سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت
هتي سنڌي ڪهاڻي جي انفراديت مان مراد، سنڌيءَ ۾ لکيل مختصر ڪهاڻي جي انفراديت آهي ڇوته ڪهاڻي دنيا جي هر ڪنڊ پاسي ۾ ڪهاڻي ئي سڏي ويندي آهي، ان جون بنيادي گهرجون ٿوري ڦير گهير سان ساڳيون ئي هونديون آهن. مختصر ڪهاڻي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ لکي ويندي آهي، ان ڪري ان کي سنڌيءَ يا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪهاڻي تصور ڪيو وڃي نه ڪه سنڌي ڪهاڻي يا انگريزي ڪهاڻي! ان بابت سنڌي ڪهاڻيءَ جو روح روان امر جليل لکي ٿو ته:
“فزڪس، فزڪس هوندي آهي، فزڪس پاڪستاني، هندوستاني، ايراني يا يوناني نه هوندي آهي. ڪيمسٽري، ڪيمسٽري هوندي آهي، ڪيمسٽري هندو، مسلمان، عيسائي يا يهودي نه ٿيندي آهي، اهڙي طرح ڪهاڻي، ڪهاڻي هوندي آهي. سنڌي، هندي، اردو، انگريزي، روسي، فرانسيسي ۽ اهڙين انيڪ ٻولين ۾ لکڻ باوجود ڪهاڻيون بنيادي ماپن ۽ پيمانن ۾ هڪجهڙيون هونديون آهن. ڪلاشنڪوف ڪنهن سنڌيءَ جي هٿ ۾ اچڻ سان غليل نه ٿي پوندي آهي. سنڌيءَ ۾ لکڻ سان ڪهاڻي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين کان افضل يا ابتر نه ٿيندي آهي ۽ اهو به ضروري ناهي ته انگريزي ۾ لکيل هر ڪهاڻي سٺي هجي.” (1)
اسان هتي سنڌي ٻوليءَ جي ڇپيل صورت ۾ مليل ڪهاڻي جي انفراديت تي بحث ڪنداسين، جيئن سنڌيءَ ۾ لکيل مختصر ڪهاڻي جي فني توڙي فڪري انفرادي خوبين کي پرکي سگهجي. سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صديءَ جي تاريخ پڄاڻيءَ تي رسڻ واري آهي، ان پوري صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻي فڪري توڙي شعوري منزلون طئي ڪيون آهن ۽ سفر اڃا جاري آهي. سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي يا افسانو سڌو سنئون انگريزي ادب مان شامل ٿيل نظر نٿو اچي. ڇوته شروعاتي ترجما بنگالي، اردو ۽ هندي ڪهاڻي ڪتابن جا ڪيا ويا هئا. ڇو ته ان دؤر جي ٻين ڏکڻ ايشيائي ٻولين ۾ افسانو پهرين کان پهچي چڪو هو. منشي پريمچند جو “انمول رتن” جيڪو 1905ع ۾ لکيو ويو، ان کي پهريون اردو افسانو تسليم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پهرين سنڌي ڪهاڻي “حُر مُکيءَ جا” کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪا 1914ع ۾ لکي وئي. پهرين هندي ڪهاڻيءَ بابت اڃا ڪا به حتمي راءِ قائم ناهي ٿي سگهي ڇو ته هندي ۾ هڪ ڊزن کان وڌيڪ ڪهاڻيون جيڪي 1803ع کان 1915ع تائين لکيون ويون آهن، تحقيق کان پوءِ انهن مان ڪابه هڪ پهرين هندي مختصر ڪهاڻي بڻبي. بنگالي مختصر ڪهاڻيون به گهڻو اڳ ڇپيون. طارق عزيز شيخ پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادب جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” ۾ لکي ٿو ته:
