ورهاڱي کان اڳ:
“اڄ کان تقريباً هڪ صدي اڳ ۾ سنڌي نثر ۾ ڪهاڻين لکڻ جو رواج پيو. راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، شهزادي ماڻڪي جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو ۽ ٻيون ڪي ڪهاڻيون 1851ع ڌاري لکيون ويون. انهن مان پويون ٻه ڪهاڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ جو هنن قصن جو پلاٽ اخلاق ۽ نيڪيءَ تي رکيل آهي. سنڌي زبان ۾ شايد اهي پهريون ئي ڪهاڻيون آهن جن ۾ روزمره واري زندگيءَ جا واقعات ۽ حقيقي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن ۽ منجهن مقامي رنگ به سمايل آهي. ليڪن انهن کي اسان باقاعدي “مختصر افسانو” ڪونه چونداسون، ڇاڪاڻ ته اهي افساني جي فني اصولن ۽ لوازمن کان گهڻو دؤر آهن. البت انهن کي “سنڌي افساني” جي هڪ اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو. سنڌي رسم الخط عام ٿيڻ بعد ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ميران محمد شاهه جو “مفيد الصبيان” مرزا قليچ بيگ جو “دلپسند قصا” ۽ ديوان ڪيولرام جا “سوکڙي ۽ گل” ان سلسلي جون ڪڙيون آهن.
برصغير هندو پاڪ جي گهڻو ڪري سڀني زبانن ۾ افساني جي سچي پچي شروعات ويهين صديءَ جي اوائلي دؤر ۾ ٿي. اسان وٽ به افساني نگاريءَ جو باقاعدي فن نئين تهذيب ۽ نين حالتن جي اثر ماتحت رائج ٿيو. ان جا ڪامياب تجربا 1915ع جي لڳ ڀڳ شروع ٿيا هئا. جنهن کي بلاشبه اسان افساني جو اوائلي دؤر چئي سگهون ٿا. هن دؤر جا افسانا سماجي مسئلن معاشرتي بڇڙاين ۽ ٻين انيائن خلاف لکيا ويا آهن. ان وقت هندستان ۾ سماج سڌار تحريڪن جي هڪ ملڪ گير مهم هلي هئي. جنهن سڀني زبانن جي ادب تي گهاٽو اثر ڇڏيو. چنانچه سنڌي ادب به ساڳين حالتن هيٺ لکجڻ لڳو.
شايد ڪوڙو مل پهريون ئي اديب هو. جنهن جي هٿان اهڙن افسانن جي لکڻ جو آغاز ٿيو. هن بينگالي ليکڪ بنڪم چندر چئٽرجيءَ جا سماجي افسانا سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان “ٻه منڊليون” (1914ع) ڪافي مشهور آهن. هن ٻين به ڪيترن هندستاني ۽ بينگالي افساني کي سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو. پرمانند جي دل بهار (1912ع) جا چار ڀاڱا شايع ٿيا. جن ۾ مزيدار ۽ دل وندرائيندڙ آکاڻيون هيون. ساڳئي مصنف جا ڪن سماجي مسئلن تي به مفيد افسانا شايع ٿيا. جن مان “لڇڻ ڪين لڌو” هڪ طبعزاد افسانو آهي. ازانسواءِ “هيري جي منڊي” پڻ هڪ سماجي افسانو آهي اهو به سندس لکيل هو. نانڪرام ڌرمداس به معاشر تي ۽ اخلاقي افسانا “ڌرم راءِ جي وهي” ۽ “جيوت جو جس” (1915ع) ۾ لکيا هئا.
1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي جا رسالا شايع ٿيڻ لڳا، جن ۾ پڻ مختصر افسانا اچڻ لڳا. ازان سواءِ پهرين عالمگير جنگ (1914ع) کان پوءِ به ڪي رسالا نڪتا. مثلن:”لٽڪا چٽڪا”، “ماهوار گلشن”، “ماهوار راجپوت” وغيره جن ۾ افسانا اچڻ لڳا. هنن رسالن ۾ به اديبن سنڌي عوام ۾ صحيح سماجي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌي معاشري جي اوڻاين مثلاً عورتن جي پيڙا ۽ بيوسي، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، زوريءَ شادي، ننڍپڻ جي شادي، هڪ کان گهڻين شادين ۽ ٻين انيڪ گهرو ريتين رسمن ۽ رواجن جي صحتمند معاشري جي تعمير لاءِ رڪاوٽ بنيل هئا، تن کي ظاهر ڪيو ويو. انهن موضوعن تي هيٺين ليکڪن چند اثر دار افسانا لکيا.
