءَ واري واڍ کڻي آ!”
حمزو پاڻيءَ واري واڍ کڻي آيو، ۽ ماستر جي حڪم سان شيدوءَ کي بينچ تي پٺيءَ ڀر سمهاري ٻڌڻ لڳو.
“سائين سوگهو آهي” حمزي، شيدوءَ کي چڱيءَ طرح بينچ سان جڪڙي ٻڌڻ بعد چيو.
“ها، پوءِ؟ ڇاٿي چيئي ته وڃي پنهنجي بابي کي دانهن ڏيو!”
شيدوءَ ڪڇوئي ڪونه بس، جهڙي ڀت!
اسڪول ۾ چپ چاپ ٿي ويئي. ۽ پوءِ ان خاموشيءَ ۾ ماستر جي گارين جي گجگوڙ بعد، جڏهن ٻير جو لڪڻ وڄ جيان وراڪو ڏيئي، بينچ سان ٻڌل شيدو تي وسڻ لڳو ته شيدوءَ جون اکيون سانوڻ جي ڪڪرن جيان اوهيرا ڪري وسڻ لڳيون. اهي گارين جو گوڙيون، لڪڻ جا وڄ جيان وراڪا ۽ اکين جو اوهيرا ڪري وسڻ- تيسين جاري رهيا جيسين ڏيڍ مڻ جي پڃري کڻندڙ ماستر جي ٻانهن ساڻي ٿي پيئي ۽ شيدوءَ جي اکين مان وهندڙ مهراڻ سڪي ويو.” (39)

متفرقه ڪهاڻي miscellaneous :
متفرقه ڪهاڻي دراصل ڪوبه الڳ قسم ناهي پر ڪهاڻيڪار مٿي ذڪر ڪيل الڳ الڳ قسمن کي گڏائي ڪهاڻي لکندا آهن، جنهن ۾ مٿي ذڪر ڪجهه قسم گڏيل طور ڪتب آيل هوندا آهن.
نوٽ: اڪثر ڪهاڻيڪار بياني، مونولاگ ۽ ڊائلاگ واري گڏيل فارميٽ ۾ڪهاڻي لکڻ پسند ڪندا آهن.

هيئت جي لحاظ کان قسم Structural Forms:
ڊيگهه يا اختصار جي لحاظ کان ڪهاڻيءَ جا ٻه قسم آهن، هڪ ميڪرو ڪهاڻي ٻي مائڪرو ڪهاڻي.
ميڪرو ڪهاڻي روايتي ڪهاڻي ئي آهي. (فقط مائڪرو ڪهاڻيءَ جي فارميٽ کي سمجهڻ واسطي ان کي ميڪرو ڪهاڻيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي.)
مائڪرو ڪهاڻي مختصر مختصر ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪجهه لفظن، جملن يا صفحن تي مشتمل هوندي آهي.