“ڪوڙومل پهريون ئي اديب هو، جنهن جي هٿان اهڙن افسانن لکڻ جو آغاز ٿيو. هن بنگالي ليکڪ بنڪم چندر چئٽرجي جا سماجي افسانا سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن مان “ٻه منڊليون” 1911ع ۾، “اندر ۽ راڌا راڻي” 1914ع ۾ ڪافي مشهور آهن.” (2)
پهريون سنڌي طبعزاد ڪهاڻين جو مجموعو 1930ع کان پوءِ شايع ٿيو. جيئن دنيا جي ٻين ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين ۾ ڪي نه ڪي انفرادي خصوصيتون آهن تهڙي طرح سنڌي ڪهاڻي پڻ ڪيترين ئي انفرادي خصوصيتن سان مالامال آهي. هتي سنڌي ڪهاڻيءَ جي انفراديت مان مراد آهي؛ سنڌي ڪهاڻيءَ اندر ڪهڙا موضوع شامل رهيا آهن، سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج جي ڪيتري عڪاسي ڪئي آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙين ٽيڪنڪس يا اسلوبن تي تجربا ڪيا ويا آهن، سنڌي سماج کي سڌارڻ ۾ سنڌي ڪهاڻي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، سياسي سماجي لاڙن، نظرين ۽ تحريڪن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن منهن ڏنو آهي يا سنڌي ڪهاڻيءَ جو مزاحمتي ڪردار ڪهڙو ۽ ڪيترو رهيو آهي. سنڌي ثقافتي روايتن کي سنڌي ڪهاڻي ڪيئن پيش ڪيو آهي، سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج جي آگاهي ڏيڻ ۾ ڪيتري اڳتي رهي آهي، مجموعي طور سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج جا ڪهڙا قدر، ثقافت، فن ۽ تاريخ جا پهلو اجاگر ڪيا آهن، سنڌي ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج جي بيهڪ ڪهڙي آهي.
سنڌي ڪهاڻيڪارن ننڍي کنڊ ۾ سنڌي ڪهاڻي جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ جيڪو تخليقي پورهيو ڪيو آهي تنهن جو مثال شايد ننڍي کنڊ جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ملي. سنڌي ڪهاڻي جي سنڌي سماج تي اثر بابت نامياري محققه ڊاڪٽر تهمينه مفتي پنهنجي مضمون، “سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج” ۾ لکي ٿي ته:
“سنڌ ۾ رائج داستانن جا ڪردار سنڌي سماج جا آئينه دار آهن، دودي جي بهادري جي ڳالهه ۽ سام جهلڻ واري روايت اسان جي سماج ۾ ائين شامل ٿي جو اڄ به ان جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سنڌ جي سمن ڄامن ۽ سردارن جي سخاوت سان منسوب ٿيل قصن ۽ ڪهاڻين جو اثر عوام تي ٿيو، اهي خوبيون سنڌي سماج ۾ملن ٿيون، مورڙو همت ۽ بهادري ۾ نشانبر ٿيو، سورمين جي ڪردار ۾ به سنڌ جي قديم سماج جا عڪس نظر