لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو ويو هو. جيڪو ڪتابي صورت ۾ سنڌسلامت ڪتاب گهر تي پڻ موجود آھي. عباس ڪوريجو لکي ٿو تہ ”سڌاريل ڇاپي ۾ سال 2015ع کان سال 2020ع جي ڇپيل ڪتابن جي فھرست کي پڻ شامل ڪيو آهي جيئن ايندڙ محققن لاءِ ميدان سنوت ۾ هجي.“

Title Cover of book جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع (سڌاريل ڇاپو)

نتيجا:

نتيجا:
• جديد ڪهاڻي ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ يورپ ۾ آيل صنعتي انقلاب کان پوءِ ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي واري اصول تحت ناول مان ڦٽي نڪتي، جنهن کان پوءِ اها دنيا جي مڙني ٻولين ۾ لکجڻ لڳي. ان جي اختصار ۽ ٻين فني خوبين جي ڪري اها تيزيءَ سان مقبول ٿيڻ لڳي، ناول جيان ان جا فني پاسا پڻ ساڳيا آهن پر فقط تاثر جي وحدت ۽ اختصار ان جون انفرادي فني خوبيون آهن.
• سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي باقاعدي 1914ع کان لکجڻ شروع ٿي، پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي لالچند امرڏني مل جي ڪهاڻي “حُرَ مُکيءَ جا” کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.
• ورهاڱي کان اڳ وارو دؤر 1940ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو ابتدائي دؤر آهي، 1940ع کان 1947ع تائين جي ڪهاڻيءَ ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۽ انگريز گورن خلاف بغاوت ۽ نعريبازي واري ڪهاڻي ملي ٿي.
• 1955ع کان 1975ع کي سنڌي ڪهاڻيءَ جو سونهري دؤر چئي سگهجي ٿو، هن دؤر جي ڪهاڻي اڄ ڀي مقبول آهي ۽ شوق سان پڙهي وڃي ٿي، هن دؤر جا ڪهاڻيڪار اڄ ڀي سنڌي ڪهاڻي جا معتبر نالا آهن.
• سنڌي ڪهاڻي هر دؤر ۾ سنڌ جي زرعي سماج اندر زميندار يا وڏيري جي ظلمن کي نروار ڪندي ننديو آهي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن زميندارن جي نجي جيلن، هارين سان غير انساني سلوڪ، ڳوٺن جي پوئتي ڌڪيل معاشري، ۽ مانيءَ يا اجهي لاءِ پريشان ويچاري هاريءَ جو ننگ به سلامت نه رهڻ جهڙن موضوعن کي پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏئي، انهن جي حل لاءِ ڪوشش ورتي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن سنڌي سماج ۾ زوري پيوند ڪيل ڪارو ڪاري رسم، ڪجهه گهراڻن ۾ ٿيندڙ ملڪيت ڦٻائڻ جي چڪرن ۾ نياڻين جون قرآن سان شاديون، حويلين ۾ قيد سيد زادين، ۽ ننڍي عمر جي شادين سميت ڪيترن ئي ٻين سماجي مسئلن تي آواز اٿاريو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن پير پرستيءَ، مُلن ۽ ڀوپن جي تعويذ سڳن، انڌن عقيدن جي تقليد، ۽ ٻين اهڙن ڪيترين ئي جهالت وارين رسمن خلاف پنهنجو پيغام پيش ڪيو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن عالمي طور اڀريل سڀني مثبت فڪري لاڙن کي سنڌي سماج اندر پيوند ڪيو، ترقي پسند سوچ پيدا ڪئي، مزاحمت جو جذبو اڀاريو ۽ سنڌي سماج اندر نئين جوڙجڪ جو بنياد پڻ وڌو.
• سال 2000ع کان 2014ع تائين 219 کان مٿي ڪهاڻي ڪتاب پهريون دفعو ڇپيا، جيڪو هڪ واضح اشارو آهي ته سنڌي ڪهاڻي پنهنجو سفر تيزيءَ سان جاري رکيون پئي اچي.
