لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو ويو هو. جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پڻ موجود آھي. عباس ڪوريجو لکي ٿو تہ ”سڌاريل ڇاپي ۾ سال 2015ع کان سال 2020ع جي ڇپيل ڪتابن جي فھرست کي پڻ شامل ڪيو آهي جيئن ايندڙ محققن لاءِ ميدان سنوت ۾ هجي.“

Title Cover of book جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

اندر اور

اندر اور

انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ان احساس سان ته منهنجي هن تحقيقي ڪتاب کي پڙهندڙن پاران ايتري وڏي موٽ ملي جو ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب مارڪيٽ ۾ اڻلڀ ٿي ويو. هن ڪتاب جو نئون ڇاپو پيش ڪندي دلي فرحت پڻ ٿي رهي آهي پر ڪجهه ڳالهيون اوهان سان ضرور ونڊڻ چاهيان ٿو جيڪي هن نئين ڇاپي سان لاڳاپيل آهن.
گذريل چئن پنجن سالن کان دبئيءَ ۾ ڪاروباري مصروفيتن جي ڪري ادبي سرگرميون گهڻو متاثر ٿيون آهن پر پڙهندڙن جي محبتن ۽ مارڪيٽ ۾ هارڊ ڪاپي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي وقت جي زنجيرن کي ٽوڙڻو پيو ۽ نئين ڇاپي لاءِ گوڏن کي تيل لڳائي تياري ورتي آهي.
هن ڇاپي ۾ سال 2015ع کان سال 2020ع جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست کي پڻ شامل ڪيو آهي جيئن ايندڙن محققن لاءِ ميدان سنوت ۾ هجي. وقت جي کوٽ جي ڪري شايد ڪجهه ڪتاب رهجي به ويا هجن ۽ نئين فهرست بابت پنهنجي ڪابه تحقيقي راءِ به ناهيان رکي سگهيو.
هن نئين ايڊيشن ۾ پراڻي ايڊيشن جي غلطين کي پڻ سڌاريو ويو آهي ۽ پروف کي هڪ ڀيرو ٻيهر درست ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود به ڪٿي ڪجهه رهجي ويو هجي يا ڇپائيءَ جي دوران ڪجهه اڳتي پوئتي ٿي پوي ته ان لاءِ اڳواٽ معافي!
نئين ڇاپي جي ڇپائيءَ لاءِ ساٿ ڏيڻ تي ڪنول پبليڪيشن جي روح روان سعيد سومري، عبيد ٿهيم، خليق جمالي ۽ آصف رضا نظاماڻيءَ جو ٿورائتو آهيان جن نئين ڇاپي لاءَ پنهنجو ساٿ ڏئي مونکي سرخرو ڪيو.




عباس ڪوريجو