اچن ٿا، عورت کي اهميت ڏني وئي ۽سندس فطري خاصيتن کي کولي بيان ڪيو ويو، سماج ۾ عورت ذات سان ٿيندڙ زيادتي، اهڙن ڪردارن جي اوسر ڪئي، گذريل ٻه ٽي سئو سالن جا تاريخي ۽ تمدني واقعا نظر ۾ رکبا ته سنڌي سماج جي سٽاءَ سمجهه ۾ اچي ويندي، ڌارين جي حملن ۽ انهن مان ڪيترن جي سنڌ ۾ رهائش، سنڌي سماج کي نه رڳو هڪ مخصوص رنگ ڏنو آهي، بلڪه هڪ ذهنيت، قوت برداشت، سوچ ۽ رک رکاءِ جو حامل بنايو آهي، سماج هڪ مخصوص ثقافت جو حامل ٿئي ٿو، جنهن ۾ کائڻ پيئڻ، ڪپڙو لٽو، وندر، ورونهن ۽ شادي مرادي ته آهي پر قوت برداشت جو هجڻ ۽ تهذيب يافته هجڻ جو انگ اهم آهي، سٺن ڪپڙن ۾ تهذيب کي گولهڻ عبث آهي، پر سٺن ويچارن ۾ تهذيب لڀي ٿي ۽ سماج تهذيب يافته فردن جي آڌار تي تشڪيل وٺي ٿو، جنهن جو اظهار سنڌ ۽هنڌ جي سنڌي ڪهاڻي ۾ ڀرپور نظر اچي ٿو.” (3)
سنڌي ڪهاڻي 1914ع کان باقاعدهه پنهنجي جوهر سان شروع ٿي ۽ 2014ع تائين پنهنجي هڪ صديءَ جو عرصو پورو ڪيو آهي. ان پوري هڪ صديءَ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ پنهنجو ننڍپڻو به ڏٺو، جوڀن به ڏٺو، جوانيءَ جا مزا به چکيا، موت جون ڌمڪيون به ٻڌيون، بيزاري به برداشت ڪئي وري نئين سري سان اٿي ڊوڙڻ به شروع ڪيو ۽ سندس سفر تيزيءَ سان جاري به آهي. سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ کي مختلف دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي، هتي اسان ان کي ٻن دؤرن ۾ ورهائي ان جو تجزيو ڪنداسين، پهريون دؤر ورهاڱي کان اڳ وارو ٻيو دؤر ورهاڱي کان پوءِ وارو.
ورهاڱي کان پهرين وارو دؤر سنڌي ڪهاڻي جي اسرڻ ۽ نکرڻ جو دؤر آهي. هي دؤر ترجمن توڙي شروعاتي تجربن جو دؤر هيو، جنهن ۾ ديوان ڪوڙومل هندي ۽ اردو تان سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ نوان رسالا نڪرڻ شروع ٿيا، جنهن ڪري طبعزاد ڪهاڻيون پڻ لکيون ويون. هن دؤر جي ڪهاڻين جو موضوع وڏيرن جو ظلم، ننڍپڻ جون شاديون ۽ عورتن سان ظلم وغيره هيا. 1925ع کان 1940ع تائين ترجمن جي قطار لڳي وئي. انگريزي، بنگالي توڙي مرهٽي ٻوليءَ جي ادب تان ترجما پڻ ڪيا ويا. 1940ع کان 1947ع تائين آزاديءَ جي تحريڪ جي ڪري سماجي مسئلن ڪر کنيو، هندو مسلم فساد ٿيڻ لڳا، ايڪتا ۽ امن متاثر ٿيو، سنڌ جي رواداري واري روايت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو، صوفين جي سرزمين تي مذهبي تنگ نظري اڀرڻ شروع ڪيو هو ان دؤر جي ڪهاڻيڪارن پنهنجي پاران خوب ملاهيو، لالچند امرڏنو مل، مرزا نادر بيگ ۽ شيخ اياز جهڙن ڪهاڻيڪارن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪهاڻي وسيلي ڌرتي ڌڻين ۾ صوفياڻو روح ڦوڪيو.