• نسيم کرل، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجي، مدد علي سنڌي، نورالهدى شاهه، ماڻڪ، غلام رباني آگري ۽ قمر شهباز جا ڪليات ڇپيا.
• امر جليل ۽ سليم چنا جا نوَ نوَ ڪهاڻي ڪتاب ان عرصي ۾ ڇپيا.
• سال 2005ع ۾ 26 ڪهاڻي ڪتاب ڇپيا، جيڪو ان عرصي جو وڌ کان وڌ ڪهاڻي ڪتاب ڏيندڙ سال آهي.
• ڪنول پبليڪيشن ويهن تائين ڪهاڻي ڪتاب ڏئي، وڌ کان وڌ ڪهاڻي ڪتاب ڇپائيندڙ اداري جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
• مجموعي طور هر مهيني هڪ ڪهاڻي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڇپجي آيو ۽ هر سال 14 ڪتاب شايع ٿيا.
• ڇپيل مجموعن ۾ 85 سيڪڙو نوان ڪهاڻيڪار آهن.
• پراڻن ڪهاڻيڪارن جي نين ڪهاڻين جو ڪوبه مجموعو پڌرو نه ٿيو، سندن پراڻيون ڪهاڻيون سهيڙي ڇپرايون ويون آهن.
• ڪاوش گروپ پاران ڪهاڻي تي 3 ڪتاب ڏنا ويا، جيڪي سيد زوار نقوي مرتب ڪيا، جنهن ۾ سينيئر ڪهاڻيڪارن کان نيون ڪهاڻيون لکرايون ويون.
• امر جليل جي ڪالمن، ڪالم ڪهاڻين، مختصر ڪهاڻين جي ڪتابن کي ڀرپور موٽ ملي، ڪجهه ڪتابن جا ٽي ٽي ايڊيشن پڻ آيا.
• ڪهاڻي جي فارميٽ ۾ ننڍڙي ڪهاڻي (فليش فڪشن) لکي وئي، جنهن جا الڳ مجموعا ڇپرايا ويا، تن ۾ منظور ڪوهيار، سليم چنا، عباس سارنگ ۽ عزيز قاسماڻيءَ جا مجموعا شامل آهن.
• سينيئر ليکڪن مان امر جليل، رسول ميمڻ، حميد سنڌي، شوڪت حسين شورو، پير عبيد راشدي ۽ منظور ڪوهيار جا ڪهاڻي ڪتاب ڇپجندا رهيا.
• هن عرصي ۾ جن عورت ڪهاڻيڪارائن جا مجموعا ڇپيا تن جو تعداد پندرنهن کان ڀي مٿي آهي، جيڪو مجموعي تعداد جو ست سيڪڙو آهي. انهن عورت ڪهاڻيڪارائن ۾ شبانه سنڌي، نسرين سيد، صنوبر سيد، ساجدهه جبين، فهميدهه حسين، ڪويتا انيل سکيجا، ريٽا شاهاڻي، ثريه سرهاڻ سومرو، اندرا پوناوالا شبنم، تهمينه مفتي، شگفته جبين، نسيم ٿيٻو، ناياب کوکر، نورالهدى شاهه، فاطمه ڀرڳڙي، عابدهه گهانگهرو ۽ ٻيون شامل آهن.
• ان عرصي ۾ مختلف رسالن ڪهاڻي نمبر پڻ ڪڍيا ۽ ڪهاڻي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون ويون.
• سنڌي ڪهاڻي تعداد جي لحاظ کان تمام گهڻي ڇپي آهي، پر معيار جي کوٽ نظراچي ٿي.
• هن عرصي دؤران جديد سنڌي ڪهاڻيءَ بابت انگ اکر ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ شامل ناهن، ان لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي وڃي.
• جديد سنڌي ڪهاڻي، هن عرصي ۾ ڪيترائي نوان فني توڙي موضوعاتي تجربا ڪيا آهن، انهن تي تحقيق ۽ تنقيد جي اشد ضرورت آهي.
• ڪهاڻيءَ کي جيترو سهل سمجهي پيش ڪيو وڃي ٿو، اوترو بلڪل ناهي، لکندڙ جي ذهن ۾ ڪهاڻيءَ سان لاڳاپيل صنفن جي فرق جي معلومات لازمي هجڻ گهرجي. ڇو ته ڪيترن ئي صاحبِ ڪتاب لکيڪن کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا لکي رهيا آهن.
• سنڌي ڪهاڻي نه مئي آهي ۽ نه ئي ڪوما ۾ آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ ڇڏي ڏنو هو، جيڪو هاڻي بحال ٿي رهيو آهي.
• ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ ادبي ادارن کي ڪم جي ضرورت آهي.
• پراميد آهيان ته انهن ڪجهه تجزين ۽ راين کي نظر ۾ رکي جيڪڏهن سنڌي ڪهاڻيءَ جي سڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون ويون ته سنڌي ڪهاڻي عالمي مقابلي لاءِ اٿي کڙي ٿيندي.