لالچند امر ڏنو مل جو “ڪشنيءَ جو ڪشت” هڪ درد ناڪ ۽ دل ڀِڄائيندڙ افسانو آهي، جنهن ۾ سنڌي گهرو زندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي. سندس ٻيا مشهور افسانا “ڏکن ڏڌي زندگي” ۽ “ننڍڙي نينا” آهن. جن جو پلاٽ به ساڳين مسئلن تي ٻڌل آهي.
ڄيٺمل پرسرام جا افسانا 1923ع ۾ “چمڙا پوشيءَ جون آکاڻيون” جي نالي سان شايع ٿيا. هن صاحب پڻ پنهنجي باريڪ بين نظرن سان سماجي براين کي عيان ڪيو. هن ٻين سماجي مسئلن سان گڏ سنڌي سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي گناهن تان به پردو کنيو هو. جي پنهنجي ڏاڍ سان غريب عوام کي پيڙيندا رهندا هئا. ازان سواءِ هن صاحب “نئين سنڌي لئبريري” ۽ “ستو هندو ساهت مالا” جي نالي سان ٻه ڪتابي سلسلا شروع ڪيا، جن ۾ ناول ۽ افسانا وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. خود ڄيٺمل صاحب مغرب جي ڪيترن مشهور ناولن ۽ طويل ڪهاڻين کي سنڌي زبان ۾ مختصر طرح سان ترجمو ڪري افسانن جو روپ ڏنو، جن ۾ “مونا وانا”، “ٻال هتيا”، جو ٽالسٽاءِ جو ڊرامي power of darkness تان ورتل هو ۽ گل بلاس، جو هڪ مشهور “اسپين جي سفر” واري ناول تان کنيل هو ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا اچي وڃن ٿا.
پرڀداس ڀيرو مل به ڪيترائي گهرو زندگيءَ متعلق افسانا لکيا، جي طنز و مزاح سان ڀرپور هئا. “اندر جا اڌما” ۽ “هير- جواهر” سندس افسانن جا ٻه مجموعا شايع ٿي چڪا هئا.
“علمي دنيا” ماهوار رسالو به لڳ ڀڳ ان دؤر ۾ نڪرندو هو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ٻن مشهور مسلمان اديبن: مسٽر عبدالله “عبد” ۽ محمد عثمان حبيب الله ڏيپلائيءَ جا افســانا اينــدا رهــــيا ٿــي. عــبدالله صــــاحب جــــي افســانن ۾ “ماسترياڻي” ۽ “اتفاق” امتيازي حيثيت رکن ٿا.
افسانن جو ٻيو دؤر 1925ع کان 1940ع تائين قائم رهيو. جنهن کي “ترجمي” جو دؤر چئي سگهجي ٿو. اهو زمانو عالمگير جنگين جو هو. سموري دنيا جون سياسي حالتون نهايت ڪشيده بنجي چڪيون هيون. خود هندستان ۾ به آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو اثر سنڌي ادب تي به نمودار ٿيو. هيءُ ئي دؤر هو، جنهن ۾ هندستان جي مختلف زبانن: هندي، اردو، بنگالي، گجراتي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين مان سوين افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا، جن مان ڪي ته هوبهو ترجمو هئا ۽ ڪن افسانن ۾ صرف ماحول ۽ ڪردار نگاريءَ کي ٿورو تبديل ڪري، سنڌي حالتن مطابق بنايو ويو هو. ايترا سارا افسانا جي ڪيترن ئي مشهور ادارن جي طرفان شايع ٿيندڙ سلسليوار ڪتابن ۾ ڇپيا هئا تن مان چند هيءُ آهن، سندر ساهتيه 1914ع، مسلم ادبي سوسائٽي 1931ع، رتن ساهتيه منڊل 1934ع. ازانسواءِ 1939ع کان 1943ع جي وچ ۾ ڪهاڻي، ڀارت جيون ۽ آشا، ٽي ماهوار رسالا نڪرندا هئا، جي ادبي حلقن توڙي عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيا. انهن مڙني ڪتابي سلسلن ۽ رسالن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪئي. انهن جي مد نظر هميشه اها ڳالهه هئي ته سنڌي ادب ۾ جا کوٽ آهي. تنهن کي ڌارين زبانن جي ڪهاڻين سان مالا مال ڪجي. چنانچه مختلف هندستاني زبانن جي جن مشهور ليکڪن جا افسانا سنڌيءَ ۾ آيا، تن مان ڪن جا نالا هي آهن:
پريم چند، ٽئگور، ڪرشن چندر، ڪشور ساهو، رڻبيرسنگهه، ڪوراناٿ، سدرشن، ڪملاڪانت ورما، ترشچندر گپتا، سانڪر نياپن، ڪنيا لعل منشي، اختر حسين، رشيد جاويد، عشرت رحماني، احمد عباس، ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي وغيره.