مجموعي طور ورهاڱي کان اڳ واري سنڌي ڪهاڻي شروعاتي دؤر هجڻ باوجود سماجي مسئلن توڙي رواداريءَ واري فضا قائم رکڻ ۽ برابريءَ لاءِ جاکوڙيندڙ هئي. ناميارو محقق ۽ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد نواب ڪاڪا پنهنجي مقالي “سماجي ڪردار ۽ سنڌي ڪهاڻي” ۾ ان دؤر جي ڪهاڻيءَ جي ڪردارن بابت لکي ٿو:
“سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سڀ کان پهرين جنهن ڪردار پنهجو ڌاڪو ڄمايو، اهو آهي امرلال هڱوراڻي جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ جو ”عبدالرحمان“ وارو مست، الست ڪردار. هن ڪردار تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. دنيا جي بهترين ڪهاڻين ۾ شامل ٿي انعام به حاصل ڪري چڪي آهي. هيءُ ڪردار سنڌ جي صوفياڻي فڪر جو نمائندهه ڪردار مڃيو ويو آهي. پڙهندڙ جي ذهن تي ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻي هن مجموعي جي مهاڳ ۾ هن ڪردار لاءِ لکي ٿو: “هن ڪردار جو ايڏو تاثير آهي، جو هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ ذهن تي ڇانئجي وڃي ٿو ۽ سالن تائين جهونجهاڙيندو ٿو رهي.” (4)
ورهاڱي ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پهرين شيخ اياز جو ڪهاڻي ڪتاب “سفيد وحشي” شايع ٿيو، جيڪو انگريز گورن خلاف مزاحمت جو اعلان هو، ان ڪتاب جي ڪردارن جي باري ۾ نواب ڪاڪا لکي ٿو:
“شيخ اياز ورهاڱي کان ڪجهه عرصو اڳ باغي منڊل ڪهاڻين جو مجموعو “سفيد وحشي” نالي سان شايع ڪرايو. اياز به پنهنجي مخصوص فن جي ذريعي ڪيترن ئي سماجي ڪردارن جا نقش چٽيا آهن. خاص طور “کلڻي” ڪهاڻي، بهترين ڪرداري ڪهاڻي مڃي وئي آهي. معصوم عورت جي معصوميت محبت کي اياز هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار ذريعي ڪمال فنڪاريءَ سان چٽيو آهي.” (5)
1940ع کان 1947ع تائين لکيل نوي سيڪڙو ڪهاڻين ۾ مزاحمت ۽ گورن جي حڪومت خلاف باغياڻا احساس چٽيل نظر اچن ٿا. مجموعي طور ورهاڱي کان اڳ واري ڪهاڻيءَ ۾ مقاميت نگاريءَ جو رنگ مڪمل طور شامل نه هجڻ باوجود اها پنهنجي ماحول ۽ حالتن کان باخبر آهي،سنڌي سماج جو اثر وٺندي، ان دؤر جي ڪهاڻي ان جي بدلي ۾ سماج کي پڻ انهن انيائن خلاف بغاوت توڙي واويلا جو اظهار ڪيو آهي.
ورهاڱي پوءِ وارو دؤر سنڌي ڪهاڻي جي نئين سر اڀرڻ وارو دؤر ليکيو ويندو آهي، پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ڪهاڻي وري ساهه کڻڻ شروع ڪيو ۽ سٺ ۽ ستر وارن ٻن ڏهاڪن تائين پنهنجي ڦوهه جوانيءَ کي رسي. هن دؤر جي ڪهاڻي اڄ به سنڌي سماج توڙي ادب کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي رکيو آهي. ان دؤر جا ڪهاڻيڪار اڄ به سنڌي ڪهاڻي جا بلند پهاڙ آهن. هي اهو دؤر هو جڏهن ملڪ اندر ون يونٽ جهڙي مصيبت مڙهي وئي هئي، جنهن قومن جي تشخص کي تباهه ڪري رکيو هو، اهڙي دجالي دؤر ۾سنڌي ڪهاڻي پنهنجي روايتي مزاحمتي روپ ۾ اڀري ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو. انهن ٽن ڏهاڪن جي نامور ڪهاڻيڪارن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، اياز قادري، شيخ عبدالرزاق راز، سراج، حفيظ شيخ، بشير مورياڻي، عبدالجبار جوڻيجو، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، امر جليل، نجم عباسي، غلام رباني آگرو، آغا سليم، حميد سنڌي، نسيم کرل ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. ان دؤر جي ڪهاڻي تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي وئي آهي، ان جو ورجاءُ نٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوندم ته هي دؤر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڦوهه جوانيءَ وارو دؤر هيو ۽ سنڌي ڪهاڻي جيڪو هن دؤر ۾ پنهنجي سرمستيءَ سان سنڌي سماج تي پنهنجو اثر ڇڏيو شايد اڳ يا پوءِ اهڙو اثر نه ڇڏي. هن دؤر جي سنڌي ڪهاڻي پنهنجي ٻوليءَ جي تشخص لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي سماج ۾ قوميت جو روح ڦوڪيو.
