ورهاڱي کان پوءِ:
“پاڪستان قائم ٿيڻ بعد يڪايڪ حالتون بدلجي ويون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت به گهڻي ڀاڱي روڪجي ويئي، ڇاڪاڻ جو اشاعتي ذريعن ۽ ادب تي گهڻي ڀاڱي قبضو هندن جو هوندو هو. ٿوري مدت بعد جيتوڻيڪ حالتون ڪجهه معمول تي موٽي آيون هيون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت بدستور جاري رهي، مگر افسوس جو افساني جو فن ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو. سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن افسانن جي، ڪي به اهڙا افسانا شايع نه ٿيا جي قابل ذڪر هجن. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌي زبان جا افساني نگار ۽ فنڪار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ تي وڃي رسيو هو. ان هوندي به قيام پاڪستان کان اڳ افساني کي سنڌي ادب ۾ بلند ۽ واضح مقام حاصل هو ۽ ادبي اظهار جو مکيه وسيلو افسانو ئي هوندو هو. ڪجهه عرصي جي خاموشيءَ بعد ڪيترن ڪتابي سلسلن ۽ ماهوار رسالن جو اجراءُ ٿيو. 1950ع ڌاري اهڙيون ادبي ڪوششون نظر اچن ٿيون، جن جو مطمع نظر افساني جي ترقي هو. “پرهه ڦٽي” ۽ “اڳتي قدم” رسالن ۾ افسانا ايندا هئا. ازان سواءِ ٻه_ ٽي افسانن جا مجموعا به شايع ٿيا، جن ۾ “ڊاڪ بنگلو”، “پنهل کان پوءِ” ۽ “گل ۽ مکڙيون” خاص طرح سان مشهور ٿيا. مسٽر حيدر بخش جتوئي سوشلسٽ تحريڪ جي اثر ۾، قيام پاڪستان کان اڳ تقريباً 1936ع ڌاري افسانا لکڻ شروع ڪيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد پڻ هن جا ڪي افسانن جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جي هاريءَ جي مظلوميت ۽ زميندارن جي ظلمن بابت آهن. “فردوس”، “اسان جي منزل”، “ادا”، “رهنما” ۽ ٻيا به ڪيترا رسالا انهيءَ زماني کان شايع ٿيڻ لڳا، جن مان هن وقت تائين ڪوبه زنده رهي نه سگهيو آهي. انهن ۾ افسانا ايندا رهيا ٿي، ليڪن گهڻائي اهڙن جي هئي جي فڪر و فن کان بلڪل خالي هئا. اهي گهڻو ڪري غير معروف ۽ سيکڙاٽ اديبن جا لکيل هئا، جن ۾ ڪابه جان نه هئي. غير حقيقي ۽ غير دلچسپ واقعات، پلاٽ گهرگلا، فني ترتيب معدوم ۽ زبان جي لذت نه هوندي هئي. انهن ۾ افسانا هڪ رواجي ڪهاڻيءَ جي عام پيرايي ۾ بيان ٿيل هوندا هئا. انهن افسانن کي ڏسي ائين لڳندو هو ته سنڌي افسانو ارتقا جون هيتريون ساريون منزلون طئي ڪري وري يڪدم پوئتي هٽي ابتدائي مرحلي ۾ وڃي داخل ٿيو آهي. الله تعاليٰ جل شانہ جا لک احسان آهن، جو سنڌي افسانو انهيءَ حالت ۾ گهڻو وقت ڪونه رهيو ۽ جلدي مسلمان اديبن جو هن پٺتي پوندڙ صنف ڏانهن توجهه ڇڪيو ۽ ان تي خاص خيال ڏيڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ طرفان ادبي ڪلاس جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ افسانا پڙهيا ويندا هئا ۽ ٻيا اديب ۽ نقاد ان تي تنقيد ڪندا هئا. ليڪن جا به خيال آرائي ۽ راءِ زني ٿيندي هئي، سا تعميري نوعيت جي هوندي هئي ۽ ان ۾ افساني جي ترقي جو جذبو ڪارفرما هو.
سنڌي افساني جي نمايان ۽ حقيقي ترقيءَ ۾ جيڪي سو ماهوار نئين زندگيءَ ۽ سماهي مهراڻ اضافو ڪيو. چوٽيءَ جي افساني نگارن جون ڪاوشون ۽ فن جي لحاظ کان عروج تي پهتل افسانا، اول اول انهن ئي جريدن جي صفحن جي زينت بنيل آهن.