هندستاني افسانن کان علاوه يورپ جي به جڳ مشهور افساني نگارن جا افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. جن مان ڪي هي آهن:
چيخوف، گورڪي، ٽالسٽاءِ، ترجينوف (روسي)، پشڪن، موپاسان (فرانس)، اوهينري، پرل بڪ (آمريڪا)، گالسوردي ۽ ماري ڪاريلي (انگلنڊ)، پال هين (جرمن)، الاسڪان (اسپين) وغيره.
ترجمي جي هيڏي ساري عظيم ڪم ۾ ڪيترن ئي اديبن جو حصو آهي، جن پنهنجا فرائض نهايت ئي ڪاميابيءَ سان بجا آندا. هندو ليکڪن مان جڳت آڏواڻي، ميلارام منگترام، آهوجا، گوبند مالهي، ديو سنڀاڻي، ليکو تلسياڻي، وديارٿي، هيرانند عبدناڻي، ۽ مسلمان مصنفن ۾ دوست علي، اميد علي ۽ دلدار حسين موسوي ان حلقي ۾ شامل آهن.
مٿئين سموري عرصي ۾ سڀ کان قابل ذڪر رسالو “ماهوار سنڌو” آهي، جو جديد ادب خصوصن افساني جي ترويج ۽ ترقيءَ ۾ سڀني کان اڳرو رهيو. اهو جريده 1932ع ۾ اول شڪارپور ۽ بعد ۾ جيڪب آباد مان شايع ٿيڻ لڳو ۽ ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ تائين باقاعدگيءَ سان نڪرندو رهيو. هن جي نمايان خوبي اها آهي جو ان ۾ ترجمي ۽ نقل جي بجاءِ اصلوڪن افسانن کي به گهڻو فروغ مليو. مرزا قليچ بيگ جي لائق فرزند نادر بيگ، لطف الله بدوي، آسانند، مامتورا، تاراچند ڦٽيل، گوبند مالهيءَ ۽ ٻين جا معياري افسانا ان ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
هاڻي چند شهرت يافته فنڪارن ۽ سندن افسانن تي روشني وجهي هن دؤر کي اختتام تي رسايان ٿو. هنن جو فن اصلوڪوOriginal هئڻ سبب قابل داد آهي ۽ انسان جي ادب ۾ ان کي نهايت اهم مقام حاصل آهي.
مرزا نادر بيگ جي افسانن ۾ “اڇوت”، “مس رستمجي”، “ماهه جو قهر”، “موهني”، “عينڪ جو آزار” ۽ “ڀاڄائيءَ” جي مضمون نوشيءَ کي گهڻي شهرت حاصل ٿي. هن ڪن افسانن ۾ طنز و مزاح واري انداز ۾ معاشري جي اوڻاين کي ظاهر ڪيو آهي.
لطف الله بدويءَ جي افسانن ۾ وري “غربت” ۽ “خوفناڪ بدلي” کي خاص مقام حاصل آهي. اهڙيءَ طرح آسانند مامتورا جا افسانا هڪ خاص رنگ جا حامل آهن. هن جي افسانن جا ٻه مجموعا “آرسين” ۽ “پاپ ۽ پريم جون ڪهاڻيون” ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيا هئا. هو پنهنجي ڪردارن جو نفسياتي تجزيو ڪندي، جنسي مونجهارن جي ڇندڇاڻ ڪري ٿو. هن جي بهترين تسليم ٿيل ڪهاڻي “ڪڪي” آهي، جا هندي، انگريزي ۽ اطالوي زبانن ۾ ترجمو ٿي، داد حاصل ڪري چڪي آهي. هن جا ٻيا ناليوارا افسانا “وڏيرو رمضان” ۽ “ڳنوارڻ” آهن.
هن دؤر جي مقبول فنڪارن ۾ امر لعل هنگوراڻيءَ جو نالو به پيش پيش آهي. هن 1930ع ۾ پنهنجو رسالو “ڦلواڙي” ڪڍيو هو. جنهن ۾ سندس افسانا شايع ٿيندا هئا. هو وڪيل هو ۽ افسانن جا موضوع پڻ پنهنجي ڌنڌي مان ئي چونڊيندو هو، جن کي تمام وڻندڙ ۽ اصلاحي انداز سان پيش ڪندو هو.
“ادو عبدالرحمان”، “لکيو ڪين ٽريو”، “ٻڍيءَ جي ڳالهه”، “هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز”، “رام رحيم”، “گوئي جو گناهه” وغيره سندس بهترين افسانا مڃيا وڃن ٿا. “ادو عبدالرحمان” ته ڪيترن ئي دنيا جي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. يونيسڪو طرفان به شايع ٿي چڪو آهي.
مرحوم عثمان علي انصاريءَ به ان دؤر جي افساني نگارن ۾ خاص مقام رکي ٿو. هن جو “پنج” افسانن جو مجموعو 1937ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ پنج مختصر افسانا ڏنل آهن، جن مان وري “ململ جو چولو” داد جي لائق آهي. انصاري صاحب جي افسانن جا واقعات نهايت دلنشين، عبارت سليس ۽ پيشڪش جو انداز دلڪش ۽ وڻندڙ آهي.