سال 1980ع کان سال 1999ع تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جو اثر توڙي مقبوليت ڍري رهي، شايد سماج اندر ٺاپر سنڌي ڪهاڻيءَ جي سست رفتاريءَ جو ڪارڻ بڻي هجي، پر پوءِ به سنڌي ڪهاڻي لکجندي رهي، ڇپجندي رهي، پر ان دؤر کي جيڪڏهن سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جو اثر ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو.
پوءِ ڀي هن دؤر جي ڪهاڻي سياسي وايو منڊل اندر اڀريل تحريڪ ايم آر ڊي جي حمايت ۾ وقت جي حاڪم خلاف علامتي انداز اختيار ڪيو ۽ مزاحمت ڪئي. رئوف نظاماڻي پنهنجي مضمون “ سنڌي ڪهاڻي ـــ هڪ مختصر جائزو” ۾ لکي ٿو ته:
“ ون يونٽ ٺهڻ کان وٺي 1969ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ تائين واري دؤر کي سنڌي ڪهاڻي ۾ قوم پرستيءَ جي فڪر جي حوالي سان ڄاڻائي سگهجي ٿو، جڏهن ته 1970ع جو ڏهاڪو سنڌي سماج وانگر سنڌي ڪهاڻي لاءِ به هڪ عبوري دؤر جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ سماج ۾ ٿيندڙ سڄي ڀڃ ڊاهه، مونجهارن ۽ آدرشن جي ٽٽڻ وغيره کي سنڌي ڪهاڻي پاڻ ۾ سموهيو هو. 1980ع جو ڏهاڪو استحڪام يا Consolidation جو دؤر آهي. ان دؤر ۾ 70 جي ڏهاڪي واري انفراديت پسندي ۽ سماجي حقيقت نگاري واري ڇڪتاڻ 1983ع جي جمهوري تحريڪ جي نتيجي ۾ ٻئين لاڙي جي حق ۾ ختم ٿئي ٿي پر ان جو مطلب سنڌي ڪهاڻي جو 70 کان اڳ واري ڏهاڪي ڏانهن موٽڻ نه هو ۽ نه ئي ان جي نتيجي ۾ سنڌي ڪهاڻي ڪنهن هڪجهڙائي يا يڪسانيت جو شڪار ٿي.” (6)
هن دؤر ۾ مشهور پراڻا ڪهاڻيڪار ڪجهه پاسيرو نظر اچن ٿا اهي يا ته سرڪاري نوڪريءَ جي ڪري لکڻ جي رسيس ڪن ٿا يا ته ڊرامي طرف هليا ٿا وڃن. هن دؤر ۾ نوان ڪهاڻيڪار اڀري آيا، جن پاڻ ملهايو، تن ۾ رسول ميمڻ، نورالهدى شاهه، غلام نبي مغل، ظفر عباسي، منظور ڪوهيار، انور ابڙو، جان خاصخيلي، طارق قريشي، رحمت الله ماڃوٺي، عابد مظهر، يوسف سنڌي، ضراب حيدر، سليم چنا، وهاب سهتو، اخلاق انصاري، رزاق مهر، صنوبر سيد، حفيظ ڪنڀر، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻي ڊگهي قطار شامل آهي.