1950ع کان 1960ع تائين ڏهن سالن جي قليل عرصي ۾ سنڌي افساني توقعات کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ڪن افساني نگارن جو فن ته ادب جي آسمان تي پوري آب و تاب سان چمڪڻ لڳو. هن مختصر ادبي دؤر ۾ ڪيترن ئي اديبن جا افسانا شايع ٿيا، مگر آءٌ صرف انهن چند فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن جو فن هن دؤر تي پوريءِ طرح سان مسلط رهيو آهي.
جمال ابڙو، غلام رباني، شيخ حفيظ، سراج، بشير مورياڻي، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، ابن حيات، اياز قادري، ڪريم بخش خالد، علي بخش ميمڻ، ڪروڙ پتي، خواجه سليم، جمال رند، ع_ق شيخ، مرزا مراد علي، ثميره زرين چنو، بيگم زينت ۽ علي احمد بروهي وغيره. انهن مان رشيد ڀٽي، محمد حسين، ڪروڙ پتي ۽ علي احمد بروهيءَ جو نالو مزاحيه افساني نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ چند هندستاني اديبن جا پڻ سنڌي افسانا، سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا هئا، جن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گورڌن محبوباڻي ۽ موهن ڪلپنا جا افسانا خاص طرح سان ساراهيا وڃن ٿا.
هتي آءٌ اهو به ضروري سمجهان ٿو ته هر ڪنهن افساني نگارجي ڪن چند مقبول افسانن جا نالا پڙهندڙن کي ٻڌايان، تاڪ جيڪي شائقين ۽ باذوق حضرات آهن، تن کي مطالعي ۾ مدد ملي سگهي.
جمال ابڙو: بد معاش، خميسي جو ڪوٽ، پشو پاشا، منهن ڪارو، مان مڙد، مهرباني ۽ شاهه جو ڦر.
غلام رباني: بري هن ڀنڀور ۾، نئون مڙدو، شيدو ڌاڙيل، پن ٻوڙين پاتال ۾، هوندا سي حيات ۽ آبحيات.
بشير مورياڻي: چهڙي، پريم، ٽڪري ۽ زندگيءَ جو روڳ.
سراج: ٻهڻي، ديوتا ۽ انسان، زندگي جي ڪنارن تائين ۽ چنڊ گرهڻ.
شيخ حفيظ: ٻه ڳوڙها، ٽه واٽو، ٻه پاڇا، مبارڪون ۽ پن ٻوڙين پاتال ۾.
رشيد ڀٽي: ميرل، ڍءَ بنا ڍوليا ڪانهي ساڃهه سونهن جي ۽ بُڻ.
ڊاڪٽر جعفري: بدلو.
خواجه سليم: الا ڪنهن پر ۽ انٽريسٽ.
اياز قادري: فرشتو، بلو دادا، هي ليڊر، امڙ مان به ڪندس، ڀوڪ ۽ هاجرا.
ابن حيات: واهه وڏيرا.
ع_ق شيخ: لکيل جواب، پريشان انسان.
ثميره زرين: دروازو ۽ پلؤ پايو سچ.
1960ع کان هن وقت تائين، سنڌي افسانو ترقيءَ جا مختلف مرحلا نهايت تيزيءَ سان طي ڪري چڪو آهي. ترقيءَ جي لحاظ کان افساني جي حق ۾ هيءُ دؤر انتهائي خوشگوار ۽ انقلاب آفرين سمجهڻ گهرجي. افسوس جو ڪيترن سٺن افساني نگارن جن جو ذڪر هن کان اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن، نه ته هنن جو فن اڃا به ترقي ڪري ها. ان هوندي به مختصر عرصي ۾ سنڌي زبان ۾ بلند پايي جا افساني نگار پيدا ٿيا آهن. هنن مان گهڻن جيتوڻيڪ 1940ع کان گهڻو اڳ لکڻ شروع ڪيو هو، ليڪن سندن فن پوري نشو و نما پائي هن وقت پخته بنجي چڪو آهي. ڪن ناميارن فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن مسلسل مشق ۽ محنت سان پنهنجي فن لاءِ سنڌي ادب ۾ مستقل طرح سان جاءِ پيدا ڪئي آهي.
آغا سليم، نسيم کرل، غلام نبي مغل، علي بابا، نذير شيخ، طارق اشرف، حميد سنڌي، غياث جوڻيجو، ذوالفقار راشدي، امرجليل، قمرشهباز، رشيده حجاب، الهبچايو لغاري، شوڪت راهي ۽ عبدالقادر جوڻيجو وغيره.
ازانسواءِ ٻيا به ڪيترائي نوجوان افساني نگار ان فن ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. جن جي فن نؤمولود هوندي به، فني لحاظ کان ڪافي سٺا افسانا پيش ڪيا آهن. انهن جو هن وقت ذڪر ڪرڻ قبل از وقت ٿيندو.
سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين سوَن جي تعداد ۾ افسانا شايع ٿي چڪا آهن، جي مختلف رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، مگر افسوس جو ڪابه اهڙي پبلشنگ ڪميٽي نه آهي جا مختلف مصنفن جي ڌار ڌار افسانن کي يڪجا ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپائي. جن چند افساني نگارن جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، سي هي آهن:
1. پشو پاشا_ جمال ابڙو
2. آب حيات_ غلام رباني
3. بلو دادا_ اياز قادري
4. سونهن، پٿر ۽ پيار_ طارق اشرف
5. نئون شهر_ غلام نبي مغل
6. عبرت ڪده (ٻه ڀاڱا)_ ابراهيم خليل
7. گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ_ رشيد ڀٽي
8. اي درد هلي آءُ_ سراج
9. چنڊ جا تمنائي_ آغا سليم
10. مهراڻ جون ڇوليون (مختلف اديبن جي افسانن جو مجموعو (مطبوعه پاڪستان پبليڪيشن).
11. ڪنول ڪنول، شبنم شبنم_ نسيم کرل
12. اداس واديون_ حميد سنڌي
هن دؤر ۾ غير ملڪي زبانن جي افسانن کي پڻ سنڌيءِ جو ويس پهرايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي شهرت رکندڙ اديبن جي افسانن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ چند مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
1_ آمريڪي ڪهاڻيون_ پبلشر سنڌي ادبي بورڊ
مترجم: سراج ۽ غلام رباني.
2_ ديس ديس جون ڪهاڻيون_ مترجم: ميمڻ عبدالحميد سڌي
3_ سپون_ خليل جبران جي افسانن جو ترجمو.
4_ دنيا جا عظيم افسانا_ سنڌي ادبي بورڊ.
آخر ۾ پڙهندڙن کي ايترو ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو ته سنڌي افسانو هينئر ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ٿي چڪو آهي. سنڌي افسانن نه رڳو اردو ۽ هند و پاڪ جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي داد حاصل ڪيو آهي، بلڪ انگريزي، جرمني ۽ فرينچ ٻوليون ۾ ترجمو ٿيا آهن.
قيام پاڪستان کان اڳ جي افسانن ۾ فني عناصر يا ته عدم پيدا هئا يا ته ڪين جهڙا هوندا هئا. ازانسواءِ اهي نعريبازي ۽ ڪنهن خاص نظريي جي تبليغ ساڻ ڀريل هوندا هئا. ان جي برعڪس فني لحاط کان اڄوڪو افسانو نهايت ئي پختو ۽ منجهس سنجيدگي ۽ متانت آهي. اڳي نقل تي زور هوندو هو هاڻي “اصليت” پيش پيش آهي.
هاڻوڪي سنڌي افساني ۾ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ٿيل آهي. سنڌي معاشري جا انيڪ مسئلا ان ۾ آندل آهن. انهن ۾ سنڌي ڪردار پنهنجي سٻاجهي انداز ۾ فطري ۽ نج زبان سان مخاطب آهن. ازانسواءِ مقصد جي لحاظ کان سياسي، اخلاقي ۽ ٻين قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن بابت انهن ۾ صحتمند انداز فڪر ملي ٿو. ليڪن اهو سڀڪجهه فنڪارانه انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نڪو تصغ آهي ۽ نڪي فني اصولن کان تجاوز ڪيل آهي. مواد ۽ فن جي لحاظ کان اڄوڪو سنڌي افسانو گذريل دؤرن جي افسانن کان گهڻو ترقي يافته آهي. هيئت (form) جي لحاظ کان به انيڪ قسمن ۾ سنڌي افسانا لکيا ويا آهن. سڄي دنيا ۾ افساني نويسيءَ جا جيڪي به ڍنگ مروج آهن، تن سڀني ۾ سنڌي افسانو لکيو ويو آهي. مثلاً: مسئلن وارا افسانا، واقعن وارا افسانا، ڪردارنگاريءَ وارا افسانا، ماضيءَ تي روشني وجهندڙ افسانا، مونولاگ ۾ لکيل افسانا وغيره ازانسواءِ طويل مختصر افسانا ۽ ڪامياب فئنٽيون به لکيون ويون آهن، ۽ هاڻي بلاشبه اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته “اهو وقت پري نه آهي جڌهن سنڌي افسانو به قدر ۽ معيار جي لحاظ کان دنيا جي بهترين ادب سان همسري ڪري سگهندو.”
(نوٽ: ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري تاريخ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڪتاب “چار مقالا” تان کنئين وئي آهي، استفادو وٺڻ جو سبب ان موضوع تي اڳواٽ ٿيل تحقيق ۽ اصل موضوع کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ آهي.)