1940ع کان 1947ع تائين افساني جو ٽيون ۽ انگريزي راڄ جو آخرين دؤر آهي. هن عرصي جي اها خصوصيت آهي، جو ٻين سڀني اصناف ادب کان افسانا گهڻا شايع ٿيا. هن دؤر جي ادبي اظهار جو مکيه وسيلو هو ئي افساني نويسي. هيءُ سڄو زمانو هنگامن سان ڀرپور هو. آزاديءَ جي تحريڪ برصغير ۾ عروج کي پهچي چڪي هئي. چؤ طرف سياسي ۽ سماجي هلچل ۽ تحريڪن جو ملڪ ۾ هڪ مانڌاڻ متل هو. چنانچه هن دؤر ۾ 90 سيڪڙو افسانن ۾ آزاديءَ جو جذبو ڪار فرما آهي، جن ۾ ڌارينءَ حڪومت خلاف باغيانه خيالات ملن ٿا. سواءِ هن زماني کان ٿورو اڳي ڪيترن بين الاقوامي تحريڪن جهڙوڪ سوشلزم ۽ ڪميونزم وغيره جو اثر به سنڌي ادب تي پيو جو هندستاني ادب جي معرفت اسان جي ادب تي اثر انداز ٿيو. هن دؤر جي افسانن جو موضوع سياسي، سماجي، معاشي ۽ اخلاقي مسئلن مان کنيل آهي. ڌارين جي حڪومت خلاف نفرت، هندو مسلم ايڪتا، شاهوڪار شاهي ظلم، غريبن جي بدحالي ۽ اقتصادي ڦُرلٽ وغيره. اهي ئي مسئلا اسان جي افسانن جو موضوع بنيل هئا. هن دؤر ۾ تمام گهڻا افسانا لکيا ويا، ليڪن اڪثريت اهڙن جي آهي، جن ۾ فنڪاريءَ جو لحاظ نه رکيو ويو آهي، فني حسن، انهن ۾ ناپيد آهي. افساني جي لوازمن ۽ اصولن کي بالائي طاق رکيو ويو آهي. محض جذبات، جوش و خروش، تقرير و تبلغ ۽ پروپئگنڊا انهن مان ظاهر ٿئي ٿي، مگر اسان ان دؤر جي ليکڪن کي قصور وار ٺهرائي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ جو اهو دؤر ئي ڪشمڪش جو هو. حالات نهايت ئي سنگين هئا. اسان کي اهڙي ادب جي ضرورت هئي جو قوم جي ستل جذبن کي يڪدم جاڳائي. تنهن ڪري ڪيترا نوان لکندڙ فني اصولن جي ڄاڻ کان سواءِ ئي صرف اندر جي جذبي ۽ اتساهه کان لکندا هئا. باقي جيڪي پخته قلمڪار هئا، جن جا افسانا گهڻي قدر ڪامياب چئي سگهجن ٿا، تن جو ۽ بعض انهن ڪتابي سلسلن ۽ رسالن جو ذڪر هتي ڪريان ٿو، جن ۾ هن دؤر جو اهو ادب قلمبند ٿي چڪو آهي. هيٺين افساني نگارن جو فن هر وجهه کان قابل ذڪر آهي:
گوبند پنجابي، گوبند مالهي، ڀڳوان لالواڻي، شيخ عبدالستار، آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، رام امر لعل، جيوت نرياڻي، ڪشن کٽواڻي، ڪماري نانڪ گدواڻي، مائيداساڻي، آسن اتمچنداڻي، هرو سدا رنگاڻي، ليکو تلسياڻي، ڀون پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، لڇمڻ راجپال، ڀوڄراج موٽواڻي ۽ ٻيا.
“سرد آهون”، “پرهه ڦٽي”، “ريگستاني ڦول”، سنڌي ڪهاڻيون ۽ سفيد وحشي وغيره ان دؤر جي افسانن جا مجموعا آهن، جي نئين دنيا پبلڪيشن، زندگي پبليڪيشن، باغي منڊل ۽ ٻين ادبي اشاعت گهرن جا شايع ڪرايل هئا. انهن مجموعن ۾ هن دؤر جا ڪم و بيش سڀئي شهره آفاق افسانا اچي وڃن ٿا. ازانسواءِ 1940ع اندر ڪيترائي ماهوار رسالا ۽ ڪتابي سلسلا علم و ادب جي ميدان تي ظهور پذير ٿيا، جن ۾ به ڪيترن ننڍن وڏن اهم ۽ غير اهم افسانن جو ذخيرو ڇپجي چڪو آهي.”