هن دؤر ۾ سنڌي ڪهاڻي ۾ مختلف تجربا پڻ ڪيا ويا، جنهن ۾ طارق قريشي پاران مستقبليه ڪهاڻيون، سائنس فڪشن ڪهاڻيون، ابتي گرامر واريون ڪهاڻيون، وجوديت واريون ڪهاڻيون ۽ اڪهاڻي شامل آهن. هن دؤر جي افساني يا ڪهاڻي جي موضوعاتي تفريق هن ريت ڪري سگهجي ٿي ته هن دؤر جي ڪهاڻي ۾ حقيقت پسندي سان گڏ سماجي حقيقت نگاري ۽ مقاميت نگاري پڻ نظي اچي ٿي، هن دؤر جي افساني ۾ شعوري ڌارا پڻ نظر اچي ٿي، نورالهدى شاهه، ماڻڪ ۽ اخلاق انصاري نفسياتي حقيقت نگاري کي اڀارڻ لاءِ ڪهاڻيون لکيون، خيرالنساءَ جعفري، زرينه بلوچ، صنوبر سيد ۽ ٻين عورت ڪهاڻيڪارائن عورتن جي مسئلن ۽ عورتن سان سلهاڙيل ٻين سماجي مسئلن کي اڀاريو. ون يونٽ واري اثر هيٺ مزاحمتي رنگ چڙهيل نظر ايندو. طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ مڊل ڪلاس جي بيچينيءَ کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي زينت پڻ بڻايو ويو، خاص سنڌي سماج ۾ موجود جن براين ۽ انيائن خلاف قلم کنيو ويو، تن ۾ سماجي اڻ برابري، عورتن جي حقن جو استحصال، سرمائداريت ۽ جاگيرداريت، جهالت ۽ وهم پرستي، عقيدي پرستي ۽ پيرن ۽ مُلن جي لُٽ مار شامل آهن. سنڌي ڪهاڻي هر دؤر ۾ سنڌ جي زرعي سماج اندر زميندار يا وڏيري جي ظلمن کي نروار ڪندي ننديو آهي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن زميندارن جي نجي جيلن، هارين سان غير انساني سلوڪ، ڳوٺن جي پوئتي ڌڪيل معاشري، ۽ مانيءَ يا اجهي لاءِ پريشان ويچاري هاريءَ جو ننگ به سلامت نه رهڻ جهڙن موضوعن کي پنهنجي اندر ۾ جاءِ ڏئي، انهن جي حل لاءِ ڪوشش ورتي. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن سنڌي سماج ۾ زوري پيوند ڪيل ڪارو ڪاري رسم، ڪجهه گهراڻن ۾ ٿيندڙ ملڪيت ڦٻائڻ جي چڪرن ۾ نياڻين جون قران سان شاديون، حويلين ۾ قيد سيد زادين، ۽ ننڍي عمر جي شادين سميت ڪيترن ئي ٻين سماجي مسئلن تي آواز اٿاريو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن پير پرستيءَ، مُلن ۽ ڀوپن جي تعويذ سڳن، انڌن عقيدن جي تقليد، ۽ ٻين اهڙن ڪيترين ئي جهالت وارين رسمن خلاف پنهنجو پيغام پيش ڪيو. اها سنڌي ڪهاڻي ئي آهي، جنهن عالمي طور اڀريل سڀني مثبت فڪري لاڙن کي سنڌي سماج اندر پيوند ڪيو، ترقي پسند سوچ پيدا ڪئي، مزاحمت جو جذبو اڀاريو ۽ سنڌي سماج اندر نئين جوڙجڪ جو بنياد پڻ وڌو.
مجموعي طور تي سنڌي ڪهاڻي سنڌي ادب توڙي سماج کي موٽ ۾ اهي موضوع ڏنا، جيڪي سماج اندر ڀڃ ڊاهه يا سياسي تبديليءَ جو ڪارڻ هئا. سنڌي ڪهاڻي سنڌي سماج کي ترقي پسند سوچ ارپيندي اڳتي کڻي آئي ۽ سنڌي سماج ۾ قوم پرستي، وطن دوستي، انسان دوستي، رواداري، ميٺ محبت وارو سنڌ جو روايتي پيغام پڻ ڏنو.